تقريظات
نحمده ونصلي عليٰ رسوله الڪريم؛
اما بعد؛ برادرم مولانا محمد جميل ڦلپوٽو جو لکيل ڪتاب عنوان ”ڪارو ڪاري“ مختلف جڳهن تان پڙهيم ڪتاب ۾ موضوع کي پوريءَ طرح نڀايو ويو آهي ۽ مسئلي جي مڪمل شريعي تحقيق پيش ڪئي وئي آهي.
هن وقت سنڌ جو معاشرو اسلام کان اڳم عربن ۾ جاهليت واري دور جي جھلڪ پيش ڪري ٿو. ٻين براين سان گڏ هڪ وڏي برائي عورتن سان نا انصافي آهي ۽ غيرت جي نالي تي انهن جو ناحق قتل ڪيو وڃي ٿو. غيرت جي ڇا حقيقت آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ قرآن ۽ سنت ۾ ڪهڙو حل موجود آهي.
هن ڪتاب ۾ ان جي مڪمل ۽ پوري معلومات فراهم ٿيل آهي.
مولانا موصوف جو هي تحقيقي مقالو انشاءَالله عام ماڻهن جي ذهنن ۾ مثبت سوچ پيدا ڪندو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي عورتن جي قتل کان روڪيندو سنڌ مان ماڻهون عورتن کي قتل ڪري پنهنجي نسل کي گهٽائڻ جو سبب بڻيا آهن. نتيجي ۾ پنهنجي سنڌ کي آباد نٿا ڪري سگهن ۽ ٻين صوبن جا ماڻهو هتان جي زمينن ۽ علائقن کي آباد ڪن ٿا.
هي ڪتاب عوام سان گڏ علماءِ جي لاءِ به مفيد ثابت ٿيندو ڇو ته موضوع جي باري ۾ هڪ جاءِ تي مڪمل معلومات ڏني وئي آهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ هن ڪتاب کي مفيد بڻائي ۽ مولانا کي علم ۽ عمر ۾ برڪت عطا ڪري.
مفتي قاضي سليم الله
جامعه دارالهديٰ ٺيڙهي
خيرپور ميرس سنڌ پاڪستان.
---------
الحمدالله وحده والصلوات والسلام عليٰ من لا نبي بعده وعليٰ اٰله واصحابه خيارالامة
اما بعد؛ مولانا محمد جميل ڦلپوٽو صاحب جو مقالو بعنوان ”ڪارو ڪاري“ کي مختلف جڳهين سان ڏسڻ جو اتفاق ٿيو. ماشاءَالله مقالو پنهنجي موضوع تي احاطه جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
شايد ان انداز سان سنڌي زبان ۾ هن کان اڳ ڪم نه ٿيو هجي اصل ۾ ان موضوع تي مختلف عنوانن ۽ زاوين سان بحت مباحثا ۽ تحقيقون ٿي رهيون آهن ڪي ته ان رسم کي ان ڪري موضوع بحث بڻائي رهيا آهن جيئن ٿورو گهڻو هتر ۽ خوف سماجي معاشرتي ڪارو ڪرڻ وارو آهي.
اهو قبيلن مان ختم ٿي وڃي هت به ايشياء ۾ مرد وزن آزاد معاشرو يورپ وانگر ٺهي پئي.
اسلام ان مرض ۽ رسم بد جي سد باب لاءِ پردي کي لازم قرار ڏنو آهي. ڪنهن به قسم جي نمائش ۽ زيبائش کان منع ڪئي. نتيجه طور اهي خرابيون معاشري مان ختم ٿي ويون ۽ وري جيتريون اسلامي روايات ختم ۽ ڪمزور ٿينديون ويون ايتريون جاهلي رسمون ان جاءِ کي ڀرينديون ويون ان ڪري ان جاهلانه رسم جي خاتمي جو بهترين فارمولو اسلامي پردي کي لاڳو ڪرڻ آهي هن معاشري جو اصلاح ۽ سڌارو به ائين ٿيندو.
جيئن اسلام کان اڳ جاهليت وارو معاشرو اسلام جي اچڻ سان سڌريو.
لن يصلع آخر هٰذه الامته الابما صلح به اولهااوکما قال
مولانا موصوف به اهڙي اصلاح تي گهڻو زور ڏنو آهي ۽ هن دور ۾ ڪارو ڪاري جي جاهلانه رسم کان سنڌي قبيلن کان بچائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ عالمانه ذميداري جو حق ادا ڪيو آهي ۽ علماء کي کپي ته هر دور ۾ هر غلطي تي نظر رکي تنبيه ڪن ان ڪري حضرت معاويه رضي الله تعاليٰ عنه جي سامهون جڏهن وارن جو هڪ ڳڇو آندو ويو ته سمجهيائين ته عورتون پنهنجي وارن سان ٻين عورتن جا وار ملائين ٿيون تنهن ڪري فرمايائون اين علماء کم (ترجمو: توهان جا عالِمَ ڪِٿي آهن؟)
مون نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کان ٻڌو جو اهڙي ڪم کان منع ڪيائون ۽ فرمايائون ته بني اسرائيل ۾ بربادي تڏهن آئي جڏهن عورتن اهڙا ڪم شروع ڪيا بخاري شريف 878ع جلد 2 ان مان اشارو ڪيائين ته عوام ۾ جيڪڏهن غلطيون ٿين ته ان جا ذميوار علماء آهن.
آءُ اميد رکان ٿو ته جيڪڏهن اهڙي محنت ميدان ۾ آئي الله تعاليٰ جي فضل ڪرم سان مسلمانن ۾ ڪافي تبديلي ايندي.آخر ۾ دعا ڪيان ٿو ته الله تعاليٰ هن مقاله کي شرف قبوليت سان نوازي ۽ سڀني مسلمانن لاءِ نفح وارو بڻائي آمين ثم آمين وصلي الله علي النبي الکريم محمد واٰله و اصحابه اجمعين
العبد المستغفر
عبدالغفار جمالي
غفرالله دار الافتاء
جامعه اشرفيه سکر
7-6-2-8
--------
سبحانک لاعلم لنا الاما علمتنا انک انت العليم الحکيم و اما بعد!
الحمدلله؛ هر دور ۾ دين جي عالمن پنهنجي زماني ۾ اُٿيل فتنن فسادن جي آڏو مضبوط بند ٻڌا آهن ۽ هر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي خلاف انهن مسجدن ۽ مدرسن مان ئي توانا آواز گونجيا آهن. ۽ تاريخ شاهد آهي ته حق وارن عالمن تي ظلم ۽ بر بريت جا ڏونگر ڏاريا آهن. پر رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي سنت طريقي تي عمل ڪندي عالمن جو جھاد جاري آهي ۽ جاري رهندو. يبطل جو رجائر ولا عدل عادل! عالمن الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان شرڪ، بدعت ۽ معاشري جي لڳ ڀڳ ۾ گهري ويل ڄٽڪين ۽ واڻڪين ريتن رسمن جي خلاف به ڀرپور جھاد ڪيو آهي. جنهن ڪري اڄ اسلام جي صحيح تصوير اسان جي سامهون آهي. نه ته دين اسلام جي ويرين اسلام جي حقيقي روح کي ختم ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو آهي. وان کان مکرهم لتزول منه الجبال (جيتوڻيڪ انهن جو مڪر اهڙو هجي جو جبلن کي هٽائي ڇڏي ابراهيم 36) جي جيري جاڳندي تصوير ٿي سامهون آيا آهن.
اسان جي هن دور ۾ جتي نت جوان فتنا ۽ فساد ڪر ڪڍيو بيٺا آهن، اُتي سنڌ جي سدا بهار ديني فضا کي زهر بڻائي ڇڏڻ واري هڪ نهايت ڪُڌي رسم ۽ انسان ذات تي ڪارو داغ ”ڪارو ڪاري“ جي رسم به آهي اسلام ته هڪ اعليٰ ۽ رفع ۽ مڪمل ضابطئه حيات آهي، جنهن ۾ انسان ته ٺهيو پر جھنگ جي جانورن سميت جيتامڙن جا جا به حق محفوظ آهن. پر دنيا جو ڪو به قانون، دنيا جي ڪا به عدالت هي ڪُڌي رسم کي صحيح چوڻ کان ٺابري واري بيٺي آهي.
هن ڳالهه جي ضرورت هئي ته هن موضوع تي قرآن ۽ سنت، فقه ۽ اجماع امت جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ قلم کنيو وڃي. ۽ هن ڪُڌي رسم جا سمورا رُخ ۽ پاسا اسلامي تعليمات سان ڀيٽائي انهن کي غلط ثابت ڪيو وڃي بيشڪ انفرادي طور تي عالمن سڳورن هن موضوع تي پاڻ ملهايو آهي. ۽ مسلم امت جي رهنمائي جو پنهنجو مذهبي فرض ۽ زميواريون سهڻي نموني سان نڀايون آهن.
پر اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دور ۾ جڏهن سڄي دنيا گلوبل وليج جي چائنٺ تي اچي بيٺي آهي. ته هن ڳالهه جي ضرورت ذرا سرسي محسوس ٿي رهي هئي ته ڪارو ڪاريءَ جي ڪُڌي رسم جا سمورا ديني ۽ دينوي نقصان ۽ خرابيون مضبوط شرعي بنيادن ۽ دليلن سان سامهون آندا وڃن. ۽ ان جي هڪ هڪ پهلو ۽ ڳالهه کي عقل ۽ منطق (Logic) سان غلط ۽ خراب ثابت ڪيو وڃي ۽ مسلم امت جي هر هڪ فرد لاءِ جهجهو مواد مهيا ڪيو وڃي.
الحمدالله، اسان جي برادر محترم مولانا محمد جميل صاحب ڦلپوٽو، جيڪو هڪ نوجوان عالم فاضل آهي، نئين جذبي ۽ شوق ذوق سان وقت جي هن اهم مسئلي (Burning Issue) تي قلم کنيو آهي. ۽ هڪ جامع ڪتاب، جنهن ۾ شرعي راءِ سان تقريباً سڀني پهلوئن تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. تحرير ڪيو آهي.
الله تبارڪ و تعاليٰ کان دعا آهي ته مولانا محمد جميل صاحب ڦلپوٽي جو اهو پورهيو ۽ پگهر قبول فرمائي ۽ هن ڪتاب جي سهيڙڻ ۽ شايع ڪرڻ ۾ جن به عالمن ۽ نيڪ صالح مسلمانن جو جيتري به حصو ۽ محنت شامل آهي، تن سڀني لاءِ هن ڪتاب کي آخرت جي نجات جو ذريعو بڻائي ۽ اسان سڀني جي لاءِ هدايت جو ذريعو بڻائي. اللهم آمين. ربنا تقبل منا انک انت السميع العليم و تب علينا انک انت التواب الرحيم.
15 جماد الوليٰ 1429هه احقر العباد
21 مئي 2008ع محمد رمضان ڦلپوٽو،
ليلة الخميس عفاعن الرحمن
مدرس مدرسه عربيه مظهرالعلوم
حماديه کهڙا