لطيفيات

شاهه لطيف جي وائي ۽ وائيءَ جي اوسر

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ ايڊيٽر ستار پيرزادي جو لکيل آھي ۽ ايڊيٽنگ پروفيسر محمد سليم ميمڻ ڪئي آھي.
هن ڪتاب ۾ ستار پيرزادي، شاهه لطيف جي وائي ۽ سنڌي وائيءَ جي اوسر تي کوجنا ڪئي آهي. ادبي تاريخن ۾ وائيءَ جي اوسر تي تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب مستقبل ۾ وائيءَ جي تحقيق ڪندڙن لاءِ گهڻو ڪجهه بنيادي ماخذ مهيا ڪندو. هن وائيءَ تي تحقيق ڪري ڪجهه نتيجا به آڏو آندا آهن ۽ اهو به ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته وائيءَ جي صنف شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان اڳ به موجود هئي، گڏوگڏ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائيءَ جو تحقيقي جائزو به ورتو آهي. وائي ۽ ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۾ فني فرق کي واضح به ڪيو آهي.
Title Cover of book شاهه لطيف جي وائي ۽ وائيءَ جي اوسر

باب يارهون: موجوده ٽهيءَ جا وائي لکندڙ شاعر

جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي ته شاعريءَ لاءِ اهو به هڪ اصول قائم ٿيل آهي ته اها ڳائي سگهجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن موجوده دؤر ۾ اڪثر شاعراڻيون صنفون ڳائجي رهيون آهن، پر تنهن هوندي به ’ڪافي‘ ۽ ’وائي‘ کي وڏي اهميت حاصل رهندي پئي آئي آهي. جيئن اڳ ۾ چيو ويو ته انهن ڳائي ويندڙ صنفن مان وائي به هڪ صنف آهي، جيڪا ڳائڻ جي لحاظ کان ڪافيءَ جيان سُرن ۽ راڳن، راڳڻين تي ڳائي وئي آهي. ڪن ليکڪن ته ’وائي‘ ۽ ’ڪافيءَ‘ کي اهو چئي ساڳي صنف قرار ڏنو آهي ته لاڙ وارا ’وائي‘ ۽ اترادي ان ئي صنف کي ’ڪافي‘ ٿا ڪوٺين، جنهن جو مثال هُو شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف کي لاڙي شاعرن ۾ شمارين ٿا ۽ وري سچل سرمست، خواجه غلام فريد وغيرهه کي اُترادي ٿا مڃين، پر نه ڄاڻ هنن انهن ٻنهي صنفن جي گهاڙيٽن تي ڌيان نه ڌريو آهي.
”’وائي‘ جي اسٿائي پوري جي پوري يا اڌ انتري (بند) پٺيان دهرائبي آهي، جهڙيءَ طرح لوڪ گيتن ۾ ٿيندو آهي. هي دهراءُ، وائيءَ جي خيال، احساس ۽ ڪيفيت کي هڪ مخصوص روپ ڏئي ٿو.“(1)
اهو آهي وائيءَ جو گهاڙيٽو. اڃا ان جي ڇند وديا موجب جيڪڏهن پرک ڪجي ته وائي اصل ۾ ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل هوندي آهي يا ’دوها ڇند‘ تي گهڙوات ڪئي ويندي آهي، پر جيئن ته ’دوها ڇند‘ هر راڳ ۾ ڳائڻ مشڪل آهي، تنهن ڪري ”خود شاهه لطيف جي واين ۾ ’دوها ڇند‘ کان سواءِ ٻين ڇندن جو اضافو ڪيل آهي.“ مثال طور 16+12 ماترائون.
هي آهي للت ڇند تي جوڙيل وائي:
ٿلهه: دوس پيهي در آيو، ٿيو ملڻ جو سعيو.

بند: 1. ڏينهن پڄاڻون آڻي اسان کي، مولي محب ملايو.
2. ويو وڇوڙو، ٿيو ميلاپو، واحد واءُ ورايو.
3. هو جنهين جو ڏس ڏوراڏو، اوڏو اڄ سو آيو.
4. عبدالليف چئي، اچي عجيبن، پاڻ فضل فرمايو.
(سُر يمن ڪلياڻ، فصل - 4)

مثال 16+11 ماترائون:
ٿلهه: يار سڄڻ جي فراق، ڙي جيڏيون آئون ماري.

بند: 1. در دوستن جي ڪئين جي هوندا، مون جيها مشتاق.
2. جاتي ڪاٿي محبوبن جي، آهه حسن جي هاڪ.
3. سرمو سهي ڪر اکين جو، خاص پريان جي خاڪ.
4. عبداللطيف چئي پرين اسان جو، هميشہ حسناڪ.
(سُر يمن ڪلياڻ، فصل-8)

مثال 12+12 ماترائون:
ٿلهه: ويٺي ڪين وساري، محبت وڌڙي ماري.
ديواني! يار! وو! مستاني! دلبر! جاني! وو!

بند: 1. جنهن کي سڪ ساهڙ جي، سا گهايل گهر نه گهاري.
2. ڏم ڏهيلو ڏکيو، سِرَ ۾ سؤنٽا ماري.
3. ٻيلي پاس ٻرن جي، تن کِرِڪن وڌيس کاري.
4. هوءِ هونگارو، ڀون پڪارون، تڙ تڙ دوس تنواري.
5. هُو جا پڪ پرين جي، آهيان تنهن آساري.
(سُر سهڻي، فصل-6)

”ايئن شاهه لطيف خواهه ٻين شاعرن پنهنجن بيتن ۾ ڪافي بدل سدل ڪئي آهي، پر ان جي لهجي يا لئه کي سلامت رکيو آهي.“(2)
هي مٿيان مثال ان جي لاءِ ڏيڻ ضروري ڄاتا اٿم جو مان پاڻ به نارائڻ شيام سان، سندس لکڻيءَ سان سهمت آهيان ته ’وائي‘ ۽ ’ڪافي‘ جدا جدا صنفون آهن، سندن گهاڙيٽا، انهن جو فن بنهه هڪ ٻئي کان ڌار بيٺو آهي. ڪنهن به وائيءَ جي بند ۾ ٻن يا ٽن پدن کان وڌيڪ نه ٿيندا آهن، جڏهن ته ’ڪافيءَ‘ جي هر بند ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار پد يا ٻه تڪون ٿينديون آهن، جنهن جا مثال ’ڪافي‘ واري باب ۾ اچي چڪا آهن.
اڄ ڪلهه جو نوجوان کان نوجوان يا شاعريءَ جي ميدان ۾ نئون پير پائيندڙ ’وائي‘ ته لکي ٿو، پر ’ڪافي‘ ته ڪيترن مستند شاعرن به نه لکي آهي. دل ٿي چاهي ته شاعري ۽ شاعر بابت، سنڌي ٻوليءَ جي هن دؤر جي نمايان شاعرن مان، شاعريءَ تي ڀرپور وَس رکندڙ شاعر امداد حسينيءَ جا ڪي ٻول ڏيڻ پسند ڪندس:
شاعري فن آهي يا مقصد؟ ڇڙو ٽيڪنيڪ يا ٻولي؟ يا رڳو جذبا ۽ احساس آهن؟ ڇا مقصد ۽ فن الڳ شيون آهن؟ تند، ڪٽاري، ڪنڌ وانگر هڪ ناهن!
شاعريءلاءِ بنيادي معيار ته اهو آهي ته اها شاعري آهي يا شاعري ناهي! ۽ جڏهن اسان پوري سچائيءَ سان ان کي شاعري چئون ٿا ته ان سچائيءَ جو ثبوت خود اها شاعري آهي، شاعري جا آزاديءَ جو گيت ئي ته آهي.
هونءَ شاعري هڪ ڏکيو فن به آهي، جيڪو ڏات کان سواءِ ٺلهو ڍانڍو آهي، بوتو، آهي ساهه کان سواءِ! ڏات جيڪا وديعت ٿئي ٿي ۽ ڪن ڀاڳن واري کي ملي ٿي.
شاعري هڪ اهڙو تخليقي عمل آهي، جيڪو پوري ڌيان ۽ گيان سان ئي سرانجام ڏئي سگهجي ٿو. ان جي لاءِ ڏات ۽ ڏانءَ جو سنگم لازمي آهي.
شاعري خيال ۽ جذبا به آهن ته ٽيڪنڪ (فن) به ۽ اهي ٻوليءَ وسيلي ئي ظهورپذير ٿين ٿا يا ٻولي انهن وسيلي!
سادگي، بيساختگي، شاعريءَ جو مکيه ڳڻ - سڳڻ آهي، جيڪو جڙتو ۽ هٿرادو طور نه ٿو اچي سگهي.
شاعريءَ کي اوريجنل (اصل - نج) هئڻ گهرجي ۽ تجربي جو جوکم کڻڻ جو ساهس رکندو هجي، پنهنجا گهاڙيٽا تخليق ڪري سگهي.(3)
هڪ شاعر مختلف وقتن، حالتن، ماحول، موڊ، ڪيفيتن ۾ شعر تخليق ڪري سگهي ٿو. هُو ذهن ۾ سرجيل تخليق کي پني تي لکي نه لکي، ان کي منظر عام تي آڻي نه آڻي، ڇپائي نه ڇپائي، اهو سڀ هن جي مرضيءَ تي منحصر آهي، پر هن جي شاعريءَ تي لکڻ واري لاءِ ٻي ڪا واهه ناهي، سواءِ ان تي لکڻ جي!
هڪ شاعر جو اوجاڳو جوءِ کي جاڳائڻ لاءِ آهي. شاعر جيئڙي کي جس ٿو ڏئي، پر مان هر اُن شاعر کي جس ٿو ڏيان جيڪو پنهنجي ذميواريءَ کي سمجهي نباهي ٿو. شاعر راتيون جاڳي ڪرڻا ڪرڻا شاعري ٿو تخليقي، جيڪا ڏيهه/ڏيهين تي ڏينهن بڻجي اجاگر ٿئي ٿي ۽ اهو سڀ عشق کان سواءِ ممڪن ناهي.
اسان پنهنجي شاعرن مان ٻولي، موضوع، تخيل، صنف، گهاڙيٽي جي ذميواريءَ جي توقع رکون ٿا.(4)
سو چئبو ته شاعري اها آهي، جيڪا ڳائي سگهجي. شاعريءَ ۾ لفظن جي چونڊ، ٻوليءَ جي نزاڪت، ٻوليءَ جو جڙاءُ، خيال جي اڏام، خيال جي سموهه ۽ ٻين تائين جيئن جو تيئن رسائي انتهائي ضروري آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄ ڪلهه مستند شاعرن مان غلام حسين رنگريز به هڪ آهي.
غلام حسين رنگريز جي وڻندڙ شاعراڻي صنف ته غزل آهي، ”شاعريءَ ۾ غزل منهنجي پسنديده صنف آهي، پر انهن سان گڏ مون پنهنجو اظهار ٻين صنفن ۾ به ڪيو آهي، جيڪي هن ڪتاب ۾ شامل آهن.“(5)
سندس هن ڪتاب ’اکين اڃ اپار‘ ۾ جيڪي صنفون شامل ڪيون اٿس، انهن ۾ غزل، نظم، وائي، گيت ۽ ڪافي اچي وڃن ٿيون. غلام حسين رنگريز جيڪا وائي لکي آهي، اسان هتي پيش ٿا ڪريون، ڏسو ڪيئن آهي.
ٿلهه: واءُ ڇڻيل پن، ڪوئي اڏائي اچي،
ته ياد مون کي ڪجان.

بند: 1. هير تنهنجي چڳن ۾، اچي ۽ نچي،
ته ياد مون کي ڪجان.
2. چنڊ ڇاتيءَ تي تنهنجي، ڪنول جيئن ٽڙي،
ته ياد مون کي ڪجان.
(اکين اڃ اپار، ص: 185)

غلام حسين رنگريز جي مٿي ڄاڻايل وائيءَ جو ٿلهه ٻن پدن تي ٻڌل، ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل، قافيو پهرئين پد جي آخر ۾ اچي ٿو، ٻيو ڌار آهي، جيڪو وراڻيءَ طور ڪتب آندوا ٿس. هن وائيءَ ۾ فقط ٻه بند آهن، اهي به هڪ پدا آهن، باقي وراڻي، ٿلهه جو ٻيو پد آڻي رکيو اٿس. سندس وائيءَ جي ٻئي بند ۾ قافيو ’ٽڙي‘ استعمال ڪيو اٿس، جيڪو منهنجي خيال ۾ ٿلهه جي پهرئين پد ۽ بند جي آخر ۾ آندو اٿس يعني ’اچي‘ ۽ ’نچي‘ سان ’ٽڙي‘ وزن جي لحاظ سان ته درست، پر ان کي ڪبيهه قافيو سڏبو آهي.
سندس هڪ ٻي ٻه - پدي وائي آهي، پر ان ۾ قافيي سان گڏ رديف به رکيو اٿس، ڏسو ڪيئن آهي.
ٿلهه: هِن جا، هُن جا، گهاءَ ڏسي،
منهنجو چين ڦٽي.

بند: 1. چوڏس واري واري، تپندڙ تاءُ ڏسي،
منهنجو چين ڦٽي.
2. ٻرندڙ تپ ۾ ٻالڪ، لڇندڙ ماءُ ڏسي،
منهنجو چين ڦٽي.
3. ڌرتيءَ گولي جيڏو، آڳ اُلاءُ ڏسي،
منهنجو چين ڦٽي.
4. سچ جا رنگ جهڪا، ڪوڙ چٽاءُ ڏسي،
منهنجو چين ڦٽي.

هيءَ وائي ٿلهه ۽ بندن سميت ٻه - پدي آهي، پر رنگريز هن وائيءَ ۾ قافئي سان گڏ رديف به رکيو آهي، جيئن ’گهاءُ ڏسي‘، ’تاءُ ڏسي‘، ’ماءُ ڏسي‘ ۽ ’الاءُ ڏسي‘. اهڙي وائي جديد دؤر جي ڪافي گهٽ شاعرن لکي آهي. وائي سموري خارجي منظرن جي نشاندهي ٿي ڪري ۽ حساس شاعر جي ذهن تي انهن منظرن جو جيڪو اثر پوي ٿو، اهو کيس تڙڦائي ٿو وجهي.
غلام حسين رنگريز وري ٽه - پدي ٿلهه واري وائي به لکي جا ’دوهو ڇند‘ تي آڌاريل آهي. ان جو مثال هن ريت آهي.
ٿلهه: مُرڪ تنهنجي جيئڙو جهوري، گهور پئي تنهنجي گهائي،
تنهنجو نينهن نواب نچائي.

بند: 1. اڄ ڪو ڪومل ڪومل تنهنجو، درد پيو دل کي کائي.
2. سور به تنهنجا پور به تنهنجا، تنهنجي ٿي ياد ستائي.
3. مڙس مٿيرو وڌءِ ماري، وارن جا ونگ لڳائي.

رنگريز جي هيءَ وائي ٿلهه جي حوالي سان ٽه - پدي آهي، پر بند ٻه رکيا اٿس. هيءَ وائي ’دوهو ڇند‘ تي جڙيل آهي، قافيو ٿلهه جي ٻئي ۽ ٽئين پد ۾ رکيو اٿس، اهو ٽيون پد ئي وراڻيءَ طور ڪتب آندو ويو آهي. هن ۾ ڪي قدر نواڻ آهي. اهڙي وائي شاهه لطيف وٽ نه آهي. شاهه لطيف هڪ وائيءَ جي ٻنهي پدن ۾ ته قافيو رکيو آهي، پر ان ۾ ٽيون پد نه آهي، جيئن:
”جيءُ جياريو جيءُ جياريو، ڪين منهنجڙو هاريو.“

هيءَ وائي ’دوهي ڇند‘ تي رچيل، ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ قافيو رکيل اٿس، پر هن وائيءَ ۾ ٽيون پد ناهي.
غلام حسين رنگريز پنهنجي وائيءَ ۾ ٽي پد رکيا آهن ۽ ٿلهه جو ٻيو ۽ ٽيون پد هم قافيه آهي.
اسان وٽ ابراهيم منشي به آهي، جنهن اڪثر نظم، گيت ۽ وايون چيون آهن. هن وٽ وائيءَ ۾ گهڻا تجربا ٿيل ناهن. سندس وايون اڪثر ’سورٺو ڇند‘ تي جڙيل آهن.
”منشيءَ جي نئين ۽ تازه شاعريءَ ۾ نظم، بيت ۽ وايون آهن، جن ۾ سڪون آهي، سرور آهي ۽ سوز آهي. منشي، سچ جو شاعر آهي، جذبات ۽ احساسات ۾ حقيقتِ روح جو ترجمان آهي. سندس زبان، سندس سوز ۽ آلاپ، سندس فڪر ۽ فهم، سندس پيغام، همٿ، جرئت ۽ قرباني آهي.“(6)
سندس وائيءَ جو نمونو پڙهي ڏسو، سندس اڪثر وايون ’سورٺو ڇند‘ تي جڙيل آهن. انهيءَ جو هي مثال ڏسو:
ٿلهه: سهڪيو سنگ لڻي، ڪولهڻ ڪانڀو ڪنڌ ۾.

بند: 1. روپ روپلي وارو ساڳيو، جوڌا جام ڄڻي.
2. پَريان وڏيرو مَن جو ميرو، ڀؤنڪندو ٿو ڀڻي.
3. موهن دڙي جي مورتي ساڳي، ڇر ۾ ڇير هڻي.
(ڌرتي دين ڌرم، ص: 167)

سندس هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ ٻه پد آهن، قافيو سورٺي جيان پهرئين پد ۾ رکيل اٿس. بندن ۾ قافيو هر ٻئي پد ۾ رکيو اٿس. ٿلهه جو ٻيو پد هر بند پويان وراڻي طور ڪتب آندو اٿس.
ابراهيم منشيءَ کوڙساريون وايون لکيون آهن، پر مڙني جو گهاڙيٽو هڪڙي ئي طرز جو آهي. هن پنهنجي ڪتاب ’ڌؤنري ڏينهن ڌاڙا‘ ۾ هڪڙي وائي ٽه - پدي لکي آهي، سو به صرف ٿلهه ۾ ٽي پد رکيا اٿس، باقي بندن ۾ اهي ئي ٻه پد رکيا اٿس. ٿلهه جو ٽيون پد وراڻيءَ طور بندن جي پويان آندو اٿس. اوهين به پڙهي ڏسو.
ٿلهه: ڀلي ڀوري ڄار مان، ڇڳيون پٽ ڇانٽي،
باقي ٻه ٽي ڏينهڙا.

بند: 1. پُڙ پاسي پيريءَ جي، ڪيرايو ڪانٽي.
2. هو ٿي گهوڙو مس اچي، انهيءَ ئي آنٽي.
3. گهوري گهوريان جندڙي، سڄڻ جي سانٽي.
4. منشي پياريو پريت جو، مڌ منجهان ماٽي.
(ڌونري ڏينهن ڌاڙا)

هن وائيءَ جو ٿلهه ٽه - پدو آهي، ’دوهو ڇند‘ تي ٻڌل آهي، باقي ٿلهه جو ٽيون پد فقط بندن پويان وراڻي طور ڪتب آندو اٿس. ٿلهه ۾ قافيو، مصرع جي ٻئي پد ۾ رکيو اٿس ۽ هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو آندو اٿس.
هن ئي ٽهيءَ جو راشد مورائي پڻ بهترين شاعر آهي. سندس تعلق موري سان آهي. موري جي زمين ڪڻڪ جي پوک، ڪپهه ۽ ڪمند جي پوک جيان ادب ۽ شاعريءَ لاءِ به اوتري ئي زرخيز رهندي پئي آئي آهي. موري جي سرزمين اسان کي راشد مورائيءَ جهڙو جوان جذبن جو پرچارڪ شاعر عطا ڪيو آهي. راشد مورائيءَ شاعريءَ جي ٻين صنفن سان گڏوگڏ وائي به لکي آهي. سندس ڪتاب ’دل جو شهر‘ جنهن جو ٻيو ڇاپو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، اهائي سندس شاعريءَ جي مڃتا آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي گهٽ اديبن جا ڪتاب ٻيهر ڇپيا آهن. راشد مورائي، ”نه رڳو اعليٰ پائي جو شاعر آهي، پر هڪ اهڙو عظيم انسان آهي، جنهن سنڌ جي سوين نوجوانن کي زندگيءَ سان منهن مقابل ٿيڻ جو دڳ پئي ڏسيو آهي.“(7)
”مون راشد جي شخصيت، فن ۽ ان جي فڪر جو تمام ويجهو مطالعو ڪيو آهي، هن شاعر جي پختگي ۽ ان جي فن جي ارتقا ۾ جيڪي لاها چاڙها، گهٽيون گهيڙ، مرحلا ۽ مقام آيا، آءٌ انهن سڀني جو واقف آهيان.“(8)
تنهن ڪري عبدالحڪيم ارشد سندس مڙني صنفن تي ڳالهائڻ باوجود راشد مورائيءَ جي وائيءَ جو ڪوبه حوالو نه ڏنو آهي ۽ نه ئي سندس ان صنف تي ڪي اکر ئي لکيا اٿس.
مان اوهان کي راشد مورائيءَ جي هيءَ وائي پڙهائڻ چاهيندس. راشد مورائيءَ به عام ٻه - پدي وائي ته لکي ئي لکي آهي، پر هن ٽه - پدي ٿلهه واريون وايون به لکيون آهن. سندس اهڙي هڪ وائي پڙهي ڏسو:
ٿلهه: ڪومل ڪومل مکڙو تنهنجو، ڪوماڻو آ ڪيئن؟
اسان وٽ جذبو جيئن جو تيئنءَ.

بند: 1. آڌيءَ جيڪو عشق هو سو، ساڳيو ويل وچيئنءَ.
2. نيٺ رسايو منزل تي آ، سڀ کي راهه سنئينءَ.
3. ڀاڪر ۾ نه ڪيو تو پهريان، ڪيڏو ڪالهه ڀليئنءَ.
4. محبت تنهنجي مهر مڃان ٿو، محبت ساڻ رهينءَ.
5. راشد جهومون ڳايون ويٺا، ڀريو پيگ پرينءَ.(9)

هن وائيءَ جو ٿلهه ٽه - پدائون آهي. وائي ’دوهو ڇند‘ تي رچيل آهي. ٿلهه جي ٻئي ۽ ٽئين پد جا قافيه هم وزن رکيا اٿس، باقي سڀني بندن ۾ قافيو ٻئي پد ۾ رکيل آهي ۽ ٿلهه جو ٽيون پد، هر بند جي پويان وراڻيءَ طور رکيو اٿس.
سندس وائيءَ جو هي گهاڙيٽو جيڪو مان اوهان کي پڙهائڻ ٿو گهران، اهو شاهه لطيف جي واين ۾ صرف هڪڙي وائيءَ جو رکيو ويو آهي ۽ شاهه لطيف پاڻ به اهڙي گهاڙيٽي تي وڌيڪ وايون نه لکيون يا چوڻ نه ٿي گهريائين. جيتوڻيڪ ان وائيءَ تي اختلاف آهي ته اها وائي شاهه لطيف جي ناهي ۽ ان کي فاطمہ لعل جي ٿا سمجهن ڇو ته شاهه لطيف جي ڪنهن به مرتب ڪيل رسالي ۾ اها آيل ناهي، تنهن ڪري جي. ايم. سيد ان وائيءَ کي ڪافي ڪري لکيو آهي.
راشد مورائيءَ جي وائي جيئن ته ان گهاڙيٽي تي لکيل آهي، تنهن ڪري مان هتي ورجاءُ ٿو ڪريان. اها ٽه - پدي وائي آهي:
ٿلهه: لائي ته نماڻيءَ سان نينهن، دوست ايئن نه دل مٽجي.

بند: 1. مون کان پاليو نه پڄي، شوق اوهان جي جو شينهن،
ماس هڏن تؤن ٿو ڪپجي.

هن وائيءَ جو ٿلهه ’للت ڇند‘ تي رکيل آهي، پر بندن ۾ وري ’للت ڇند‘ ۾ واڌارا ڪيا ويا آهن، شايد اهو راڳ جي تقاضا جي ڪري ڪيو ويو هجي. هاڻ ان ئي گهاڙيٽي سان ميل کائيندڙ راشد مورائيءَ جي هيءَ وائي ڏسو:
ٿلهه: ڦڙي ڦڙيءَ آ تلاءُ، اچو ته گڏجي واهه وهايون.

بند: 1. پاڻيءَ تي ئي پوک پچي ٿي، ساوڪ ۾ آ ساءُ،
سايُن پوکن ۾ سرهايون.
2. ڌرتي سونا سنگ ڏيڻ لئه، ماندي آهي ماءُ،
هاري يارو هر ته هلايون.
3. ٻني ونيءَ تي سِر ڏينداسون، ڀيڙو ٿئي هر ڀاءُ،
دنگ تي پنهنجو رنگ رچايون.
4. آهه ٻڌيءَ ۾ طاقت ڏاڍي، ڪم ۾ پڻ اُڪلاءُ،
ساٿي گڏجي ساٿ نبهايون.
5. روڳي ماڻهن جي لئه راشد، ٿي نه ڪڏهن پوراءُ،
محنت ڪريون ڇو پڇتايون.
(دل جو شهر، ص: 151)

راشد مورائيءَ کان اڳ جن به شاعرن جي وائيءَ جا مثال ڏيئي آيا آهيون، انهن مڙني مان ان گهاڙيٽي تي ٻئي ڪنهن به شاعر اهڙي وائي نه لکي آهي. هن وائيءَ کي ٻنهي فني گهاڙيٽن يعني ’دوهي ڇند‘ ۽ ’سورٺي ڇند‘ ۾ شماري ٿو سگهجي. هن وائيءَ جي ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ ڌار ڌار قافيا آهن، جيئن ٿلهه جي پهرئين پد ۾ ’تلاءُ‘ ۽ ٻئي پد ۾ ’وهايون‘ ڪم آندو اٿس، اهي ٻئي قافيه وائيءَ جي هر بند جي ٻئي ۽ ٽئين پد ۾ رکيا اٿس. مثال ٿلهه جي پهرئين پد جو قافيو ’تلاءُ‘ آهي، ان سان هم قافيه هر بند جي ٻئي پد ۾ ’ساءُ‘، ’ماءُ‘، پاءُ‘، ’اُڪلاءُ‘ ۽ ’پوراءُ‘ آڻي ٺهڪايا اٿس. ساڳي وائيءَ جي ٻئي پد ۾ قافيو ’وهايون‘ آهي، ان سان بندن جي ٽئين پد جا قافيه هڪ جهڙا رکيا اٿس، جيئن ’سرهايون‘، ’هلايون‘، ’رچايون‘، ’نبهايون‘ ۽ ’پڇتايون‘ آندا اٿس.
هن ئي ٽهيءَ ۾ مير محمد پيرزادي وٽ ٿا هلون. سندس ڪتاب ’ليار نيڻن ۾ ڦٽا‘ ۾ وائي ڪيئن لکي اٿس. مير محمد پيرزادي کي نه صرف ڳوٺاڻو پسمنظر آهي، پر هن جي نوڪري ئي زراعت کاتي ۾ رهي آهي، ان کان سواءِ کيس راڳ ۽ راڳڻين جي ڪافي ڄاڻ آهي. سندس هيءَ وائي ٿلهه کان بندن تائين ٻه - پدائين آهي، اها ڏسو ڪيئن آهي:
ٿلهه: ڀري ڀري اڄ پيار، وري ٻئي وار، ملڻ مشڪل آ.

بند: 1. گوليءَ کان اڳ کلندي کلندي، هڪڙي وار نهار.
2. ساٿ نباهي سوريءَ سان، ۽ پيار سان واعدو پار.
3. اونداهي انڌڪار کي ٽاري، ديپ دلين جا ٻار.
4. ويندي ويندي ويرن مان ڀي، اڻ تارن کي تار.
(ليار نيڻن ۾ ڦٽا)

مير محمد پيرزادي جي هيءَ وائي نَون بندن تي ٻڌل آهي. وائي ’سورٺو ڇند‘ تي چيل آهي، وائيءَ جي وراڻيءَ جو خوبصورت ٺهڪاءُ آهي. اڃا به هن وائيءَ ۾ هڪڙي اضافي خوبصورتي آهي، اهو آهي اندروني قافيي جو آڻڻ، جيڪو ٿلهه جي ٻئي پد ’وري ٻئي وار‘ آندو اٿس. اهڙو مون کي ڪنهن مٿي ذڪر ڪيل واين ۾ نه مليو آهي.
مير محمد پيرزادي جي هن ڪتاب جو مهاڳ ’وڻ وڻ ويڻا شاعري‘ ۾ تنوير عباسي لکي ٿو ته:
”هن وٽ نه رڳو پنهنجي چوڌاري وسندڙ ڪائنات کي ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي سگهه آهي، پر ان کي بهترين نموني ۾ ٻيهر تخليق ڪري بيان ڪرڻ جو فن به آهي.“(10)
جيئن ته مير محمد پيرزادي وٽ عڪسن، مسئلن جي سڃاڻ خوبصورتيءَ کي اظهار جو ڏانءُ ۽ لفظن جي ڪا کوٽ ناهي، تنهن ڪري هن جون وايون به غزل ۽ گيت جيان تمام ڊگهيون يا گهڻ مصراعون آهن. سندس هڪڙي ٽه - پدي وائي ڏسو، جنهن ۾ لفاظي، ادائگي، عڪس ۽ منظرنگاري ڪيئن آهي.
ٿلهه: خواب ۾ آيو ڪڏهن، اڌ رات جو هو اچتو،
ڪونه پيو هو ڪو پتو.

بند: 1. مون به تولئه ساز کي، ڇيڙي ڇڏيو اڌ رات جو.
2. سانت جا آواز ويڙهن، ڪوته منهنجو ڏس ڏيو.
3. مالڪؤنسي ڪيفيت ۾، مان هئس پر ڪو ٻيو.
4. رُت بسنتي باغ ۾ پر، گل نه هو مَن جو کڙيو.
5. ڪير هو مون ۾ اچي جنهن، راڳ نٽ - ڀيرو چيو.
6. بي خوديءَ ۾ مون به پيتو، چنڊ تنهنجو پيگ هو.
7. قال ۾ سوَ سور آهن، حال ۾ ڪجهه ڀي نه هو.
(ليار نيڻن ۾ ڦٽا، ص: 54)

مير محمد جي هيءَ وائي پڙهي ڏسو، ڪن - رس ۽ چپ چسڪو، اوهان کي اهڙو ساءُ ڏيندو، جو ڪجهه هن وائيءَ جي هر بند ۾ سمايو آهي. هن وائيءَ جو ٿلهه ته ٽه - پدائون ۽ بند سڀ ٻه - پداوان آهن. وائي ’دوهو ڇند‘ تي چيل آهي. هن وائيءَ ۾ به وراڻيءَ واري پد جو بندن سان جڙاءُ، مُنڊيءَ تي ٻُڙي (ٽڪ) جيان آهي.
ان ئي ٽهيءَ سان تعلق رکندڙ انور پيرزادي جو جديد شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن ٽهيءَ ملڪي صورتحال ۾ ڏاڍيون اٿلون پٿلون ڏٺيون. معاشي بدحالي، سياسي ۽ سماجي ڀڃ، پر قتل، غارتگري، ملڪ مٿان جنگيون مڙهيل، جمهوريت لاءِ هلايل ايم. آر. ڊي. هلچل، سياسي دٻڙ ڌؤنس ۽ مارشل لائون، انهن جو اثر هن ٽهيءَ جيئن جو تيئن ورتو ۽ ڪيترائي اکين ڏٺا رت وڇاڻن جا عڪس اکين ۽ ذهنن، يادگيرين ۾ سمائي، جو ڪجهه حساس پڻو ۽ شاهد طور سرجيو، ان جو اولڙو انور پيرزادي جي شاعريءَ مان ڳاٽ اوچو ڪيو، پنهنجي ياد ڏياري، جيءَ کي جهوري رهيو آهي.
هونءَ ته انور پيرزادو نظم جو شاعر آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن سندس ذهن ۽ قلم ذائقي مٽ به ڪئي ۽ پوءِ ڪجهه غزل، گيت، دوها، سورٺا ۽ وايون به لکيائين.
”هن جي شاعريءَ ۾ اهڙي دانشمند شاعر جو سچو ۽ کرو اظهار شامل آهي. هيءَ شاعري رڳو سياسي ڪمٽمينٽ نه آهي، پر هن جي شاعريءَ جي گهاڙيٽي نئين محاوري (Metaphor) ۽ جديد اظهار جا تجربا پڻ موجود آهن، جيڪي تقليدي نه تخليقي آهن ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ قابلِ قدر اضافو آهن.“(11)
انور پيرزادي جي شاعريءَ جو هڪڙو ئي ڪتاب ڇپجي منظرِعام تي آيو. ان ۾ سندس ٻين شاعراڻين صنفن مان اسان کي سندس وائيءَ بابت ئي لکڻو آهي. هن ڪتاب ۾ فقط ٽي وايون شامل آهن، اتفاق سان ٽنهي واين جو گهاڙيٽو ساڳيو آهي. سندس وايون ٽه - پدائين ٿلهه ۽ ٻه - پدائين بندن سان سينگاريل آهن، پر ٿلهه جي ٻئي ۽ ٽئين پد کي هم قافيه رکيا اٿس. هيٺ ڄاڻايل وائي ’دوهي ڇند‘ تي چيل ڳڻي سگهبي، باقي سڀئي بند ٻن پدن تي جڙيل اٿس، ڏسو ڪيئن آهي:
ٿلهه: ڳيت ڏئي ڇڏ، سور ڳهي ڇڏ، جندڙي لڙڪ وهائي،
جيئڻ سولو ناهي.

بند: 1. اوندهه جا اوڙاهه جي ايندا، سهبا سينو ساهي.
2. دنيا دارونءَ جو ئي دونهون، ڇاٿي ويو آ ڇاهي؟
3. ڏات ڏڪي ٿي ڏاڍ ڏنگي ٿو، ڏنڀ اچي ٿو ڏاهي.
4. جان اصل کان اچڻي وڃڻي، پوئتي هٽڻو ناهي.
5. سوريءَ جو سينگار ٿئي پيو، ڪوئي چڙهندو ڦاهي.
6. دوکي جي هن دنيا اندر، مرڻ ته سولو آهي.

هيءَ وائي پڙهڻ سان محسوس ٿيندو ته ٿلهه ۾ ڄڻ چار پد آهن، پر حقيقت ۾ ٽي پد ئي ڪوٺبا، ڇاڪاڻ جو هن وائيءَ جي ٿلهه جي پهرئين پد ۾ ’ڏئي ڇڏ‘، ’ڳهي ڇڏ‘ ڄڻ قافيو ۽ رديف ٻئي بيساخته شامل ٿي ويا آهن. وري ٿلهه جي ٻئي ۽ ٽئين پد کي هم قافيه رکيو اٿس. هن وائيءَ جي هر بند ۾ قافيو، ٿلهه جي ٻئي ۽ ٽئين پد واري قافيي سان ملايو اٿس، جيئن ته سندس ٽئي وايون هڪڙي ئي گهاڙيٽي تي چيل آهن، تنهن ڪري اهو مثال ئي ڪافي آهي.
خاڪي جويو به هن ٽهيءَ مان هڪڙو شاعر آهي. هُو شاعر طور هڪ طويل نظم جي ڇپجي پڌرو ٿيڻ سان ٿيو، جيڪو سنڌ جي حالت زار بابت هو، جنهن جو مهاڳ محمد ابراهيم جويو لکيو هو ۽ کيس متعارف ڪرايو هو. هُو سَن جي ڀرپاسي مان پکا پٽي، اچي سڪرنڊ وسايو هئائين. هارپ ۽ ڌنار کان وٺي بيراگيريءَ تائين زندگيءَ جا تجربا ماڻيائين ۽ نيٺ هن جي اندر مان شاعري نينهن جا اٻڙڪا ڪري نڪتي، جنهن ۾ ڌرتيءَ تي پيل تازي مينهن جي سڳنڌ سمايل هئي. هن پوءِ ماهوار رسالو به حيدرآباد مان ڪڍيو ۽ سڪرنڊ ۾ هڪ ڪيبن ’سنڌ ڪتاب گهر‘ نالي جوڙيائين. نيٺ شاعري سندس مڙني ڪرتين تي حاوي پئجي وئي.
سندس علائقي جي ۽ هڪ ٽهي وڏڙو شاعر عبدالحڪيم ارشد هن لاءِ هيئن لکيو:
”خاڪي، علم عروض، بحر، وزن جو شاعر ناهي، پر بنيادي طور تي گيت، بيت ۽ وائيءَ جو شاعر آهي.“(12)
خاڪي جويو کي عبدالحڪيم ارشد ته وائيءَ جو شاعر ڪوٺيو آهي، پر پاڻ سندس وائيءَ تي لکڻ کان نه ڄاڻ ڇو لنوايو اٿس.
”بيت ۽ وائيءَ کي شيخ اياز کان پوءِ جنهن شاعر وڌ ۾ وڌ جيءَ ۾ جاءِ ڏني ۽ ان تي طبع آزمائي ڪئي آهي، سو خاڪي آهي. هن جي ٻي سموري شاعريءَ تي بيت ۽ وائيءَ جو پاڇو، واقعي مامتا جو سٻاجهڙو هٿ ڀاسي ٿو، نه رڳو ايترو پر خاڪيءَ واين ۽ بيتن ۾ جيڪا فني بلندي، خيالن جي نواڻ ۽ لفظي سونهن جي جڙاوت ڪئي آهي، ان کيس سنڌيءَ جي جديد شاعرن ۾ بهترين درجو نصيب ڪيو آهي.“(13)
خاڪيءَ روايتي اساسي شاعري به لکي آهي ته وري هن وائيءَ ۾ نواڻ يا تجربا به ڪيا آهن. اول اسان سندس روايتي وائي پڙهڻ لاءِ ڏينداسون.
ٿلهه: رڍون روز رڙن، چارون جبل چوٽ تي.

بند: 1. پهريو وڃيو پيٽ لئه، اوکيءَ منجهه اڙن.
2. اڃيون بکيون آئيون، ترڪن منجهه تڙن.
3. ڪيسين ڊوڙ پائيان، ’خاڪي‘ منجهه کڙن.
(ايءُ خاڪيءَ جو خيال، ص: 49)

هيءَ خاڪي جويو جي وائي، شاهه عنات رضوي ۽ پوءِ شاهه لطيف کان سنڌي شاعريءَ ۾ هلندي اچي ٿي. هيءَ وائي ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهي. هن وائي جي ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو رکيو ويو آهي ۽ هر هڪ بند جي ٻئي پد ۾ رکيل آهي. هر بند جي آخر ۾ ٿلهه جو ٻيو پد وراڻيءَ طور ڪتب آندو اٿس. مضمون جي لحاظ کان ڌنارڪي ڌنڌي جي ڏکيائين کي وائيءَ جي صنف ۾ اظهاريو ويو آهي.
خاڪي جويو پاران وائيءَ ۾ ڪيل هي تجربو ڏسو ڪيئن آهي:
ٿلهه: ڏوري ڏير ڏسان، پنهل پسان، لڪ لتاڙي لوءِ جا.

بند: 1. اکيون اهنجون اوپريون، چاڙهيون سڀ چڙهان، پنهل پسان.
2. پهڻ سمورا پٻ جا، ريٽي رت ڀريان، پنهل پسان.
3. پڌرو پنهنجو پنڌ ۾، ارڏو عشق ڪيان، پنهل پسان.
4. ’خاڪي‘ خيال اڏائيان، اڀري عرش مٿان، پنهل پسان.
(ايءُ خاڪيءَ جو خيال، ص: 55)

اصولي طور تي هيءَ وائي ’سورٺي ڇند‘ تي آڌاريل آهي، پر هن وائيءَ جي پهرئين پد ۾ ٻٽو قافيو رکيو ويو آهي. اهڙو تجربو شاهه لطيف وٽ به آهي. خاڪي جويي ٿلهه جي پهرئين پد ۾ ’ڏسان‘ ۽ ’پسان‘ قافيه آندا آهن، باقي بندن ۾ ايئن نه ڪيو اٿس، جو هر بند جي ٻئي پد پويان، وراڻيءَ کان اڳ ’پنهل پسان‘ رکيو اٿس، پوءِ ٿلهه جو ٻيو پد وراڻيءَ طور رکيو اٿس. هن وائيءَ جو موضوع سسئيءَ جي داستان تي آڌاريو اٿس.
ناٿن شاهه جي ڌرتيءَ شاعراڻو ڦوٽهڙو خوب ڪيو. هن ڌرتيءَ جا ڪيترائي شاعر سنڌي شاعريءَ ۾ نمايان حيثيت جا مالڪ آهن، انهن مان آثم ناٿن شاهي به هڪڙو آهي.
”اها حقيقت آهي ته آثم ناٿن شاهي بنيادي طور نظم جو شاعر آهي ۽ سندس ٻوليءَ جو تاڃي پيٽو ڳوٺاڻي ٻولي، فطرت جي نظارن، ڪچي ۽ ڪاڇي جي ماحول ۽ ديهاتي حسن جي آڏاڻي تي اڻيل آهي. اهوئي سبب آهي جو هُو غزل ۾ به نظم واري رواني ۽ مترنم ٻولي کڻي اچي ٿو، جنهن ۾ گيتائون، سنگيت، بوڻينڊي ۽ چنگ جو ٻُراءُ آهي.“(14)
”جيڪڏهن ڪو شاعر پنهنجي زبان کان پوري واقفيت نه ٿو رکي ۽ انهن کي صحيح طرح استعمال جو ڌيان نٿو رکي ته ان جي شاعري ڪڏهن به بلنديءَ کي ڇُهي نه سگهندي. منهنجي خيال ۾، جيسيتائين شاعريءَ ۾ بيساختگي ۽ عوامي ليول جي ٻولي ناهي، تيسيتائين اها شاعري مقبوليت جو درجو ماڻي نه ٿي سگهي.“(15)
آثم ناٿن شاهي عروض تي بهتر پهچ ۽ ڄاڻ رکي ٿو، هن غزل ۽ نظم کان سواءِ وائي به لکي آهي، جا هن ئي ڪتاب ۾ پنهنجي پوري جوڀن سان پاڻ پسائي رهي آهي. آثم نه صرف وائي لکي آهي پر ان جي گهاڙيٽي ۾ ڪي تجربا به ٻين عام شاعرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪيا اٿس. هن ٻه - پدي، ٽه - پدي ۽ ڪا چئه - پدي وائي به لکي آهي. ڏسو ۽ انصاف ڪيو ته وائيءَ جي صنف تي لکندڙ شاعرن کان اها ڳالهه ڪئين چوڻ گٿي آهي ته آثم ناٿن شاهي وائيءَ جو به سٺو شاعر آهي. هن ئي سندس شاعراڻي ڪتاب ۾ ستيتاليهه وايون آيل آهن. آثم جي هيءَ وائي ڏسو، هن وائيءَ جي گهاڙيٽي کي ڪيئن گيت جي مدِمقابل آڻي بيهاريو آهي.
ٿلهه: ڀرسان واريءَ پاڙ ۾، اڏرن ٿيون آڙيون،
رات سمي جي سانت ۾.

بند: 1. ڪنهنگون نڪري ڪَهِر مان،
ڳاڙهين چنهنبن سان چڳن، ڪچ - ڳڀيون لاڙيون.
2. تيز هوا جي تال تي،
پن پپر جا پاڻ ۾، وڄائن تاڙيون.
3. شيطانن جي شهر کي،
اڀ تان اڇلي پيا ڏين، تارا اماڙيون.
4. ۽ مون هن جي ياد ۾،
تڙڦي تڙڦي سڀ سندس، تصويرون ڦاڙيون.

هن وائيءَ جي گهاڙيٽي جي ٿلهه ۾ ته ٽي پد آهن، جي ٽه - پدي ٿلهائين وائيءَ ۾ آندا ويندا آهن، پر هن وائيءَ جي هر بند ۾ ڏسڻ ۾ ته ٻه پد ۽ ٽين وراڻي آهي، پر هن گهاڙيٽي جي نواڻ يا تجربو هن ريت ڪيو آهي، جيئن ڏيڍ سِٽو شيخ اياز لکيو آهي، پر هن وائيءَ ۾ وراڻيءَ جو جوڳو جوڙ، ان کي وائيءَ جي صنف ۾ شماري ٿو ڇڏي. ڏسندا ته هر بند جو پهريون پد اهوئي عام وائيءَ جيان رکيو اٿس، پر ٻيو پد، ڄڻ نظم يا گيت جي مصرع پئي ڀاسي. اهڙو تجربو، اڳ آيل ڪنهن به شاعر وٽ ناهي. وائيءَ جو اهو بنهه اڇوتو تجربو آهي ۽ ان وائيءَ بابت ڪجهه به نه لکيو ويو آهي.
وري آثم پاران وائيءَ ۾ ڪيل هي تجربو به ڏسو، هونءَ هيءَ وائي ٽه - پدي آهي، جا ٿلهه کان وٺي مڙني بندن تائين نه صرف ٽه - پدي وائي آهي، پر هن وائيءَ ۾ به نواڻ آهي. ڏسو ڪيئن آهي:
ٿلهه: ڇا ڪو ونگجي پيو؟ يا ڪو ڏنگجي پيو،
هن جي وارن کان پڇجي!

بند: 1. ڪَک - پن ساڙيئين ڇا؟ خلق لتاڙيئين ڇا؟
ميلي وارن کان پڇجي!
2. پيار ڪيوٿس ڪو؟ يار ڪيوٿس ڪو؟
پاڙي وارن کان پڇجي!
3. خوشبو اڏري آ، هوءَ ته نه گذري آ؟
رستي وارن کان پڇجي!
4. مون وٽ ايندي ڇا؟ رنگ رچيندي ڇا؟
ڍاري وارن کان پڇجي!

هن وائيءَ جو گهاڙيٽو ڏاڍو عجيب آهي. ٿلهه جي پهرئين ۽ ٻئي پد ۾ قافيو ۽ رديف به رکيو اٿس، پر ٻنهي پدن ۾ سوال اٿاريل آهي ۽ وراڻي، انهن سوالن جو جواب آهي. ساڳيءَ ريت وائيءَ جا چار ئي بند به ٿلهه جي مطابق قافيي ۽ رديف سان رکيا اٿس ۽ هر پد ۾ هڪڙو سوال ۽ ٽيون پد انهن سوالن جو جواب آهي. اهڙي وائي، آثم کان اڳ وارن شاعرن مان ڪنهن به نه لکي آهي.
آثم ناٿن شاهيءَ جي هيءَ ٽه - پدي ٿلهه واري وائي پڙهي مون کي شاهه لطيف جي سُر سسئيءَ مان هيءَ وائي ياد اچي وئي ڄڻ ٻنهي جو وزن ساڳيو آهي. اول آثم جي چيل وائيءَ جو فقط ٿلهه ٿو مثال طور پيش ڪيان.
ٿلهه: رات هئي يا ڏينهن، مان ۽ منهنجو نينهن،
اَپليو نا رهي.


هونءَ آثم ناٿن شاهيءَ روايتي ٻه - پديون، يا صرف ٽه - پديون وايون به لکيون آهن، جن جو هتي حوالو ڏيڻ نه ٿو سونهين.
سحر امداد سنڌي شاعرائن ۾ نمايان حيثيت رکي ٿي ۽ سحر، امداد سان گڏجڻ کان به اڳ شاعري ڪندي اچي. سندس خاصيت ته نظم آهي، پر ڪڏهن ذائقي مٽ، صنف مٽ لاءِ وايون به لکيون اٿس. سندس ڪتاب ’چوڏهينءَ چنڊ آڪاس‘ شاعريءَ جو مجموعو آهي.
”شاعري غيرمعمولي سٽن سرجڻ جو فن آهي ۽ سحر ۾ اهڙين سٽن سرجڻ جي سگهه آهي. خيال جي منظوميت ۽ گهري فڪر کي سادي نموني بيان ڪرڻ تي هن کي قدرت آهي ۽ سحر وٽ اوليت ڏات ۽ ڏانءَ کي آهي.“(16)
سندس وائيءَ جي صنف بابت امداد حسيني لکي ٿو:
”هن جي وائي پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ان ۾ ٿل / وراڻي ڪُل جي جُز وانگر آهي. شاعريءَ جي سونهن ان جي سادگيءَ ۾ آهي، پر وائيءَ لاءِ خاص طور اها راءِ وڌيڪ اهم آهي ۽ سحر جي وائيءَ ۾ سادگيءَ جي اها سونهن موجود آهي.“(17)
هاڻ ڄاڻي واڻي سحر امداد حسينيءَ جي ڳالهه کي ٽيڪ اچي ۽ اوهان کي وائيءَ جي ههڙن گهاڙيٽن لکڻ جي پرک به پوي. سحر امداد جي وائيءَ لاءِ به عنوان جوڙيا آهن.
چؤنري تي چنڊ
ٿلهه: چؤنري تي جو چنڊ ڏٺوم، سرتيون ساجن سنڀريوم،
تارا تارا لڙڪ رنوم.

بند: 1. ڏينهن ڏونگر، راتيون روهه، جانڊهه جهڙي جندڙي،
توريءَ جاڙ جيوم.
2. من - بن ۾ دکندو دک، سُکي آهيان سرتيون،
ڪيڏو ڪوڙ ڪيوم.
3. سهسين سارنگ سجن ڪري، مرڪي ايندا مان ڳري،
هنئڙي ڏڍ ڏنوم.
4. ڏرت ڏهاڳ ڏونگرين، جيون جت آ جيڏيون،
ڏانوڻ نه ڏايوم.
5. هيڏي شهر ڀنڀور ۾، موتي مون وڻجيا،
ڪايو ڪمايوم.
6. مٺل مارو، ڪٺل ڪيهون، اکئين ٻڌم اکا،
ڪنين ميڻ وڌوم.
7. دڳ سمورا نرڳ ڏي، سرڳ سما سپرين،
ڀو ساگر اڪريوم.
(چوڏهينءَ چنڊ آڪاس، ص: 111)

مٿي لکجي آيل وائي ٿلهه کان وٺي ستن ئي بندن ۾ ٽه - پدي وائي آهي، پر هن وائيءَ ۾ بنهه انوکو تجربو ڪيل آهي. هن وائيءَ جي ٽنهي پدن کي هم قافيه رکيو اٿس، پر بندن جي ٽئين پد ۾ قافيو رکيو اٿس ۽ بندن جا پهريان ٻئي پد بي قافيه آهن، باقي ٿلهه جو ٽيون پد وراڻيءَ طور ڪتب آندو اٿس. ههڙي وائي به ٻئي ڪنهن شاعر نه لکي آهي.
سحر امداد جي جنهن ٻي وائيءَ جو امداد حسينيءَ مثال ڏنو آهي، اها وائي پڙهي هنئين سان هنڊائي ڏسو. هن وائيءَ جو به سحر امداد عنوان جوڙيو آهي.
انڊلٺ رنگا ڏينهن
ٿلهه: هيل ته برسيا ڏاڍا مينهن، رنگ رسيلا مينهن!

بند: 1. ٽڙي پيا انگ، ڦٽي پيا نينهن،
نوان نڪورا نينهن!
2. نينهن ته آهي، سچاڻو سينهن،
هو سانول سينهن!
3. پوپٽ ڀرتي، اڏريا ڏينهن،
انڊلٺ رنگا ڏينهن!
(چوڏهينءَ چنڊ آڪاس، ص: 155)

هيءَ وائي به انوکي آهي. ٿلهه ٻه - پدو، ٻنهي پدن ۾ قافيو رکيل، پر بندن جا پد، ٿلهه جي پدن جي ڀيٽ ۾ گهٽ وزن وارا رکيا اٿس، جو هڪ ئي پد جو گمان ٿو ٿئي ۽ عجب اهو آهي ته بندن جي ٻئي ۽ ٽئين پد کي هم قافيه رکيو اٿس ۽ بند جي ٻئي پد ۾ آيل قافيو، بندن جي ٽئين پد ۾ ساڳيو، پر نئين مطلب نڪرڻ سان، مان سمجهان ٿو ته اهڙيون وايون اسان پاران مٿي ڄاڻايل مڙني شاعرن مان ڪنهن به نه چيون آهن. ان کان سواءِ وائيءَ مٿان عنوان ڏيڻ جو تجربو به سحر امداد وٽ ئي آهي، ٻئي ڪنهن به شاعر وائيءَ کي عنوان نه ڏنو آهي. اسين سندس هڪ ٽين وائيءَ جا مثال پڙهندڙن کي ڏيکارڻ چاهينداسون. هن وائيءَ جو به عنوان رکيو ويو آهي.
رنگ رتي پرڀات
ٿلهه: وَيَلَ وَيلَ جي واڳ ورائي، آڻيون اهڙي رات،
الو ميان! آڻيون اهڙي رات.

بند: 1. جنهن جي اهڙي سانجهه هجي، ۽ رنگ - رتي پرڀات،
الو ميان! آڻيون اهڙي رات.
2. من جي مکڙي هيڪل وياڪل، تن کي تنهنجي تات،
الو ميان! آڻيون اهڙي رات.

هن وائيءَ جو ٿلهه ۽ ٻه بند پڙهي، پڙهندڙن کي هڪڙو اندازو ٿي ويو هوندو ته اهو گهاڙيٽو ڪيئن گهڙيو ويو آهي. هن وائيءَ جو موضوع رومانوي آهي. هن وائيءَ جي وڌيڪ وائک ڪرڻ نه جڳائي، شاعريءَ جي گهراين ۾ گهڙي، ان جي انگ انگ جي ونگ ونگ کي کولي، ان جي تهه تائين پهچندڙ ضرور پهچي، پروڙي ويندا.
تاج جويو موجوده ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، پر نه ڄاڻ سندس شاعريءَ جو آڳاٽو ڪتاب ’سوچون سرها گل‘، اياز گل سان گڏ ڇپيل ڪتاب کان سواءِ ٻيو ڪتاب سامهون اچي نه سگهيو آهي. ممڪن آهي ته هن پاڻ پنهنجي شاعريءَ تي ادبي تحقيقي ليکن کي ترجيح نه ڏني هجي. هونءَ هُو 1967ع کان شاعريءَ جي ميدان ۾ پير پائي چڪو هو، پاڻ شاعريءَ جي اڪثر صنفن تي لکندو رهيو آهي. بيت، وائي، غزل، نظم، گيت ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيل صنفون آزاد نظم، هائيڪا، رينگا ۽ ٽنڪا به لکيا اٿس. هي ڪتاب 1978ع ۾ ڇپيو هونِ، هن ڪتاب ۾ به سندس چيل ڪجهه وايون آهن، جن مان ٻه وايون ٻه - پدائين ٿلهه ۽ بندن سميت ۽ باقي وايون ٽه - پدائين ٿلهه سان لکيون اٿس.
”مون پنهنجي وائيرليس تي ڪافي من پسند آواز جهٽيا آهن. تاج جويو انهن من پسندن آوازن مان هو، جنهن جو پيڇو مون شروع ڪيو. تاج اڪثر هنڌن تي پنهنجي وڄ وراڪا سوچ اهڙو ڏيکاءُ ڏنو آهي، جيڪو تمام ڇرڪائيندڙ آهي. تاج داخلي نوعيت جي شاعري اڻهوند جي برابر ڪئي آهي.“(18)
سندس ٻه - پدي وائي پڙهي ڏسو:
ٿلهه: آيا آيا يار، سڏ سڃاڻي دار جو

بند: 1. کيري آڀونءَ جي وهي، مکڙا ڦول ڦلار.
2. ظاهر گل گلاب جا، جهيڙي ۾ جهونجهار.
3. مرڪون مقتل سامهون، ڪانئر لاءِ ڪٽار.
4. رت ريٽو اڏيءَ تي، پرهه ڦٽيءَ جا پار.

هيءَ وائي ’سورٺي ڇند‘ تي آڌاريل آهي. هن جي ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو رکيل آهي ۽ هر بند جي ٻئي پد ۾ هم - وزن قافيو رکيو ويو آهي. هيءَ سڄي جي سڄي وائي خارجي ۽ سنڌ جي سورهين جي سنڌ لاءِ سِر ڏئي سوڀ ماڻڻ خاطر آيلن جا پارپتا ڄاڻايا ويا آهن.
تاج جويو جي ٽه - پدائين ٿلهه واري وائي ڏسو:
ٿلهه: ڳوڙهن ڀنڙا ڳل، آئي اڄ اٿل،
نيڻن جي درياهه ۾

بند: 1. ڪنهن جيءَ سار سرير جا، ڪوماڻا ڪنول.
2. سونهن ننگر جي سئر لئه، کاڌي ساهه اڇل.
3. هي چانڊوڪيون چيٽ جون، چڪيا چاڪ ڇٽل.

تاج جويي جي هيءَ وائي ’دوهي ڇند‘ تي آڌاريل آهي، تنهن هوندي به سندس هن وائيءَ جي ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ هم وزن قافيه آندا اٿس ۽ وائيءَ جو ٽيون پد وراڻيءَ طور استعمال ٿيو آهي. وراڻيءَ وارو پد بي قافيه آهي. هيءَ وائي شاعر جي داخلي ڪيفيت جو اظهار آهي.
ڍولڻ راهي به هند جي اجمير شهر ۾ 1949ع ۾ پيدا ٿيل سنڌي خاندان جو ٻالڪ آهي. هُو سنڌيءَ ۾ ايم. اي. ۽ بي. ايڊ. بڻجي ليڪچرار بڻيو آهي، ان جو جسُ جيترو ڍولڻ راهيءَ کي آهي، ان کان به وڌيڪ جس لائق ته سندس ماتا - پتا ٿا لهڻن، جو هند جي اجمير ۾ رهندي به پنهنجي اولاد کي سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ڏياري اٿائون. ڍولڻ راهيءَ به شاعريءَ جي ميدان ۾ لفظن جا گهوڙا ڊوڙايا آهن. هن ٽي منزلون ماڻيون، يعني سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.
”شاعري ڇا آهي؟ صرف قافيي ۽ رديف سان نباهڻ شاعري ناهي. ڪويتا تڏهن ڪويتا آهي، جڏهن دل کي ڇُهي، چهنڊڙي پائي، ڪجهه سوچڻ لاءِ ڏئي ۽ مَن کي سنتوش (سڪون) بخشي. شاعري خلش به آهي ته سڪون پڻ. ڍولڻ راهي پاڻ به سٺو گائڪ، ڪلاڪار آهي، هن ٻارن لاءِ سٺا گيت لکيا آهن، گيتن کي سنگيت ڏنو آهي ۽ ريڊيو اسٽيشن تي ڳائي گيتن کي چڱي خاصي مشهوري ڏني آهي.“(19)
ڍولڻ راهي جيئن ته شاعر سان گڏ گائڪ ۽ سنگيتڪار به آهي، تنهن ڪري هن جي شاعريءَ ۾ ڳائڻ جو عنصر بيحد ڀرپور آهي. هن گيت، غزل، وايون، نظم، آزاد نظم، دوها، سورٺا، قطعا ۽ هائيڪا به لکيا آهن.
ڍولڻ راهي ٽه - پدي وائي به چئي آهي، پر هن هند جي وڏن شاعرن يا هڪ ٽهيءَ اڳ وارن کان هڪ قدم اڳتي وڌائي نواڻ يا گهاڙيٽي ۾ تجربو پڻ ڪيو آهي. ڏسو اهو ڪيئن آهي.
ٿلهه: ڏاڍ ڪري ويا ڏير، هاءِ ڏئي ويا ڏنڀ ڏکيءَ کي!

بند: 1. هوت پنهونءَ کي ڏوهه ڏئي جا، هيءَ ڪميڻي ڪير؟
ڪهل پوي ڪا ڪيچ ڌڻيءَ کي!
2. مون کان منهنجو محب وڇوڙيو، هاءِ! سمهڻ جي هير،
ننڊ نهوڙيو درد ونديءَ کي!
3. جيءُ جهڄي پيو جهر جهنگل ۾، ڦٽجي پيا ٿم پير،
ڪير پڄائي ماڳ مُٺيءَ کي!
(مور پنکيءَ پل، ص: 40)

هيءَ وائي گهاڙيٽي جي نواڻ آهي، اهڙي وائي شاهه لطيف به هڪڙي چئي سگهيو هو ۽ نه ڄاڻ ان تي وڌيڪ ڌيان ڇونه ڌريو هئائين يا واقعي ئي اها وائي شاهه لطيف جي نه آهي، جنهن جي لاءِ جي. ايم. سيد پاڻ به لکيو آهي ته اها وائي نه گنج ۾ شامل آهي ۽ نه ئي ڪنهن ڇاپي رسالي ۾، تنهن هوندي به سنڌ جا ڪيترائي ڳائڻا فنڪار اها شاهه لطيف جي نالي سان ڳائي رهيا آهن. ان وائيءَ جي مقطع ۾ ’اديون عبداللطيف چئي‘ جو نالو پڻ هن وائيءَ جي مطلع ۾ آيل آهي. ٿلهه جي ٻن پدن ۾ مختلف قافيو رکيو ويو آهي، پر هن وائيءَ جي ٽنهي بندن جي هر ٻئي پد ۾ آيل قافيو، ٿلهه جي پهرئين پد ۾ آيل قافيي سان هم وزن ۽ بند جي ٽئين پد جو قافيو رديف جي ٻئي پد ۾ آيل قافيي سان هم وزن قافيو رديف سميت بيهاريو اٿس. ٽنهي بندن جي هر ٽئين پد ۾ قافئي سان گڏ رديف پڻ رکيو اٿس.
ڍولڻ راهيءَ جي هن ئي شاعريءَ جي ڪتاب ۾ هيٺئين گهاڙيٽي ۾ تجربي کي ڏسو. هن ته ان جي صنف وائي لکي آهي، پر منهنجي راءِ اها آهي ته اُها ڪافي آهي. اوهان به پڙهي ڏسو، پرجهيو ۽ پرکيو، پوءِ راءِ جوڙيو.
ٿلهه: پکيئڙو پرينءَ پار اڏري ويو،
نماڻان کڻي نيڻ نڪري ويو.

بند: 1. اگم ديس کان آيو هو هن ديس ۾،
گهڻوئي گهميو ديس پرديس ۾،
گهمڻ ۾ سندس وقت گذري ويو.
2. ڪڏهن ٿي رهيو آشيانو اڏي،
ڪڏهن گهر پراڻو ڇڏي ويو لڏي،
اصل گهر وسوڙيل کان وسري ويو.
3. پيس پئد چوڳي چڳڻ جي ڪري،
ٿيو قيد پڃري ۾ آهون ڀري،
نما شام ٿي سج به اتري ويو.
4. اُڏڻ لاءِ کنڀڙاٽيون کوهي گهڻيون،
ڇٽڻ لاءِ پڳلي گهڙيون ٿي ڳڻيون،
پراڻو ٿيو پڃرو ته اڏري ويو.
(مور پنکيءَ پل، ص: 42)

مان پنهنجي راءِ مٿي لکي آيو آهيان، هاڻ پڙهندڙن ۽ شاعراڻين صنفن تي نظر رکندڙ دوستن تي ڇڏيل آهي ته اهي منهنجي راءِ سان يا ڍولڻ راهيءَ جي راءِ سان سهمت ٿا ٿين.
ادل سومرو سنڌي ٻوليءَ جي وچين ٽهيءَ جو نمائندو شاعر آهي. اصل ۾ استاد جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو ٿو وڃي. هن نثر سان گڏ نظم به لکيو آهي ۽ ان جا به ڪتاب ڇپيل اٿس. ادل سومرو جي شاعريءَ ۾ سڃاڻ ته نظم آهي، هن جو ڪتاب ’وساري نه ڇڏجو‘ سڄو شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ دوها، بيت، غزل، گيت، ترائيل، نثري نظم ۽ آخر ۾ وايون آيل آهن، جن جو تعداد ٽيتاليهه آهي.
”ادل سومري جي شاعري وک وک تي وکريل زندگيءَ جا سمورا عڪس ميڙيندي، لفظن ۾ مڙهيندي، شفاف آئينو بڻجي سماج آڏو بيهي ٿي رهي. سندس شاعريءَ کي ڪنهن هڪ موضوع جي سِري سان ڏسي نه ٿو سگهجي. سندس شاعريءَ ۾ سجايل سوين رنگن مان مون کي ڪو رنگ اهڙو نه ٿو سُجهي، جنهن کي مان سندس شاعريءَ جي عنوان طور چونڊي سگهان، سندس جيون سفر ۾ ڇانورا بڻجن ٿا، پوءِ اهي ماڳ، مڪان، لوڪ لاءِ مڙئي شهر هجن، پر شاعر لاءِ اهي زندهه تمثيلون بڻجي پون ٿا. ادل سومري جي شاعريءَ ۾ اهڙين تمثيلن جو جابجا ذڪر موجود آهي.“(20)
ادل سومري هن ڪتاب ۾ مختلف صنفن تي مختلف اديبن جا رايا ڏنا آهن. بيت ۽ دوهي تي شيخ اياز جي راءِ ته، ”ادل سومرو نئين ٽهيءَ جو اهو شاعر آهي، جنهن فارسي ۽ اردو وزن کي لت هڻي ڇڏي. جديد شاعر پاڻ تي ڪوبه زنجير رکڻ نه ٿا چاهين، انهن جون اکيون کليل ۽ پير آزاد آهن. ادل سومرو انهن مان برک شاعر آهي.“(21)
ادل سومري وائيءَ جا صرف ٻه گهاڙيٽا لکيا آهن، جن ۾ ٻه - پدي وائي، جيڪا ٿلهه کان وٺي بندن تائين ٻه - پدي رکي اٿس، انهن مان ڪي ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهن ۽ ڪجهه ’دوهي ڇند‘ تي لکيون اٿس. سندس ٻه - پدي وائيءَ جو مثال هي آهي:
ٿلهه: شهر سڄو شيشا، پير اگهاڙا پيار جا.

بند: 1. نفرتن جي لُڪ ۾، ڏامر جا رستا.
2. ريتون هن سماج جون، پٿر ۽ ڪنڊا.
3. لهوءَ ۾ هر جاءِ تي، رهيا رنگ رتا.
(وساري نه ڇڏجو، ص: 180)

هيءَ وائي انتهائي سادي سودي ۽ ’دوهي ڇند‘ تي آڌاريل ۽ ٿلهه جي ٻنهي پدن کي هم - قافيه رکيو اٿس، اهو ڏاڍو بيساخته جڙي ويو اٿس. هي شهر جا خارجي عڪس آهن.
ادل سومري جي ٿلهه ۾ ٽه - پدي ۽ باقي بندن ۾ ٻه - پدي وائي، جيڪا اصل ۾ ’دوهي ڇند‘ تي جوڙيل آهي ۽ ٽيون پد وراڻيءَ طور استعمال ٿيل اٿس، ڏسو ڪيئن آهي:
ٿلهه: اجنبي ٿيندا وڃون ٿا، روز ٿا توڙي ملون،
هيءَ به ڪهڙي دوستي آ.

بند: 1. جا اندر ۾ پئي ٿي سڏڪي، سا نه ٿا اوري سگهون.
2. اوپريون ڀاسن نگاهون، اوچتو جي ٿا ڏسون.
3. ڏينهن ٿيا جو پيار جي، لفط لئه پيا ٿا سڪون.
4. دوستن جي گهر ڏي ويندي، جي لڳن ڳوريون وکون.
(وساري نه ڇڏجو، ص: 185)

هيءَ وائي صرف ٿلهه جي حد تائين ٽه - پدي آهي، باقي سڀ بند ٻه - پدا چيل اٿس. ادل سومري جي وائيءَ لاءِ هڪ لفظ به نه لکيو ويو آهي. سندس هيءَ وائي خارجي، زماني ۾ رهندڙ، جيئندڙ انسانن جي روين جي عڪاسي ڪري ٿي.
عبدالغفار تبسم راڳ جو ڄاڻو ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻ رکندڙ شاعر آهي. هن يار شاعريءَ جي اڪثر مروج صنفن تي شاعري ڪئي آهي، جن ۾ آزاد ۽ نثراڻا نظم، غزل، بيت، وائي، هائيڪا ۽ چؤسٽا (قطعا) به لکيا اٿس.
”شاعري پاڻ به ٻين فطري عملن وانگر، هڪ جاري رهندڙ عمل آهي، جنهن لاءِ هر شاعر پنهنجي کيتر ۾ نت نوان ٻج پوکي رنگ برنگي گل ٽيڙي ٿو. شاعري غزل کان وٺي نثري نظم تائين هلي آئي آهي.“(22)
رنگارنگي گل آهن شاعراڻيون، صنفون جن جي شاعر تخليق ڪري ٿو. ان ۾ ڪي تجربا، ڪي گهاڙيٽا گهڙي، موسيقيءَ جي تند ۽ تار سان ملائي، جڏهن ڳائجي ٿي ته ان جي ڪن - رس ۽ سڳنڌ ساري ڪائنات ۾ پکڙجي ٿي ته انسان جا لطيف کان لطيف جذبا ڪَر کڻي بيهن ٿا.
”تبسم ۾ وائيءَ جو فن جلدئي توڙ تائين پهچڻ وارو آهي. هُو قافيي مان ترنم جي تخليق بخوبي ڪري سگهي ٿو. مون کي اميد آهي ته اڳتي هلي هن جي شاعري پنهنجي فن ۽ فڪري صلاحيتن سان اڃا به نمايان ترقي ڪندي رهندي. آخر شاعري به ٻئي هر لطيف فن وانگر ساري زندگيءَ جو رياض آهي ۽ ان لاءِ لڳاتار پٽ - کوهه ڪرڻي ٿي پوي.“(23)
”هن جي شاعري فطرت توڙي داخلي سونهن جي ترجمان شاعري آهي. هن جا لفظ سادا، تُز ۽ احساساتي ڪشمڪش کي بيان ڪندڙ آهن.“(24)
هتي سندس اهي ئي وايون پڙهندڙن لاءِ پيش ٿيون ڪجن، جيڪي شيخ اياز حوالي طور استعمال ڪيون آهن.
ٿلهه: جي نه اچين تون، مون کي سي منهنجيون،
ساروڻيون موٽائجانءِ.

بند: 1. سمنڊ ۽ ڇوليون، چنڊ سنڀارون.
2. لمحا گهرن ٿا، ننڊ جون گوريون.
3. چنڊ سرءُ جو، هينئڙو ڦاڙون.
4. ياد جي موسم، چيٽ جون ٻاريون.
5. سوچ جو آڳر، تنهنجون اڏارون.
6. عڪس اکين ۾، چنڊ چيهاڙيون.
(سوچون صحرا سراب، ص: 48)

هيءَ تبسم جي ٽه - پدي وائي آهي، پر ٿلهه جي حد تائين ۽ باقي بندن ۾ اهي ئي ٻه - پد رکيا اٿس. سندس هيءَ وائي ’دوهو ڇند‘ تي آڌاريل آهي، قافيو بند جي هر ٻئي پد ۾ رکيو اٿس، باقي ٿلهه جو ٽيون پد وراڻيءَ طور استعمال ڪيو اٿس. هن وائيءَ جي پهرئين، ٽئين ۽ پنجين پد جو جيڪو قافيو رکيو اٿس، ان کي شاعراڻي لحاظ سان ڪبيهه قافيي ۾ شمار ڪبو. سندس ٻي وائي جيڪا شيخ اياز حوالي طور کنئي اٿس، اوهان به ان جي گلن جو واس وٺي ساهه سڌير ڪريو. وائي هن ريت آهي:
ٿلهه: ڇو آس ٿئي لاٿي، هوءَ باک ڦٽي آهي.

بند: 1. اڪ ڦلڙيون اکين ۾، ڇو ڇاجي لاءِ ساٿي.
2. ٻڌ ڪنور پيو ڳائي، آسا ۽ پرڀاتي.
3. ڇڏ ويل جو ويسورو، او جيءَ! ڇڏ جيڪا ٿي.
(سوچون صحرا سراب، ص: 37)

غفار تبسم جي هيءَ وائي ٿلهه کان وٺي ٽنهي بندن تائين ٻه - پدي آهي، جيڪا ’سورٺو ڇند‘ تي جوڙيل آهي ۽ ان جي هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو رکيو اٿس.
غفار تبسم جي هيءَ وائي ڏسو جيڪا ٿلهه ۾ ٻه - پدي پر بندن ۾ ٽي پد رکيا اٿس. هن ٽه - پدي ٿلهه واريون وايون به لکيون آهن، پر انهن جي بندن ۾ ٽي پد نه رکي سگهيو آهي، يا اها ضرورت محسوس نه ڪئي اٿس. اهڙيون وايون شاهه لطيف جي رسالي ۾ جام ملنديون. سندس هيءَ وائي ڏسو، جنهن جي بندن ۾ ٽي پد رکيا اٿس.
ٿلهه: او نيري اُڀ جا اداس پنڇي! ڇو اڄ تون ايڏو اداس آهين.

بند: 1. اڃان گگن ۾ ٿو گيت ڳولهين، آويءَ ۾ ڇو اوڳا ڦولهه ڦولهين،
چريو ته ناهين.
2. ڪو چانڊوڪين کي چئي رهيو آ، سوجهرن کي گهٽي رهيو آ،
مايوس آهين.
3. فضا سموري ٺڪاءَ آهن، بارود بم جا هڳاءَ آهن،
ڇا گهر اڏائين.
4. هوائون گونگيون ۽ ٻوڙا بادل، او پنڇي تنهنجا هزار قاتل،
ڪنهن تي دانهين.
5. ڏسين پيو هر لام دام لڙڪي، ۽ هِلِ جي چنبن ۾ ڳيرو ڦڙڪي،
جهيڙڻ ٿو چاهين.
(سوچون صحرا سراب، ص: 41)

غفار تبسم جي هن وائيءَ جو انوکو تجربو آهي. هن وائيءَ جو ٿلهه ٻه - پدو ۽ هر بند ٽه - پدو رکيو اٿس، پر سندس هيءَ وائي شاهه لطيف جي اهڙي قسم واري وائيءَ کان مختلف آهي. هن يار وائيءَ جي ٿلهه جي ٻئي پد ۾ جو قافيو آندو آهي، اهو هر بند جي ٽئين پد سان هم قافيه آهي، جڏهن ته وائيءَ جو پهريون ۽ ٻيو بند وري ٿلهه کان مختلف قافين سان جوڙيا اٿس. وائيءَ جي ٻئي ۽ ٽئين پد ۾ وري قافيي سان گڏ رديف به آندو اٿس، جڏهن ته پهرئين، چوٿين ۽ پنجين بند جي پهرئين ۽ ٻئي پد کي صرف هم - قافيه رکيو اٿس. هونءَ وائيءَ ۾ رديف آڻڻ ضروري نه به هوندو آهي، ايئن ڪافي يا غزل ۾ ته ڪرڻ ضروري هوندو آهي، نه ڄاڻ ڇو هُو يار مڙني بندن تي هڪجهڙائي بخشي نه سگهيو آهي.
مشتاق باگاڻي، شڪار جو شوقين آهي، نه ڄاڻ ڪيئن هن جو سنڌي ٻوليءَ جي شاعراڻي صنف وائيءَ سان پيچ پئجي ويو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن اچي سهڙندو هو ته کيس پڙهڻ ۽ ٻڌائڻ لاءِ وائي ئي هوندي هئي. شايد کيس وائيءَ جي صنف ۾ بهتر خيالن جو اظهار ڪرڻ ايندو آهي.
”مشتاق باگاڻي ننڍو نيٽو ۽ الهڙ شاعر آهي، سندس وايون جيڪڏهن فني ريت پختيون ناهن، ان هوندي به هي شاعر ڌرتيءَ جي شاعريءَ جو هڪ ڪرڻو آهي.سندس الهڙ سچائيءَ کي سنڌي ادب جي تاريخ وساري نه سگهندي. شاعر بغاوت نه به لکي پر ڏکن ڀريل انسان جي جيڪڏهن مورت چئي ٿو ته به اها نئين سماج لاءِ لاٽ ۽ واٽ آهي، ڇوته شاعر تاريخ جو اڻ لکو اظهار ڪندو آهي.“(25)
شاعر جنهن به ٻوليءَ ۾ پنهنجو اظهار، شاعريءَ جي ڪهڙي به صنف يا ادب جي ڪهڙي به صنف ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري، اهو ان ٻوليءَ جي ادبي تاريخ جو حصو بڻجي پوندو آهي. مشتاق باگاڻيءَ شاعريءَ جي ٻين صنفن تي به قلم ۽ ذهن کي هلايو آهي، پر ايترو نه جيترو هن وائيءَ جي صنف تي ڌيان ڏنو آهي. سندس هي ڪتاب ’هُو جي ٻول ٻُريا‘ سڄي جو سڄو وائيءَ جي صنف تي آهي، هن ڪتاب ۾ شاعريءَ جي ٻي ڪا به صنف شامل ئي ناهي.
مشتاق باگاڻي به وائيءَ جي صنف ۾ ڪي تجربا ڪيا آهن، جن ۾ هڪڙو گهاڙيٽو ٻه - پدي ٿلهه ۽ بندن وارو آهي ۽ ٻئي گهاڙيٽي ۾ ٽي پد رکيا اٿس باقي سڀ بند اهي ئي ٻه - پدا رکيا اٿس. اوهان به پڙهي ڏسو ڪيئن آهي.
ٿلهه: ڪُنن ڏي ڪاهينِ، مڇيءَ لاءِ مورڙيا.

بند: 1. ويهنِ مور نه ماٺ ۾، سوريون سهسائين.
2. راوت رنگي رڇڙا، ٺوڳيءَ کي ٺاهين.
3. هڻي ڪات ڪپار ۾، گهاتوئڙا گهائين.
(هو جي ٻول ٻُريا، ص: 43)

سندس هيءَ وائي ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهي، مطلب ته هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ قافيو پهرئين پد ۾ رکيو ويو آهي، باقي بندن ۾ هر ٻئي پد ۾ قافيو آيل آهي. هيءَ وائي سڄي خارجي منظر پيش ڪري ٿي، جڏهن ته مون کي هن وائيءَ جو ٻيو بند، باقي وائيءَ ۾ آيل موضوعن سان ميل کائيندڙ نه ٿو لڳي. سندس هيٺ ڏنل ٽه - پدي وائي پڙهي ڏسو.
ٿلهه: ٻڏيءَ کي تاريو، سڄڻ سنڀاريو،
ناوَ وڃي ٿي هٿ مان.

بند: 1. ويڻو جهليو وائڙا، ڪَهي ڪوڪاريو.
2. مانجهي وانجهي واڙيا، سڙهه کي سنواريو.
3. دامڻ ڇڪيو دادلا، همٿان هوڪاريو.
(هو جي ٻول ٻريا، ص: 45)

هن صرف وائيءَ جي صنف کي پنهنجو ڪيو آهي. ان گهاڙيٽي جي بدران ڪنهن حد تائين موضوع جي نواڻ ئي آندي آهي. هيءَ وائي سڄي خارجيت ۽ ملاحن جي ٻيڙيءَ بابت ڪي لفظ استعمال ڪري سگهيو آهي، باقي ٿلهه جي پهرئين ۽ ٻئي پد ۾ قافيو رکيو اٿس، جڏهن ته وراڻيءَ وارو پد بي قافيه آهي.
نصير مرزا، مرزا قليچ بيگ جي خاندان جو چشم چراغ، شاعر، اديب، ادب ۾ مضمون نگار، ڪمپيئر، ريڊيو پاڪستان سان ڊگهو عرصو واڳيل رهيو آهي. اسڪرپٽ لکڻ، اسڪرپٽ جاچڻ، ان کي پاڪستان جي ريڊيائي لهرن تي اُماڻڻ، نصير مرزا ۾ خوداعتمادي پيدا ڪري ڇڏي. خانداني اديبن جي ڏات ۽ ڏانءَ جو به هن تي گهرو اثر پيل آهي، کيس ڳالهائڻ ۾ پاڻ ڀرائي ۽ غضب جو يادگيرو حاصل آهي. ادب، اديبن ۽ ادب پارن جي ڄاڻ سان گڏوگڏ ياد داشت جي ميلاپ کيس نشانبر ڪري ڇڏيو آهي. اڄ ڪلهه ريڊيو اسٽيشن ڊائريڪٽر طور ذميواريون نباهي رهيو آهي.
رڳو اهو ئي نه پر هن شاعراڻي ادب ۾ به پاڻ موکي ڏيکاريو آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ ’خوشبوءِ جي سنگ سنگ‘ ۽ ’ٿي نه سگهيس شاعر‘ شامل آهن. هن شاعريءَ ۾ گهڻو تڻو نظم لکيو آهي، پر هن غزل، گيت ۽ ڪجهه وايون به لکيون آهن.
”شاعري لفظن جي نه پر خيالن جي منظوميت جو نالو آهي بلڪ منظوم خيال چوڻ وڌيڪ سولو ٿيندو، ڇاڪاڻ جو ان ۾ وزن / ڇند، ردم، معنيٰ، اثرانگيزي، سڀ اچي ٿو وڃي ۽ سڀ کان وڌيڪ ان منظوم خيال کي پني تي آڻڻ جو جواز به آهي. نصيراڻا نظم نصير جي اختراع آهي، هونءَ ته هن جو هر نظم نصيراڻو آهي.“(26)
هاڻ امداد حسينيءَ تي سندس نظم تي مهر هڻي ڇڏي آهي ته نصير مرزا جي نظم / شاعري نصيراڻي آهي، يعني اهڙي ٻيو ڪو ڪري نه ٿو سگهي. بهرحال نصير مرزا ’وائي‘ تمام گهٽ لکي آهي، الائي ڇو؟ جڏهن ته کيس راڳ ۽ راڳڻين جي ڪجهه ته ڄاڻ آهي، تنهن هوندي به وائي ۽ ڪافي هن جي ڍاڪ تي چڙهي نه سگهي، پوءِ به سندس هن ئي ڪتاب ۾ ڪُل ٽي وايون آيل آهن. سندس ٻه - پدي وائي پڙهي ڏسو:
ٿلهه: ڌرتيءَ جو ڀڳوان، الو ميان! آهي خود انسان.

بند: 1. وستيءَ وارؤ جاڳو جاڳو، آڌيءَ جو اپمان، الو ميان!
2. ڪارو اُڀ ۽ ريٽي ڌرتي، سوريءَ تي ٻلوان، الو ميان!
3. جو ڀي ڌرتيءَ نانءُ ڳنهي ٿو، تنهن لئه آ زندان، الو ميان!
(ٿي نه سگهيس شاعر، ص: 158)

هيءَ وائي ٿلهه کان وٺي ٽنهي بندن تائين ٻه - پدي، ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهي، جو ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ قافيو رکيو اٿس. اهڙي طرح هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو آهي. سڄي وائي خارجيت ۽ سياسي رنگ ۾ رتل آهي، پر کانئس شايد اها ڳالهه وسري وئي ته ’سوري‘ يا ’ڦاسي‘ چاڙهيل انسان يا سندس لفظن ۾ ’ٻلوان‘ جي جسم مان رت ڪيئن وهي ڌرتيءَ کي ريٽو ڪندي، جو اهو انسان ته ساهه جي رڳ بند ٿيڻ ۽ مغزي ڏور ڇڄي پوڻ ڪري پساهه پورا ڪندو آهي.
نصير مرزا هڪ ٽه - پدي ٿلهه واري وائي به لکي آهي، پر اهي ئي ٽي پد بندن ۾ آڻي نه سگهيو آهي، کيس بيساخته خيال جيئن آيو آهي، تيئن وائيءَ جي صنف ۾ سمايو اٿس، ڇوته هر خيال پاڻ سان گهاڙيٽو کنيو ايندو آهي. سندس هيٺ ڄاڻايل وائي ڏسو:
ٿلهه: ڪنڍيل ڪڪوريل اکڙين ۾، ڪجل جي ريکا پائي
گجرو ٿي ڳڀرو گهائي.

بند: 1. ڇوهه مان ڇالون ماري ڇوري، هانوَ هڙن جا هرکائي.
2. جوڀڻ جي جر ڦل سان جُوءِ، جهرمر سان جرڪائي.
3. وار گنڌي ويڙهو ئي ۾، گل گلاب جو اٽڪائي.
4. سر کنڊ مَکي لڱن کي، هر جا خوشبو ڦهلائي.
(ٿي نه سگهيس شاعر، ص: 156)

هيءَ وائي ٿلهه ۾ ٽه - پدي، ’دوهو ڇند‘ تي بيهاريل آهي. هن وائيءَ جي ٽئين پد جو قافيو به ٻئي پد سان هم قافيو رکيو اٿس، باقي هر بند اهوئي ٻه - پدو رکيو اٿس. ٿلهه جو ٽيون پد وراڻيءَ طور ڪتب آندو اٿس.
اياز گل، سنڌي شاعريءَ جي ميدان جو اهڙو سرڪش گهوڙو آهي، جنهن ڪيئي معرڪا ماڻيا آهن. سندس ڪتاب ’ميلي جي تنهائي‘ سال 2013ع جا ٻه ادبي انعام ماڻي چڪو آهي، هڪ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ۽ ٻيو پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد پاران. هُو پنهنجي ٽهيءَ جو نمائندو شاعر آهي ۽ کيس غزل چوڻ تي پوري گرفت آهي، پر هن غزل کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج ٻين شاعراڻين صنفن تي به لکيو آهي. سندس هن ئي ڪتاب ۾ غزل، وايون، نظم، ڪافي (صوفياڻو ڪلام)، بيت، گيت، چؤسٽا ۽ ترائيل آيل آهن.
”اياز گل انهن شاعرن ۾ سڀن کان اڳرو آهي، جن پنهنجي دؤر جي شاعري ڪئي آهي. اياز گل، نارائڻ شيام وانگر غزل سان لنءُ لڳائي آهي، ايئن چئجي ته اياز گل، نارائڻ شيام جو اُسريل ۽ اڳتي وڌيل روپ آهي ته غلط نه ٿيندو.“(27)
”اياز گل جي شاعري پنهنجي ڌرتيءَ جي پيدائش آهي، اها فارسي بحر وزن جي مشاقيءَ تي نه ٿي لڳي، ان کي هڪ انوکي خوشبو آهي جا نم جي ٻور ۾ ٿيندي آهي ۽ ان کي هڪ الڳ رنگ آهي جيڪو پيرن ۾ ٿيندو آهي. جيڪڏهن هن مشقِ قلم جاري رکي ته ڪنهن وقت هن جي شاعري فن جون اهي بلنديون ڇهندي جا ڳالهه تمام ٿورن شاعرن کي نصيب ٿيندي آهي.“(28)
مون جيڪا ڳالهه اڳ لکي هئي، ان جي تصديق پڻ ٿي چڪي، پر اسان جو موضوع تي ’وائي‘ آهي. هن ڪتاب ۾ اياز گل جون ڪُل ايڪويهه وايون شامل آهن. انهن جو گهاڙيٽو اهوئي روايتي شروعاتي اساسي وائيءَ وارو آهي، يعني سندس سڀ وايون ٿلهه کان وٺي بندن تائين ٻه پدايون آهن يا ڪن واين جي ٿلهه ۾ ٽي پد باقي بندن ۾ اهي ئي ٻه پد رکيا يا لکيا اٿس. سندس هيءَ ٻه پدائين وائي ڏسو:
ٿلهه: راڻا اچي رس، وهي وهامي راتڙي.

بند: 1. روئي روز نهاريا، هر هر تنهنجو گس.
2. ڪر سڀ معاف مدايون، کاءُ کڻي ڪو ڪس.
3. ڪؤڙي لڳي ڪاڪ ٿي، ناهي ڪوئي چس.
(ميلي جي تنهائي، ص: 176)
هيءَ وائي ٿلهه کان وٺي ٽنهي پدن تائين ٻه پدائين آهي ۽ ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهي. ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو ۽ بندن جي هر ٻئي پد ۾ قافيو آيل اٿس. مومل راڻي جي داستان سان لاڳاپو رکيل اٿس، باقي عام روايتي وائي آهي. سندس ٽه - پدي وائي ٿلهه جي لحاظ سان ڏسو ڪيئن آهي.
ٿلهه: ڪهڙي ماٺ منجهان، ڪهڙي واٽ وڃان؟
۽ مان سوچيندو رهيس.

بند: 1. ڪهڙي در کان ڌار ٿيان، ڪاٿي پير رکان؟
2. تو ڏٺو تنهن درد کي، ڪهڙو نانءُ ڏيان؟
3. ڇا چاهي ٿي زندگي، آخر ماڻهوءَ کان؟
4. ڇا مان سوچڻ بند ڪيان، هاڻي لڙڪ اگهان؟
(ص: 156)

هن وائيءَ ۾ اياز گل ٿلهه ته ٽه - پدائون رکيو آهي، جنهن ۾ به قافيو پهرئين ۽ ٻئي پد ۾ رکيو اٿس ۽ ٽيون پد بي قافيه وراڻيءَ طور رکيو اٿس. سڀني بندن جي ٻئي پد ۾ قافيا سواليه جوڙيا اٿس. هن ڪتاب ۾ سندس سڀ وايون انهن ئي گهاڙيٽن کان اڳتي نڪري نه سگهيون آهن.
مير عبدالرسول مير نواب شاهه ڪاليج ۾ ليڪچرار آهي. استاد ٿيڻ ۽ ذهني طور ٿرٿانءِ ٿيڻ کان پوءِ شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين. هن پختو ارادو ڪيو هئائين ته،
”جيسيتائين پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لائق نه ٿو ٿيان، تيسيتائين شاعري نه ڪندم يا ايئن چئجي ته مون ڄاڻي واڻي شاعريءَ سان بي وفائي ڪرڻ شروع ڪئي. شاعري جڏهن سورنهن سينگار ڪري جهڙڦڙ جي مند ۾ مينهن جي وجود سان چنبڙي مون ۾ سمائجڻ جي ڪندي هئي ته بجاءِ کيس کلي کيڪارڻ جي مان کيس نراس ڪري ڇڏيندو هوس.“(29)
پوءِ جڏهن هن شاعريءَ جي اجهاڳ سمنڊ ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن جو قلم ڪيترين ئي شاعراڻين صنفن تي هلڻ لڳو ته هن بيت، وايون، غزل، قافيون، گيت، نظم، ٽه - سٽا لکي، ڪتاب صورت ۾ سنڌي پڙهندڙن کي پيش ڪيا.
”مير عبدالرسول مير وائي به لکي آهي. هن جي وائيءَ ۾ جيڪا دين آهي، سنڌي شاعريءَ کي، انهيءَ تي گهڻو ڪجهه لکي ٿو سگهجي. مثال وائيءَ ۾ هن جيڪي تجربا ڪيا آهن. هن عروض تي به وايون لکيون آهن.“(30)
”سندس واين ۾ به سنڌ جي موجوده سماجي شعور جي ڀرپور جهلڪ ملي ٿي. سنڌي قوم کي اسان جي شاعر ۾ وڏيون اميدون آهن ۽ پڪ سان سندس ڏات ڏاهپ جي ڏياٽي هن اونداهي سماج کي روشني ڏيندي.“(31)
مير عبدالرسول جي هيءَ ٻه - پدي وائي ڏسو:
ٿلهه: مارون سڀ مُهان، ڪوبه نه ميرو مَن جو.

بند: 1. ايندو ايندو او ميان! اتم ڪو انسان.
2. ايندو ايندو اوچتو، تڪڙو ڪو طوفان.
3. ڪيرائيندو ڪوٽ کي، آزاديءَ-اعلان.
4. اوچو آهي اڀ کان، مٽيءَ سندو مان.
5. آهي اسان جو عمر، آزادي-عنوان.
(سونهن ورونهن، ص: 85)

هيءَ وائي ’سورٺ ڇند‘ تي آڌاريل آهي. هن وائيءَ جي پهرئين پد ۾ قافيو رکيو ويو آهي ۽ هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو آندل آهي. مير عبدالرسول هن وائيءَ ۾ خارجي خيالن کي سمايو آهي. سندس هڪ ٽه - پدي وائي هن ريت آهي. هن وائيءَ ۾ هڪ نئون تجربو ڪيو ويو آهي، جو اوهان جي پڙهڻ ۽ پرجهڻ لاءِ پيش ٿو ڪجي.
ٿلهه: ڏوري ڏوري ڏيهه، پنهنجي پکيڙي پيهه.

بند: 1. بيوس آهين، باندي آهين، موڳي آهين، ماندي آهين،
پرجهي ڇڏ پرڏيهه، لاڳاپا لڙ لاهيون.
2. ڏيهه پرائو ڏنجهه ڏهاڙي، جنهن جي ڪائي اڳ نه پڇاڙي،
واڳ ورائي ويهه، ڪوهه ڪجن ڪوتاهيون.
3. ساهه پساهه کان پيارو آهي، سڀنيءَ جو ئي سهارو آهي،
سارو ئي ساڻيهه، وندر ۽ ويساهيون.
4. پرت پکن جي پاري ڏسجي، گهرجائن سان گهاري ڏسجي،
ڇڪ جنين وٽ ڇيهه، ’مير‘ انهن سين آهيون.
(سونهن ورونهن، ص: 88)

هن وائيءَ جو ٿلهه ٻه - پدو ۽ ٻنهي پدن ۾ قافيو رکيل، پر هن وائيءَ جي هر بند ۾ چار چار پد آهن، جن ۾ پهريون ۽ ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيه ۽ ٽيون پد ٿلهه جي ٻنهي پدن سان هم قافيه آهي، پر چوٿون پد بنهه الڳ ۽ ان جو قافيو وري هر بند جي چوٿين پد سان هم قافيه آهي. منهنجي خيال کان ته اها وائيءَ جي صنف ۾ شمارڻ نه گهرجي، اها ڪافي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪافيءَ ۾ هر مصرع ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ تڪون يا چار ۽ چئن کان وڌيڪ پد ٿيندا آهن، پر شاعر هن کي وائي ٿو چوي. هن وائيءَ جو گهاڙيٽو شعوري طور ايئن رکيو ويو آهي. مٿي ڄاڻايل مڙني شاعرن وٽ اهڙي گھاڙيٽي واري وائي آهي ئي ڪانه.
نصير سومرو سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ۽ مضمون نگار آهي. بنيادي طور هُو سائنس جو شاگرد، صحيح معنيٰ ۾ ڌاتو ڳارڻ Metallurgy جو انجينيئر آهي ۽ پاڪستان اسٽيل مل ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. هن جو خانداني پسمنظر، ادب، خاص ڪري مذهبي ادب ۽ عربيءَ جا ڄاڻو هئا، تنهن هوندي به ”نصير واقعي شاعر آهي. هن جي شاعري ٺلهي لفظن يا هنر Craft نه پر آئيڊياز جي فني شاعري Art آهي. هُو رڳو هڪ صنف سان مخصوص نه پر اٽڪل سمورين شاعراڻين صنفن وائي، غزل، چؤسٽا ۽ هائيڪو وغيره لکيا اٿس ۽ پاڻ ملهايو اٿس، جنهن مان هن جي مهارت ۽ تنوع جو ثبوت ملي ٿو. ان کان سواءِ هُو عربي عروض ۽ سنڌي ڇندوديا جو ماهر آهي. ارڪان ۽ ماترائن ۾ هن پنهنجي انجينيئري صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي.“(32)
نصير سومرو جن صنفن تي پنهنجي قلم مان ڪارج حاصل ڪيو آهي، انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جهوني ۽ مقبول عام، ڳائي وڄائي ويندڙ صنف ’وائي‘ به آهي. اسان جي سامهون نصير سومرو جون جوڙيل سورنهن وايون آهن. هن ٿوري شاعريءَ ۾ سماجي ڪارج جون ڪجهه خوبيون يا قدر ضرور آهن. اهڙن قدرن واري شاعريءَ کي اجتماعي قدرن واري شاعري چيو وڃي ٿو.“(33)
نصير سومري جي ازحد ڪوشش سنڌيءَ جا چيدا لفظ استعمال ڪرڻ آهي. سندس واين تي تاجل بيوس جي راءِ ڪجهه ته وزن رکي ٿي. سندس وايون ٻه - پديون آهن، جن جو مثال هن ريت آهي:
ٿلهه: اوجهل ڇو انسان کان، پاڇولا پولار ۾.

بند: 1. دل ۾ دک دليل جا، اڳتي ڇا امڪان کان.
2. آڌي ڀت ڀوائتي، ڌرتيءَ جي دهمان کان.
3. شوق بڻائي ڇيڪ ڇڏيو، ٻانهپ جي ٻلدان کان.

هيءَ وائي ’سورٺي ڇند‘ تي چيل آهي، پر ان سان قافيي سان گڏ رديف به رکيل آهي. ٿلهه جو ٻيو پد بلڪل جدارو ۽ وراڻيءَ طور بندن سان ميل نه ٿو کائي. هن وائيءَ ۾ ڪجهه فلاسافي آهي، وائي چس رس کان عاري آهي.
نصير سومري جي انهن سورنهن واين مان هڪڙي وائي اهڙي آهي، جا وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ عجيب قسم جو تجربو ڪيل آهي. اهڙو گهاڙيٽو هِن اُن هڪڙي ئي وائيءَ تائين محدود رکيو آهي ۽ ان کي اڳتي نه وڌايو اٿس. ان جا ڪي سبب ضرور هوندا. اسان اوهان جي پڙهڻ ۽ چس رس جي لاءِ پيش ٿا ڪريون. هن وائيءَ تي ڪافيءَ جو گمان پختو ٿو ٿئي.
ٿلهه: چنڊ ڪر ڪا خبر، ڇا ڏٺئه ڇا ٻڌءِ،
رات جي رڃ اندر.

بند: 1. چئه پيا کي وڃي، ننڊ تولئه ڦٽي.
هڪ گهٽي ٻي گهٽي، دربدر دربدر.
2. هي به چئجانس ڙي، ننڊ کڙڪيءَ منجهان،
پائي جهاتيون ڏسان، من اچين ڪٿ نظر.
3. ماٺ ئي ماٺ ۾، منزلون طئه ڪيون،
ڪئين ڳالهيون ٿيون، مشڪ جان مشتهر.
4. وٽ بتيءَ جي جهڪي، پئي اجهامي ٻري،
دل ٻڏي ۽ تري، آهه پويون پهر.
5. ريت چمڪي نصير، آسمان تان لهي،
ڄڻڪ آيا ڪهي، ڪهڪشان زيپر.
(جل تي ڪنول جيئن)

نصير سومري جي هن وائيءَ جي، منهنجي خيال ۾ ڪافيءَ سان ويجهڙائپ ٿئي ٿي. وائيءَ جو ٿلهه ٽه - پدائون، جنهن ۾ پهريون ۽ ٽيون پد هم قافيه رکيو اٿس، پر هن وائيءَ جو هر بند چئه - پدو آهي، جنهن ۾ وري بند جو هر ٻيو ۽ ٽيون پد هم قافيه آهي ۽ بند جو چوٿون پد ٿلهه جي پهرئين ۽ ٽئين پد سان هم قافيه بيهاريو اٿس. هن يار پاڻ به اها هڪڙي ئي وائي لکي سگهيو آهي. هونءَ شيخ اياز جو چوڻ آهي ته شاعر گهاڙيٽا ٺاهيندا آهن، گهاڙيٽا شاعر نه ٺاهيندا آهن.
اياز جاني سنڌي ٻوليءَ جي موجوده ٽهيءَ جو رڄ شاعر آهي. ڪن سببن جي ڪري سندس شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي نه سگهيو آهي، پر سندس شاعري ڪافي ننڍي وهيءَ کان وٺي، ٻارن لاءِ ڇپيل رسالن ۾ به ڇپبي رهي آهي. هن جي اهميت اِها آهي ته علم عروض تي چڱي هٿ پهچ رکي ٿو، جيڪا سندس ٽهيءَ جي گهٽ شاعرن کي ڄاڻ آهي، تنهن ڪري سندس غزل عروض تي چيل آهن، جن جو ڇيد ته تڏهن ئي ٿي سگهندو، جڏهن سندس ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن ۾ ۽ مطالعي ۾ اچي.
اياز جاني غزل کان سواءِ وايون به عروض جي آڌار تي لکيون آهن، پر هن وائي اهائي روايتي يعني ٻه - پدي ئي لکي آهي، ان ۾ گهاڙيٽي جي ڪابه نواڻ سواءِ عروض جي ڪانه آڻي سگهيو آهي.
شيخ اياز نوجوان شاعرن جي شاعريءَ جي سهيڙ ۾ نون شاعريءَ تي لکندي، اياز جانيءَ بابت هيئن ٿو لکي، ”آخر ۾ اياز جانيءَ جي غزلن ۽ واين تي اچان ٿو. اياز جانيءَ مون وانگر سنڌيءَ جا مشدد لفظ بحر وزن ۾ مشدد ئي ڪري ڪم آڻي ٿو، جي مون اڳ ورلي ڪم آندا ويندا هئا. اياز جانيءَ جي واين ۾ ڪجهه سٺا تصور (Images) آهن.“(34)
اياز جانيءَ جي وائيءَ جو گهاڙيٽو ڏسو، سندس هڪ ٻه - پدي وائي هيئن آهي:
ٿلهه: صحرا صحرا نيڻ، آءٌ مسافر آهيان.

بند: 1. منهنجي مايا اڃّ آ، سپنا سپنا نيڻ.
2. رات به مون سان چنڊ هو، تارا تارا نيڻ.
3. آءٌ ڏسان ٿو خواب ۾، دريا دريا نيڻ.

هيءَ ٻه پدي ٿلهه سان گڏ ٽن بندن واري وائي جوڙي اٿس. هيءَ وائي ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهي ۽ هن وائيءَ جي ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو رکيو اٿس. اياز جانيءَ جي واين ۾ ٿوريون وايون صرف ٿلهه ۾ ٽه - پديون آهن ۽ باقي بند اهي ئي ٻه - پدا ۽ ٿلهه ۾ آندل ٽيون پد وراڻيءَ طور ڪتب آندو اٿس. ڏسو ڪيئن آهي هيءَ ٽه - پدي ٿلهه واري وائي. شيخ اياز لکندي حوالي طور آندي آهي، جا پڙهندڙن کي پيش ڪجي ٿي.
ٿلهه: ڪير چوي ٿو سج اڀري ٿو، ٽانڊاڻو ٿئي ڪو،
ٽڙندي جاڳرتا.

بند: 1. هٿ ڪڙين کي چمندي اڀ ۾، پکين کي ڏسجو.
2. گڏجي ٽهڪ پکيڙيو، جڙندو، خوشبو جو رستو.
3. آهي جي اونداهيءَ ۾،جيئڻ جو جذبو.

هن وائيءَ ۾ اياز جانيءَ صرف ٿلهه ٽه - پدائون رکيو آهي، باقي بند ٻه - پداوان رکيا اٿس. اها وائي روايت ۽ بناوت جو سهڻو ڳانڍاپو، اندر ۾ سمائي ٿي. ايئن ٿلهه جو پهريون ۽ ٻيو پد هم قافيه به آهن ۽ ٿلهه جو ٽيون پد وراڻيءَ طور ڪتب آندو اٿس. اياز جانيءَ جي وائيءَ کي پڙهي ايئن ٿو لڳي ته شعوري طور تي ايئن لکيون ويون آهن، انهن ۾ بيساختگي ناهي.
سعيد ميمڻ هن دؤر جي شاعرن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. هن پنهنجي ٽهيءَ ۾ڪافي حد تائين نين راهن تي رمڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سعيد ميمڻ جا ڪجهه شاعريءَ جا ڪتاب ڇپيل آهن. سندس غزل، وائي، گيت، چؤسٽا پنج ڪڙا، نظم ۽ آزاد نظم پڻ ڪتابن ۾ آيل آهن. سندس وايون گهڻو تڻو ٻه - پدي ٿلهه ۽ بندن کان سواءِ، ٽه - پدي ٿلهه ۽ ٻه - پدي بندن تي لکيل آهن.
شيخ اياز سندس وائيءَ بابت لکيو آهي ته:
”مون کي هن جي ٽيڪنيڪ ۾ ڪافي پختگي نظر اچي ٿي. دراصل شاعري سڄي زندگيءَ جو رياض آهي.“(35)
سعيد ميمڻ جي وائيءَ جي باري ۾ منير چانڊيو هو هيئن چوڻ آهي، ”هُو موجوده دؤر جي اهم شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس وايون به پنهنجي تخليقي سونهن ۾ وڏيون حسناڪ آهن، جن ۾ اعليٰ انسان دوست آدرشي مقصديت سمايل آهي. سعيد ميمڻ جي وائي ڪنهن به اداس ۽ مايوس ماڻهوءَ کي زندگيءَ ڏانهن موٽائي، فطرت ۽ سماج سان تعلق ڳنڍڻ لاءِ اتساهي ٿي.“(36)
سعيد ميمڻ جي وائيءَ بابت ٻن راين مان ايئن ٿو لڳي ته سعيد ميمڻ جي وائي، رس چس سان گڏ جذبن ۾ اڀار آڻي ٿي. ڏسون ته ڪيئن آهي.
ٿلهه: ڪو ڏسڻ وارو هجي، زندگي رنگين آ.

بند: 1. اڀ جي نيراڻ ۾، ٿو اچي بادل گهمي.
2. گل جا ڳاڙها ڳٽا، ٿو ڦڪو پوپٽ چمي.
3. سائي ٽاري نم جي، ڪانگ ٿو جنهن تي لنوي.
4. سعيد ڏس کولي اکيون، هر نظارو ٿو ڏسي.

هيءَ وائي ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل، ٿلهه کان بندن تائين ٻه - پدائين آهي. قافيو ٿلهه جي پهرئين پد ۾ آندو اٿس، باقي بندن جي هر ٻئي پد کي هم قافيه بڻايو اٿس. سعيد ميمڻ جي واين مان سندس هڪ ٽه - پدائين ٿلهه واري وائي جو ڪن - رس حاصل ڪريو.
ٿلهه: ڍوليا کائجي ڪس، راڻا ايئن نه رس،
موٽي آ تون مينڌرا.

بند: 1. مون تي سانوڻ مينهن جا، آڌيءَ ويلي وس.
2. توريءَ جوڀن جو جلي، پاڻ اچي تون پس.
3. گل ٽڙيا هن ڪاڪ ۾، رُت نه ڏئي ٿي رس.
4. چوڏهينءَ چانگي تي چڙهي، ساڳيو وٺي گس.
(اسان جو عشق اڻپورو، ص: 60)

هونءَ ته هيءَ وائي ٿلهه جي لحاظ کان ٽه - پدي ۽ باقي هر بند ۾ ٻه پد رکيا اٿس. وائي ’دوهو ڇند‘ تي ٻڌل آهي، پر ’سورٺي ڇند‘ ۾ شماري ٿي سگهجي، ڇو جو ٿلهه جي پهرئين ۽ ٻئي پد کي هم قافيه ئي رکيو اٿس ۽ ٿلهه جو ٽيون پد وراڻيءَ طور ڪتب آندو اٿس ۽ ان وراڻيءَ جو نباهه به جوڳو ۽ وڻندڙ ڪيو اٿس.
وسيم سومرو موجوده ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن مان هڪ آهي. هن شاعريءَ جي ميدان ۾ غزل، گيت، نظم، وائي، بيت ۽ اڪيچار صنفن جا گل ٻوٽا پوکي شاعراڻي ميدان کي سونهن ۽ سڳنڌ بخشي آهي. هيل تائين هن جي شاعريءَ جا ٽي چار ڪتاب ڇپجي پاڻ موکائي چڪا آهن.
”وسيم سومري کي غزل تي به مهارت آهي، پر ٻين شاعرن وانگر تمام ٿورا وزن ٿو ڪم آڻي. هيٺين ’وائي جا فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن‘ جي وزن تي آهي، ڪيڏي نه سريلي آهي، ڪيتري نه اداس ۽ اٻاڻڪي آهي، ڪيڏو نه اٿاهه پيڙاهه آهي ان ۾.“(37)
وسيم سومري جيڪا وائي لکي آهي، اها ٿلهه ۾ ٻه - پدائين آهي ۽ ڪجهه ٽه - پدي ٿلهه واري وائي به آهي، پر هن بندن کي ٽن پدن تائين وائي نه لکي آهي يا مون کي هٿ نه آئي آهي. سندس هڪ وائي جا ٿلهه کان ٻه - پدي آهي، جيڪا شيخ اياز حوالي طور ڪتب آندي آهي، اها پڙهندڙن لاءِ پيش ڪرڻ ٿو گهران.
ٿلهه: ڪيڏا نه پوپٽ پئي ڦريا، سورج مکيءَ جي کيت ۾.

بند: 1. جيئن سج اڀريو ننڊ مان، تيئن نيڻ مهٽي گل ٽڙيا.
2. سانوڻ تي پيلاڻ جا، رنگ تارن جيان کڙيا.
3. سورج مکي سڀ شام جو، ڄڻ ڪنهن نشي ۾ ٿي ٽڙيا.
4. ويري ويري سرهاڻ جا، اي ديس آهن آڪڙيا.
(ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، ص: 143 ۽ 144)

هونءَ ڏسڻ ۾ هيءَ وائي ’سورٺي ڇند‘ تي ئي لهي ٿي، جنهن جي پهرئين پد ۾ قافيو رکيو اٿس ۽ ٻيو پد وراڻيءَ طور ڪتب آندو اٿس. هر بند جي ٻئي پد کي ٿلهه جي پهرئين پد سان هم قافيه رکيو اٿس.
وسيم سومري جي هڪڙي وائي جيڪا ٿلهه جي لحاظ کان ٽه - پدي آهي، باقي بندن جي لحاظ کان، انهن ۾ اهي ئي ٻه - پد رکيا اٿس. ان وائيءَ جي پڙهڻ مان اوهان به مزو ماڻي ڏسو.
ٿلهه: هُو اڪن ۾ ڦٽيون، واڱڻائي ڦليون،
مون کي رت راس نه آئي آهي اڃان.

بند: 1. ماڪ مکڙيون چميون، ۽ کٿوريون کليون.
2. سرمي سپني بنا، هي اکيون کوليون.
3. چين ڪٿ ڪونه هو، سڀ مون راهون رليون.
(ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، ص: 143)

وسيم سومري جي هيءَ وائي به عروض تي آڌاريل آهي، پر بندن جو بحر وزن ساڳيو نه رکي سگهيو آهي. هونءَ هيءَ وائي ’دوهو ڇند‘ تي لکيل آهي. هن وائيءَ جي ٻئي پد ۾ قافيو آندو اٿس، پر ٿلهه جو ٽيون پد انتهائي ڊگهو ڪري ويو آهي. ٿلهه جي پهرئين ۽ ٻئي پد جي وزن کان چڙهيل آهي، اهوئي پد وراڻيءَ طور رکيل آهي.
اسان جنهن دؤر مان گذرون پيا، يعني بنهه نئين ٽهي، انهن ۾ بخشل باغي به شمار ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’آرسيءَ جا خواب‘ اسان جي هٿن ۾ آهي. سندس هن ڪتاب ۾ غزل، وائي، بيت. هائيڪو ۽ نظم شامل آهن. بخشل باغي هونءَ ته ٻين شاعراڻين صنفن تي چڱي هٿ پهچ رکي ٿو.
”سندس شاعري تخليقي جوهر سان مالامال ۽ نِت نين ترڪيبن سان ڀرپور زندهه رهڻ واري شاعري آهي. بنا شڪ جي هي نوجوان شاعر ئي اهڙي زندگي ۽ پيار سان ڀرپور شاعري ڪري سگهي ٿو.“(38)
بخشل باغيءَ جي هن ئي ڪتاب ۾ کوڙ ساريون وايون آهن، پر سڀني جو هڪڙو ئي گهاڙيٽو آهي. هن وائيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي نواڻ آڻڻ ضروري نه ڄاتي آهي، تنهن ڪري سندس هڪڙي وائي حوالي طور هتي پيش ڪجي ٿي.
ٿلهه: ڪيئي سج لٿا، مند نه موٽي روح جي.

بند: 1. دل ويراڳي ٿي وئي، ڀٽڪي بن سدا.
2. پنن ڇڻي ڀونءِ کي، ڏسي درد ڪٿا.
3. پنڌ نه کٽو پئي ڦٽا، رستن مان رستا.
4. اڏائي ٻئي پار ٿي، هوا روز پتا.
5. سانوڻ صوفي سانورو، گيڙو گيت گهٽا.

بخشل باغيءَ جي حوالي طور ڏنل هيءَ وائي ’سورٺو ڇند‘ تي آڌاريل آهي، ٿلهه ٻه - پدائون اٿس، باقي بندن جي هر ٻئي پد ۾ قافيو آندو اٿس. ٿلهه جو ٻيو پد وراڻيءَ طور ايندو رهيو آهي. هن وائيءَ ۾ داخليت به خارجيت سان گڏ آندي اٿس.
هن شاعراڻي صنف ۾ ستار پيرزادي، يعني مون به ڪي رنڍا روڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي شاعراڻين صنفن ۾ بيت، دوها، سورٺا، وائي، گيت، غزل، هائيڪا، چؤسٽا، ترائيل، نظم، آزاد نظم ۽ ٿورا پنج ڪڙا به شامل آهن. هونءَ ته مون کي پنهنجو حوالو نه ڏيڻ گهربو هو، پر جيئن ته مون وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ ڪجهه اهڙا گهاڙيٽا به لکيا آهن، جيڪي شاهه لطيف کان پوءِ، سچل سرمست کان وٺي، ويندي شيخ اياز ۽ هن باب ۾ مون اڳ آخري شاعر بخشل باغيءَ به نه ڪيا ۽ نه لکيا آهن. شاهه لطيف جي واين ۾ هڪڙي وائي ٿلهه ۾ ٻه - پدي ۽ بندن ۾ ٽه - پدي آهي، جا شاهه لطيف به هڪڙي لکي آهي. گهاڙيٽي تي هيءَ وائي ڏسو ڪيئن ٿي ڀاسي.
ٿلهه: روح کي ريجهاءِ، ڪر ڪا ڳالهه ڳهير،
بند: 1. آهه اڪنڍو جيئڙو، ساجن کي سرچاءِ،
ڪر ڪو ساهه سڌير.
2. تو بن ناهه قراريو، پرين اچي پرچاءِ،
ملج مون سان مير.
3. ڳالهيون ڳل ڳراٽيون، ويجهو ويهي پاءِ،
هيڄ هلي مان هير.
4. ساهه جي توڏي تاڻ، آءُ اچي ڳل لاءِ،
پکڙي پائج پير.

هونءَ هيءَ وائي ٿلهه ۾ ٻه - پدي ۽ ان جا چار ئي بند ٻه - پدا بيهاريل آهن. هيءَ وائي ’دوهو - سورٺو ڇند‘ جي ميل سان جڙيل آهي. ٿلهه جي پهرئين پد ۾ قافيو ’ريجهاءِ‘ ۽ ٻئي پد ۾ ’ڳهير‘ رکيل آهي. هر بند جي ٻئي پد کي ٿلهه جي پهرئين پد سان هم - قافيه ۽ ٿلهه جي ٻئي پد سان هر بند جي ٽئين پد سان هم قافيه رکيو ويو آهي. شاهه لطيف جي ان گهاڙيٽي جو مثال مٿي ڏنو ويو آهي.
ستار پيرزادي جي هيءَ وائي جيڪا ٿلهه ۽ بندن ۾ ٽه - پدي آهي، اهو به گهاڙيٽي ۾ تجربو آهي. اوهين به ڏسو، پڙهو ۽ پرجهيو، تنقيد جي گنجائش ته جتي ڪٿي ۽ تنقيد کان مبرا ته ڪير به نه آهي.
ٿلهه: ڪيڏو پنڌ پري، ننڊون ڪانه ڪري،
ڏوري ڏسي عجيب کي.
بند: 1. ڏونگر ڏڪائي هينئون، سڪ ڪين سري،
چوان ڇا نصيب کي.
2. ساهه اڪير پنهل جي، ٿو جبل تيئن ٻري،
چونديس هلي حبيب کي،
3. ڏونگر کي ڏوراپو، پٿون پير ڪري،
ڏينديس حال حبيب کي.

هيءَ وائي ٿلهه کان وٺي ٽنهي بندن ۾ ٽه - پدي آهي. ٿلهه جو پهريون ۽ ٻيو پد هم قافيه آهي ۽ ٿلهه جو ٽيون پد قافيي سان رديف به رکيو ويو آهي. بندن جي به هر ٽئين پد ۾ قافيو ۽ رديف ٻئي جوڙيا ويا آهن.
وري هڪڙي هن وائيءَ جو گهاڙيٽو به ڏسو، جنهن جي ٿلهه ۾ ٻه پد آهن ۽ هر بندن ۾ ٽي پد آهن.
ٿلهه: توتي اک پئي، چمڪو ٿيو، کنوڻ کجي.
بند: 1. پير گهڪو بي خبر، پويان ڌوڙ رئي،
ڏسندي ٿي لڄي.
2. واڇ گودو ٿي وئي، ڳهليءَ ڳالهه ڪئي،
پيا هڙئي هانءَ هڄي.
3. هل سارو حُسن جو، ڳوٺ ڳليءَ مان وئي،
پيارل پيس پڄي.
4. لوڏ لمڪا ڪو ڏسي، هلندي هاءِ هئي،
سرتيءَ سونهن سڄي.
5. ڪيڏي تهمت مڙهيئي، ڳالهه مون خيري چئي،
پاڻ ئي وئين ڊڄي.
6. گهور وجهي گهائي گهٽي، سنڌ جي مون ڳالهه ڪئي،
ڀولو پيو ڀڄي.

هن وائيءَ جو گهاڙيٽو به ’دوهو - سورٺو ميل‘ آهي، ٿلهه کان سواءِ سڀ بند ٽه - پدا آهن. هر بند جو ٻيو پد، ٿلهه جي پهرئين پد سان هم قافيه ۽ هر بند جو ٽيون پد ٿلهه جي ٻئي پد سان هم قافيه آهي. وائي مسلسل آهي.
هاڻ هڪڙي آخري وائيءَ جو مثال ڏيڻ پسند ڪنداسين، اهو ڏسو ته ڪيئن آهي.
ٿلهه: تون ترت تياري ڪر، ڀينڊيون ئي تر،
آهه بکايل واٽهڙو.
بند: 1. آهه پگهر ۾ شَلُّ سڄو، لسيءَ وٽڙو ڀر،
آهه اڃايل واٽهڙو.
2. ڏاڍو ڏهڪايل لڳي، اکيون هن جون تر،
ڏيل ڏنجهايل واٽهڙو.
3. ڏِک ڏئي ٿو اهڙي، گهر کان آ بي گهر،
اکيون اجهاڻل واٽهڙو.
4. جسم نٻل هڏن مُٺڙي، اکيون ڏرا ۽ تر،
سڪ سڪايل واٽهڙو.
5. بت ڀڀوتي، وارن چيڙهه، موٽيو ووڙي بر،
جهنگ جهاڳيل واٽهڙو.
6. خيال ٽڪاءُ نه هن کي، ٻولي پيو ٻر ٻر،
گهورن گهايل واٽهڙو.

هيءَ وائي سڄي ته ٽه - پدي آهي. انسان جي حال زار کي اظهاري رهي آهي. هن وائيءَ جي ٿلهه ۽ بندن ۾ آيل ٽئين پد ۾ قافيو ۽ رديف رکيل آهي. هر بند جو ٻيو پد، ٿلهه جي پهرئين ۽ ٻئي پد سان هم قافيه آهي.
هن دؤر ۾ اهڙي گهاڙيٽي ۾ لکيل وائيون نوجوان شاعرن ۾ ورلي ملنديون. اهڙي قسم جون وايون هنڌ - سنڌ جي گهٽ ۾ گهٽ شاعرن لکيون آهن. هتي ڏيڻ جو مقصد اهڙن گهاڙيٽن کي نوجوان شاعرن ۾ متعارف ڪرڻ جو آهي.

نتيجو

سنڌ ۽ هند ۾ وائي لکندڙ شاعرن جا مثال ڏئي اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته، اها سنڌي ٻوليءَ جي نج صنف جنهن جي شروعات تاريخي لحاظ سان راجستان جي ڪوين وٽ به ملي ٿي، جن ۾ فقط ميران ٻائي ۽ دادو ديال جا مثال مون کي ملي سگهيا ۽ پوري وثوق سان چئي نه ٿو سگهان ته راجستان ۾ ڳالهائجندڙن مان گجراتي، مارواڙي ۽ انهن کان سواءِ به ٻين ٻولين جي شاعرن، وائيءَ جي صنف تي لکيو آهي يا نه؟ ڇاڪاڻ ته هڪ ته مان اهي ٻوليون ڄاڻان نه ٿو، ٻيو ته اتان جي اديبن ۽ شاعرن جون لکڻيون اسان تائين پهچن نه ٿيون، ٽيون جيڪڏهن اتان جا ڪتاب اسان وٽ اچن به کڻي ته به لپيءَ جو مسئلو اسان جي آڏو ديوار بڻجي بيهي ٿو وڃي. اهو ڪم حقيقت ۾ هند ۾ رهندڙ اديب، جيڪي ديوناگري ۽ گرمکي لپي ۽ هيءَ سنڌ ۾ لکجندڙ عربي رسم الخط واري سنڌي به لکي پڙهي سگهن ٿا ۽ جيئن جو تيئن سمجهي به سگهن ٿا، باقي سنڌ ۾ ته شاهه عنات رضويءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌي شاعريءَ جي اها خوبصورت صنف نوجوان شاعر به لکندا اچن ٿا.
هن باب ۾ نئين نسل جي چند نمائيندن شاعرن کي ئي ڳڻايو ويو آهي ۽ انهن جي شاعريءَ مان وائيءَ جا فقط ٻه يا ٽي مثال ئي حوالي طور ڏنا ويا آهن، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهي هن باب ۾ ڄاڻايل شاعر، وائيءَ جي صنف لکندڙ شاعرن جو هڪ سيڪڙو به ناهن.
2013ع ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي سهيڙ ۽ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ پاران ڇپرايل ڪتاب ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ ۾ ئي 845 شاعر ۽ سندن شاعري گڏ ڪيل هئي، پر اهو ڪتاب سنڌ ۾ موجود ڪو حصو ئي ڳڻائي سگهيو هو، جنهن ۾ شاعرن جون وايون به آيل آهن.
چوڻ جو مقصد آهي، ڪيترن شاعرن جا ڪتاب ڇپيل آهن ۽ انهن کان گهٽ ۾ گهٽ ڏهوڻا شاعر اهڙا آهن، جن جا ڪتاب ڇپجي نه سگهيا آهن.
اپريل 2014ع ۾ ماهوار ناٽڪ، ڪراچي، رحمت پيرزادي جي ادارت ۾ ’وائيءَ جي صنف بابت خاص ڪارنر‘ ڏني هئي، جنهن ۾ شيخ اياز کان شروعات ڪيل آهي ۽ شاهد حميد تائين 57 شاعرن جون وايون ڇپيون ويون آهن، پر انهن مڙني واين ۾ ڪنهن جو ڪوبه تجربو ٿيل ڪونهي، سواءِ ڪن چند شاعرن جي جن صرف ٽه - پدائون ٿلهه ۽ باقي بند ۾ ٻه - پدا ئيون وائيون لکيون آهن.
حاصل مطلب هي وڃي بيهي ٿو، ته شاهه لطيف جيڪي وائيءَ جا گهاڙيٽا گهڙيا ۽ سندس رسالي ۾ موجود آهن، اڄ ڏينهن تائين ان مان اسان جا نوجوان شاعر به ٻاهر نڪري نه سگهيا آهن، سواءِ چند شاعرن جي جن ڪو اٺو ڏائو وائيءَ جي صنف ۾ تجربو ڪيو آهي.
اسان ڪوشش ڪئي آهي ته شاهه عنات رضويءَ کان وٺي موجوده دؤر تائين، هر شاعر وائيءَ جي صنف تي لکي ضرور ٿو، پر اها ئي روايتي شروعاتي چيل وائي، يعني ٻه - پدائين ئي لکي ٿو. هن طويل مضمون ۾ اڪثر اهڙن شاعرن کي جاءِ ڏني وئي آهي، جن وائيءَ جي صنف تي ڪونه ڪو تجربو يا نواڻ آندي آهي ۽ ها نواڻ صرف موضوعاتي ناهي ۽ ان کي مون ڳڻايو به ناهي. مون انهن کي ڳڻايو آهي، جن گهاڙيٽي ۾ ڪا نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان ڳالهه تي به لکڻ نه ٿا گهرون ته ان جي نواڻ يا تجربو ڪيترو ڪامياب آهي، هن جي مواد تي به لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، ايئن صرف هن ليک ۾ آيل شاعرن لاءِ ئي ڪيترن سَون صفحن جو ڪتاب ٿي پوي ها. هتي رڳو اها ڪوشش ڪئي آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، جنهن وائيءَ جا گهٽ ۾ گهٽ 24 گهاڙيٽا جوڙيا، اسان ان کان ڪيتري وک اڳتي وڌائي، اتي بيهي وياسون يا اڃا به ڪا وک پوئتي رهجي ويا آهيون.
هڪڙو موضوع محققن ۽ پارکن لاءِ هموار ڪرڻ جي سگهه ساري ۽ اها اتي اچي جواب ڏئي بيٺي، وقت وڏو پارکو آهي، مَن ڪنهن محقق جي مَنَ ۾ اها ڳالهه اڀري اچي ۽ صرف شاهه لطيف يا اڃا به شيخ اياز جي وائيءَ جي صنف تي ڪا تحقيق ڪري، پوءِ ان جي صنف بابت، گهاڙيٽي بابت، گهاڙيٽي ۾ ڪم آيل ٻوليءَ بابت، گهاڙيٽي ۾ ڪم آيل موضوع بابت، ان ۾ ڪتب آندل جماليات بابت، ان ۾ ڪتب آندل تشبيهن، تلميحن، استعارن بابت، وائيءَ جي ڳائڪيءَ بابت ۽ ڪافيءَ جي ڀيٽ بابت لکي، پوءِ ته موضوع اوترائي آهن، جيترا هن ڪائنات ۾ موجود آهن.
هن صنف کي نه ڄاڻ ڪهڙن سببن جي ڪري محققن هٿ ئي نه لاتو آهي. هن صنف تي ڪوبه ڪتاب آيل ناهي.
’شاهه لطيف جون وايون ۽ ڪافيون‘، جي عنوان سان محترم جي. ايم. سيد ڪتاب ڇپرايو هو ۽ هڪڙو ڪتاب ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ ’شاهه جون وايون‘ هند مان ڇپرايو هو، پر انهن ٻنهي وائيءَ جي صنف تي ڪجهه به نه لکيو آهي. جن ڪتابن جا مون حوالا ڏنا آهن، انهن ڳالهه پڌري پٽ ڪرڻ بدران وچڙائي ڇڏي آهي، پر اسان جي ڪنهن به محقق ڀٽائيءَ جي ان صنف جي ڇنڊڇاڻ ڪري نه سمجهايو آهي ته شاهه لطيف ان صنف جو نالو ڪافيءَ بدران وائي ڇو رکيو؟ ڪافيءَ جي گهاڙيٽي ۽ سٽاءَ جو وائيءَ جي گهاڙيٽي ۽ سٽاءَ سان ڪو ڳانڍاپو آهي يا اهي ٻئي مختلف صنفون آهن. اڄ ڪلهه اها ڳالهه به فضا ۾ گونجي رهي آهي ته ’ڪافيءَ‘ جي صنف ختم پئي ٿيندي وڃي، ان تي لکڻ، ان کي بچائڻ انتهائي ضروري آهي، پوءِ جيڪڏهن وائي ۽ ڪافيءَ ۾ ڪو فرق نه آهي ته پوءِ اها ڳالهه ئي نه ٿيڻ گهرجي جو وائي ته جام پئي لکجي.

[b]حوالا[/b]

1. شيام، نارائڻ، ’ڪافي ۽ وائي‘، ڪينجهر پبليڪيشن، حيدرآباد، جنوري 1993ع، ص: 52.
2. ساڳيو، ص: 53.
3. حسيني، امداد، ’سونهن ورونهن‘، مهاڳ، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2007ع، ص: 33.
4. ساڳيو، ص: 9 کان 19.
5. رنگريز، غلام حسين، ’اکين اڃ اپار‘، ڳوٺ سڌار سنگت، احمد خان زنؤر، 2005ع، ص: 11.
6. منشي، ابراهيم، ’ڌرتي دين ڌرم‘، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1991ع، ص: 11 ۽ 12.
7. مورائي، راشد، ’دل جو شهر‘، ص: 1.
8. ارشد، عبدالحڪيم، ’دل جو شهر‘، ص: 3.
9. ساڳيو، ص: 148.
10. عباسي، تنوير، ’ليار نيڻن ۾ ڦٽا‘، مير محمد پيرزادو، مارئي پبليڪيشن، سڪرنڊ، ص: 8.
11. پيرزادو، شاهه محمد، ’اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانءِ‘، باک ٽرسٽ، ٻلهڙيجي.
12. جويو، خاڪي، ’اي خاڪيءَ جو خيال‘، مارئي اڪيڊمي، سڪرنڊ، 1982ع، ص: 162.
13. تاج جويو، ساڳيو، ص: 168.
14. جويو، تاج، ’ڪهڪشان جو هڪ ستارو‘، لهرون لهرون لاٽ، مارئي پبليڪيشن، سڪرنڊ، ص: 13.
15. ناٿن شاهي، آثم، ’آءٌ قلم جي قط آهيان‘، ڪتاب ساڳيو، ص: 11.
16. حسيني، امداد، ’شاعري، زندگي ۽ شاعر‘، ’چوڏهينءَ چنڊ آڪاس‘، وعده ڪتاب گهر، ڪراچي، ص: 238 ۽ 239.
17. ساڳيو، ص: 243.
18. حيدري، شمشير، ’سوچون سرها گل‘، سنڌ اشاعت گهر، سڪرنڊ، ص: 51 ۽ 52.
19. حاسد، ارجن، ’ٻه لفظ‘، مور پنکيءَ پل، پرتيڪ پرڪشان، اجمير، ص: 4.
20. سنڌو، امر، ’وساري نه ڇڏجو‘، مهاڳ، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ص: 12 ۽ 13.
21. اياز، شيخ، ڪتاب ساڳيو، بيت ۽ دوهو، ص: 19.
22. تبسم، عبدالغفار، ’پلئه پايو سچ‘، سوچون صحرا سراب، ص: 48.
23. اياز، شيخ، مهاڳ، ڪتاب ساڳيو، ص: 12.
24. شيخ، انعام، ساڳيو ڪتاب، بئڪ ٽائيٽل، 1994ع.
25. ارشاد، پارس، ’هو جي ٻول ٻريا‘، شهيد عبدالرزاق اڪيڊمي، مورو، ص: 12 کان 19.
26. حسيني، امداد، ’ٿي نه سگهيس شاعر‘، ڪوتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2007ع، ص: 13.
27. عباسي، تنوير، ’ميلي جي تنهائي‘، ٽائيٽل فليپر، 2012ع.
28. اياز، شيخ، ساڳيو، ڪتاب، بيڪ ٽائيٽل.
29. مير، عبدالرسول مير، ’سونهن ورونهن‘، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2007ع، ص: 33.
30. حسيني، امداد، ڪتاب ساڳيو، ص: 24.
31. جويو، خاڪي، ڪتاب ساڳيو، ص: 66.
32. عاشق حسين، ڊاڪٽر، ’ڪڻ ۾ گهڻ‘، جل تي ڪنول جيئن، 2008ع.
33. بيوس، تاجل، ’ٺيٺ سنڌي لفظن ۽ محاورن سان سينگاريل وايون‘.
34. اياز، شيخ، ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘، ثقافت کاتو، ڪراچي، 2010ع، ص: 149 کان 151.
35. ساڳيو، ص: 141.
36. چانڊيو، منير، ’اسان جو عشق اڻپورو‘، سليٽ اشاعتي شعبو، ٽنڊو قيصر، ص: 17 ۽ 18.
37. اياز، شيخ، ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘، ثقافت کاتو، ڪراچي، 2010ع، ص: 143.