باب اول : “عورتن سان نازيبا سلوڪ ۽ مختلف قسم جا مظالم”
پاڪستاني عورتن جا ڪيترائي حقيقي مسئلن آهن جيڪي انهيءَ لاءِ موت ۽ حيات جو مسئلو بڻجي ان جي جسم کي ڳاري رهيا آهن جن ۾ ڪيترائي قابل ذڪر آهن جن مان .
1. عورتن جي قرآن سان شادي (نڪاح).
2. ڏي وٺ يا عيوض.
3. رنڙ يعني بيواهن جي نڪاح کي معيوب (عيب سمجھڻ).
4. بار بار طلاق ڏئي عورت کي گهر مان ڪڍي ڇڏڻ وري موٽائڻ.
5. عورت کي پيءُ ماءُ جي وراثت کان محروم رکڻ ۽ ان جو حق نه سمجھڻ.
6. عورت کا ناجائز ڪمن لاءِ مجبور ڪرڻ.
7. غربت ۽ لالچ جي ڪري عورتن کي وڪڻڻ.
8. پاڻ کان وڏي عمر واري 80 سال پوڙهي سان نڪاح ڪرائڻ.
9. عورتن کان محنت مزدوريءَ جي ڪم وٺڻ.
10. ”ڪارو ڪاري“ جي الزام ۾ قتل ٿي وڃڻ.
11. ظالم ۽ جاگيردارن جي مٿان اغوان ٿيڻ ۽ بعد ۾ عزت جو
لٽجڻ.
12. بي جوڙ شاديون.
13. بي پردگي ۽ بنا مقصد جي هڪ ٻئي جي گهر ۾ اچڻ.
۽ ٻيا کوڙ سارا مسئلن عورتن جي مجبوري ۽ ظلم جي داستان بڻجي سينن ۾ دفن ٿيل آهن. جن جي جيڪڏهن پرچار ڪي ته کوڙ سارا دفتر ڀرجي ويندا. تن مان سڀني کان اهم ۽ ميڊيا ۽ عوام جي زبان تي بحث بڻيل ”ڪارو ڪاري“ آهي. جنهن جي مغرب وارن کي به ڏاڍي ڳڻتي آهي انهيءَ ۾ به ان جو مقصد آهي ته جنهن ڪا عورت جو موضوع بڻجي ته ان کي ميڊيا تي آڻي پوءِ اسلامي ملڪن ۽ اسلامي احڪامن جي خلاف پنهنجي دل ۾ لڪيل زهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا. انهيءَ جو مثال ”مختياران مائي“ ۽ ٻيون کوڙ جيڪي اوهان اخبارن ۽ ٽي .وي ۾ پڙهيون ۽ ڏٺيون هونديون.
هڪ اردو اخبار جو تحقيقي ڪالم پڙهيو هيس جنهن ۾ لکيل هيو ”مختيارا مائي“ ۽ ”اسامه بن لادن“ تي ڪيترائي ڪروڙ ڊالر مغربي ميڊيا ڪمايا هئا.
سوچ کي مٽائڻ جي ضرورت
هر مسلمان کي ڪنهن به معاملي ۾ ڪو به مسئلو پيش اچي ته ان کي گهرجي ته پهريائين اسلامي تعليمات ۽ احڪامن جي معلومات ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن انسان کان ڪو ”گناهه“ ٿي وڃي ٿو ته ڏسجي ته ان جو حل اسلامي احڪامن ۾ آهي يانه، جيڪڏهن اسلامي قانون ۾ آهي ته اهو سڀ کان بهتر آهي ۽ هر مسلمان کي اهو فرض به آهي ته الله تعاليٰ جي بڻايل احڪامن تي پنهنجي زندگي جا مسئله حل ڪجن هن ڪائنات کي هلائڻ لاءِ هن ڪائنات جي ٺاهيندڙ (Creator) ان جي هلائڻ لاءِ پنهنجي ڀٽڪيل ٻانهن لاءِ ”قرآن پاڪ“ به نازل فرمايو آهي ته جيئن انهيءَ کي پڙهي ۽ سمجھي ٻانها زندگي گزاري سگهن.
توهان دنيا جو مثال وٺي ڏسو جيڪا ڪمپني جيڪا به مصنوعات (Product) ٺاهيندي آهي ته ان جي هلائڻ لاءِ چند قوانين به مقرر ڪندي آهي ۽ ان لاءِ هو هڪ ڪتاب به ڇاپيندي آهي. جنهن ۾ ان جو طور طريقو (Procedure) سڀ لکيل هوندو آهي. ته ڇا ڀلا جنهن مالڪ هيءَ هيڏي ساري ڪائنات خلقي آهي انهيءَ جي هلائڻ لاءِ هر دور (زماني) ۾ هدايت لاءِ نبي سڳورا نه موڪليا؟ ان سان گڏ ڪتاب به صحيفا به موڪليا. انسان جي بنايل قانون تي اعتبار آهي پر ڌڻي پاڪ جي بڻايل قانون تي اعتبار ڇو ڪونهي؟
اصل وجه هي آهي ته اسان انسانن پاڻ به اسلامي تعليمات کي ڇڏي ڏنو آهي ڪيترا پيارا اصول ۽ بنيادي ڪم اسلامي تعليم ۾ رکيا آهن. ان تي عمل ڪرڻ سان ڪيترائي فائدا آهن. پنهنجي پياري رسول صلي الله عليه وسلم جن سان به اهي واقعا رونما ٿيا. جنهن پاڪدامن بيوي ڏانهن ياڏي ”جبرائيل امين“ الله پاڪ جا سلام کڻي ايندو هو ان ام المئومنين عائشه صديقن رضي الله عنها تي به منافقن ”ڪوڙي تهمت“ لڳائي هئي پوءِ رحمته للعالمين ڪهڙو فيصلو ڪيو ڇا مسلمانوؤ! توهان کي خبر ڪونهي؟
پوءِ انهيءَ سهڻي سرور جي طريقي کي ڇو وسارجي جنهن ۾ ڪاميابي سڪون نجاب سڀئي ڳالهيون ۽ انهيءَ جو بهترين حل به موجود آهي.
عورتن جي مختلف قسم جي مظالم جي بحث کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ۾ پنهنجي ذاتي موضوع ”ڪارو“ ڪاري“ جي حقيقت ۽ پرچار جي ڪوشش ڪرڻ چاهيون ٿا.
اسان وٽ مختلف قسم جا عنوان (Subject) آهن.
1. ڪارو ڪاري جي حقيقت. (Reality)
2. ڪارو ڪاري رسم جي شروعات(Starting)
3. ڪارو ڪاري جي جاهلاڻي رسم جو بند (Black)
4. ڪارو ڪاري جو شريعت ۾ حل.(Solution)
ڪارو ڪاريءَ جي حقيقت ڇا آهي؟
ڪارو ڪاري هڪ بي هودا رسم آهي جيڪا انتهائي جاهلانا آهي. غيرت جي نالي تي قتل جي صورت ۾ ڪئي وڃي ٿي. جنهن ۾ نه شريعت اجازت ڏئي ٿي نه ئي وري ڪنهن ملڪ (State) ان جي اجازت لاءِ ڪو قانون ناقد ڪيو آهي. بس مرد ۽ عورت تي زنا جي تهمت لڳائي انهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. (1) صرف ۽ صرف شڪ جي بنياد تي. (2) ڪنهن سان ذاتي دشمنيءَ جيڪري دشمن جو ڪو ماڻهو پنهنجي ذاتي علائقي ۾ ڏٺائون بس پوءِ دير نه ڪندا پنهنجي زال ۽ ڀيڻ کي يا جيجل ماءُ کي رت ۾ رنگيندي انهيءَ جي پاڪدامنيءَ تي الزام هڻي پوءِ ويٺا غيرت جي نالي تي انعام ڪمائيندا. پنهنجي ماءُ، ڀيڻ کي بدڪردار ڏيکاري پوءِ بي غيرت ”پيسن“ ۽ ”عيوض“ جي صورت ۾ ويٺا انعام ڪمائيندا. ڇل نه ڪنهن عورت ۽ ڪنهن مرد سان ڳالهايو (پوءِ ڀلي کڻي گاهه کڻائڻ جي مدد ڇو نه هجي) بس ڪاري ڪندي دير نه ڪندا پوءِ ڀلي حقي هجي يا ناحقي. پاڻ بي غيرت ويٺا هوندا هوٽلن تي مُڇُينُ کي تيل هڻي نرڙ تي ٽوپي پائي هنن جي زال ڀيڻ، ڌيءَ ماءُ زمين ۾ وتندي گاهه ڪندي، لابارو ڪندي ٻيجارو پٽيندي جيءَ کي ڳاريندڙ سج جي تپش ۾ اونهاري جي گرمين ۾ گرم پاڻي ۾ ساريون هڻنديون هي غيرت جي ڪوٺ جنهن کي گهر جو ڪم پاڻ ڪرڻو هو.
ٻاهر جي ڪم جي ذمو شريعت هن جي ذمي ۾ رکيو هيو گاهه ڪرڻ. ڪاٺيون کڻڻ، لابارو ڪرڻ، رونبو هڻڻ، جانور چارڻ مردن جو ڪم آهي نه ڪي عورتن جو. عورتن کي بي لگام گهوڙين وانگر ڇڏي ڏيندا ته نتيجو اهو ئي نڪرندو توهان ٻين جي عورتن جي پٺيان پوندا ۽ توهان جونعورتون وري ٻين مردن پٺيان پونديون.
”ڪارو ڪاري جا ٻيا به ڪيترائي قسمن جي بهانا ڳولي عورتن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. مثلاً (1) زميني تڪرار جي ڏنڊ ۾ به عورت کي قتل ڪيو وڃي ٿو. (2) رڍن ۽ ٻڪرين جي قيمت به گهڻي هوندي پر معصوم ناري انهيءَ قيمت ۾ به نه ٿي ڏني وڃي. (3) رنگ ۽ نسل جي ڪري به قتل ڪيو وڃن ٿيون پنهنجي زال جيڪڏهن ڪاري هوندي ته ٻئي جي نياڻين ۽ ڌيئرن ۾ اکيون هوندن پوءِ ويٺا بهانا ۽ پلاننگيون (Plannings) ڪندا رهندا. ڪيئن پنهنجي زال ڀيڻ. ڌيءَ ماري ڪري عيوض ۾ سڱ به وٺان ۽ ڏنڊ به وٺان ڇو ته قانون. پوليس ته پاڪستان ۾ ڄڻ آهي ئي ڪونه جيڪو ”ڏاڍو سو گابو“ وارو قانون آهي. ڪنهن وڏيري جو پاسو ۽ کيسو گرم ڪبو ۽ پوليس واري کي رشوت کارائبي پوءِ فيصلي ۾ وڏيري ، سرپنچ ۽ قتل جو پلان ٺاهيل ڪامياب ويندو.
ناحق جي نياڻي به ويندي ۽ پئسا به ويندا غيرت جي نالي تي قتل ڪرائي بعد ۾ فيصلو ۽”جرگي“ ڪرائي اڌ رقم وڏيرا ۽ جاگيردار پيا کائن نه حڪومت انهيءَ مسئلي جي حل لاءِ ڪا حڪمت عملي ڪونه جوڙي نه ئي سماجي ڀلائي وارا انهيءَ لاءِ ڪا صحيح ”روڪ ٿام“ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. جيڪڏهن حڪومت انهيءَ مسئلي لاءِ سنجيدهه ٿئي ته گهڻو ڪجهه فائدو ٿيندو ۽ انهيءَ جو حق ۽ فرض به آهي ته انهيءَ جو جلد از جلد ڪو ممڪن ۽ مناسب حل نڪري پئي ته جيئن قوم، ملڪ سڪون جو ساهه کڻن جهڙو آزاد ماحول پيدا ٿئي پوي. جنهن ۾ حڪومت جي به ڪاميابي آهي ورنه هڪڙي حڪومت ۾ ٻئي حڪومت وڏيرن ۽ سرپئنچ جي ٺاهيل آهي.
ڪائنات ۾ اول قتل جو سبب عورت هئي
انسان جي فطرت ۾ ڪجهه اهڙيون عادتون ۽ اهيون ڳالهيون موروثي طور تي منتقل ٿينديون آهن. اهڙي طرح ڪجهه بيماريون به موروثي ٿينديون جيئن شوگر، نظر جي ڪمزوري، طبيعت جو تضاد،ڪي گرم مزاج ته ڪي سرد مزاج.
هن انساني نسل جي اول شخص حضرت آدم عليه السلام کي جڏهن الله پاڪ ٺاهيو ته روح وجھڻ کان بعد ۾ جلدي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي جنت ۾ اڪيلي رهڻ کان پوءِ الله تعاليٰ انهيءَ جي پاسيري مان ڏاڏي حوا رضي الله تعاليٰ عنها کي ٺاهيو. ان کي ڏسي جلدي ان ڏانهن هٿ وڌائيائين انهيءَ ڪري ان جي اولاد يعني انسان جسم رکندڙ ۾ جلدبازي واري عادت منتقل ٿيل آهي.
اهڙي طرح انهيءَ جي اولاد ۾ هابيل ۽ قابيل جو عورت جي ڪري جھيڙو ڪرڻ ۽ بعد ۾ انهن مان هڪڙي ڀاءُ ٻئي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو.
انهيءَ جو سبب آهي ته اڄ تائين دنيا ۾ جيڪي جنگيون خون ريزيون ٿيون آهن تن مان سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح ان جو تعلق عورت سان ضرور ملندڙ جلندڙ آهي.
اهڙي طرح انسان جي فطرت ۾ رکيل آهي ته هڪ انسان عورت ڏي لاڙو رکندـڙ هوندو ۽ ٻيو انسان انهيءَ عورت جو ڀاءُ، پيءُ هوندو اهو شخص چاهيندو ته مان عورت کي جائز ناجائز طريقي سان حاصل ڪيان ۽ ٻئي شخص لاءِ عزت ۽ غيرت جو مسئلو ٿي پوندو اهو ائين ڪرڻ نه ڏيندو پوءِ ٻن شخصن جي ڇڪتان جو سبب خون ريزي. جگهڙا، فساد، بدامني ٿي پوندي.
اهڙي طرح هابيل قابيل انساني نسل جي شروعات آهي انهن ۾ جيڪي ڳالهيون هيون اهي بعد ۾ انسانن جي طبيعت قبول ڪيون يا کڻي چئجي منتقل ٿيون ۽ ايسيتائين جگهڙا فساد پيا هلندا جيسيتائين انهيءَ جو ڪو مناسب حل نه ڳوليو وڃي.
اسان آخري نبيءَ صه جي آخري امت آهيون اسان لاءِ اول امتين جيڪي غلطيون ڪيون ۽ جيڪي سٺا عمل ڪيا اهي اسان لاءِ سبق آهن. الله تعاليٰ به قرآن پاڪ ۾ جيڪي گذريل امتن جو ذڪر ڪيو آهي ته ان جي اول ۽ آخر ۾ چيل آهي ته هي نصيحت آهي ”سمجهه وارن لاءِ“ يا اولي الالباب جا لفظ قرآن پاڪ ۾ ڪيترن ئي جڳهين تي آيل آهن.
حضور عليه السلام جن جي مبارڪ تعليم ۽ تربيت اسان لاءِ هدايت اصلاح. بقاءِ جي ضامن آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته انهي تعليم جي روشني ۾ ڪي اهڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن جن سان سماجي برايون جلد از جلد ختم ٿي ان جون پاڙون پٽجي وڃن ۽ هڪ اهڙو صاف سٿرو ماحول پيدا ٿي جنهن ۾ هر هڪ سک ۽ آرام جو ساهه کڻي.
ڪارو ڪاري رسم ۽ باهه مان گذرڻ هندن جي رسم
”قديم سنڌ“ ۾ ڀيرو مل لکي ٿو ته” جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه لاءِ (رگ ويندن) (هندن جي ذات جو قسم راقم الحروف) کي پوري ثابتي نه ملندي هئي يا ڏوهي کي شڪ جو فائدو ڏيندا هئا. پر متان فريادي جي دل ۾ ڪو ڏک رهجي وڃي. ائين سمجهي ته مون سان نياءُ نه ٿيو. تنهن ڪري تهمتي جي هڪ نه ٻئي طرح پريکيا لهندا هئا.
1. تهمتي کي اڪثر باهه جي ٻرندڙ مچ مان لنگهڻ لاءِ چوندا هئا. جيڪڏهن باهه مان گذري (لهنگهندي) جلي ويندو هو ته سمجھندا هئا ته پنهنجو ”ڪيتو“ لوڙيائين. پر جيڪڏهن سلامتي سان مچ مان لنگي پيار پوندو هو ته پوءِ جي ڏوهي سمجهيو ويندو. جنهن زال ۾ شڪ هوندو هو تنهنجي به پريکيا ائين لهندا هئا.
(قديم سنڌ ڀيرو مل صفه 377)
ڏوهه ۽ سزائون
ائين نه سمجهڻ گهرجي ته رگ ويدن واري زماني ۾ ماڻهو گناهه جا ڪم ڪندا ئي ڪو نه هئا. انساني سياءُ جهڙو اڄ آهي تهڙو اڄ کان اڳ به هو تنهن ڪري ماڻهون قسمين قسمين ڏوهه ۽ گناهه ڪندا هئا. ڪي لفنگا پراين ڄاين کي تڪيندا هئا ۽ ڪي جوان ڇوڪريون ۽ زالون چنبي ۾ اچي وينديون هيون.
پراي استريءَ (زال) سان سنجوڳ (زنا) ڪرڻ ڳرو گناهه لکبو هو. جيئن اڄ ڪلهه ”ڪارو ۽ ڪاري“ کي بروقت قتل ڪرڻ واجب سمجهن ٿا تئين اڳي به هو ۽ اهڙي خون ڪرڻ لاءِ ڪا به سزا ڪانه ملندي هئي ۽ ٻين حالتن ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهون ڪنهن جو خون ڪندو هو. خون ٿيل ماڻهو جا مائٽ خوني جي پٺيان ڍوڙيندا هئا. اُتي پڪڙي اڦٽ ماريندا هئا. وقتي ائين به ٿيندو هو ڪو خون ڪري ڀڃي ويندو هو .............. راجائو راضا نامو ڪرائي فوتي جي مائٽن کي خون جي عيوض گابيون ۽ ڏاند ڏنا ويندا هئا.
(قديم سنڌ ڀيرو مل صفه 375)
جنگين لاءِ سبب
رگ ويدن زماني ۾ ڪي جنگيون چٽا ڀيٽيون خاص هن سبب جي ڪري لڳنديون هيون ته ڌاڙيل جيڪو مال ڪاهي ويا هجن سو کانئن موٽي هٿ ڪجي يا دشمنن جو چوپايو مال بلڪه سندن زالون هٿ ڪجن (2) وقتي پوک جي پاڻي تان تڪرار ٿيندا هئا.
(قديم سنڌ پيرو مل صفه 375)
پاڪستان جا فڪر مند سنڌيو! مذڪوره حوالن مان اهو ثابت ٿيو ته ”ڪارو ڪاري“ جهڙي رسم هندن جي ويڌڪ (ويندن) جي آهي. هندن ۽ مسلمانن جو مذهب الڳ آهي. انهن جي ،مذهبي ريتون رسمون الڳ آهن مسلمانن جون ريتون رسمون الڳ آهن جنهن مقصد لاءِ اسان کي ممبئي کان الڳ ٿيڻو پيو جنهن جي ڪري سنڌ ٽٽئ ته اڄ تائين ٽٽي ٽٽي وڃي بچي آهي. جيڪا به قبائلي جگهڙن ۾ باهه ۾ پئي ٻري. ڪٿي ٻري، ٻري سنڌ صفا ختم نه ٿي وڃي.
ڪٿي سزائن جي وڪڙ ۾ اچي سنڌي نسل تباهه ڪرڻ جا منصوبا ته نه ٿا ڪيا وڃن، جو قبائلي تڪرار، غلط ريتون رسمون پاڻي لاءِ ترسندڙ ماروئڙا اڄ به تڙپي تڙپي مري نه وڃن هر هڪ شخص پنهنجي طور تي پنهنجي طاقت آهر آزار ڪوشش ڪري سنڌو ديش جي بچاءُ لاءِ جيڪا ولين جي ڌرتي لاءِ آهي.
بي جوڙ شاديون تڪرار جو سبب بڻجن ٿيون
شادي هڪ اهڙي زندگيءَ جي حقيقت آهي جنهن ۾ انسان جي زندگيءَ جون حسرتون، آسائشون، بي چينيون، مسڪراهٽون ۽ کٽيون مٺيون رنجشون محبت ۽ نفرت جي ميلاپ ۽ جدائن جون راتيون ۽ ڏينهڙا مهينا سال پيا گذرن ٿا.
شادي شدهه جوڙي جي زندگي ٻن مرحلن مان گذرندي آهي ڪڏهن خوشيءَ ۾ ڪڏهن غميءَ ۾ پئي گذرندي آهي.
جيڪڏهن پرڻيل جوڙو هڪ عمر هڪ سوچ ۽ هڪ فڪر رکندڙ آهي ته اهي هميشه خوشين جي ڀاڪرن ۾ هوندا پر ان جي ابتڙ جيڪڏهن الڳ سوچ ۽ فڪر رکندڙ هوندا ته زندگيءَ جي گاڏي هميشه لوڏن ۾ هوندي پوءِ ڪڏهن تڪرار ته ڪڏهن بي قرار اهي زندگيءَ جون خوشيون غمگين ۾ تبديل ٿيندي دير ڪونه ٿي لڳي. پوءِ ڳالهيون جدائي، طلاق مارڻ ڪٽن تي ٿيون پهچن ڳالهه وڌي وڌي خوني تڪرار، قبائلي جڳهڙن تي وڃي پهچي ٿي.
اهڙن فسادن جو فائدو جنهن کي پهچي ٿو اهي انهيءَ کي وڌائي انسانن جي خون ريزي تائين پهچائين ٿا.
فسادن جهيڙن جو فائدو گهڻو ڪري وڏيرن سرپئنچن کي پهچي ٿو. ڇو ته آخر ۾ انسان جي اڻ کٽندڙ جنگ بي مقصد قبائلي تڪرارن جو فيصلو انهن کي ڪرڻو هوندو آهي. انساني جانين جي قيمت مقرر ڪرڻ وارا، عيوض چٽي، ڀرائڻ وارا، ناحقن کي پوليس ۾ ٻڌرائڻ وارا، نياڻين کي ڪوٽن ۾ بند ڪري رکڻ وارا اهي مقدم ۽ وڏيرا هوندا آهن.
رشتي ڪرڻ وقت
انهن سڀني مصيبتن کان بچڻ جو واحد حل وقت تي صحيح فيصلو ڪرڻ. جيڪڏهن وقت تي صحيح ۽ مناسب رشتو نه ڪيو ويو ته ان جو نتيجو بهتر ڪونه ايندو. رشتي ڪرڻ وقت ديندار گهراڻو. ديندار گهوٽ ۽ ڪنوار جو خيال رکي پوءِ نڪاح جو فيصلو ڪيو وڃي. عمر ۽ خاندان، سوچ فڪر ماحول جو اثر انسان جي گهڻين ڳالهين تي اثر انداز ٿئي ٿو.
والدين جا نافرمان (پريمي جوڙا)
والدين جا نا فرمان جنهن پيءُ ماءُ پنهنجي اولاد کي ڏکن غمن ۾ پاليو ، جنهن ماءُ سردين گرمين جي راتين ۾ اوڄاڳا ڪري ننڊون ڦٽائي پنهنجي ننڍڙي اولاد تي شفقت ڀرين دعائن سان کير پياريا، معصومي حالت ۾ ان جا ناز نخرا سٺا تنهن جيجل ماءُ جي لوري جيءَ کي وڻندي وئي. الله الله ڪندي ٻچڙي لاءِ دعائون گهرندي رب کي پڪاريندي ڪڏهن ننڊ وٺي وڃي ٿي. ٻالڪپڻ ۾ ٻار ڪيئن پل (گهڙيءَ) رسي ٿو، وري گهڙيءَ ۾ راضي ٿئي ٿو. جواني ۾ اها عادت ڇو وساري ويهي ٿو؟ ڇو هڪ انجان تعلق خاطر والدين جي عزت کي نيلام ڪرڻ تي راضي ٿئي ٿو؟
جنهن ماءُ، پيءُ انهيءَ جي جواني جا خواب پنهنجي دلين ۾ سمايا هوندا ڇو انهن کي ڪنهن غير جي خاطر ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏڻ کان به نه ٿي ڪيٻائي؟
ڇا انهن ظالم ”پريمي جوڙن“ کي انهيءَ وقت والدين جو نصيحتون ياد ڪونه ٿيون اچن جنهن وقت مفاد پرستن عاشق انهن نياڻين کي سماج جا طعنا، ٽوڪون، سهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ اڪيلا ڇڏي ڏين ٿا؟ صرف هڪ ڪلاڪ سوچي ڏسو ڪنهن به مستقبل جي فيصلي ڪرڻ کان اڳ۾ ته ڇا حالت ڪيفيت هوندي انهيءَ والدين جي جنهن جي نياڻي پنهنجي عاشق سان گهر کان ڀڄي نڪتي آهي. ان وقت انهيءَ پيءُ جي دل چاهيندي ته جيڪري زمين ڦاٽي پوي ۽ مان ان زمين جي پيٽ ۾ هليو وڃان ته جئين زماني وارن جا زهر ڀريا تعنا کائڻ کان بچي وڃان.
انهيءَ بد نصيب ڇوڪريءَ کان ڀڇي ڏسو جنهن کي انهيءَ جو مطلبي پريمي ڇڏي ويو هجي. جنهن ڪنهن اجنبيءَ خاطر پنهنجي جوان جوانيءَ جي قرباني ڏني هجي. هاڻي افسوس جي زندگي گذرندي هجي.
پريمي لاءِ گهر ڇڏيم پر هن مون کي ڪال گرل بڻائي ڇڏيو.
(زويا ڍنڍڻ ــ ڪاوش 16 سيپٽمبر 2008)
معاشري ۽ والدين جا باغي اولاد بڻجڻ جو سبب:
ڪنهن به سوچ ۽ تهذيب جي تبديل ٿيڻ ۾ ماحول ۽ مطالعي جو گهڻو اثر ٿئي ٿو. اڄ ڪلهه جديد دور آهي معلومات گهڻن طريقن سان ملي سگهي ٿي. اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا، جو گهڻو دخل آهي. جتي انسانن جا خيالات، تهذيب، رهڻي ڪهڻي ۾ گهڻي تعداد ۾ فرق اچي وڃي ٿو. فلمي ماحول، آزادي، خيالات جي گندي سوچ رکندڙ دوستن، يورپين ملڪن جي ڪلچر کان متاثر شخصن جي سوچ گڏيل محفلن جو عام ٿيڻ. تهذيبن جو ٽڪراءُ. اُهي سڀئي سبب آهن اولاد کي والدين جا باغي بڻجڻ تي مجبور ڪندر، حقيقت ۾ ڏسجي ته جتي ٻار کي پيدا ٿيڻ سان ئي الله الله جي مٺڙي لولي جيجل ماءُ جي زبان مان نڪرندڙ ملي ٿي اٿڻ سان ئي ٻار جي پرورش اسلامي طور طريقن تي ٿيڻ لڳي ٿي. کائڻ پيئڻ، لباس ۽ اخلاق ۽ والدين جو ادب، احترام جو درس شروع کان ئي هڪ مسلمان ٻار کي ملي ٿو. ته پوءِ اهو جوان ٿي والدين جو باغي ڪئين بڻجي ٿو؟ پنهنجي جاءِ تي هي هڪ اهم سوال پيدا ٿئي ٿو.
انهيءَ جو جواب اهو آهي ته جنهن ملڪ جي تعليم، نظام، ميڊيا، سياستدان، حڪمران سڀئي غير مسلمن جي تهذيب، تعليم، ثقافت جي تعريف ڪندڙ هجن ۽ انهيءَ کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ هجن جن حڪمرانن کي اسلامي سوچ، اسلامي نظام پراڻو ۽ فرسودهه سمجهه ۾ اچي، جتان جا مسلمان پنهنجي نياڻين کي ڪڇا پارائي روڊن تي ڊڪ ڀڃائڻ چاهن، جيڪي غيرت مند مسلمان انهيءَ ڪڌي ڪم جي مخالفت ڪن انهن لاءِ چون ٿا، اهي ترقي ۾ رڪاوٽ آهن ۽ ٽي . وي تي اعلان ڪن ته ”جنهن کي ڳالهه نه وڻي ته اهي منهن پري ڪن“ اسان پنهنجو منهن ڪارو ڪري پنهنجي غير مسلمن جي دل خوش ڪنداسين ڀلي الله ۽ الله جو رسول ناراض ٿئي. جتان جا حڪمران اسلام جا باغي هوندا ته اتان جا ماڻهون به ظاهر آهي اسلام جي باغي ٿيندا. الله تبارڪ و تعاليٰ شل سڀني کي هدايت ڏي.
(آمين ثم آمين)
غلط رسمن کي روڪڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ
هر هڪ شخص پنهنجي پنهنجي طاقت آهر جيڪي به سماج جون برايون آهن انهن کي روڪڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪري اهو ملڪ جو حڪمران هجي. عوام هجي، عالم، محدث، خطيب، مفتي، مدرس، وڪيل دانشور، سماجي ورڪر انسانن جي ڀلائي ۽ سڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون، تحريڪون، انفرادي طور تي يا اجتماعي طريقي سان ختم ڪري هر هڪ اهي جاهلن واريون ڪڌيون رسمون ختم ڪرڻ جا طريقا بنائي ته جيئن اسانجي نسلن جي بقاءَ ترقي ٿئي. دشمن سماج، دشمن قوم جي ٽيڪر تي پنهنجي نسلن تي قتل عام ٿيڻ کان بچائي هڪ طرف پنهنجو فرض نڀايون ٻئي طرف پنهنجي نسل جي بقا جي جنگ لڙي پنهنجو نسل بچايون منهنجي اها درخواست سماجي جي انهيءَ هر فرد کي آهي. جيڪو ڪنهن نه ڪنهن واسطي سان ملڪ جي عوام جي سڌاري جا ذميوار آهن. حڪومتي ادارا دين جو درد رکندڙ علماء ڪرام، مفتيان عظام، جج صاحبان، مخلص قوم، وڏيرا، سر پئنچ، مطلب ته جيڪي قومن جا فيصله ڪندڙ اهن انهن سڀني کي خدا جي واسطي هي درمندانا درخواست ٿو ڪيان ته ڪنهن به مظلوم جي فرياد ٻڌي انهيءَ کي انهيءَ جو حق وٺي ڏيڻ توهان جو ڪم آهي ڇو ته حديث ۾ ايندو آهي.” توهان ۾ هر هڪ نگهبان آهي هر هڪ کان سندس انهن جي رعيت جي باري ۾ پڇا ٿيندي“. (صحيحين)
جيڪي عالم ۽ خطيب آهن اهي پنهنجن واعظن، تقريرن، ۾ انهيءَ ڪڌي رسم کي ختم ڪڻ بابت عوام کي آگاهه ڪن ۽ انهن جا نقصانات بيان ڪن جيڪڏهن عوام ڳالهه سمجهي ۽ پنهنجا عمل سڌاريا ته پوءِ وڏيرن جي درتي ڌڪا کائڻ جي نوبت نه ايندي شل الله تعاليٰ امت محمد صلي الله عليه وآله وسلم کي دين جي سمجهه ۽ هدايت هصيب فرمائي.
(آمين ثم آمين)