تاثرات: مفتي عبدالوهاب چاچڙ
(الحمدالله العظيم ونصلي عليٰ رسول الڪريم اما بعد)
هن وقت سنڌ جي حالت جاهليت اوليٰ کان به بدتر تي وئي آهي. قتل غارت محمول بڻجي ويو آهي. پيسن ڪمائڻ يا سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن جو ڪارپ ۽ ناحق قتل ڪرڻ عام ٿي ويو آهي قتل ڪرڻ جي سزا سابتي سان به پبلڪ کي ڏيڻ جو اختيار نه آهي اڪيلو سردار هجي توڙي سردارن جو گڏيل جرگه ڪنهن کي به اهڙي سزا ڏيڻ يا اهڙي ڪاروائي کي جواز مهيا ڪرڻ جو شرعاًٍ، اخلاقاٍ، قانوناٍ اختيار نه آهي قبائلي تڪرار ۾ ملڪ سنڌ تباهه تي ويو آهي.
سوين گهر اجڙي ويا آهن عورتون بيواهه ۽ ٻار يتيم ٿي رهيا آهن. ڪاروبار، تعليم ۽ امن برباد ٿي ويو آهي. ان ۾ سڄو قصور سردارن ۽ وڏيرن جو آهي. ان تي خاموش حمايت ڪرڻ وارين برادرين جو آهي. ضروري آهي ته علماءِ ڪرام ۽ دانشور اخوات ان تي قلم کڻن ۽ ماڻهن کي اجتماعي ۽ انفرادي طرح سمجهائين. وڏيرن جي اهميت وڌائڻ لاءِ پنهنجي شو (Show) ڪرڻ لاءِ ميڙمنٿ قافلن نيڻ بجاءِ ماڻهن جي ذهن سازي ڪجي ۽ عملي ڪم ڪجي.
مولانا محمد جميل ڦلپوٽه صاحب جس لهڻي جنهن انهيءَ واديءَ۾ پير رکيو آهي. مون سندس مقاله کي سرسري نظر مان ڪڍيو آهي ۽ ان جا ڪي حصا ڏسڻ کان رهجي ويا آهن. هي مقاله وقت جي امر ضرورت آهي. ٻين عالمن کي به گهرجي ته زندهه باد مردهه باد
جي بي سود مشغله مان نڪري ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪم ڪرن ۽ قوم کي تباهي کان بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرن.
مفتي عبدالوهاب چاچڙ
صدرمدرس
جامعه العربيته دارالعلوم الشرعيته
روهڙي ضلع سکر سنڌ