مُهاڳ: سبق سک سهڻي شريعت سندو
مذهب ئي ڀيڻ ماءُ ڌيءَ سان شاديءَ کان منع ڪئي آهي نه ته عقل جي حوالي کان ڀيڻ ماءُ، ڌيءَ سان شادي ڪرڻ ۾ ڪا قباحت نه آهي. رت جي ڇڪ ذهني قربت ۽ طبيعت مان واقفيت جا اهڙي شاديءَ لاءِ عقلي جواز به موجود آهن ــ عقل پرست سائنس کي پنهنجو وڏو سهارو سمجھن ٿا پر سائنس جا نظريا ۽ ضرورتون مٽجنديون رهن ٿيون ان صورت ۾ انهن وٽ اخلاقي نوعيتون به مٽجي وينديون، هم جنس پرستي عقل پرستن وٽ رڳو هن ڪري منع ٿي وئي جو ان سان لاعلاج بيماري ايڊز پئي ٿئي پر جيڪڏهن سائنس ان جو علاج دريافت ٿي ڪري ته اها روڪ ختم ٿي ويندي، روڪ ته هاڻي ئي رڳو عارضي احتياطي اپائن (ڪنڊوم جي استعمال) سان ئي ختم ٿي وئي آهي اهڙيءَ طرح سائنس خراب پاڻي (پيشاب يا ناليءَ جي پاڻي) کي سائنسي انداز ۾ ڇاڻي لائقِ استعمال بڻائي ڇڏيو آهي ان ڪري عقل پرستن وٽ اخلاقي قدر مستقل نه آهن ــ سچ دائمي هوندو آهي وارو تصور آهي ئي ڪونه! ايتريقدر جو هي دنيا حقيقي طرح آهي يا نه؟ فلسفين يا عقل پرستن وٽ ان بابت به بحث هلندڙ آهي!!! لبرل، سيڪيولر يا عقل پرستن وٽ وري جمهوري طريقي سان ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ ثابت ڪري سگهجي ٿو. يورپ ۽ آمريڪا جي ڪيترين رياستن ۽ ملڪن ۾ هم جنس پرستي کي جمهوري طرح (اسيمبليءَ جي ذريعي) جائز ۽ صحيح قرار ڏنو ويو آهي جيڪو ڪم ماضيءَ ۾ اتي به غلط ۽ جرم هو.
مذهبن جزا سزا جو تصور ڏنو ۽ قائم ڪيو ــ هڪڙا قانون سزائن جا دنيا ۾ ڏنا، ٻيو ته جنت دوزخ ۽ نرڳ سرڳ کي مڃڻ ان سلسلي ۾ بنيادي عقيدا آهن جنهن تحت خدا سٺن کي انعام ۽ خراب کي سزا ڏيندو. حڪومتي قانون کي بنياد فراهم ڪيو ته دنيا ۾ جيڪو سٺو ڪم ڪري اهو سزا کان بچيل رهي جيڪو غلط ڪم ڪري ان کي سزا ملي ــ جرم جيترو به وڌيڪَ هوندو ته اوتري سزا سخت هجڻ گهرجي. مثال طور هڪ ماڻهوءَ اگر خون ڪيو ته ان کي عمر قيد جي سزا ملي جيڪا چوڏهن سالن جي سزا ڪٽي ٻاهر نڪتو ۽ جيل ۾ جيڪي اڄ ڪلهه سهولتون آهن جن کي ڏسي سزا جو تصور ئي ختم ٿيو وڃي ته ڇا اها سزا ان خون جو نعم البدل آهي؟ اگر نه ته زنا کي رڳو ڏنڊ سان ٽارڻ به مؤثر نه ٿيندو. امير ته ان کي ٽيڪس سمجھي ڪري عياشي ڪندا ــ ان ڪري زنا جيڪا انساني خانداني نظام کي ڊانواڊول ڪري ٿي يعني اگر زنا کي صحيح تصور ڪري ان جي اجازت ڏني وڃي ته پوءِ ڪير گهر ٻار جون ذميداريون سنڀاليندو ۽ پوءِ نظامِ زندگي ڪيئن هلندو؟ ان سڄي نظام جي لوڏيندڙ جرم ”زنا“ جي سزا به سنگين هجي. ان صورت ۾ اسلامي سزا صحيح ۽ مؤثر رهندي. اسلامي معاشرن ۾ زنا نه هجڻ برابر آهي پر جِتي جنسي آزادي آهي زنا بالرضا جرم نه آهي ته اتي راضپي جي زنا جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي پر اتي زوري زنا (Rape) جا واقعا روزانو روز ڇو ٿا وڌن؟؟؟ ان ڪري جو ان لاءِ يا ته سزا ڪونهي يا غير مؤثر آهي.
چون ٿا ته ڪاروڪاري بلوچستان جي رسم آهي ان ڪري بلوچستان وارن حصن جيڪب آباد ـــ لاڙڪاڻي ۾ زياده آهي ته ان سلسلي ۾ سوال آهي ته بلوچستان به ته واديءَ سنڌ يا سنڌو تهذيب جو حصو آهي ان صورت ۾ ان رسم کي غير سنڌي رسم چوڻ صحيح ڪيئن آهي؟ اصل سبب اهو نه آهي، تاريخ سنڌ جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته عرب مسلمانن جي حڪومت اروڙ (سکر) ۽ ان کان مٿي وارن علائقن مان ختم ٿي وئي هئي. ملتان ۽ منصوره ۾ حڪومت هئي پر جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي سميت بلوچستان ۾ حڪومت نه رهي هئي. هئي ان ڪري عربن معرفت اسلامي تعليمات جو اثر انهن علائقن ۾ ستي لڪڙي ۽ ڪاروڪاري جهڙن غلط رواجن تي پابندي نه وجھي سگهيا. پنهنجن علائقن ۾ هو وڌيڪَ اثر انداز رهيا ان ڪري عرب حڪومت وارن علائقن ۾ ستي لڪڙي ۽ ڪاروڪاري قتل گهٽجي ويا جڏهن ته ٻين علائقن ۾ اهي رواج مسلم معاشرت سبب گهٽيا ته ضرور مگر وري به رائج رهيا. ڪاروڪاري سنڌي رواج ئي آهي ۽ بدڪاريءَ جي سزا طور رائج رهيو پوءِ اڳتي هلي کڻي ان جو غلط استعمال ٿيو ــ قديم دور جي سنڌ بابت ڪِتاب ”قديم سنڌ“ ۾ ص 35 تي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ لکيو آهي ته ”جيئن اڄ ڪلهه ڪاروڪاريءَ کي بروقت قتل ڪرڻ واجب سمجھن ٿا تيئن اڳي به هو ۽ اهڙي خون ڪرڻ لاءِ ڪا به سزا ڪانه ملندي هئي.“ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ ”سنڌي ثقافت تي اسلامي اثرات“ ص 44 ۽ 45 تي قديم سنڌ بابت لکيو آهي ته ”ڪٿي ڪارو ڪاريءَ کي مارڻ جو رواج به موجود هو..... (بعد ۾) ڪاروڪاري جي رسم هند ۾ ته نه رهي پر سنڌ جي مسلمانن ۾ موجود رهي ـــ ميمڻ صاحب ڪِتاب جي ص 160 تي عرب تاريخدان سليمان تاجر جي ڪِتاب ”سلسلة التواريخ“ جي حوالي کان لکيو آهي ته ”جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عورت کي وٺي اچي ۽ بدڪاري ڪري ته بدڪاري ڪرڻ واري عورت ۽ مرد ٻئي قتل ڪرڻ سڄي ملڪ ۾ ضروري سمجھيو ويندو هو ــ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ زبردستيءَ عورت سان زنا ڪئي ته اڪيلو مرد قتل ڪيو ويندو هو پر جيڪڏهن عورت جي رضا منديءَ سان بدڪاري ڪئي ته مرد عورت ٻئي قتل ڪيا ويندا هئا.“ ميهار واري سهڻيءَ جو قتل به غيرت جو قتل ئي سڏبو ــ ڀٽائي صاحبَ به مومل راڻيءَ جي حوالي کان هڪ بيت ۾ غير مرد سان ڏسڻ جي صورت ۾ مارڻ واري رواج جو ذڪر ڪيو آهي:
جي مرد ڏٺو هوءِ محلات ۾ ته ماري ڪرين ها مٽ
ترازي ۽ وٽ مرڪ تنهنجو آهي مينڌرا
بهرحال جيڪي ماڻهو سنڌي ثقافت جو مطالعو رکن ٿا تن کي معلوم آهي ته ڪاروڪاري رسم تحت فقط بدڪار مرد ۽ بدڪار عورت کي سينگاري درياءَ ڪناري ويهاري سڀني آڏو ڪهاڙيءَ سان ماري درياءَ داخل ڪيو ويندو هو. اها رسم هاڻي سنڌ ۾ ڪٿي به رائج ڪونهي باقي غيرت جا قتل ته سڄي دنيا ۾ رائج آهن. مغرب جِتي زنا بالرضا جو لفظ ئي لغت ۾ ڪونهي، جنسي آزادي آهي اتي دوست (Boy Friend) ڪرڻ تي قتل ٿين ٿا ــ زوري زنا جا واقعا به وڌي رهيا آهن.
ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ڪاروڪاري سنڌ جو رواج هجي ها ته ”سهڻي“ غير مرد ”ميهار“ سان ملندي رهي ان جي منڍي ڇو نه لاٿي وئي ته خبر هجڻ گهرجي ته سهڻيءَ جو قتل به غيرت جو قتل آهي پر مارڻ جو انداز ٻيو آهي ـــ پڪي گهڙي بجاءِ ڪچو گهڙي رکڻ جو مقصد اهو هو ته سهڻي درياءَ ۾ ٻڏي مري ۽ ائين ئي ٿيو ــ ڪي ماڻهو سهڻيءَ جو غير مرد ميهار سان ملڻ کي ڀٽائيءَ پاران صحيح قرار ڏين ٿا ــ هو اهو ڇو نه ٿا سوچين ته اگر غير مرد سان ملڻ صحيح آهي ته ڇا هو پنهنجي عورتن کي اهڙي آزادي ڏيندا؟ ٻيو ته ڇا ڀٽائي عورت جو غير مرد سان ملڻ صحيح سمجھندو هو؟ ڇا ڀٽائي بدڪاريءَ جو علمبردار هو؟ باقي ڀٽائي سر سهڻيءَ ۾ سهڻيءَ جا جذبات بيان ڪيا آهن ته سهڻي ڏَمَ کان سواءِ پاڻ کي پليت، اڌوتي ٿي سمجھي، ڀٽائي اهو ذڪر ڪري الله جي عاشقن کي سمجھايو آهي ته هڪ غلط عورت پنهنجي مقصد يا محبوب لاءِ طعنا سهي ٿي، درياءُ اُڪاري ٿي. آخر جان قربان ڪري ٿي ته اوهان پوئتي ڇو ٿيندا آهيو؟ باقي ڀٽائي سهڻيءَ کي عقل ــ مت (مذهب) ۽ شرم کان عاري سڏيو آهي ۽ ان کي ڪاڻياري (بدڪار) سڏيو آهي:
تڙ تڪڻ تار گهرڻ، اي ڪاڻيارين ڪم
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾ ڏي ڏوراپا ڏم
عقل مت شرم ٽئي نينهن نهوڙيا
(شاهه جو رسالو شاهواڻي سر سهڻي داستان ــ 3 بيت 1)
ڀٽائي سهڻيءَ کي چيو آهي ته اگر ميهار سان محبت ڪرين ٿي ته شريعت (قانون) وارو طريقو اپناءِ ڏم کان طلاق وٺي ميهار سان شادي ڪر يا دل ۾ ئي ميهار جي محبت رک پر ان سان نه مل:
ساري سک سبق شريعت سندو سهڻي
طريقتان تکو وهي حقيقت جو حق
معرفت مرڪ اصل عاشقن جو
(شاهه جو رسالو شاهواڻي سر سهڻي داستان ــ 3 بيت 10)
باقي جيڪي ماڻهو چون ٿا ته سهڻي ميهار جو پيار پاڪ هو سي به غلط آهن، رات جو سهڻي ميهار سان ملڻ ڇا لاءِ ويندي هئي؟ ۽ رات جو ڇو؟ لوڪ کان لڪي ڇو ويندي هئي؟ ڇا اهي ماڻهو سهڻي ميهار کي ڀاءُ ڀيڻ چئي سگهندا؟ اگر نه ته پوءِ سندن محبت پاڪ ڇو ۽ ڪيئن سڏبي؟ اهو به مؤقف غلط آهي ته سهڻيءَ جي ڏم سان زوريءَ شادي ڪرائي وئي سو ان سان نڪاح نه ٿيو هوس حالانڪه سهڻيءَ جو ميهار تي عاشق ٿيڻ جو واقعو شاديءَ کان واپسيءَ تي ٿيو هو ــ ٻيو ته اهو ڪٿي آيو آهي ته سهڻيءَ سان ڏم جي شادي زوريءَ ٿي هئي؟ ٽيون ته زوريءَ شادي ٿي به هجي ها ته به ان کي اهو حق ته ڪونه هو جو بدڪاريءَ واري واٽ وٺي، ڀٽائيءَ چواڻي قانوني رستو وٺي ها نڪاح ٽوڙائڻ جو.
ڏٺو وڃي ته ڪاروڪاري خلاف آواز بظاهر ته سٺو آهي پر ان جا پيش ڪندڙ غير ملڪي ايڊ ۽ ايجنڊا تي هلندڙ اين جي اوز وارا آهن انهن جو مقصد پئسو آهي، ان جي ايجنڊا بدڪاريءَ کي وڌائڻ آهي ان ڪري اهو نعرو ڪجهه خطرناڪ آهي ــ جڏهن ڀلي شيءِ بد نيتيءَ جي بنياد تي پيش ڪئي وڃي ته اها ڀلي شيءِ به نقصان ڏيندي آهي. بندوق جڏهن فوجي بجاءِ ڌاڙيل جي هٿ اچي وڃي ته اها خطرناڪ بڻجي وڃي ٿي ۽ جيئن هڪ مسجد منافقن مسلمانن جي خلاف سازشن ڪرڻ لاءِ ٺاهي هئي ته اها ئي ته مسجد پر ان کي مسجد ضرار (نقصان ڏيندڙ مسجد) چئي ڊاهڻ جو حڪم ٿيو ــ زهر شربت ۾ ملائي پياربو ته رڳ رڳ ۾ جلد سمائجي ويندو ـــ اهڙيءَ طرح ڪاروڪاريءَ جي سزا کڻي اسلام ۾ نه آهي پر اين جي اوز پاران پنهنجي دڪان چمڪائڻ ۽ بدڪاريءَ آڏو بند کي هٽائڻ جي نيت سان ان کي ختم ڪرائڻ جي ڪوشش قابل مذمت آهي، جڏهن ته اسلامي معاشري يا اسلامي نظام جنهن ۾ بدڪاريءَ جي لاءِ سزا به آهي ان لاءِ اين جي اوز جي ڪا به جدوجهد نه آهي ۽ نه وري بدڪاريءَ جي لاءِ سزا به آهي ان لاءِ اين جي اوز جي ڪا به جدوجهد نه آهي ۽ نه وري بدڪاريءَ لاءِ هو ڪا سزا تجويز ڪن ٿا ــ چون ٿا ته ڪاروڪاري ملڪيت لاءِ ڪئي وڃي ٿي. مڃون ٿا ته ان ۾ حقيقت آهي پر سڀ واقعا ملڪيت لاءِ به ته نه ٿا ٿين، غلط ڪاري به ٿئي ٿي ۽ غلط ڪاري ٿيندي ڏسي غيرت ۽ جذبات ۾ اچي مرد عورت کي ماريو ويو، اها به ته حقيقت آهي ــ اهو تعداد ڀلي ڪيترو به ٿورو مڃيو وڃي پر اين جي اوز اهڙن مجرمن لاءِ ڪا سزا تجويز ڪري. چون ٿا ان کي طلاق ڏئي ڇڏجي ته آءٌ پڇان ٿو ته اگر عورت ماءُ ۽ ڀيڻ يا ڌيءَ هجي ته پوءِ طلاق ڪيئن ڏجي؟ اين جي اوز ۽ نام نهاد سول سوسائِٽي بدڪاري لاءِ اسلامي ملڪ ۾ اسلامي سزا (رجم يا سنگساري ۽ ڪوڙا) تجويز ڇو نه ٿي ڪري؟ مورڳو ڪنهن به سزا تجويز نه ڪرڻ جي ڪري سندن بدنيتي ظاهر ٿئي ٿي ته اسلامي سزا به نافذ نه آهي ۽ بدڪاريءَ جي راهه ۾ هڪ رڪاوٽ ڪاروڪاري يا غيرت جو قتل به ختم ٿئي ته معنيٰ ڇڙواڳي ۽ بدڪاريءَ جو فروغ ٿئي.
هن سلسلي ۾ اين جي اوز پاران اهو طعنو ملندو آهي ته عالم غير شرعي ڪاروڪاريءَ خلاف ڇو نه ٿا لکن؟ مفتي جميل احمد ڦلپوٽي ڪاروڪاريءَ کي شرعي حوالي کان غلط ثابت ڪري اهڙن مغربي تهذيب جي پگهار دارن، ڀاڙيتو ۽ ويڪائو وڪيلن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ گڏوگڏ بدڪاريءَ جي سزا کي به نروار ڪري سندن قلعي کولي ڇڏي آهي ۽ ان موضوع جي هر رخ کان جائزو ورتو آهي. هاڻي ڏسون ته هي همراهه اسلامي سزا جي حمايت ۽ جدوجهد ڪن ٿا يا مورڳو هو ڇڙواڳي ۽ بدڪاريءَ جو فروغ چاهين ٿا:
حزب الله آءِ سومرو
چيئرمين
علم دوست ادبي سنگت ـــ سنڌ
0300-3290626