مختلف موضوع

ڪارو ڪاري ــ ڪڌي رسم (قرآن و حديث نبوي صه جي روشني ۾)

هن وقت سنڌ ۾ ٻين براين سان گڏ هڪ وڏي برائي عورتن سان نا انصافي آهي ۽ غيرت جي نالي تي انھن جو ناحق قتل ڪيو وڃي ٿو. غيرت جي ڇا حقيقت آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ قرآن ۽ سنت ۾ ڪھڙو حل موجود آهي. هن ڪتاب ۾ ان جي مڪمل ۽ پوري معلومات فراهم ٿيل آهي. مولانا موصوف جو هي تحقيقي مقالو عام ماڻهن جي ذهنن ۾ مثبت سوچ پيدا ڪندو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي عورتن جي قتل کان روڪيندو. هي ڪتاب عوام سان گڏ علماءِ جي لاءِ بہ مفيد ثابت ٿيندو.

Title Cover of book ڪارو ڪاري  ــ  ڪڌي رسم (قرآن و حديث نبوي صه جي روشني ۾)

تمهيد

بسم الله الرحمٰن الرحيم
الحمدالله رب العالمين العاقبته للمتقين والسلام عليٰ سيد المرسلين وعليٰ اله واصحابه اجمعين.
اما بعد؛ فاعوذ بالله من الشيطان الرجيم؛ وقال الله تبارڪ وتعاليٰ في القرآن المجيد والذين يرمون المحصنت ثم لم ياتوا باربعته شُهداءَ فاجلدو ثمنين جلدته ولا تقبلوا لَهُم شَهَادَته ابدا. واولئڪ هم الفسقون (النور 4) و في المقام الاخر. الخبيثت للخبيثين والخبيثون للخُيثت والطيبتُ لليطبين والطيبون للطيبت اولئڪ مبرون مما يقولون لهم مغفرته و رزق ڪريم (النور26)
وقال النبي صلي الله عليه وسلم الغيرته من الايمان والريب من النفاق. (حديث نبويﷺ)
عن انس قال النبي صلي الله عليه وسلم عن الڪبائر الاشراڪ باالله وعقوق الوالدين، وقتل النفس والشهادت الزور. (بخاري صفه)
اما بعد؛ بعد حمد و ثنا جي امت مسلمان جي کوڙ سارن مسائلن مان ڪجهه اهم ۽ وساريل لا پرواهيءَ جي ور چڙهيل مسئله آهن جي جي باري ۾ گهٽ تعداد ۾ قلم کنيو ويو آهي. تنهن ڪري پنهنجي مظلوم قوم کي جهالت جي انڌيري مان ڪڍندي دل انتهائي غمگين حالت ۾ دانهون ڪندي مجبوراً نقلم کڻڻ جي جرات ڪئي آهي.
ملڪ ۾ نه ڄاڻ ڪيتريون ئي مظلوم عورتون اغوا ٿينديون رهن ٿيون نه ڄاڻ ڪيترن عورتن کي حوس جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، ڪنهن انگ اکر ۾ به ڪونهي جنهن سان طرح طرح جا ظلم ۽ زيادتيون ٿي رهيون آهن ڪوئي قانون ڪوئي همدرد، ڪوئي باشعور، انهن مظلومن جو آواز ٻڌڻ وارو ناهي، ڪنهن به عالمن، وڪيلن، ڪالم نگارن، حڪومت جي آفيسرن کي ڪائي مظلوم ڌيءَ نظر ڪونه ٿي اچي؟........................
ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي ٻين کوڙ سارن مسئلن سان گڏ اڄ ڪلهه ”حقوق نسواں“ جي نالي تي گهڻا بحت، مڪاله، تقريرون ڪانفرنسون ٿي رهيون آهن. هر ڪوئي عورت جي مظلوميت تي پنهنجي قلم کي حرڪت ڏئي ٿو، روزانو اخبارات ۾ عورتن جي مظلوميت تي خبرون پيون ڇپجن پڙهندڙن ۽ لکهندڙن کي هڪڙي قسم جو موضوع ملي ويو آهي.
1. ٿوري ٿوري ڳالهه تي عورتن جو قتل.
2. عورتن تي تهمت لڳائي ”ڪارو ڪاري“ ڪري مارڻ.
3. زميني تڪرار جي ڏنڊن ۾ به عورت کي ڏنو وڃي پيو.
4. رڍن ٻڪرين جي قيمت ۾ عورتن کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو.

ظاهر طور ته ا نهن مسئلن کي ”جرگي“ جي صورت ۾ هل ڪيو وڃي ٿو پر اهو نا ڪافي آهي ڇو ته فيصلي ڪرڻ وارا وڏيرا ۽ جاگيردار، سر پنچ ۽ عقل جا دشمن آهن. انهن کي نه قانون جي خبر آهي نه وري شرعي اصولن کان واقف، بلڪل جاهل ۽ ظالم آهن. حقيقت ۾ انهن وڏيرن، جاگيردارن، سرپئنچ جي هٿ تي ئي اهي فيصله ٿين ٿا.
غيرت جي نالي تي قتل ڪرائي بعد ۾ فيصلو ۽ ”جرگو“ ڪرائي اڌ رقم وڏيرا ۽ جاگيردار پيا کائن نه حڪومت انهيءَ مسئلي جي حل لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي نه ئي وري صحيح معنيٰ ۾ ان جو اپاءُ ورتو وڃي ٿو. نه ئي سماجي ڀلائي وارا انهيءَ لاءِ ڪا ”روڪ ٿام“ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن نه ئي وري اسانجي معزز علماء ڪرام، خطيب حضرات، انهيءَ موضوع کي پنهنجي بيانن ۾ ڪائي اهميت ۽ جڳهه ڏني آهي ڇا مظلوم نياڻي قيامت جو ڏينهن ڪونه پڇندي ”باي ذنب قتلت تڪوير“ مون کي ڪهڙي گناهه جي سزا ۾ قتل ڪيو ويو؟
علماء ڪرام ۽ خطيب حضرات کي مئودبانه گذارش آهي پنهنجي بيانن ۾ مظلوم قوم جي نياڻي جي قتل تي ڪجهه روشني ضرور وجهو! سر پئنچ، مقدمن جي ڪاروبار کي ڪجهه بلاڪ “Block” ڏيو مظلوم هاري، مزدور مجبور پنهنجي پيٽ پالڻ ۾ پورا آهن انهن کي ظالمن جا وات ڦاٽل جيڪي هر وقت انهيءَ سوچ ۾ ويٺا هوندا آهن ته ڪڏهن ٿو ڪو غريب ڪنهن کي ”ڪارو“ ڪري ماري، ڪڏهن ٿو مظلوم بي گناهه عورت کي پنهنجن ڪوٺن ۾ قيد ڪرڻ جو بهانو ملي. پوءِ ڄڻ هنن لاءِ عيد ٿي پئي.
پاڪستاني عورت جو مسئلو سمجھڻ جي ڪير ڪوشش ڇو نه ٿو ڪري اصل مسئلو اهو آهي جنهن ۾ هوءَ مبتلا آهي اهي حقيقت مشڪلاتون، دردن ڀريون دانهون، انصاف لاءِ ڪندڙ ڪوڪون ڪير ٻڌي.
پاڪستان جي عورت جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي جو هن جي عزت ۽ ناموس، عفت ۽ عصمت، پاڪدامني جو تحفظ ڪيو وڃي، ان کي حوس ۽ حرص جي چنگل کان نجات ڏياري وڃي، اخبارات ۾ عورتن سان جانورن جھڙو سلوڪ ٿوري ٿوري ڳالهه تي قتل ڪرڻ، بي گناهه الزام لڳائي عورت جو گردن ڪهي ڇڏڻ، ان کي باهه ۾ ساڙڻ، ڪائي به اخبار کڻي ڏسو ان ۾ عورت سان ناجائزي جي خبر ملندي،
1. اهڙي طرح پاڪستان عورت جو هڪ بنيادي حق آهي ته انهي کي پنهنجي دين ۽ مذهب جي مطابق زندگي گذارڻ ۾ ڪائي رڪاوٽ پيش نه اچي.
2. مڙس جي طرفان ان کي دين جي خلاف زندگي گذارڻ تي مجبور نه ڪرڻ گهرجي مثلاً ڪائي عورت ”شرعي پردو“ ڪرڻ ڇاهي ٿي ته ان کي مجبور نه ڪجي ته هو بي پرده گهمڻ ڦرڻ تي دٻاءُ نه ڪري.
3. الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ هي التجا آهي ته الله تعاليٰ هن ڪم کي صرف ۽ صرف سچي خلوص ۽ خالص درد جي مرهم بڻائي ۽ منهنجي هن ٽوٽي ڪاوش کي پنهنجي بارگاههه ۾ منظور و مقبول فرماءِ آمين يا رب العٰلمين.