مختلف موضوع

ڪارو ڪاري ــ ڪڌي رسم (قرآن و حديث نبوي صه جي روشني ۾)

هن وقت سنڌ ۾ ٻين براين سان گڏ هڪ وڏي برائي عورتن سان نا انصافي آهي ۽ غيرت جي نالي تي انھن جو ناحق قتل ڪيو وڃي ٿو. غيرت جي ڇا حقيقت آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ قرآن ۽ سنت ۾ ڪھڙو حل موجود آهي. هن ڪتاب ۾ ان جي مڪمل ۽ پوري معلومات فراهم ٿيل آهي. مولانا موصوف جو هي تحقيقي مقالو عام ماڻهن جي ذهنن ۾ مثبت سوچ پيدا ڪندو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي عورتن جي قتل کان روڪيندو. هي ڪتاب عوام سان گڏ علماءِ جي لاءِ بہ مفيد ثابت ٿيندو.

Title Cover of book ڪارو ڪاري  ــ  ڪڌي رسم (قرآن و حديث نبوي صه جي روشني ۾)

باب اٺون : تجويزون ۽ خيالات


اهم ۽ قابل توجه ڳالهه عِلماءِ ڪرامن جو فيصلو


جتي سرڪاري ادارا بي جان ۽ بي وس هجن جتي خون ريزي ۽ سماجي برايون عام ٿي وڃن اتي پنهنجي مدد پاڻ طور تي شهري انهيءَ کي خاتمي ڪرڻ لاءِ اٿي پون جيئن نسل ڪشي جي واٽ تي هلندڙ رسمن جو خاتمو ٿي سگهي قبائلي تڪرار قومن جو تڪرار ۽ ٻيا ڪيترائي جيڪا سماج ۾ ناسور بڻجي سماج ۽ نسل کي اوڏهي وانگر کائن ٿا.
اسان جيڪڏهن همت ڪري انهي جي خامي جي لاءِ نه سوچي سمجهي ڪو عملي قدم نه کڻنداسين ته اسان جي قوم ۽ نسل تباهه و برباد ٿي ويندي. اڄ اها برائي ڪنهن خاص مخصوص علائقن ۾ آهي سڀاڻي اها وڌي وڌي پوري ملڪ کي ۽ آهستي آهستي پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿي. ڪنهن ليکڪ جو چوڻ آهي ته ليڊي ڊيانا جو قتل به غيرت جو قتل (ٻين لفظن ۾ ڪارو ڪاري جو قتل) آهي انهن لفظن ۾ ڪيتري حقيقت آهي پاڻ کڻي چئجي انهن جو طريقو مختلف آهي. اهو هڪ الڳ بحث آهي.
ڪنهن سماج جي بقاءِ سڌاري لاءِ انهيءَ معاشري جا چند سڌريل شخصيتون پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار رهن جنهن ۾ عالم، مفتي، اديب، دانشور، قانون دان، سچا ۽ ايماندار پوليس جا آفيسر ملي ڪري سماجي برايون ختم ڪرڻ لاءِ ڪو ادارو ٺاهين جنهن ۾ هر هڪ کي ڪم ورهائي ڏجي.
1. هڪڙا براين کي تبليخ جي ذريعي انهن براين جا اثر ٻڌائين.
2. ٻيا انهن کي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻن.
ڪا به بري عادت نه رڳو تبليخ سان ختم ٿيندي آهي نه ئي عملي پابندين سان انهيءَ جو ڪو اثر ٿيندو آهي. جيسيتائين انهن جي دلين ۾ خوف خدا جزا ۽ سزا جو تصور انهن جي دلين ۽ دماغن ۾ نه ويهاريو ويندو تيسيتائين ڪا به سزا انهن کي اثر انداز نه ٿي ڪري سگهي.
ڏسو رحمة للعٰلمين مڪي وارن عربن کي پنهنجي شفقت ڀري انداز سان پهريائين شراب جون برايون ٻڌايون پوءِ آهستي آهستي انهيءَ جي حرمت جو حڪم فرمايو. انما الخمر.........الخ ٻيو زنا کان منع فرمايو لاتقربا الزنا.
زنا جو متبادل حڪم نڪاح جو ڏنائون. اهڙي طرح ڪنهن به بري عادت يا رسم جي خاتمي لاءِ ڪو متبادل رستو تجويز ڪجي ته جئين رسمن ۽ رواجن جيڪي جهالت ۽ اونداهيءَ ڏانهن وٺي وڃن ٿيون. انهن جو خاتمو ٿي سگهي.
انهيءَ سلسلي ۾ مون عاجز سماج جي عالمن اديبن، سماجي ڪارڪن کان انهيءَ سلسلي ۾ تجويزون ۽ رايا لکرايا آهن جيڪي پڙهندڙن جي سامهون رکجن ٿا. ته جئين انهن کي پنهنجي دماغ ۾ ويهاري سگهن ڪي اٻوجهه ماڻهو وڏيرن، جاگيردارن جي چوڻ تي پنهنجي گهرن کي ويران ڪري نه ويهن.
عالمن ۽ اديبن جي تجويز کان اول عيسائي پادري جو خيال اسلامي نظام کي رائج ڪرڻ جي باري ۾ پڙهندڙن جي نظر ڪجي ٿو جيڪو برطانيه جي وڏي پادري آرچ شيپ آف ڪنٽر بري ڊاڪٽر رودان وليمز ۽ انگلينڊ ۽ ويلزحي سينئر جج لارڊفلپس چيو؛
”برطانیہ میں مسلمانوں کے لئے اسلامی قوانین کے نفاذ کو ممکن قرار دیتے ہوئے اس بات کو تسلیم کیا ہے شرعی قوانین آج بھی قابل عمل اور اگر نیت نیک ہو تو ان کو نافذ کرنا مشکل کام نہیں“
اپنے ملک کے ان دونوں مایہ ناز شخصیات کے بیانات پروہاں کے اخبارات نے کافی تنقید بھی کی ہے لیکن اس کے باوجود یہ اپنے بیان پر قائم رہے یہ بات ہمارے ان حکمرانوں کے لئیے باعث شرم ہونی چاہئیے جو شرعی قوانین کا نظام لیتے ہوئے بھی شرماتے ہیں اور ڈرتے ہیں کے دنیا ہمیں دقیانوسی ہونے کا طعنہ نہ دے“
(شکریہ القلم ہفتیوار 25 تا 21 جولائی 2008)

عالمن سڳورن ۽ اديبن جا ڪاروڪاري جي خاتمي بابت رايا

1. ڇا ٿا فرمائن علماء ڪرام ۽ مفتيان عظام ۽ اديب حضرات ان مسئلي بابت ته ”ڪارو ڪاري رسم جو حل ڇا آهي؟
2. ڪارو ڪاري رسم جيڪا هڪ جا هلاڻي رسم آهي تنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ علماءِ ڪرام جو ڪهڙو خيال آهي. ۽ ان کي ڪيتري حد تائين ختم ڪرڻ لاءِ علماءِ ڪرام جي ڪوشش ٿيل آهي.
3. پر جيڪڏهن ڪنهن فردن کان زنا جو گناهه ٿي پوي ته انهيءَ لاءِ ڪهڙو طريقو استعمال ڪجي ۽ ڪهڙي حڪمت عملي تجويز ڏجي جنهن سان قرآن ۽ سنت مطابق انهيءَ رسم جو خاتمو ٿي سگهي.
4. ڇا موجوده ”جرگه ڪميٽي“ کي اهو حق آهي ته شريعت جي ابتڙ زاني مرد ۽ عورت کي سزا ڏئي سگهن؟ حقيقت ۾ ڏسجي ته اهو بلڪل جاهل هوندا آهن دين ۽ شريعت جي معاملي ۾.
علماءِ ڪرام تي اها زميواري آهي ته وڏيرن، جاگيردارن جي انهيءَ روزگار بڻايل ڌنڌي کي ختم ڪرڻ لاءِ اهڙو نظام مرتب ڪن جنهن سان انهن ظالمن جو ڪاروبار بلڪل ختم ٿي وڃي ۽ هڪ اهڙو طريقو بنايو وڃي جنهن سان زاني کي سزا به اچي وڃي ۽ معاشرو به پاڪ صاف ٿي وڃي ۽ اسان جي ملڪ ۾ خوشحالي اچي وڃي ۽ قحط سالي جي عذاب کان بچي سگهجي.
____________


حضرت مولانا مفتي اصغر علي آرائين
جامعه حماديه خيرپور ميرس

نحمده ونصلي وسلم عليٰ رسوله الکريم اما بعد.
جواب؛ ڪارو ڪاري کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته بي پردگي، فحاشي، عرياني، زنا، آوارهگردي مخلوط تعليم و معاشرو جهالت قومي خانداني اني رسم و رواج ان جا وڏا اسباب آهن نتيجاً ڪوڙو الزام ڏئي بدگماني، دشمني، ملڪيت ۽ قرض ڦٻائڻ وغيره جي ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو، ان رسم انسانيت کي تباهه ڪيو نه پوڙها ٻچيا نه ٻار نه نوجوان نه ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ، زال ۽ نه پيءُ ڀاءُ ۽ پٽ ان ڪري رسم کي ختم ڪرڻ ضروري آهي ته مٿي مذڪوره برائن کي ختم ڪيو وڃي ۽ شرعي احڪام، شرعي تعليم جي تشهير تقرير ۽ تحرير ۽ ميڊيا جي ذريعي عام ڪري هڪ پاڪيزه اسلامي فلاحي معاشرو جوڙڻ گهرجي ۽ ان رسم جي خلاف موثر طريقي سان آواز بلند ڪيو وڃي عام طور تي رسم جي خلاف آواز اٿاريو ويندو آهي. ليڪن ان جا اسباب بيان نه ڪيا ويندا آهن. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته مسلمانن ۾ پاڪ معاشري جا اسباب مهيا ڪري آمين ثم آمين.


ڪتبه حرره
اصغر علي آرائين
29 شهبان 1329
1-9-2008
___________

حضرت مولانا مير محمد ميرڪ
مديرد مهتم جامعه حماديه

مون مفتي صاحب جي راءِ سان متفق آهيان ۽ ان سان گڏ جيسيتائين علماء جي هٿ ۾ قوة نافذه ٿي اچي ايتري تائين ڪو به عملي قدم نه ٿو کڻي سگهجي.
فقط طالب دعا
مير محمد عفي عنه ميرڪ وارو
____________

مفتي عبدالوهاب چاچڙ

1. حدن جو نفاذ حڪومتي طاقت سان ممڪن آهي. قاضي موليٰ ئي انهيٰ جو مجاز آهي. ڪارپ جو الزام صريح زنا جو الزام نه آهي. صريح زنا جي لاءِ چئن شاهدن جي ضرورت آهي پر ڀاڪر چمي يا اڪيلو ٿيڻ وغيره به ٻه شاهد ڪافي آهن ان جي سزا اهڙي تجويز ڪجي جيڪا بنا حڪومتي طاقت جي عمل ۾ آڻي سگهجي مثلاً سال تائين شهر نيڪالي يا ڳوٺ مان لڏي وڃڻ وغيره.
2. عالمن سڳورن جي ذميواري آهي ته سردارن ۽ مقدمن سان وفد جي صورت ۾ ملن ۽ گڏيل فتويٰ ڇاپي انهن ۾ ورهائن.
3. جرگه ڪاميٽي جي حيثيت نه شريعت ۾ مسلم آهي ۽ نه مروج قانون ۾ بلڪه سنڌ هاءِ ڪورٽ جرگه سسٽم تي بندش وجهي ڇڏي آهي.


مفتي عبدالوهاب چاچڙ
صدر مفتي
جامعه عربيه دارالعلوم الشرعيه روهڙي
21 جمادي الثاني 1429
__________


تجويزون ۽ خيالات

معاشري جي چند معزز شخصيتن جا تجزيا ۽ خيال پيش ڪجن ٿا. جن ۾ عالم، مفتي، خطيب، اديب، مصنف، سماجي ڪارڪن شامل آهن.

1. حضرت مفتي حبيب الله شيخ الحديث جامعه اسلاميه ڪلفٽن ڪراچي
سوال؛ ڪارو ڪاري (زنا ڪاري رسم) کي ختم ڪرڻ لاءِ موجوده دور ۾ ڪهڙا عملي قدم کڻي سگهجن ٿا؟ اها ڪڌي رسم نسل ۽ انسانيت جي خاتمي جو سبب آهي. ان بابت توهانجا ڪهڙا خيالات آهن جنهن سان اها برائي ختم ڪري سگهجي.

الجواب؛ ڪارو ڪاري رسم جي خاتمي جو اسلامي قانون جي نافذ ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به حل ناهي جيستائين اسلامي قوانين ۽ شرعي حدود جو نفاذ نه ٿيندو تسييتائين انهيءَ جو ڪو به حل ناهي. اسلامي قوانين نافذ ٿيڻ سان اهي جهالت واريون رسمون پنهنجو پاڻ ختم ٿي وينديون شرعي پردو مخلوط محفلون انهن جو خاتمو اسلامي تعليم جي اشاعت.
2. حضرت مولانا اسد الله شيخ (خطيب جامعه مسجد خيرپور ميرس)
اسلامي تعليم جي اشاعت ۽ ماڻهن ۾ خدا جي خوف پيدا ڪري ان خراب رسم کي ختم ڪري سگهجي ٿو جيسيتائين اسلامي قانون لاڳو ٿئي تيستائين ڪاري ڪري ماريندڙ ماڻهن کي آئين ۽ ملڪي قانون موجب قتل جي سزا ڏيئي ٻين خراب رسمن تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
والله اعلم بالصواب احقر.

اسد الله شيخ
خطيب جامعه مسجد صديق اڪبر
خيرپور ميرس.
_____________

علامه حزب الله آءِ سومرو
(چيئرمين علم دوست ادبي سنگت سنڌ)

اين جي اوز پاران ڪارو ڪاريءَ کي اهڙي طرح پيش ڪيو پيو وڃي ڄڻ سنڌ ڪارو ڪاريءَ تي هلي ٿي سندن غير مصدقه ڪارو ڪاري جي تعداد کان وڌيڪ سنڌ ۾ باهه جي واقعن، حادثن ۽ خودڪشين ۾ مري ويندڙن جو تعداد آهي. ڪارو ڪاري جا واقعا جيڪي بيان ڪيا وڃن ٿا سي سڱاوتي، قرض ۽ ملڪيت ڦٻائڻ جي معاملن تان ڪاروڪاري جي اوٽ وٺي قتل ڪيل آهن ان ڪري اهي ڪارو ڪاري يا غيرت جا قتل نه آهن ان تعداد مان ڏهه سيڪڙو ئي غيرت ۽ ڪارو ڪاريءَ جا هوندا آهن جيڪي ”معاشرتي سزا“ آهي. اسان جي عالمن کي ان تي اين جي اوز کان پڇڻ گهرجي ته زنا لاءِ ڪهڙي سزا هجي؟ اگر اسلامي سزا به نه هجي ۽ معاشرتي سزا به نه هجي ته پوءِ ڪهڙي سزا هجي؟ اگر اسلامي سزا به نه هجي ۽ معاشرتي سزا به نه هجي ته پوءِ هٿ سان بدڪاريءَ کي وڌائڻ جا سانباهه آهن.
حقيقت ”ڪاروڪاري“ يا غيرت جا قتل تڏهن ختم ٿيندا جڏهن حڪومت پاران غير اسلامي ڪم بي پردگي، عرياني، فحاشي، گڏيل ادرا معاشرا ختم ڪيا وڃن ۽ زنا جي اسلامي سزا لاڳو ڪئي وڃي نه ته ڪاروڪاري ۽ غيرت جا قتل ختم نه ٿيندا ڇا انهن معاشرن جن پنهنجي ڊڪشنرين مان غيرت جو لفظ ڪڍي ڇڏيو آهي. اتي غيرت جا قتل نٿا ٿين؟
ڇا برطانيه ۽ آمريڪا ۾ عورت کي ٻئي ”فرينڊ بواءِ“ سان گهمڻ تي قتل نه ٿو ڪيو وڃي؟ ڇا ليڊي ڊائنا پنهنجي عرب دوست دودي الفهد سان رهڻ ۽ گهمڻ جي سزا ۾ ٻنهي کي نه مارايو ويو؟
ان ڪري اسلامي معاشرتي سزائن خلاف ڪجهه نه چوڻ گهرجي ۽ اين جي اوز کي به گهرجي ته پنهجي مفاد تي مذهب کي استعمال ڪرڻ چاهين ٿا پر مذهب جي معاشرتي اصول ۽ سزائن جو نفاذ ڇو نه ٿا چاهين ۽ انهي جي هوندي هو ڪهڙي منهن سان چون ٿا ته عالم ڪارو ڪاريءَ خلاف ڇو نه ٿا لکن.

حزب الله آءِ سومرو
چيئرمين
علم دوست ادبي سنگت ـــ سنڌ
0300-3290626
_________

پروفيسر الطاف اثيم
سابقه ايڊيشنل ڊائريڪٽر سچل چيئر
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس

اڄ جي ترقي يافته دنيا ۾ سنڌ واسي جنهن هٿرادو عذاب مان گذري رهيا آهن تنهن تي جيتري ڳڻتي ڪجي ٿوري آهي سال اندر ڪارو ڪاري جي ڪُڌي رسم هيٺ سوين قيمتي جانيون بيگناهه ڪهاڙين جو بک بڻجن ٿيون. ڏسڻ ۾ اهو آيو آهي ته اڄ تائين ڪنهن جاگيردار وڏي ماڻهوءَ ، پير، مير سردار جي نياڻي يا پٽ ڪاروڪاري ڪري نه ماريو ويو آهي. نه ئي ڪوئي ڏنڍ يا چٽي جرگي ۾ ڀري اٿائون. اهو ڇو آهي؟ ڇا سندن گهرن ۾ نياڻيون يا پٽ پنهنجي راءِ يا پسند رکندڙ نه هوندا آهن؟ ڇا شريعت انسان کي اهي حق نه ٿي ته هو پنهنجي ازدواجي زندگيءَ بابت آزادي سان فيصلو ڪري.
هي سڀ مسئله جهالت ۽ لالچ سبب پيدا ٿيا آهن ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالم سڳورا پڙهيا لکيا ماڻهون ۽ سماجي تنظيمون ان ڪم کي هٿ ۾ کڻڻ ۽ ترجيحي بنيادن تي کڻن ڳوٺ ڳوٺ واهڻ وستي خاص طرح انهن علائقن ۾ جتي ڪارو ڪاي رسم کي وڏي اهميت مليل آهي اتي عملي انداز ۾ تبليغ ڪري انسانيت کي تذليل ٿيڻ کان بچائين.

پروفيسر الطاف اثيم
ايڊيشنل ڊائريڪٽر سچل چيئر
__________

برڪت بلوچ
اسسٽنٽ پروفيسر ڊپارٽمينٽ آف سنڌي
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس

اها عورت يا مرد جيڪي هڪ ٻئي کي چاهيندڙ هوندا انهن کي زنا ڪاري جي حالت ۾ ڏسڻ کان پوءِ انجو مڙس پنهنجي زال کان نفرت جو اظهار ڪري ”ڪاري“ قرار ڏئي ڇڏيندو آهي ڪنهن موقعي تي ڪنهن جدا جدا وقت تي غير مرد ۽ پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيندو آهي. ڪڏهن قتل ڪرڻ کانسواءِ هو ڪاري مرد ڌر کان فيصلي ذريعي ڏنڊ ۾ وصول ڪندا آهن عورت جو قتل ان جي چاهيندڙ جو قتل ۽ ڏنڍ اهي ذاتي رسم جي بنياد تي مقرر ڪيل قانون آهن پر شريعي لحاظ کان انتهائي غلط ۽ حرام طريقو آهي.
ڪارو ڪاري جا سماج تي انتهائي خراب اثر پئجي چڪا آهن. ڪارو ڪاري جي آڙ ۾ ملڪيت بچائڻ، ذاتي انتقام وٺڻ ڏنڊ جو پيسو ڪمائڻ لاءِ ڪجهه نام ـ نهاد سردارن ۽ انهن جي ايجنٽن ڌنڌو اختيار ڪيو آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ ڪارو ڪاري ڪيسن لاءِ اسپيشل ٻڌڻي واريون عدالتون قائم ڪيون وڃن. جيڪي سرڪاري جج، سماجيات جي ماهر، نفسيات جي ماهر، دينيات جي ماهرن تي مشتمل هجن.

برڪت بلوچ
سنڌي شعبو
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور