ڪتاب جو نالو: خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو
مصنف: راشد شر
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: تصوف
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 21 جنوري 2019 ع
پڙهيو ويو: 996 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 276 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب اصل ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ سال 2018ع ۾ پيش ڪيل تحقيقي مونوگراف آهي. هي مونوگراف ڪالم نگار ۽ مضمون نگار راشد شر جو لکيل آهي.
خوش خير محمد هيسباڻي سنڌي ۽ سرائيڪي ٻوليءَ جو ڪلاسيڪل صوفي شاعر آهي. خوش خير محمد سچل جي ورثي صوفياڻي رنگ ۽ بيخوديءَ واري شاعريءَ کي اڳتي وڌايو ۽ ڪافيءَ کي نوان رنگ ڏنا. هي دور سنڌي ڪافيءَ جي اڀار جو دور هو. صوفي خوش خير محمد جي ڪافي ڪمال جي آهي. هن سچل کان پوءِ بيدل جو اثر ورتو ۽ صوفي شاعرن ۾ اهم مقام حاصل ڪيو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • فهرست
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • پنهنجي پاران
  • محقق جو تعارف
  • باب پهريون : خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي سوانح حيات
  • باب ٻيو : خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعري
  • باب ٽيون :مخوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي شاعريءَ ۾ تاريخي ۽ رومانوي ڪردار
  • باب چوٿون : خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ تي اڳ وارن شاعرن جو اثر
  • باب پنجون : خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جا همعصر شاعر ۽ سندس خاندان جا شاعر
  • تحقيق جا نتيجا
  • ببلو گرافي

  • ڪتاب بابت

    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو
    شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ جي سنڌي شعبي ۾ سال 2018ع ۾ پيش ڪيل تحقيقي مونوگراف

    راشد شر

    بي ايس (سنڌي ادب) آخري سال 2018ع

    تحقيقي نگران
    پروفيسر اياز گل صاحب



    سنڌي شعبو
    شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور سنڌ

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    فهرست

    سنڌ سلامت پاران 6
    ارپنا 7
    پنهنجي پاران 8
    محقق جو تعارف 10

    باب پهريون
    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي سوانح حيات 12

    جنم
    تعليم
    فقيريءَ ڏانهن لاڙو
    شادي ۽ اولاد
    وفات
    سماجي ڪردار
    همعصر ۽ شاگرد
    شعر و شاعري
    حوالا

    باب ٻيو
    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعري 18

    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ جون صنفون
    ڪافي
    بيت
    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ جا موضوع
    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ جون خوبيون
    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي سرائڪي شاعريءَ جو مختصر جائزو
    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ جو نمونو
    سنڌي بيت
    سنڌي ڪافي
    سرائڪي بيت
    سرائڪي ڪافي
    هندي ڪلام
    حوالا

    باب ٽيون
    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ ۾تاريخي ۽ رومانوي ڪردار 39

    تاريخي ڪردار
    منصور حلاج
    شهيد صوفي شاهه عنايت
    شهيد مخدوم بلاول
    موکي ۽ متارا
    مارئي
    رومانوي ڪردار
    نوري ڄام تماچي
    سهڻي
    حوالا

    باب چوٿون
    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ تي اڳ وارن شاعرن جو اثر 47

    شاهه لطيف جو اثر
    سچل سرمست جو اثر
    صوفي روحل فقير جو اثر
    حوالا


    باب پنجون
    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جا همعصر ۽ سندس خاندان جا شاعر 54

    همعصر شاعر
    عثمان فقير سانگي
    نانڪ يوسف
    فقير قادر بخش بيدل
    فقير غلام حيدر شر گودڙيو

    خاندان جا شاعر
    فقير در محمد (ٻيو)
    خير محمد (ٽيون)
    حوالا

    تحقيق جا نتيجا 63
    ببلوگرافي 65


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئو ڪتاب ”خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب اصل ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ سال 2018ع ۾ پيش ڪيل تحقيقي مونوگراف آهي. هي مونوگراف ڪالم نگار ۽ مضمون نگار راشد شر جو لکيل آهي.
    خوش خير محمد هيسباڻي سنڌي ۽ سرائيڪي ٻوليءَ جو ڪلاسيڪل صوفي شاعر آهي. خوش خير محمد سچل جي ورثي صوفياڻي رنگ ۽ بيخوديءَ واري شاعريءَ کي اڳتي وڌايو ۽ ڪافيءَ کي نوان رنگ ڏنا. هي دور سنڌي ڪافيءَ جي اڀار جو دور هو. صوفي خوش خير محمد جي ڪافي ڪمال جي آهي. هن سچل کان پوءِ بيدل جو اثر ورتو ۽ صوفي شاعرن ۾ اهم مقام حاصل ڪيو.
    راشد شر صاحب هي تحقيقي ڪم پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آن لائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    Sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    پنهنجي بابا ۽ امان جي نانءِ
    جن جي پيار کانسواءِ آءٌ اڌورو آهيان
    آءٌ ارپيان ٿو
    پنهنجو هي پهريون پورهيو
    ان عشق جي نانءِ
    جنهن منهنجي جيءَ ۾
    جستجوءَ جا نوان جذبا جاڳايا.


    پنهنجي پاران

    اها ڳالهه هر اهل علم ڄاڻي ٿو ته ادب جي دنيا ۾ تحقيقي ڪم ڪو آسان ناهي هوندو بلڪه ٻين سمورن علمي ڪمن کان نهايت ڏکيو ڪم آهي ته اهو تحقيقي ڪم آهي، ڇو ته تحقيق جسم مان رت جا ڍڪ پي تندرست تخليق پيدا ڪندي آهي، تحقيق اکين جي اوجاڳن جو کاڌو کائي پنهنجي صحتمند تصوير چٽيندي آهي، تحقيق دماغ کي دڙڪا ڏئي ننڍين ننڍين غلطين تي ايستائين تنقيد ڪندي رهندي آهي جيستائين اهي غلطيون درستگين ۾ تبديل ناهن ٿينديون. ها تحقيق جيڪڏهن محقق لاءِ ڏکيو ڪم آهي ته اتي سندس مستقبل لاءِ هڪ اهڙي آسان واٽ به جُڙي راس ٿي ويندي آهي جنهن ۾ محقق جو دماغ ايندڙ وقت جي علمي عقلي سطح جا تجربا ۽ تجزيا ڪرڻ وقت اڳ جيئن ڪن وڏن ڏکين مسئلن جي منهن ناهي لڳندو بلڪه اڳ جي ڀيٽ ۾ سندس ذهن وڌيڪ سنجيده ۽ پختو ٿي ويندو آهي. حقيقت ۾ تحقيق ڪندڙ محقق جڏهن سَوَن جي تعداد ۾ اُٺ ڪتابن جا پڙهندو آهي تڏهن وڃي ڪو هڪ معياري تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ وارو ليک لکي سگهندو آهي يا ايئن کڻي چئجي ته جڏهن هڪ محقق سوين لفظ پڙهندو تڏهن تحقيق ۾ ڪو هڪ جامع ۽ جاندار لفظ لکي سگهندو آهي. ادب اندر مقرر ٿيل هر صنف جي پنهنجي اهميت آهي اهڙي طرح تحقيق جي قسم کي ادب جي ٻين مڙني ڪيٽيگريز کان معراج حاصل آهي ڇو ته معياري ادب تڏهن تخليق ٿي واڌ ويجهه ڪري سگهي ٿو جڏهن ان ۾ تحقيق جو مرحلو سگهارو هوندو. اڄ اسان جي اها هڪ بدنصيبي به چئبي جو اسان جي سنڌي ادب ۾ گهڻ پاڙهو گهڻ ليکڪَن اديبن عالمن جي ته هڪ نه کٽندڙ ڊگهي قطار نظر ايندي جنهن ۾ اسانکي تحقيقي ڪم ڪرڻ وارا محقق ۽ ٿوري گهڻي تحقيقي ڪم کي پڙهڻ وارا شاگرد اٽي ۾ لوڻ برابر نظر ايندا. اسان جو هڪ ٻيو وڏو اهو به الميو چئبو جو اسانجو گهڻو اهل علم ادبي طبقو تحقيقي مقالن مونوگرافن ۽ ٿيسسزز کي پڙهڻ واري عمل ۾ تمام گهٽ دلچسپي ٿو رکي جيڪي نه صرف ادب لاءِ نقصانڪار عمل آهي بلڪه اڄ جي هر ادب جي شاگرد لاءِ به سائنسي علم جي کوٽ هجڻ جو به ثبوت آهي، انڪري ادب سان دلچسپي رکندڙ سمورن ساٿين کي تحقيق واري شعبي ڏانهن وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي جيئن اسين پنهنجي ادب تي سائنسي انداز ۾ تحقيقي ڪم ڪري ادب کي سمجهي معياري ادب جي ڇنڊ چونڊ ڪري دنيا اڳيان پنهنجي ادب جو علمي معيار متعارف ڪرائي سگهون.
    اڄ آءٌ پنهنجي لاءِ اهو اعزاز ٿو سمجهان ته مان هڪ شاگرد جي حيثيت سان هي تحقيقي مقالو لکي پورو ڪيو آهي اها منهنجي لاءِ انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي. مان جڏهن ادب جي دنيا ۾ پير پاتو هو تڏهن کان منهنجي اها خواهش هوندي هئي ته آءٌ سنڌي ادب جي ڪنهن ڪلاسيڪل شاعر جي شاعريءَ تي تحقيقي ڪم ڪيان جيڪي منهنجي خواهش ڳچ وقت کانپوءِ اڄ هن مونوگراف جي صورت ۾ پوري ٿي آهي. مون کي هي مونوگراف لکندي پڙهڻ لکڻ جي اهميت ۽ علم ادب جو قدر ڪرڻ سان گڏوگڏ محنت ڪرڻ جو ڍنگ ۽ جستجو منهنجي من ۾ اڀار کاڌو آهي. منهنجو هي مونوگراف سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعر صوفي خوش خير محمد هيسباڻي فقير جي شاعريءَ تي موجوده وقت جي تقاضائن موجب وقت جي ضرورت آهر هڪ نئون بحث آهي، توڙي جو مون کان اڳ ان ساڳئي موضوع تي ڊاڪٽر تنوير عباسي جو به ڪم ٿيل آهي جنهن ڪم جي به پنهنجي هڪ الڳ اهميت آهي جو اڄ آءٌ به ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ڪيل تحقيق کان گهڻي مدد وٺي سندس اڳئين ڪم تي تحقيق ۽ تنقيد ڪري خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ تي نون رخن کان نوان موضوع ڏئي هڪ نئون بحث ڪيو آهي. مان ڪا اها به دعوا نٿو ڪيان ته منهنجو هي ڪم ڪو غلطين ۽ ٻين ٿورين گهڻين ڪمين ڪوتاهين کان بچيل هوندو بلڪه مون کان ضرور ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن موضوع ۾ ڪي غلطيون به ٿيون هونديون ڇو ته ننڍين ننڍين غلطين کان دنيا جو ڪو به قلم ڪتاب بچيل ناهي هوندو. منهنجي اها هڪ وڏي خوش نصيبي آهي جو مان ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي خوش خير محمد جي ڪلام تي ٿيل تحقيق کانپوءِ مان اهو پهريون شاگرد ليکبس جنهن کي هن موضوع تي نئين انداز ۾ تحقيقي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. مان پنهنجو هي تحقيقي مقالو پڙهندڙ سمورن ساٿين کي گذارش ڪندس ته هو منهنجي هن ننڍڙي محنت کي پڙهي پنهنجي قيمتي اصلاحي تنقيدي راءِ مون تائين پهچائي منهنجي علم ۾ اضافو ڪن ته آءٌ سندن شڪريو ادا ڪندس. آخر ۾ مان گهڻي کان گهڻا ٿورا ان مهربان دوستن استادن ۽ محققن جا مڃيندس جن منهنجي هن ڪم ۾ مون سان سهڪار ڪيو ان مڙني مهربانن ۾ خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ سان دلچسپي ۽ خوش خير محمد فقير جي فڪر سان عقيدت رکندڙ سائين احسان علي هيسباڻي، انصاف علي هيسباڻي جا ٿورا جن پنهنجي زباني فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي زندگيءَ ۽ فڪر بابت ڄاڻ ڏني مان شڪر گذار آهيان سائين اياز گل، پروفيسر ساجد سومرو، ڊاڪٽر مهر خادم، خاوند ڏنو لاڙڪ صاحب، قاسم ملڪ ۽ ٻين سمورن دوستن جو جن منهنجي همٿ افزائي ڪري پنهنجو قيمتي وقت ڏئي منهنجي مدد ڪئي.

    محمد راشد شر
    بي ايس (سال آخري)
    سنڌي شعبو، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.


    محقق جو تعارف

    محمد راشد جنهن جو ادبي نالو راشد شر آهي، پاڻ تعلقي فيضگنج جي ڳوٺ کنڊو خان شر ۾ 2 مارچ 1997ع تي پيدا ٿيا، ادب سان سندس لڳاءُ سن 2012ع کان آهي ادبي دنيا ۾ سندس سڃاڻپ هن وقت مقالا نگار، مضمون نويس، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي، سندس ادبي تحريرون، ڪالم ۽ ڪهاڻيون سنڌ جي مختلف اخبارن جهڙوڪ روزاني عوامي آواز، روزاني ڪاوش، روزاني ڪوشش، روزاني سنڌ ايڪسپريس، روزاني هلال پاڪستان ۾ پبلش ٿينديون رهنديون آهن، ان کان علاوه سندس ڪهاڻيون، نظم ۽ نثري ٽڪرا سنڌ جي مشهور ادبي رسالن جهڙوڪ ماهوار همسري ميگزين حيدرآباد، ماهوار ساڻيهه ميگزين ڪراچي، ڪاوش مڊ ويڪ وغيره ۾ پڻ شايع ٿيندا رهندا آهن.
    ڪائنات جي هن سڄي ڪارونهوار کي سمجهڻ لاءِ ڳوڙهي علم جي ضرورت پوندي آهي، ان علم سان ئي شين جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي آهي، علم جي وسيلي ئي مختلف شين ۾ فرق ڪري سگهجي ٿو ۽ کين سمجهي سگهجي ٿو. اسان جو هي سدا ملوڪ سُڄاڻُ دوست راشد شر ڳچ عرصي کان علم ادب سان سلهاڙيل هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو آهي جنهن جي چمڪ سندس فڪري تحريرن وسيلي نمايا ٿيندي رهي ٿي. راشد جي لکڻين ۽ تحريرن ۾ جملن جي روانگي، توڙي ٻولي جو اسلوب پڙهندڙن کي حيران ڪريو ڇڏي پاڻ ادب جو شاگرد هجڻ جي حيثيت سان وقت بوقت پنهنجي لکڻين ۾ سماج جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪندو رهي ٿو، سندس ڪالمن، مضمونن، مقالن ۽ ڪهاڻين ۾ سماجي ڪردار ائينءَ هوبهو ڏيکاريل هوندا آهن جيئن اهي پنهنجي اصلي رنگ ۽ روپ ۾ هوندا آهن. انساني جذبا، اميدون جڏهن ڪنهن جي نيڻن ۾ گهر ڪري ويهنديون آهن ته انهي محل راشد جون سڀئي سوچون، فڪر جون سڀئي ڦرهيون انهن نيڻن جي آسري تي پنهنجو سڀ ڪجهه تياڳڻ تي تيار ٿي وينديون آهن. راشد جي مزاج توڙي طبيعت ۾ جيتري قدر مٺاس، پنهنجو پڻ ۽ سادگي آهي سندس تحريرن ۾ به ساڳيو ڍنگ ۽ سمجهاڻي سمايل آهي،کيس هر هڪ معاشرتي ناانصافي،اڻ برابري ۽ ناپيد توڙي ناڪاره ٿيل فرصوده ريتن ۽ رسمن تي ڪروڌ ايندو آهي. سندس قلم هميشه سچ لکڻ ۽ سچ کي ترجيح ڏيڻ پسند ڪيو آهي، راشد جو قلم هميشه انهن معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪيو آهي جن پهلوئن تي اسان جي معاشري جا اڪثر ماڻهو يا ته سوچيندا ناهن يا ته وري انهن پهلوئن تي سوچڻ ضروري ناهن سمجهندا اسان جي هن دوست انهن ڌڪاريل معاشرتي اصولن جي پاسداري ڪندي پنهنجي قلم جي ذريعي هڪ پاڪيزه معاشري اڏڻ جي واٽ جو گس ڏيکاريو آهي. راشد کي هڪ ئي وقت ادب جي مختلف صنفن تي عبور حاصل آهي، هو نثر توڙي نظم جي صنفن سان سٺو نڀاءُ ڪرڻ جو ڄاڻو آهي. ڳالهه عالمي ادب جي نڪري يا پنهنجي لاکيڻي لطيف جي فڪر ۽ فلسفي جي اسان جو هي دوست سڀني موضوعن ۽ مضمونن سان هڪ جيترو انصاف ڪندڙ ليکڪ آهي، دنيا جا انقلابي اڳواڻ هجن يا سماجي شخصيتون، سڀني سان معتبراني طريقي سان پاڻ ملهائي ٿو،کيس ڪهاڻيون، مضمون، ڪالم ۽ مقالا لکڻ جو جيڪو بنيادي وسيلو آهي اهو سندس مطالعي ۽ مشاهدي جو وسيع هجڻ، ڇو ته مطالعي ۽ مشاهدي سان فڪر جا نوان گس متعارف ٿيندا آهن جنهن سان ليکڪ کي نوان عنوان ۽ پهلو لکڻ لاءِ ملندا آهن. راشد جو به گهڻو وقت ڪتابن سان گذريو آهي اڃا به کڻي ائين چئجي ته ڪتابن جو گهڻو وقت راشد سان گڏ گذريو آهي، ڪتاب سان سندس ان لاڳاپي ۽ ويجهڙائپ کيس ادبي دنيا ۾ نمايا ٿيڻ تي مجبور ڪيو آهي ۽ سندس خيالن جي پرواز کي ايترو مٿي ڪيو آهي جو سندس سوچون ڪائنات منجهه موجود هر هڪ چرپر کي نوٽ ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ کيس لکڻ تي اتساهينديون رهن ٿيون، راشد جي انهي گفتار ۽ اسلوب گهڻن ئي بند توڙي اونداهه ذهنن ۾ شعور جي لاٽ ٻاري ڪيترائي روشن خيال ذهن تيار ڪيا آهن. راشد جي سمورين تحريرن مان سندس هي مونوگراف انڪري به پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو جو سندس هي هڪ تحقيقي ۽ اهم ادبي محنت آهي سندس هن اهم ساراهه جوڳي ڪامياب تحقيقي مونوگراف جي نه صرف راشد کي مبارڪ هجي بلڪه ادب جي سمورن شاگردن کي به سنڌي ادب جي هڪ ڪلاسيڪل شاعر تي هن جامع انداز ۾ ٿيل تحقيق جون اڻ ڳڻيون واڌايون هجن ڇو ته سنڌ جي هن اهم ڪلاسيڪل صوفي شاعر خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام تي ڪيل تحقيق سنڌي ادب لاءِ هڪ جامع تحفن ۾ به ڳڻي سگهجي ٿي جنهن کي پڙهڻ سان ڪيترن ئي ادب جي شاگردن استادن ۽ محققن جي علم ۾ اضافو ٿيندو.

    يوسف جميل لغاري
    ٺري ميرواهه


    باب پهريون : خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي سوانح حيات

    سنڌ ڌرتي اھا مقدس ڌرتي آھي جنهن جي سيني تي هميشه تاريخ جي عظيم ڪردارن جو جنم ٿيو آھي جن ڪردارن پنهنجي فن فڪر ذريعي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آھي. مطلب ته اسانجي هن مقدس ڌرتيءَ کي اھو اعزاز حاصل آھي ته اسان جي ڌرتي تاريخ ۾ ڪنڌ اوچو ڪري ھلندڙ عظيم ھستين تاريخ جي ڪردارن شاعرن اديبن جي ماءُ رهي آھي. شاھ لطيف کان ويندي سچل، سامي، بيدل، نانڪ، گودڙيي جھڙن ڪردارن کي جتي ھن ڌرتي پنهنجي سيني مان جنم ڏنو اتي سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي چمڪندڙ ستاري تصوف جي پرچارڪ شاھ سچل جي سلسي جي صوفي شاعر فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جو جنم به اسان جي ھن سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک مان ٿيو.

    جنم

    فقير خوش خير محمد ھيسباڻي رئيس غلام حيدر ھيسباڻيءَ جي گھر ۾ سن 1809ع ۾ ڳوٺ گل محمد ھيسباڻي اڳوڻي ضلعي نواب شاھ ھاڻوڪي ضلعي نوشھرو فيروز ۾ جنم ورتو. فقير صاحب جن کي ٻيا به ٽي ڀائر هئا جن ۾ شير محمد، مير محمد ۽ عرض محمد هئا. فقير خوش خير محمد سڀني ڀائرن کان وڏو هو.
    “فقير خوش خير محمد ھيسباڻي جا وڏا اصل عربستان جا رهاڪو هئا جيڪي پوءِ اتان لڏي بلوچستان ۽ پوءِ سنڌ ۾ اچي ھميشه لاءِ رھائش پذير ٿيا، جنهن وقت هيءُ خاندان سنڌ ۾ آيو، تڏهن سنڌ تي ڪلهوڙن جو راڄ هو ۽ هي خاندان به آدم شاھ ڪلهوڙي سان گڏجي سنڌ آيو هو. سنڌ ۾ اچڻ سان، هي خاندان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ڪي ڪاڇي جي طرف، شاھ گودڙئي جي ڀرسان ميهڙ تعلقي ڏانهن هليا ويا، ته ڪي ڪنڊياري تعلقي ۾ ڀونئري لڳ اچي آباد ٿيا، جتان وري ڪي ڪرونڊيءَ طرف (خيرپور ضلعي ۾) رھائش پذير ٿيا” (1)

    تعليم

    فقير خوش خير محمد ھيسباڻي پنهنجي زندگيءَ جا شروعاتي تقريبن ويهه ورهيه پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ گذاريا ۽ پاڻ اتي ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائون سندن استاد ان وقت جو مشهور عالم آخوند بخش علي گاڏهي هو. فقير خوش خير محمد جو جنھن گھر ۾ جنم ٿيو اھو گھر ۽ سندس خاندان اڳ ۾ ئي علم ادب سان چاھ رکندڙ ھو فقير سائينءَ جا وڏا عربي، فارسي ۽ قرآن شريف جو علم پڻ ڄاڻندا هئا. فقير سائين جي گھر مائٽن جي علمي ماحول ۽ سندس وڏن جي اثر سبب، فقير صاحب جو به لاڙو علم ڏانهن گهڻو رهيو.
    “ خوش خير محمد ھيسباڻي نوشھرو فيروز جي نقشبندي بزرگ پير شھاب الدين جي فرزند پير عبدالحئي جو طالب ھو. ڪن سوانح نگارن موجب خير محمد جي وڏن جي ان درگاھ سان عقيدت ھئي ڪي سوانح نگار لکن ٿا ته خير محمد ھيسباڻيءَ جو ان درگاھ سان تعلق عثمان فقير سانگي جي اثر ھيٺ ٿيو. بهرحال ان ڳالھ تي ڪو به اختلاف ناھي ته فقير خوش خير محمد نوشھري جي نقشبندين جو طالب ھو. ھن ڪيترين ئي ڪافين ۾ به مرشد عبدالحئي سان عقيدت جو اظھار ڪيو آھي ” (2)

    جيئن مٿي بيان ڪري آياسين ته خوش خير محمد جا وڏا نوشهرو فيروز جي مشهور ۽ معروف اولياءَ پيرعبدالحئي صاحب جا طالب هئا، تنهن ڪري پاڻ فقير صاحب جن به اتي وڃي رهيا ۽ پاڻ وڌيڪ تعليم به اتي پرايائون اتي سندن استاد ۽ مرشد شهاب الدين صاحب هو. نوشھرو فيروز کان پوءِ تعليم وري به پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان تڳرن ۾ استاد مولوي عبدالقدوس وٽ ختم ڪيائون.

    فقيريءَ ڏانهن لاڙو

    فقير خوش خير محمد ٿورو علم پرائي، مير علي مراد خان ٽالپر، رياست خيرپور جي واليءَ وٽ، وڃي نوڪري ڪئي. مير صاحب شروعات ۾ کيس ڪارائو ڪري رکيو، پر آخر سندن ايمانداري، هوشياري ۽ سچائي ڏسي کين مختيارڪار ڪيو. خوش خير محمد فقير بابت هي ڳالهه مشهور آهي ته هڪ ڏينهن فقير صاحب پنهنجي وڏي اٽالي سان شاهي شان و شوڪت ۽ ٺٺ ٺانگر سان ٺٽ جي پتڻ تان درياءَ پار ڪرڻ لاءِ اچي رهيا هئا ته واٽ تي هڪ سولنگي قوم جي پوڙهي مائي گاھ جي ڀري ٺاهيو ويٺي هئي، جڏهن فقير صاحب جن جي اٽالي تي نظر پيس، تڏهن چوڻ لڳي ته ابا آهي ڪو ماڻهو، جيڪو مون کي هيءَ ڀري کڻائي؟ فقير صاحب جن يڪدم ٽپ ڏيئي، گهوڙي تان لٿا ۽ مائيءَ کي ڀري وڃي کڻايائون. فقير صاحب جي اميراڻي پوشاڪ ڏسي، مائي سمجهي وئي ته هي ڪو امير ماڻهو آهي، سو هٻڪندي ۽ ڊڄندي چوڻ لڳي ته مون ته ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ٿي چيو، توهان کي ته ڪونه چيم، فقير صاحب کي ڄڻ دل تي ڪنهن هٿوڙو وهائي ڪڍيو. وائڙو ٿي چوڻ لڳو ته مائي آئون ماڻهو نه آهيان ڇا؟ مائيءَ وراڻيو: ابا اوهين ته ڪامورا آهيو. مائيءَ جا اهي لفظ ٻڌي فقير صاحب حيران ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته شايد هنن ڪپڙن ۽ ٺاٺ باٺ جي ڪري، آئون انسانن جي قطار کان ٻاهر نڪري ويو آهيان! بس ان وقت ئي فقير صاحب جي خيال ۾ انقلاب اچي ويو. هڪدم نوڪري ڇڏي، پنهنجي مرشد پير عبدالحي صاحب وٽ نوشهرو فيروز ويو ۽ اتان طلب ورتائين ۽ باقي زندگي فقيري ۾ گذاريائون. فقير خوش خير محمد جي تصوف ۽ فقيريءَ ڏانهن لاڙي بابت خير محمد جي عقيدتمندن جوچوڻ آهي ته فقير سائين جن کي رندي طريقو، حضرت شاھ عنايت جهوڪ واري جي سلسلي جي هڪ عارف بالله “جوڳ ڌڻيءَ ” نالي درويش کان مليو. سندن جوڳ ڌڻيءَ سان به ملاقات اتفاقي ٿي جو ھڪ دفعي جوڳ ڌڻي نوشهرو فيروز کان اچي لانگهائو ٿيو ۽ پير صاحب جن جي اوطاق ۾ اچي ٽڪيو. فقير خير محمد صاحب جن به اڪثر ڪري اتي رهندا هئا ۽ اوطاق ۾ آيل مهمانن جي خدمت چاڪري ڪندا هئا. فقير صاحب جن دستور موجب “جوڳ ڌڻيءَ” جي خدمت ڪئي. فقير خير محمد صاحب ننڍي کان ئي حق ۽ ھيڪڙائي جو پارکو هو، سو پاڻ جوڳ ڌڻيءَ کي چيائين ته قبلا، ڪا الاهي عشق جي عنايت ٿئي ! مست فقير سندس صورت سيرت ۽ اخلاق سبب اڳ ئي مٿس راضي هو، تنهن ڪري ان جي اها گهر موٽائي نه سگهيو ۽ فقير خير محمد کي هڪل ڪري چيائين ته منهنجي پٺيان ٿي ويهه فقير خير محمد صاحب، ارشاد موجب ائين ڪيو. جوڳ ڌڻيءَ کيس اسم اعظم سمجهايو ۽ آخر ۾ ٻڌايائينس ته جيڪڏهن اڳيان ويهاري سبق ڏيانءِ ها ته مون وانگر مست فقير ٿي پوين ها هاڻي تون سالڪ رهندين.

    شادي ۽ اولاد

    “ فقير صاحب جن پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي خاندان مان ئي صرف هڪ شادي ڪئي جتان فقير صاحب جن کي چار فرزند ٿيا جن ۾ در محمد مست، خير محمد (ٻيو) در محمد (ٻيو) خير محمد (ٽيون) اچي وڃن ٿا، فقير خوش خير محمد ھيسباڻي پنهنجي مرشد ۽ استاد پير عبدالحئي صاحب جن سان گڏ حج تي به ويا مدينه شريف پهچڻ بعد فقير صاحب جن جڏهن حضرت رسول مقبول جي مبارڪ روضي جي زيارت ڪئي، تڏهن هي ڪلام چيائون:

    مک ماهي دا ماھ منير هويا،
    ساڏا دمدم ساھ سڌير هويا. ” (3)

    وفات

    “ خوش خير محمد ھيسباڻيءَ 1294ھ 2 محرم تي ٽڳڙن جي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي عيسوي سن 1877ع آھي کيس ان ڳوٺ ۾ ئي دفن ڪيو ويو. 1905ع ۾ ٽڳڙن جي ڳوٺ کي درياھ پائڻ لڳو ان ڪري سندس لاش کي ڪڍرائي خيرپور ضلعي جي تعلقي فيضگنج جي ڪرونڊي شھر کان ٽي ڪلو ميٽر اوڀر دفن ڪيو ويو اھو ڳوٺ اڄ تائين صوفي خوش خير محمد ھيسباڻي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو اتي سال به سال 17،18، ۽ 19 ذوالحج تي ميلو لڳي ٿو.” (4)

    سماجي ڪردار

    فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي سوانح حيات جي مطالعي مان جتي اسان کي ھن درويش جي علم ادب ۽ عقل جو پتو پوي ٿو اتي سندس زندگيءَ ۾ انسان دوستي انساني ڀلائي سماج جي ماڻھن سان محبت ڪرڻ بابت ڄاڻ ملي ٿي ته پاڻ نه صرف هڪ شاعر ھئا بلڪه سماج ۽ سماج جي ماڻھن جو خيال ۽ احساسن جو قدر رکندڙ انسان دوست مثالي سماجي ڪردار پڻ ھئا.
    “پاڻ ميرن سان تعلق واري وقت ۾ سفارش ڪري ڪيترائي قيدي آزاد ڪرائيندا ھئا مير علي مراد سندس ڏاڍي عزت ڪندو ھو ۽ سندس سفارش تي قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيندو ھو. ماڻھن کي جو اھا خبر پئي جو ھر چور چڪار جو مائٽ صوفي خير محمد کي ايلاز منٿون ڪري پنهنجي قيدين لاءِ سفارش ڪرائيندا ھئا. آخر مير علي مراد به تنگ ٿي پيو. ھڪڙي ڏينهن ھن صوفي خير محمد کي سمجهايو ۽ کانئس ڏاڙھيءَ تي ھٿ رکرائي واعدو ورتائين ته ھو ٻيهر ڪنهن ڏوھيءَ جي سفارش نه آڻيندو. ھي فقير اڃا ڏاڙھيءَ تي انجام ڏيئي درٻار مان مس ٻاھر نڪتو ته اتي ئي ھڪ پوڙھيءَ اچي اللھ جو نانءُ وڌس ته مونکي منهنجو پٽ ڇڏائي ڏي. پاڻ ان دم ئي
    موٽي آيو درٻار ۾ ۽ مير کي ان پوڙھيءَ جي پٽ کي ڇڏڻ جي سفارش ڪيائين. مير علي مراد کلي چيس ته فقير اڃا ھاڻي ڏاڙھي ڏئي وئين ۽ ھاڻي ئي سفارش کڻي آيو آھين! خير محمد ھيسباڻيءَ مير کي چيو ته پوڙھيءَ اللھ جو نانءُ وڌو ، تارازيءَ جي ھڪ پُڙ ۾ پنهنجي ڏاڙھي وڌم ۽ ٻئي ۾ اللھ جو ناءٌ اللھ جو نانءٌ منهنجي ڏاڙھيءَ کان ڳرو ٿي پيو مير کلي نيٺ فقير جي اھا سفارش به مڃي” (5)

    همعصر ۽ شاگرد

    فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جن جا طالب ڪافي انداز ۾ هئا، جن ۾ سيد محمد علي شاھ منگرجي وارو، قاضي محمد پريل ٽالپر وڏن وارو، شاھ محمد ديدڙ، درياءَ خان ڪلهوڙو پڻ آھن. فقير صاحب جن جو پنهنجي مصروف زندگيءَ ۾ درس تدريس جو ڪم گهٽ ٿو نظر اچي جنهن جو سبب اھو به ٿي سگھي ٿو ته سندن گهڻو ڌيان الاهي ياد ڏانهن هوندو هو جنهن ۾ ھو محو هوندا هئا شايد ان ئي سبب جي ڪري پاڻ ڪي گهڻا شاگرد تيار ڪري نه سگھيا پر پوءِ به پاڻ سنڌ جي وڏن شاعرن عالمن ۽ صوفي بزرگن سان ڪشاديون ڪچهريون ضرور ڪندا ھئا جنهن ڪري سندن همعصر فقير ۽ اهم صوفي شاعر به گهڻا ئي ٿي گذريا آهن، جن مان عثمان فقير سانگي، فقير نانڪ يوسف اڳڙن وارو، فقير بيدل روهڙيءَ وارو ۽ فقير غلام حيدر شر گودڙيو وغيره اچي وڃن ٿا.

    شعر و شاعري

    فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ھٿ اکر شاعري ذايع ٿيڻ بابت ڊاڪٽر تنوير عباسي لکن ٿا ته:
    “سنڌ جي سڀني صوفي شاعرن متعلق عام روايتن وانگر فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام جو سندس ئي ھٿن سان لکيل نسخو درياھ ۾ لوڙھيو ويو !خوش خير محمد جي خاندان جي بزرگ سائين فقير فتح علي ھيسباڻيءَ ٻڌايو ته صوفي خير محمد جي پٽ در محمد مست (جيڪو سچ پچ مست ھو) ائين چئي نسخو درياھ ۾ ڦٽي ڪيو ته بابي ڀي اللھ نال گھڻيان ٺڳيان ڪيتان ھن”.(6)
    اها به هڪ عجيب ڳالهه آهي ته هن درويش جو ڪلام ائين ضايع ٿيڻ کانپوءِ به ختم نه ٿي سگهيو ۽ هن صوفي شاعر جو ڪلام فقير سائينءَ جي مريدن عقيدتمندن ۽ سنڌ جي اهل علم ماڻهن جي ڪوششن سان سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي جاءِ والاري. خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي شاعريءَ جي مطالعي ڪرڻ کانپوءِ اھا ڳالھ بنا ڌڙڪ جي چئي سگھجي ٿي ته ھن صوفي درويش جو ڪلام نج انسان دوست وحدت الوجودي فڪر رکندڙ صوفياڻو ڪلام آھي.
    هوت ملئي هنج ۾ جاءِ اهڙي جوڙ
    ٿانءُ رک ٿانهر جو ٻيا ٽپڙا سڀئي ٽوڙ
    وٺ راهه رب جي منهن نه ڪاڏي موڙ
    توڪل رساوئي توڙ، خوشي سان خير محمد چوي .
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 6)

    حوالا:

    1. www.google.com// htp.sindhiadabiboard.com
    2. عباسي، تنوير “ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي”، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2008ع ص 21
    3. www.google.com//htpsindhiadabiboard.com
    4. عباسي،تنوير “ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي”، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2008ع ص 24
    5. ايضاً ص 23
    6. ايضاً ص 11


    باب ٻيو : خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعري

    خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي شاعريءَ جون صنفون

    فقير خوش خير محمد ھيسباڻي جيڪا شاعري ڪئي آھي اھا بيت ۽ ڪافي جي صنف تي مشتمل آھي ان ڪري پاڻ سڀ کان پھريان ڪافي جي وصف ۽ خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪافي ۽ بعد ۾ بيت جي وصف ۽ خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي بيت تي ڳالهائينداسين.

    ڪافي

    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جون ڪافيون ۽ سندس ڪافين ۾ وصفون خوبيون ۽ فني سٽاءُ تي لکڻ کان اڳ ۾ ڪافيءَ جي باري ۾ ڪجھ لکڻ ضروري ٿو سمجهان. ڪافي جي باري ۾ مختلف اديبن عالمن جا مختلف رايا آھن.
    “ڪافي لوڪ ادب جي اھم صنف آھي. هن جو اوائلي شاعر، حاجي جانڻ مشھور آھي. ڪافيءَ ۾ ڪوبه وڌاءُ يا مبالغو نه ھوندو آھي. ڇو جو مبالغو ۽ وڌاءُ غزل ۾ روا آهي. عربيءَ ۾ ڪف جي معنيٰ آهي، دف جي ڪاٺي، جنهن ۾ گنگهرو پيل هجن. ڪافيءَ جي باري ۾ شيخ اياز چئي ٿو ته، ڪافي پهريان شاھ حسين پنجابيءَ ۾ چئي بعد ۾ نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد سنڌي ۾ چئي.” (1)

    “ڪافيءَ جي باري ۾“برھانپور ڪي سندهي اولياءَ ” جو مولف ڪافي کي سنڌ جو مقبول راڳ سڏي ٿو. منظور نقوي ڪافيءَ کي سنگيت جي هڪ ٺاٺ مان نڪتل راڳ ۽ خسرو جي ايجاد سڏي ٿو. غلام حسين سومرو جو خيال “دعاءِ ڪاف” ڏانھن ويو آھي.”(2)

    اھو ھڪ ڊگھو بحث آھي بحر حال ڪافي تي اھل دل جا صاحب سوز ۽ ساز شوق سان ڳائي وڄائي ويا آھن.
    ظفر عباسي پنهنجي ڪتاب “سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون” ۾ لکي ٿو ته:
    “ لطف علي شاھ ۽ منظور نقوي جي چوڻ مطابق، ڪافي سنڌ جي پيداوار نه آهي. ڪافي موسيقيءَ جي هڪ ٺاٺ مان نڪتل راڳ جو نالو آهي. ان ٺاٺ جو ست سئو ورهيه اڳ پنڊت سارنگ ديو، پنهنجي گرنٿ “رتنا ڪر” ۾ نالو “هرپيا ميل” ڄاڻايو آهي. امير خسروءَ به ھرپيا ميل ٺاٺ مان، ھڪ سمپورن راڳ ڪڍيو جنهن جو نالو رکيائين ڪافي، ڪافي نالو انڪري رکيائين جو هن ۾ سڀ سر سنوان سڌا ٿي لڳا. آروهي ۽ امروهيءَ ۾ ست ئي سر اچي ٿي ويا تنهن ڪري نالو رکيائين ڪافي، يعنيٰ مڪمل، پوري، بلڪل مڪمل ڪافي معنيٰ مڪمل سندس ڳائڻ جو وقت اڌ رات ۽ ڏينهن جو منجهند آھي.” (3)

    ڪافيءَ جا ڪيترائي قسم آھن جن مان ڪجھ اھم ھي آھن، جھڙوڪ ھيڪوڻي ڪافي يا يڪي ڪافي، ڏيڍي ڪافي يا ڏيڍوڻي ڪافي، ٽيڻي ڪافي، چ‍ؤڻي ڪافي وغيره. خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جو ڪلام فني حوالن سان مالا مال آھي سندس ھيٺئين ڪافي مثال طور ڏجي ٿي.

    نينهن پڙھائي نماز
    عشق ٿي آيو امام اسان جو
    حضرت عشق اسان جو دائم
    ڏينهن قيامت تائين قائم
    نوڙي ڪيو سي نياز
    سجدو ٿي آيو سلام اسان جو
    عشق جي بازي عاشق ڄاڻن
    مام محبت سالڪ سڃاڻن
    رند ڪي سمجھن راز
    ڪلمو قرآن آھي ڪلام اسانجو
    خير محمد بيان چوان مان
    اعليٰ عشق جو شان چوان مان
    عرش ۾ آھي آواز
    جلدي پهچايو پيغام اسانجو.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 77)

    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي مٿئين ڪافي چؤڻين ڪافين مان آهي، ھيءَ ڪافي ڇند وديا تي لکيل آھي ھن ڪافي جي ٿلھ ۾
    سارگُنُ = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
    جگُنُ = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
    يگُنُ = ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي.
    مگُنُ شٽڪل = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
    وچور : ٿلھ ۾ شٽڪل ٻه ڀيرا ۽ ٽي گن استعمال ٿيل آھن.
    ڪافيءَ جو پھريون بند چئن سٽن تي مشتمل آھي.
    ھگُنُ = ست ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
    سارگُنُ = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
    يگُنُ = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
    جگُنُ = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
    مگُنُ شٽڪل = ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي.
    اھڙيءَ ريت ھن بند ۾ ھڪ شٽڪل چار گُن ۽ ٽيھٺ ماترائون استعمال ٿيل آھن.
    ڪافيءَ جي ٻي بند ۾ به چار سٽون آھن.
    سارگُنُ = چار ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
    ڀگُنُ = چار ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
    يگُنُ = چار ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
    تگُنُ = ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي.
    جگُنُ = ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي
    مگُنُ شٽڪل = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي،
    ڪافيءَ جي ھن بند ۾ پنج گُن ۽ ٻه ڀيرا شٽڪل آيل آھي، ھن بند ۾ ستر ماترائون استعمال ٿيل آھن.
    ڪافيءَ جو ٽيون ۽ آخري بند به چئن سٽن تي مشتمل آھي.
    سارگُنُ = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
    جگُنُ ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
    يگُنُ = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
    سگُنُ = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
    تگُنُ = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
    مگُنُ شٽڪل = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي، ھن بند ۾ پنج گُن ٻه شٽڪل ۽ ڇاھٺ ماترائو استعمال ٿيل آھن.
    خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي مٿئين ڪافي ۾ اٺ ڀيرا شٽڪل پنج گن ۽ ٻه سئو ٻاويھ ماترائون آھن. ھيءَ ڪافي شاھ جي راڳڻي ڀانو آچاريا تي ڳائي سگھجي ٿي ۽ ھن ڪافيءَ کي سارڪا ڇند ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو. خوش خير محمد جو سمورو ڪلام فني فڪري طور تي آڌاريل آھي. فلسفي ۽ ٻوليءَ جا ماهر ڇند وديا جا استاد ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا ته خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جو ڪلام خوبين جي حُسناڪين سان سينگاريل ۽ فني فڪري حوالي سان مالا مال آھي.

    بيت

    فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي شاعريءَ ۾ ڪافي کانسواءِ ٻي صنف بيت جي آھي، دوھي ۽ سورٺي وانگر بيت به هندي ڪلاسيڪل شاعريءَ جيئن مقبول صنف آھي، بيت سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي نج ۽ اھم صنف آھي. خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جا بيت به فني حوالي سان شاھڪار آھن سندس ھيءُ بيت ته:

    پوءِ آدم جو اولو ڪري اچي ٿو اظھار،
    سر ٻڌي دستار، آيو چيرو چوگان ۾
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 62)

    خوش خير محمد ھيسباڻي ھن ٻه سٽي بيت کي ھندي ڇند وديا تي سرجيو آھي، مٿئين بيت جي ھر سٽ ۾ پنجويھ ماترائون آھن. مٿيون بيت ٻارنهن تيرنهن جي حساب سان پنجاھ ماترائن تي مشتمل آھي. سندس ھڪ ٻيو بيت ته


    پسو جيئن پاڻ، ھر رنگ ۾ رلجي وڃي
    طالب کي مطلوب جي اھا اھڃاڻي
    سمجھ دل سياڻي، خاصن جي خير محمد چوي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 63)

    مٿئين بيت جي ھر سٽ ٽيويھن ماترائن تي آڌاريل آھي. اھڙيءَ طرح يارنهن ٻارنهن جي حساب سان ھن بيت ۾ ستر ماترائون اچي وڃن ٿيون. مجموعي طور تي خوش خير محمد جيڪي شاعري جون صنفون ڪافي ۽ بيت لکيون آھن اھي فني فڪري ۽ موسيقيت جي رڌم جي حوالي سان سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو سرمايو آھن.


    خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي شاعريءَ جا موضوع

    خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي دؤر يا کانئن اڳ واري دؤر جي شاعرن جي شاعريءَ جا موضوع سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي ميدان ۾ پاڻ مڃرائي چُڪا ھئا، جھڙوڪ تصوف، تاريخ، فلسفي ۽ رومانويت جا موضوع سنڌي شاعريءَ ۾ عام ٿي چُڪا ھئا جنهنڪري خوش خير محمد جي ڪلام جي موضوعن ۾ به سندس دؤر ۽ اڳ وارن ڪلاسيڪل صوفي شاعرن جي فهم فڪر ۽ فلسفي وارو تسلسل برقرار رھيو. خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام جا موضوع ھڪ صوفي تصوف جي پرچارڪ ۽ فطرت جي شاعر وارا آهن، فقير خوش خير محمد جتي پنھنجي ڪلام ۾ خدا جي واکاڻ ۽ وحدانيت جي فلسفي جي تبليغ ڪري ٿو اتي ھن جي ڪلام ۾ تاريخ حب الوطني انقلاب رومانس مزاحمت ۽ فطرتي رنگن جو به ڀريو مشاھدو نظر اچي ٿو جنهن ڪري چئي سگھجي ٿو ته خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام جا موضوع خود بيداري، پاڻ سڃاڻڻ سميت حسن پيار محبت ، عشق، تاريخ، حب الوطني، ۽ فطرت جي رنگن سان ٽمٽار آھن. هاڻ سڀ کان پھريان خوش خير محمد جي صوفياڻي ڪلام تي نظر وجھنداسين ڇو ته خوش خير محمد پنهنجي ڪلام ۾ تصوف کانسواءِ ٻين به کوڙ سارن موضوعن کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو آھي پر جڏهن سندس ڪلام جي سمورن موضوعن جو نچوڙ ڪڍبو ته اھو سندس ڪلام جو نچوڙ ھوندو تصوف جنھن ۾ وحدانيت وارو فڪر ھيڪڙائيءَ وارو نظريو خوديءَ کي ختم ڪرڻ وارو درس سمايل آهي. جيئن ته خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام ۾ شاھ لطيف ۽ سچل سرمست وانگر تصوف جي پيغام جي پرچار ۽ پنھنجي صوفياڻي اعتقاد جو پنهنجي ڪلام ۾ چٽو اظھار ڪيو آھي. خوش خير محمد جي ان صوفياڻي اظھار ۾ ٻيائيءَ کي ٻن ڏئي ھيڪڙائيءَ ۾ ھڪ ٿي وحدت الوجودي نظريي جي پرچار ڪري ماڻھن کي خودي ۽ ڀٽڪيل واٽ مان ڪڍي حقيقت واري واٽ تي ھلڻ جو درس ملي ٿو، ڇو ته خود وحدت الوجودي نظريي بار بار اھا تلقين ٿو ڪري ته:
    “ڪائنات جي مخلوق عين صفات باري ۽ صفات نالو آھي ذات باريءَ جي تجليات جوتنھن ڪري خالق ۽ مخلوق بنيادي اعتبار سان ھڪ شيءِ آھن ۽ اول، آخر ھڪ ٿي وينديون ”(4)

    ساڳئي طرح حقيقي منزل ڏانھن پھچڻ لاءِ خوش خير محمد پنهنجي ڪلام ۾ ظاھري عبادتن کي رد ڪندي چوي ٿو ته

    تسبيون تال پڙھين ھر ھر ھو
    الانسان سري وانا سرھ ، ،
    فرق نه هڪ تر تنھنجو ٿي

    خير محمد خيال وحدت وارو
    جاڏي ڪاڏي نينھن نظارو
    سارو طلسم تنھنجو ٿي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 67)


    صوفين جي نظر ۾ حقيقت جي واٽ جو لنگھ صرف عشق جي سواريءَ جي ڪُلهن تي ئي ٿئي ٿو.

    احمد کي اوھان احد سڃاڻو
    ميم واري اٿو مام
    ميم منجھان جي مست ٿيا
    جنگ ڀري پي جام
    ميم منجهان معلوم ٿئي
    ٽوڙيو دوئيءَ جا دام
    احد اچي اثبات ٿئي
    لا جي ڪپي ڏسو لام
    سڪ سان کڻي آيو سڪندر
    پاڻ پنهنجا پيغام
    خير محمد خوش ٿيا سي
    جن جو عشق امام.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 73)

    صوفين جي نظر ۾ عشق عبادت آھي جنهن جي جذبي جي جنونيت سان سادگيءَ کان پيچيدگيءَ جي منزل تائين رسائي ٿئي ٿي. سموري ڪائنات خدا جي وجود جو حصو آھي. ان خدا جي وجود کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ عشق جو ھجڻ ضروري آھي ۽ ان حق جي منزل کي ماڻڻ لاءِ ظاھري ڏيکاءَ وارو علم ناقص ۽ مدي خارج آھي.

    نينھن پڙھائي نماز
    عشق ٿي آيو امام اسان جو
    حضرت عشق اسان جو دائم
    ڏينھن قيامت تائين قائم
    نِوِڙي ڪيو سي نياز
    سجدو ٿي آيو سلام اسان جو
    عشق جي بازي عاشق ڄاڻن
    مام محبت سالڪ سڃاڻن
    رند ڪي سمجھن راز.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 77)

    خوش خير محمد جي شاعريءَ جي موضوعن ۾ تصوف سان گڏ مجازي رومانس حسن، عشق ۽ ھجر، فراق جو بيان پڻ ملي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسي خوش خير محمد جي رومانويت بابت لکن ٿا ته:

    “ خوش خير محمد سنڌي توڙي سرائڪي ڪافين ۾ ھڪ نئين اسلوب، توڙي نئين تاثر جو اظھار ڪيو، خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪافين ۾ ھر موضوع تي رومانويت جو وڻندڙ رنگ چڙھيل ملندو. اھو اثر سندس همعصرن توڙي کانئس اڳ وارن شاعرن وٽ پڻ ملي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي اھو ايترو رچيل نه آھي، جو انھن شاعرن کي رومانوي شاعر ڪري ليکجي. شاھ لطيف توڙي سچل سرمست تصوف تي رومانويت جو پوش چاڙھيو، ان اصلوب جي چوٽ خير محمد ھيسباڻيءَ وٽ ٿي. خير محمد جي ھر ڪافي مجاز جي رنگ ۾ رنگيل آھي. ھن وٽ سونھن جو بيان سراپا تائين وڃيو پھچي. ھن کي صوفياڻي فلسفي، ھمه اوست جي ڳوڙھن ۽ منجهيل مسئلن جي بيان ڪرڻ وقت به پرينءَ جا پار نظر ٿا اچن. اتر توڙي لاڙ ۾، ان اسلوب جي انتھا ھن شاعر وٽ ئي نظر اچي ٿي” (5)
    پنهنجي محب جي مجازي رنگ ۽ حُسن جي ڪڙيءَ ۾ قابو ٿيڻ جي ڪيفيت کي خوش خير محمد ڪيتري ته ڪمال سان بيان ڪيو آھي.

    نال ماھي ميڏيان اکيان اڙيان
    جهلان پلان تي رندن کڙيان
    قرب حسن وچ قابو ڪڙيان
    ماريا جوڳي جادوگر داڻا.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 178)

    جانب جي جدائيءَ جي عذاب، اکين مان ھاريل آب ۽ لاچاري بيتابي کي بيان ڪندي لکن ٿا ته:

    جانب جدائيءَ جو مون کي ڏاڍو آھ عذاب
    ساعت ساعت سڄڻ ٿيون اکيون ھارن آب
    لالڻ لاچاريءَ کان ٿيون ڏين عجيب عتاب
    ماندي ھت مري ٿي تنھن ڏي مڪئي ڪونه جواب
    خيرمحمد خوش خواب، ڪيئن ويچارن وڇڙين اچي؟.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 61)

    جيئن صوفين جي نظر ۾ مجازي عشق حقيقت ڏانھن ويندڙ رستي جي ڏاڪڻ آھي ائينءَ خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهن دوران سندس ڳايل ڪلام ۽ سندس سموري ڪلام جي مجموعي جي ڳچ حصي ۾ به مجازي محبوب جي پيار محبت ۽ عشق جي خوب واکاڻ ٿيل نظر اچي ٿي.

    عشق اچي مون سان ڪيون ڳالھيون
    ڏسڻ نه جھڙيون سلڻ نه جھڙيون.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 72)

    آيا اڄ ڪي سلام عجيبن جا
    خط پروانا ڪيئي لکيائون
    هاواڻا هئا حبيبن جا

    ڪانگ نياپو چئج نڌر جو
    قاصد قول قريبن جا

    خير محمد خوش دلبر مليو
    وٺجان ڪنجڪ ڪريمن جا.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص(101)

    مٿئين ڪافيءَ ۾ شاعر پنهنجي محبوب سان ملاقات جي سڪ لاءِ دل ۾ پيدا ٿيندڙ بيتابي ۽ ڪانگل کي پرينءَ طرف نياپا پھچائڻ واري ڪيفيت کي ظاهر ڪيو آھي.

    وڇڙيا ملن يار لھندا غم غبار
    گڏ ٿي گذاريون دم نه ٿيون ڌار
    دلڙي اُداسي من گھڻو ماندو
    برھ ڍولڻ کان مور نه واندو
    لَئون سڄڻ جي ڪيو لاچار
    روز سڄڻ لئه ڪانگ اڏايان
    پنڌ پِرينءَ جا واٽ واجهايان
    تن اندر آ ڍوليا تنهنجي تار.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي ص 102)

    شاعر حساس دل جا مالڪ ھوندا آھن ان حساسيت جو اندازو اسان خوش خير محمد جي مٿئين شعر مان لڳائي سگهون ٿا ته جڏھن ھڪ شاعر کان مُحب وڇڙي ٿو تڏھن ھڪ عاشق شاعر جي ڪھڙي ڪيفيت ھجي ٿي ۽ سندس اکين ۾ ندين وهڻ جو عڪس ڪيئن ته لفظن ۾ چٽجي وڃي ٿو. ھاڻ جڏھن ساڳئي سڪ جي ستايل عاشق شاعر جي پنهنجي محبوب سان ملاقات ٿئي ٿي تڏھن سندس سمورا ٿڪ کن پل ۾ ڪيئن ته لهي وڃن ٿا.


    آيو يار اڱڻ ويا وھم لھي
    ساڻي سکڙا ٿين سور سھي
    ھيڻو حال ڏسي ھيڪاريون
    دلبر ڏنيون لک دلداريون
    منهنجون سي ئي ڳل ڳاريون
    ويا لحظي اندر لڙڙا لھي
    سو جيرو جدائيءَ ۾ جليو
    سو سڀڪي مون سڄڻ کي سليو
    ھيڻو حال ڏسي وئين ھوت ھليو
    تنھنجي روءِ ڏسي پيا رنجڙا لھي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 103)

    مجموعي طور تي فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام جو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ سندس ڪلام جي موضوعن کي ڪنهن ھڪ اڌ محدود نظريي سان ڀيٽي نٿو سگھجي ڇو ته ھن شاعر جي ڪلام جا موضوع گھڻ رُخا گھڻ پاسائا آھن. ھن شاعر جتي خدا جي وحدانيت ۽ پرينءَ کي پاڻ ۾ ڳولي اندر اجاري ھوت سان ملڻ جي رستي جي واٽ جي تبليغ ڪئي آھي اتي سندس ڪلام ۾ مارئي جي حب الوطن جهڙن ڪردارن جو به ذڪر ملي ٿو سندس ڪلام ۾ ٻين تاريخي ڪردارن سان گڏ فطرتي رنگن، عشق جي آتش بازي ۽ مجازي حسن يار جي جلون جي جماليات جا به کوڙ سارا رنگ ملن ٿا . خوش خير محمد جي ڪلام جي مختلف موضوعن سان ملندڙ شاعريءَ جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.

    پرين نيندءِ پاڻ سان ڇڏ ھُڏي واري ھوڏ
    چار ڏھاڙا ٿي جوڀن پوءِ ڀُري ٿيندي ڀور
    خير محمد چوي لوڏ، وڻئي نه ويڙھيچن کي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 63)

    آئيندو اندر جو سدا رک صفا
    روشني ٿئي روح کي جانب ساڻ جفا
    خير محمد نفعا، ڪوڙين ملني قيمتي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 63)

    وھ سير چمن گلزاري وي
    مست اکين مخمور ويکو.
    جوڙ محبوب آون جھڙ بادل
    زلفان مينگھ ملھاري وي
    چشمان دا ڪجل ڪلور ويکو.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 156)


    تيڏي ديد دونالي مار پري
    ڇوھان جڏان ڇٽي لک خون ڪري
    مزگان تير ڀرون تلوار ميان
    اھي ھيبتناڪ ھٿيار ميان.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 162)

    سڄو منڇر ملاحن جي مٿان
    ڪيو سمي ڄام انعام

    سمي هئي صورت سمجهندي
    مورت واري مام
    صورت سڃاڻي ڪري
    اچي ڪيائين هُل هنگام.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 104)

    پنھوار پٽ تي پشم نه مٽن
    اصل اھا تن ريت رسم.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 106)

    خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي شاعريءَ جون خوبيون

    جيئن ھر عام ماڻھو شاعر ناھي ٿي سگھندو ائينءَ ھر اھو خاص ماڻھو شاعر ٿيندو آھي جنهن جي فھم فڪر سوچ ويچارکي خاص ماڻھن جي صف ۾ شمار ڪيو وڃي، ڇو ته شاعرن کي پيغمبري جو سرٽيفڪيٽ مليل آھي جيڪي ھڪ پيغمبر جي حيثيت سان ماڻھن تائين پنهنجو پيغام پھچائيندا آھن اھو پيغام عام ماڻھن جي ٻولي لهجي بيان انداز کان گھڻو خوبصورت ۽ پنھنجن نرالين خوبين سان مالا مال ھوندو آھي .
    “تمام اُتم ۽ اعليٰ درجي جي شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو جزو چيو ويو آھي. ان پيغمبريءَ واري نقطي کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ ان جي ڏاھپ کي سمجھڻ ضروري آھي ۽ انھيءَ حوالي سان ڪنھن اھڙي شاعري ڪندڙ شاعر ۾ پيغمبري جا اھي اوصاف به ڳولڻا پوندا” (6)

    فقير خوش خير محمد جي شاعري فن فڪر موسيقيءَ جي خوبين سميت ٻين ڪيترين ئي شاعراڻين خوبين سان مالا مال آھي. پاڻ جڏھن خوش خير محمد جي ڪلام جو اڀياس ڪنداسين ته اسان کي سندس ڪلام ۾ اھي سڀ خوبيون نظر اينديون جيڪي ھڪ بيباڪ صوفي شاعر کي الهام مان ملنديون آھن.
    “اھو شاعر جيڪو فن جي بلند ترين منزل تي ھجي ۽ سندس شاعري پيغمبريءَ جي جزي جھڙي حيثيت رکندي ھجي ته ان جي فن ۾ ھنر پنھنجي پوري سچائيءَ ۽ ڪاريگريءَ سان موجود ھوندو. شاعر اھو چئجي ٿو جنھن جي اُجري اُجري من ۾ جڏھن ڪو احساس پيدا ٿئي ۽ جنھن کي ھو پيغام جي شڪل ڏيڻ چاھي ته ھن جي بنيادي ھنرمندي ھن کي شعر ٺاھڻ يا گھڙڻ ۾ مددگار ۽ معاون ٿيندي آھي” . (7)

    جڏهن خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام جو اڀياس ڪري سندس شاعريءَ کي غور سان ڏٺو ويندو ته اسان کي سندس ڪلام ۾ اھڙي اعليٰ درجي جي شاعري نظر ايندي جو سندس ڪلام جي شيرين بيان انداز دل کي پيو ڇھندو. خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي گھاڙيٽن جي خوبين کي ڊاڪٽر تنوير عباسي بيان ڪندي لکن ٿا ته:
    “خوش خير محمد جي ڪلام ۾ ڪيترن ئي قافين جو گھاڙيٽو نرالو آھي. ھن قافين جي ترتيب ۽ ھڪ بند ۾ مصراعن جي تعداد ۾ ڦير گھير ڪرڻ سان ڪيترائي نوان نمونا ايجاد ڪيا آھن. قافيي جي نشست مان نرالي موسيقيت پيدا ڪرڻ خوش خير محمد جو خاص فن آھي” (8)

    پسي صورت جو سلطان ھئه ھيران لڳي
    جن ملائڪ حوران پريون ھر هڪ ٿي ھيران
    پڙھڻ سبحان لڳي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 82)

    مٿئين ڪافيءَ ۾ خوش خير محمد ھيسباڻيءَ ھڪ رواجي قافيو استعمال ڪيو آھي ۽ ٻيو اندروني قافيو استعمال ڪيو آھي، پر ٻئي قافيا آھن ساڳيا، مٿئينءَ ڪافيءَ جي ھڪ اھا به وڏي خوبي چئبي جو ان ۾ نوان تجربا ٿيل آھن جيڪي خوش خير محمد جي پنهنجي ايجاد ٽيڪنڪ آھن جنھن تي بعد ۾ ٻين شاعرن به عمل ڪيو آھي. هڪ شاعر جي شاعري جي صرف اھا خوبي ناھي ته سندس ڪلام جو فني سٽاءُ اصول پيرا ۽ ڪارب ۾ قابو ھجي بلڪه ھڪ سٺي شاعر جي ڪلام جي اھا به ھڪ وڏي خوبي ليکي سگھجي ٿي جو سندس ڪلام ۾ فڪر ھجي. خيال جي گھرائي ھجي لفظن جي چونڊ ھجي لفظن ۾ وزن ھجي، اھڙي طرح اسان کي خوش خير محمد فقير هيسباڻيءَ جي ڪلام ۾ مٿي بيان ڪيل اھي سڀ خوبيون نظر اينديون، جيئن ته:

    رمزن غمزن رم جھم لائي
    ڪوئل قمري قم قم ڳائي
    مينا طوطي مست ٿي آئي
    ڏسي مک محبوب مھتابي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 88)

    شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ تڏھن پڙھندڙ جو پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويندو آھي جڏھن ان جي شعر ۾ لفظن جي چاش ھجي فطرت جي رنگن جي منظر ڪشي ھجي ھوائن پکين سمنڊن جون محبوب جي حُسن سان تشبيهون ڏنل ھجن جيڪي سڀ خوبيون اسان کي خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ ۾ ملن ٿيون.

    منھنجا اباڻا مون وٽ ايندا
    وري وطن تي شل وٺيون ويندا
    لوئي لياري ڪين لڄائيندا.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 108)

    بظاھر ته مٿيون شعر مارئيءَ جي ڪردار تي چيل آھي پر ڏٺو وڃي ته ان شعر ۾ شاعر جي حب الوطنيءَ جو فڪر به جهلڪا ڏئي ٿو، ڇو ته مارئيءَ جي ڪردار کي اھو شاعر ڳائي سگھي ٿو جيڪي تاريخي طور تي مارئيءَ جي ڪردار کان واقف هوندو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي لوئي ۽ لڄ جو محافظ ھوندو. خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي اھڙي قسم جي شعر کي پڙھڻ کان پوءِ سندس شاعريءَ جي ٻين خوبين سان گڏ سندس حب الوطنيءَ واري خوبيءَ کي اهم خوبين ۾ ڳڻجي ته غلط نه ٿيندو. هڪ سڄاڻ شاعر جي اھا به اھم خوبي هوندي آھي ته هو پنهنجن سمورن عشقيه احساسن کي اکين جي روپ ۾ بيان ڪندو آهي، جڏھن شاعر انسان جي حساس عضوي اک کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳائي ٿو تڏھن سندس شعر جو منظر ڏاڍو دلچسپ ٿي ويندو آهي، خوش خير محمد جي شاعريءَ جي ٻين خوبين جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر سندس ڪلام ۾ ڏنل اشتهارن ۽ تشبيهن جون خوبيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن. صوفي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪندڙ اک جي لفظ سان حقيقت جي دنيا کي ڳولڻ واري اک جي فرضي نالي سان پڻ تشبيھون ڏنيون آھن، خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي شاعريءَ ۾ به اسان کي اکين جو ذڪر سندس بيتن ۽ ڪافين جي گھڻي تعداد ۾ محبوب جي ڪارين نشيلين ۽ نخريلين اکين سميت وحدت جي دنيا ۾ رھي محبوب کي ڳولڻ وارين اکين جو ذڪر پڻ ملي ٿو.

    اکڙيون اڙايم دل جي ٺارڻ لئي
    سڄڻ پاتو سُرمو منھنجي مارڻ لئي
    مُرڪي مٺل يار کلي ٿو کارڻ لئي
    بڙ تي پورو ڪيو چاڪ چڪنن ٿا
    ڏسي عشق اکيون منھن ۾ موچاريون
    ڇرڪن ڇنڀڻ لاءِ بيوس ويچاريون
    ھڪ اڳي سھڻيون ٻيو سُرمي سينگاريون
    ايڏو تاب تارن ڏيھ ڏڪن ٿا.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 112)

    ھاڻ جڏھن اسين فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام اندر ٻين خوبين کي بيان ڪرڻ کانپوءِ سندس ڪلام اندر موسيقي جو ذڪر ڪنداسين ته اسان کي خوش خير محمد جي سڄي ڪلام ۾ موسيقي جا رنگ ڏسڻ ۾ ايندا. خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جون ڪافيون خاص ڪري اتر سنڌ سميت سنڌ جي ڏاکڻي ۽ وچولي حصي ۾ ڏاڍيون مشھور آھن، خوش خير محمد جو ڪلام سنڌ جي مشھور صوفي فنڪارن پڻ ڳايو آھي جن ۾ عابده پروين، سهراب فقير، استاد منظور علي خان، قلندر بخش فقير، ھدايت فقير نوناري ۽ ممتاز لاشاري پڻ اچي وڃن ٿا. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته شاعري آھي ئي اھا جيڪي آساني سان ڳائي وڄائي سگھجي، جيڪا سُريلي شاعري آھي اھا بذاتخود پاڻ موسيقي آھي ان ۾ سھڻن لفظن جي چونڊ اچارڻ وقت ئي موسيقيءَ جي ترنم کي اڀاري ايندي آھي. جيئن خوش خير محمد ھيسباڻي جي ھيٺئين ڪافي نموني طور ڏجي ٿي:

    دل کسي دلبر وڃي پوءِ ٿو پُڄنديون ڪرين
    محبت سان مستان ڪيئي
    ھينئڙو وري حيران ڪيئي
    ساري لوڪ ۾ نيشان ڪيئي
    لائي لنئون ڇو ٿو لڙنديون ڪرين.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 116)

    مٿئين ڪافي ۾ ساڳين لفظن جي وراڻ يعنيٰ ھم آواز لفظ جھڙوڪ ڪيئي سميت مستان، حيران ۽ نيشان کي اُچارڻ سان پاڻ ئي ڄاڻي لفظ ترنم جي تارن جو سُرندو ٿي موسيقي جي آلاپ ظاھر ڪن ٿا. خوش خير محمد جون ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون ڪافيون ريڊيو پاڪستان سميت هند سنڌ جي صوفياڻين محفلن ۾ ڳايون وڄايون وڃن ٿيون. سندس ڳايون ويندڙ مشھور ڪافين مان ڪجھ مثال طور ھيٺ ڏجن ٿيون.

    لک ناز سکيو آن نوان
    مشتاقن جي مارڻ لئه.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 99)

    ڪيا انصاف آکان تيڏي آوڻ دا
    ڏاڍا لائق ڪيتئي ليئي پاوڻ دا.
    نينان ناز ڀريا ھن رنگارنگي
    ٻڌڪي ٻاڻ مرينديان مشڪ ٻنگي
    دلڙي زلفان زوري زوري ونگي
    ڪاڪل ڪنڍڙا گھتيئي نه ڇڙواڻ دا.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 155)

    خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي سرائڪي شاعريءَ جو مختصر جائزو

    سنڌ جي اڪثر ڪلاسيڪل صوفي شاعرن سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ جن ٻين ٻولين ۾ شاعري ڪئي آھي انھن ۾ سرائڪي ٻولي کي خاص اهميت حاصل آھي. سنڌ جي اھم ڪلاسيڪل شاعر سچل سرمست جھڙن عالم شاعرن به ٻين ٻولين جيئن سرائڪي ٻولي کي اهميت ڏئي سرائڪي ۾ شاعري ڪئي آھي، خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام ۾ سنڌي شاعري کان سواءِ ٻين ٻن ٻولين يعنيٰ سرائڪي ۽ ھندي ۾ چيل ڪلام پڻ ملي ٿو. پاڻ ھتي خوش خير محمد جي سرائڪي ڪلام تي مختصر نظر وجهنداسين. خير محمد ھيسباڻي فقير سنڌي شاعري جيئن پنهنجي سرائڪي ڪلام ۾ به بيت ۽ ڪافيون لکيون آھن، خوش خير محمد جتي پنهنجي سنڌي ۽ ھندي ڪلام ۾ وحدت الوجودي نظريي کي اڳڀرو ڪيو آھي ائينءَ ھن سرائڪي ڪلام ۾ به ساڳيو دلين کي صاف رکي من اُجرو ڪرڻ وارو موضوع رکيو آھي. سندس سرائڪي ڪلام مان ڪجھ مثال طور ڪلام پيش ڪجي ٿو.
    دليون طواف دلين دا ڪر تون شبھا شڪ نه ڪيجي
    صاف آئينه صورت دي وچ پاڇا پريم وکيجي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص127)

    دل دريا سمونڊون اونھي ڪون دليان نون جاني؟
    وچ ڪعبي وچ قبلي وچ مسجد مئخاني
    خوش خير محمد ڪعبه خاص دلين دا ويک دانا رھن ديواني.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 128)
    فقير خوش خير محمد جي سرائڪي ڪلام جا موضوع سنڌي ڪلام جھڙا آھن. ھن سنڌي ڪلام جيئن سرائڪي ڪلام ۾ به عشق کي ڳائي عشق جي گھڻي تعريف ڪئي آھي.
    بيدردان دي بٺي تي ٻالڻ والي ڪٿان
    عاشق آڙاھ وچ جان جليندي نھين ڪريندي ڪٿان
    خوش خير محمد خيال خدائي ٻيا سڀ ڇوڙ وٿان.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 131)
    خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي سرائڪي ڪلام ۾ فطرت جي رنگن جُھڙ ڦڙ حسن پيار محبت ۽ محبوب جي ڳل تر زلف جي بياني به ڪمال جي آھي.

    ساوڻ موج ڪيتي دريائون وھن لبو لب نالي
    مل مل سھيان سير ڪرن سڀ آنديان نال اتالي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 132)

    جوڙ محبوب آون جھڙ بادل
    زلفان مينگھ ملهاري وي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 156)

    رم جھم آيا رات انڌاري
    ول وسڻ دا ڪرڪي ويس.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 158)

    اکيان مست قدح مخمور ڏوھين
    نينان نور ڀريان گھتن گھور ڏوھين.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 159)
    لب لال سونھن سُرخي نال اوپر
    بنيا نيلم دانه خال اوپر
    ويکو غنچه دهن مشڪ مثال اوپر
    هڻ ٻان مساڳ مليندا هي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 160)

    بئنسر بيني نقش نراڙ بنيا
    جهالر جهومڪ جهرمردار بنيا
    دهري دام دلين هس هار بنيا
    ڳل مالها پا ڪي مريندا هي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 160)

    ڇٽي زلف اتي رخسار ميان
    ڪڍ ڪاڪل برھ بازار ميان.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 161)

    پاڻ جڏھن فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي سنڌي ۽ ھندي ڪلام جو اڀياس ڪري سندس سرائڪي ڪلام کي غور سان پڙھي ڏسون ٿا ته سندس سرائڪي شاعريءَ جو بيان انداز سندس ٻين ٻولين ۾ لکيل شاعري يعنيٰ سنڌي ۽ هندي ڪلام جي ڀيٽ ۾ سرائڪي ڪلام ڏاڍو دلڪش ٿو لڳي جنهن ڪري سندس سرائڪي ڪلام پڙھڻ سان نه صرف چپن تي واھ واھ جي صدا بلند ٿئي ٿي بلڪه سندس سرائڪي ڪلام جي بيتن ۽ ڪافين جي اچارڻ جو به ترنم اھڙو ته موسيقي سان ٽمٽار ۽ رسيلو نظر اچي ٿو جو سندس سرائڪي ڪلام جون سٽون اچارڻ سان دل جهومڻ تي پڻ مجبور ٿئي ٿي. مجموعي طور تي خوش خير محمد جو سرائڪي ڪلام سرائڪي شاعري جي ٻين سنڌي شاعرن جيئن سرائڪي ٻولي جو پڻ سرمايو آھي.

    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ جو نمونو

    سنڌي بيت

    دلبر لايون دوست تون پويان نه ڪر پير ،
    ميان ! ملاقات جي هينئڙي ڀڃ نه هير
    ڳنڍ سڄڻ ڪر ڳالهيون تون ٻيا وجھه نه وير
    توسان ريڌم روحڙو نه ته ٻيا ماڻهون به ڍير
    سڪ گهمائي سير ، نه ته هر ڪو خوش خير محمد چوي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 61)

    جانب جدائيءَ جو مون کي ڏاڍو آهه عذاب
    ساعت ساعت سڄڻ ٿيون اکيون هارن آب
    لالڻ لاچاريءَ کان ٿيون ڏين عجيب عتاب
    ماندي هت مري ٿي تنهن ڏي مُڪئي ڪو نه جواب
    خير محمد خوش خواب ، ڪيئن ويچارن وڇڙين اچي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 61)


    سنڌي ڪافي

    عشق اچي مون سان ڪيون ڳالهيون
    ڏسڻ نه جهڙيون سلڻ نه جهڙيون
    هر دوجهان جي حجابن واريون
    سڀ پڌر اچي پيون
    علم عقل جون اڳ ٻڌيون سي
    نينهن سڻايون نيون
    حُسن جون فوجان سر عشاقن
    اچن امالڪ کنيون
    خوش خير محمد قبل ماضيءَ جون
    وحدت ۾ سڀ ويون.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 72)


    سرائڪي بيت

    ساوڻ موج ڪيتي دريائون جل ٿل پڙي گاهان
    سکيان موريان سڀ سرتيان آون ڪر ڪي سرخ نگاهان
    کڙي هان ماهي ملڻ دي ڪيتي رکدي قدم اڳاهان
    خير محمد خوش رانجهن دي مئن کڙي ڀلينديان راهان .
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 131)

    سرائڪي ڪافي

    ڪيا انصاف آکان تيڏي آوڻ دا
    ڏاڍا لائق ڪيتئي ليئي پاوڻ دا

    نينان ناز ڀريا هن رنگارنگي
    ٻڌ ڪي ٻاڻ مرينديان مشڪ ٻنگي
    دلڙي زلفان زوري زوري ونگي
    ڪاڪل ڪنڍڙا گهتيئي نه ڇڙوان دي

    هي حسن تيڌي دي ملڪان ملڪ هولي
    لڳي لون لون دي وچ للڪار لولي
    تيڏي مٺڙي ٻهڳڻ هي ٻولي
    سچا سخن تيڏاهي الاوڻ دا

    تيڏي اتون قربان ڪران
    سر صدق صدق جند جان ڪران
    تئن تي گهوران ڪون مڪان مڪان ڪران
    خوش خير محمد هادي آپ ڏتا
    پيالا وحدت دا ڀر پاڪ پيتا
    اهين شوق شراب مست ڪيتا
    نشا نينهن چڙهيا نينهن لاوڻ دا.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 155)

    هندي ڪلام

    رام سمر ٿي سجاڳ ڀوري دل
    رين سُتي ساري گذر ڳئي هي

    غافل هوڪي وطن وساريئي
    ڪهان مُلڪ تيرا ماڳ ڀوري دل

    جاڪي ملو تم سا ڌوڪي سنگت
    لئي صاحب سهاڳ ڀوري دل

    انڇر آڪي هر دم هوگا
    ڳاءِ رباني راڳ ڀوري دل

    خوش خير محمد خيال ڇوڙ دوئي دا
    وحدت دي گھت واڳ ڀوري دل.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 189)

    حوالا
    1. عباسي،ظفر، “سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون”، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدر آباد، 2007ع ص 353
    2. ايضاً، _ص 354
    3. ايضاً _ص 354
    4. انصاري، عثمان. “رسالو سچل سرمست”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1997ع. ص 38
    5. عباسي تنوير،“ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي”، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2008ع. ص 37
    6. “ڀٽائي”، تحقيقي جرنل، ٽيون نمبر، سنڌي شعبو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور1994ع ص 26
    7. سراج “شاهه جي شعر جا گهاڙيٽا”، لطيف ڊائجيسٽ، آگسٽ 1995ع ص 65
    8. عباسي، تنوير،“ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي” سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2008ع ص 47


    باب ٽيون :مخوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي شاعريءَ ۾ تاريخي ۽ رومانوي ڪردار

    فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي ڪردار چونڊ ڪيا آهن انهن کي ڪنهن مخصوص نظريي سان ڀيٽي نٿو سگهجي ڇو ته خوش خير محمد پنهنجي ڪلام ۾ دنيا جي عظيم امر تاريخي ۽ رومانوي ڪردارن کي ڳايو آهي. جيئن ته رومانوي ڪردارن ۽ تاريخي ڪردارن ۾ ڪو خاص وڏو فرق ناهي پر رومانوي ۽ تاريخي ڪردارن جا ادب اندر پنهنجا الڳ ماپا ضرور رکيل آهن. هاڻ سڀ کان پھريان ان ڳالھ کي سمجھڻ ضروري آهي ته تاريخي ڪردار ڇا کي چئبو آھي؟ جيئن ته انساني سماج ۾ انسان ٻن قسمن جي زندگي گذاري ٿو ھڪ اجتماعي طور ٻيو انفرادي طور! ھاڻ اچو ته اھا ڳالھ سمجهون ته اسان جي يعنيٰ انسان جي انفرادي زندگي ڪھڙي آھي ۽ اجتماعي زندگي ڪھڙي آھي انفراديت مان مراد اڪيلائي محدود يعنيٰ انساني سماج ۾ انفرادي زندگيءَ جو به اھو مطب ٿيو ته پنهنجي ذاتي زندگي ذاتي ڪٽنب لاءِ جيئڻ مرڻ کلڻ روئڻ سوچڻ وغيره واري زندگي گذارڻ کي انفرادي زندگي چئبو آھي، ھاڻ اچون ٿا اجتماعيت طرف اجتماعيت مان مراد گڏيل سماج سان گهرو تعلق رکڻ يا ائينءَ کڻي چئجي ته انسان جي اجتماعي زندگي اھا آھي جنھن ۾ ھو ذاتي طور جيئڻ واري انفرادي سوچ مان نڪري پنھنجي انساني زندگي کي سمجهي جانورن واري انفرادي زندگي گذارڻ بجاءِ ڪو اجتماعي تاريخي ۽ مثالي ڪردار ادا ڪري جڳ لاءِ جيئي ۽ تاريخ ۾ ڪو اھڙو ڪردار ادا ڪري جيڪي صدين تائين جيئرو رھندو اچي. توھان پنهنجي آسپاس ھر روز اھڙا کوڙ سارا ماڻھو مرندي ڄمندي ضرور ڏٺا ھوندا جن جو ھن سماج ۾ ڪو خاص ڪردار نه ھوندو جنهن ڪري انهن کي تاريخ ۾ ڪير سڃاڻي به ناھي سگھندو ھو جسماني طور تي فوت ٿيڻ کانپوءِ ماڻھن جي نظرن ۽ خيالن مان به هميشه لاءِ مري ويندا آھن، پر ساڳئي انساني سماج ۾ ڪن ماڻھن جو ھن ڌرتيءَ تي جنم ٿيندو ئي انسانيت جي پرچار ڪرڻ لاءِ آهي ھو جيئندا مرندا انسانيت جي خدمت ڀلائي لاءِ آھن. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته تاريخ به انهن اجتماعي زندگي گذاريندڙ انسانن سان ايترو ئي انصاف ڪندي آھي جيڪي تاريخ جي ڀاڪرن ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويندا آھن، پوءِ ڀلي ڇو نه ھو جسماني طور تي ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃن پر ھنن جي ڪردار کي ڪڏھن به ڪٽ ناھي لڳندي ۽ ھو تاريخ ۾ ھميشه سُرخرو رهندا آھن جن لاءِ شاھ لطيف به لکيو آھي ته :

    سَرها ڏٺم سي، جن ساڃاءَ سِراڻِ سين،
    تيغَ تنِين جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏهين.
    ( “شاهه جو رسالو”،سر يمن ڪلياڻ .2/ 17)

    هاڻ پاڻ هتي اھڙن ئي تاريخي ۽ رومانوي ڪردارن جو ذڪر ڪنداسين جن کي فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو آھي. خوش خير محمد جي ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ، ھو نه فقط سنڌي زبان جو ڄاڻو عالم ھو، پر ھن کي تاريخ جو به ڳوڙھو مطالعو ٿيل ھو، سندس ڪلام ۾ ڪيترائي اھڙا انوکا تاريخي ۽ رومانوي ڪردار ملن ٿا جن جو تاريخ سان گھرو تعلق آھي. ھتي نموني خاطر سندس ڪلام ۾ ڳايل ڪردارن مان ستن تاريخي ۽ رومانوي ڪردارن بابت ويچار پيش ڪجن ٿا.


    تاريخي ڪردار

    منصور حلاج

    عشق فرض آڻي ادا ڪيو
    ابروءَ جي محراب ۾
    شاھ منصور کي سوليءَ تي چاڙھيائون
    اھو مُلن پنهنجو مدعا ڪيو
    پُڇو ھُنن کان ھٿ ڇا آيو؟
    نينھن وارن جي ڇو ندا ڪيوَ؟
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 99)

    مٿئين شعر ۾ شاعر صوفين جي سرتاج تاريخ جي نه وسرندڙ امر ڪردار منصور حلاج جو ذڪر ڪيو آھي. دنيا اندر تصوف جي ٻريل لاٽ منصور حلاج جي فڪر فلسفي جي محنت کي سمجهيو ويندو آھي. ھن ڪردار کي سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن کان ويندي اڄ تائين جي جديد شاعري ۾ به ڳايو وڃي ٿو، سندس شھادت ۽ زندگيءَ جو مختصر تعارف هتي لکڻ لازمي ٿو سمجهان.
    “ حسين بن منصور حلاج جو اباڻو وطن ايران جي مشھور شھر شيراز جي ڪجھ مفاصلي تي طور جو ڳوٺ آھي. ھو 857ع ۾ ڄائو، ھن جو والد ڪپھ ٽاڻڻ جو ڪم ڪندو ھو تنھن ڪري حلاج جي نالي سان مشھور ھو. اڳتي ھلي اھو نالو منصور سان به منسوب ٿي ويو. عربيءَ ۾حلاج لفظ جي معنيٰ آھي حق کي حاصل ڪندڙ. سمجهجي ائينءَ ٿو ته ھن کي حق طلبي ۽ حق گوئي سبب حلاج ڪوٺيو ويو. حلاج جي زندگي جو ابتدائي عرصو عراق ۾ گذريو. بغداد ۾ ھو مشھور عالم ۽ صوفين جي اڳواڻ جنيد بغدادي جو شاگرد ٿي رھيو. سندس طبيعت بي باڪ ۽ غيور ھوندي ھئي، جيڪي سندس دل ۾ ايندو ھو سو چئي ڏيندو ھو. ھو پنھنجي عقيدي مسلڪ تي سختي سان پابند ھو رواداري ۽ مصلحت جو قائل نه ھو. ھو وڏي آواز سان انا الحق جو نعرو ھڻندو رھيو ھن تي ڪفر جو مقدمو مڙھيو ويو ظاهر بين ملاڻن ۽ عالمن 309 ھ ۾ ھن کي قتل ڪرڻ جي فتوا ڏني فيصلي ۾ چيو ويو ته پھريان ھن کي درا ھنيا وڃن، سندس ھٿ پير وڍيا وڃن، سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪيو وڃي، جنھن کانپوءِ ھن جي عضون کي باھ ۾ ساڙيو وڃي ۽ سندس خاڪ کي دجلي نديءَ جي پاڻيءَ ۾ اڇلايو وڃي” (1)


    شھيد صوفي شاھ عنايت

    شهيد صوفي شاهه عنايت جو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ نه صرف هڪ عاشق شاعر طور مڃيو وڃي ٿو بلڪه هن تاريخ جي امر ڪردار اسان کي حق جي راهه تي پنهنجي جان جو نظرانو ڏئي جو کيڙي سو کائي جهڙو انمول نعرو ڏئي ڏاڍ خلاف اعلان بغاوت ڪري سچ جي جدوجهد تي جهڪڻ بجاءِ ڪنڌ ڪپائڻ جو بهادراڻو سبق سيکاريو. شاهه عنايت شهيد پنهنجي فڪر ۾ اها ڳالهه واضع ڪئي ته، حق جي راهه ۾ سر قربان ڪرڻ سان زندگيءَ جو بنيادي مقصد پورو ڪرڻ جو ذمو لهي وڃي ٿو. فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ پنھنجي ڪلام ۾سنڌ جي ھن عظيم ڪردار شھيد صوفي شاھ عنايت جو نالو کڻي ذڪر ڪيو آھي ۽ ان کي پنهنجي ڪلام ۾ خراج تحسين پيش ڪئي آھي. سچل سرمست بعد خوش خير محمد پھريون ئي شاعر آھي، جنھن سڌو سنئون نالو کڻي شاھ عنايت شھيد کي پنھنجي ڪلام ۾ ڳايو آھي، نه ته ھن کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل شاعرن فقط اشارن ۾ ھن ڪردار جو ذڪر ڪيو آھي.

    عشق اهين دي عجب تماشي، سوليءَ تي سلطان پڇو
    شاھ عنايت سخن سچارا، جنھن سر ڪيتا عشق امارا.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 144)

    شھيد مخدوم بلاول

    تاريخ جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته هر د‌‌‍ؤر ۾ حقيقت پسند انسانن ڏکيا ڏينهن ڏٺا آهن، هر دؤر ۾ حق پرستن تي امتحان ۽ آزمائشون اينديون رهيون آهن، هر دؤر ۾ مذهب جو غلط استعمال ڪري ڪيترن ئي عظيم انسانن کي گهاڻن ۾ پيڙي سندن ڳچين کي سولين جو سينگار بڻايو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي نيڪ دل صوفين تي واجب القتل جون فتوائون جاري ڪيون ويون آهن. تاريخ جي اهڙن عظيم صوفي ڪردارن مان شهيد مخدوم بلاول جو نالو به اهم آهي جنهن کي مذهب جي آڙ ۾ ڪوڙين فتوائن جي سهاري گهاڻي ۾ پيڙي شهيد ڪيو ويو.
    “ مخدوم بلاول ذات جو سمو هيو، ۽ ٺٽي جي شاهي خاندان سان واسطو رکندڙ هو. انڪري کيس سمون سردار ڪري سڏيندا هئا. سندن ڄم جي تاريخ ملي ڪا نه سگهي آهي، پاڻ ابتدائي تعليم ٺٽي مان پرائي پوءِ وڌيڪ علم ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ مخدوم عمر کان حاصل ڪيائين. شادي به اتي ڪيائين. هو علم حديث ۽ تفسير ۾ ماهر ٿيو، سندس هاڪ چ‍ؤڌاري پکڙجڻ لڳي، جنهن ڪري پري پنڌ کان ماڻهو وٽس علم پرائڻ جي لاءِ اچڻ لڳا. هن کي سلسلي طريقت ۾ به ڪمال هيو. سندس طريقو سهروردي طريقي جي شاخ ڪبروي جو هو. سندس شجرو طريقت مان نه ملي سگهيو آهي، پر هو ان وقت جي مکيه بزرگن مان هڪ هو”.(2)
    سنڌ جي ھن تاريخي ڪردار کي به خوش خير محمد پنهنجي ڪلام ۾ نالو وٺي ڳايو آھي.

    گھاڻي وچ بلاول پيڙيا، برحق ڏاڍي بره ڀڪيڙيا
    تنهن ڪون وانگر تيل نپيڙيا، جوش جبر جولان پڇو.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 144)

    موکي ۽ متارا

    ھن انمول تاريخي ڪردارن کي شاھ لطيف سميت ٻين ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن کان ويندي جديد شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ خوب ڳايو آھي. موکيءَ جو مئخانو مڌ جي پياسن لاءِ مشھور ھوندو هو پري پري جا مڌ جا پياڪ هن جي مئخاني تي ايندا ھئا. ڪي پانڌيئڙا ٿڪ ڀڃڻ ۽ اُڃ اُجهائڻ لاءِ ڪُجھ وقت موکي جي مئخاني ۾ ويھندا ھئا. موکي پاڻ جھڙي طبيعت جي معشوق هئي اھڙو مست ڪندڙ سندس مڌ ھو عشق جي اُڃارن ۽ محبت جي مارين کي جڏھن موکي جي مئخاني جو مڌ ملندو هو ته هو مست ۽ مگن ٿي ويندا ھئا. ڪجھ گھڙين ۽ ڪجھ لمحن لاءِ پنھنجا غم ۽ ڏک وساري ويھندا ھئا. موکي جو مقصد اُڃايلن جي اُڃ اجهائڻ ۽ غمگينن کي آٿت ڏيڻ ھو. خوش خير محمد پنهنجي ڪلام ۾ ھنن ڪردارن کي به ڳايو آھي، هنن ڪردارن تي ڳايل سندس شاعريءَ مان نموني طور ڪلام پيش ڪجي ٿو.

    سُرڪ تي ساقي مٽي ٿو ڏس متارن جا مٿا
    اصلئون اھا آئي اٿن خرچن ٻئي ناڻي نٿا
    اھي سر وڍي ڏين سيگھ ۾ جن جا پيئڻ لئه چپ چتا
    ڪاٽيون ڪلالن کي ڏسن ڪوپا نه ڪن ڪائي ڪٿا.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 81)


    مارئي

    مارئي جو ڪردار پنھنجي وطن ڌرتي سان پيار حب الوطني ۽ قومي غلامي جبر ڏاڍ کان بغاوت ڪرڻ جي علامت آھي. مارئيءَ جو ڪردار وطن جي حب ۽ محبت جو ڪردار آهي، جهوپڙن ۾ رهندڙ مارن ۽ جهانگين جي ڏکي پر ۽ محبت ڀري رهڻي ڪهڻي جي شهرن ۽ ماڙين ۾ رهندڙن جي سک ۽ عيش واري پر پابند زندگيءَ تي فوقيت جو ڪردار آهي، مارئي جو ڪردار سنڌ جي غريبن جي اشرافت ۽ خود داري سميت سنڌ جي اعليٰ سماجي قدرن جو آئينو پڻ آهي جنهن ڪري هي ڪردار صدين کان وٺي سنڌ ۾ ماڳين مشهور ۽ مقبول رهيو آهي. ھن ڪردار بابت خوش خير محمد جي ڪلام مان سندس شعر نموني طور پيش ڪجي ٿو.

    ڏي موڪل ميان مارن وڃڻ جي
    مارن ريءَ دل ماندي
    سر ساھ ملي سانگيئڙن سان
    ورائي ڇڏ وطن تي
    جيئن عمر تو آندي
    اھو ٿورو ڪر ٿاريچن سان
    موڪل ڏي ته مٽين ملان.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 106، 107)

    رومانوي ڪردار

    نوري ڄام تماچي

    سنڌ ۾ ڄام تماچي نالي هڪ مشهور حڪمران ٿي گذريو آهي جنهن جي د‌‌‍ؤر ۾ ڪينجهر ڍنڍ تي رهندڙ هڪ مهاڻي جي ڌيءَ پنهنجي حُسن ۽ خوبصورتيءَ جي ڪري مشهور هوندي هئي جنهن جو نالو نوري هو جنهن کي ڏسڻ سان ئي هر ماڻهو موهجي پوندو هو. هڪڙي ڏينهن ڄام تماچي ڪينجهر جو سير پئي ڪيو ته سندس نظر وڃي نوريءَ تي پئي جنهن نوريءَ جو جمال ڏسي ساڻس شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ پوءِ نوريءَ جي والدين سان ڳالهائي نوريءَ سان نڪاح ڪيائين. نوري جيڪي ذات جي مھاڻي هئي ۽ سندس مائٽ ڪينجھر ڍنڍ تي مڇي ماري پنهنجو گذران ڪندا ھئا نوري جي حسن نماڻپ ۽ نوڙت پنھنجي دؤر جي حاڪم ڄام تماچي کي موهي ڇڏيو ھو، نوري جي حسن جي ڪري ڄام تماچي سمورن مهاڻن مٿان سڄو منڇر انعام ۾ گھور ڪري ڇڏيو جنھنڪري ھن ڪردار کي ڏاڍي پذيرائي ملي ۽ نوري جي سونھن ماڳھين مشھور ٿي وئي ۽ نوري جي ڪردار ۽ حسن جڳ مشھوري ماڻي. فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام ۾ نوري جو ذڪر ھن ريت ملي ٿو.

    سڄو منڇر ملاحن جي مٿان
    ڪيو سمي ڄام انعام

    سمي ھئي صورت سُجهندي
    مورت واري مام
    صورت سڃاڻي ڪري
    اچي ڪيائين ھُل ھنگام

    مھاڻيءَ جي من ۾
    اھو اصل کان ھو الهام
    ڏسو نوريءَ ساڻ نگاھ
    جنهن کي ڪوڙين ڪن سلام
    گندرين جي گام ۾
    ڏس ڄلي آيو ڄام
    ڪيو تماچيءَ تڪيو
    منجھ مياڻيءَ مقام.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 104)

    سھڻي

    ھن سنڌ جي جڳ مشھور امر ڪردار کي سماجي اڻ برابري ۽ پنھنجي مرضي خلاف زندگي گذارڻ وارين ڪُڌين رسمن خلاف ھڪ بغاوت ڪندڙ باغي ڪردار طور مڃيو وڃي ٿو سھڻي جو ڪردار جتي بغاوت جو اھڃاڻ آھي اتي ھي ڪردار خوف کان نفرت ۽ بهادريءَ جو ڪردار آهي، سهڻي جي ڪردار ۾ عشق مٿان قربان ٿيڻ جو گس پڻ ملي ٿو. اچو ته ڏسون سنڌ جي هن سورميءَ کي خوش خير محمد هيسباڻي فقير پنهنجي ڪلام ۾ ڪيئن ڳايو آهي.

    رات اونداھي مينھن وسن ٿا گھمر گھير جتي ديونسن ٿا
    قدم دريا ۾ ڪير ڌري سھڻيءَ ريءَ تک ڪير تري
    سُرڪ ميھر جي ڪئي مستاني دلبر دلڙي ڪيس ديواني
    وس کان وئي سا ڪيئن وري بيوس ڪئي آ ذوق ذري
    خير محمد خوش خيال ملڻ جو موج متي مھراڻ گھرڻ جو
    ڇو ساھ سريءَ جو سانگ ڌري مر ميهر سان پرت پري.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 104)


    حوالا
    1: ”سرمست“ 10، خيرپورسچل سرمست يادگار ڪميٽي، 1990ع ص 9،10
    2: www.google.com//htp.sindhsalamat


    باب چوٿون : خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ تي اڳ وارن شاعرن جو اثر

    شاھ لطيف جو اثر

    شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ کي سنڌي شاعريءَ جي سرتاج شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو، توڙي جو اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ شاھ لطيف جي دؤر کان اڳ ۽ پوءِ شاعريءَ جو سلسلو تيزيءَ سان ھلندو پيو اچي پر ماضي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين شاعريءَ جي دنيا ۾ شاھ لطيف جي جُتيءَ ۾ ڪو به شاعر پير پائي ناھي سگھيو، شاھ لطيف جي دؤر کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسانجي سنڌي شاعري شاھ لطيف جي شاعريءَ جي پاڇي ۾ پلجندي پئي اچي. شاھ لطيف کانپوءِ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ کان جديد شاعريءَ ۾ اسانکي اھڙو ڪو به سنڌي شاعر نظر نه ايندو جنهن تي سڌي يا اڻ سڌي طرح شاھ لطيف جي شاعريءَ جو اثر نه ھجي. خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام جو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ اسان کي فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام جو ڳچ حصو شاھ لطيف جي شاعريءَ جو اثر قبوليندي نظر ايندو. خوش خير محمد ھيسباڻي فقير پنهنجي ڪلام ۾ اھڙن خيالن ڪردارن کي لطيف جيان پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آھي جنهن کي پڙھڻ کانپوءِ اھو بنا ڌڙڪ جي چئي سگھجي ٿو ته خوش خير محمد تي شاھ لطيف جي شاعريءَ جو چٽو پٽو اثر واضع آھي. خوش خير محمد جي ڪلام ۾ خوش خير محمد جي دؤر کان اڳ جي شاعرن ۽ ٻين تاريخ جي اھم ڪردارن جو ذڪر ملي ٿو جنهن مان اھو واضع ٿئي ٿو ته خوش خير محمد ھيسباڻي تاريخ جي مطالعي جو به شاگرد ھيو جنهن کانپوءِ اھو به واضع ٿئي ٿو ته خوش خير محمد شاھ لطيف جي ڪلام جو به مطالعو ضرور ڪيو ھوندو جنهنڪري سندس ڪلام مٿان لطيف جو فڪر غالب ٿيو. ھاڻ پاڻ شاھ لطيف جو خوش خير محمد جي ڪلام تي اثر ثابت ڪرڻ لاءِ ٻنهي شاعرن جو ڪلام سامهون آڻي پيش ڪنداسين.

    ھُو پڻ ڪونھي ھُن ري ، ھيءُ نه ھُنهان ڌارَ ،
    “الا نسانُ سِري وَاِنا سِرُه” پروڙج پَچارَ،
    ڪندا وِيا تنوارَ ، عالِمَ عارِفَ اَھڙي.
    (شاهه جو رسالو، سر آسا 1/4)

    مٿئين شاھ لطيف جي انسان خدا جو ڳجھ آھي واري خيال جھڙي ھڪجھڙائي خوش خير محمد وٽ به ملي ٿي
    تسبيون ،،، تال پڙھين ھر ھر ھو
    الا نسان سري و انا سرھ ، ، ،
    فرق نه ھڪ تر تنهنجو ٿي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 67)

    ھاڻ جڏھن لطيف جي مٿئين شعر کي خوش خير محمد جي شعر سان ڀيٽينداسين ته اسان کي ٻنهي شاعرن جي شعرن ۾ نه صرف ساڳيو فڪر سمايل نظر ايندو بلڪه لطيف جي بيت ۽ خوش خير محمد ھيسباڻي فقير جي ڪافي جي پيش ڪيل ساڳئي معنيٰ ڪڍندڙ مصرعه به ملندي، جنهن مان اھو به واضع ٿئي ٿو ته هن ٻنهي شاعرن جي مٿين شعرن جي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ ڪو فرق ناھي.

    وَسَن ۽ وِھسَنِ، ڏيھاڙِي ڏِسڻ لَءِ ،
    ڏِسي ڏِسي آئِيون، توءِ تلاشون ڪن،
    ڍاپِيو نه ڍاپَنِ، پَسَڻَ مَنجهان پرينءَ جي.
    (شاهه جو رسالو، سر آسا 2/5)

    بلڪل لطيف جي خيال جي ھڪجهڙائي خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ھن شعر ۾ به سمايل آھي.

    ڪي جو ڪالھ اکيون ڏسي آيون
    ھاڻي رھن نٿيون ڪنهن جي رايون.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 86)

    مٿئين شاھ لطيف ۽ خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام جي تقابلي جائزي کانپوءِ اھو ظاھر ٿيو ته فقير خوش خير محمد ھيسباڻي شاھ لطيف جو نه صرف پارکو هو بلڪه خوش خير محمد پنهنجي ڪلام ۾ شاھ لطيف جي وحدة الوجودي فڪر ۽ فلسفي جو به تسلسل برقرار رکيو.

    سچل سرمست جو اثر

    شاھ لطيف جيئن سچل سرمست جي شاعريءَ جو به فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام تي گھرو اثر ڇانيل آھي. خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ تي سچل سرمست جي شاعريءَ جي اثر جي موضوع تي ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته:
    “خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي زماني تائين، سچل سرمست سنڌي ڪافيءَ کي ڪيتريون ئي نيون ھيئتون ڏئي چڪو ھو، ۽ سندس فني توڙي فڪري صلاحيتن جي ڪري ڪافيءَ جي صنف عوام ۾ مقبول ٿي وئي ھئي. شاھ لطيف جي شاعريءَ کان پوءِ سنڌي شاعري ارتقا جو ھڪ ٻيو اھم ڏاڪو چڙھي چُڪي ھئي، اُونھن خيالن ۽ علامتي تصوف جي جاءِ رنداڻي ۽ بيباڪ اظھار، وڄندڙ ۽ گجگوڙ ڪندڙ اُچارن وارن لفظن ۽ والھانه بيخوديءَ واريءَ موسيقيءَ ۽ سڌي سنئين اعلانيءَ شاعري ورتي غنائي شاعري وائيءَ کان اڳتي وڌي، ڪافيءَ جا ڪيترائي رنگا رنگ گھاڙيٽا پاڻ ۾ سمائي چڪي ھئي، سچل سرمست جي ڇڏيل ورثي کان سواءِ خوش خير محمد ۽ سندس ساٿاري سنڌي ڪافيءَ جي صنف سان دلچسپي رکي، ۽ ان ۾ واڌارا ڪندا رھيا، ان دور جي سڀني ڪافي چوندڙ شاعرن جي شاعريءَ تي سچل سرمست جو باغياڻو ۽ رندي انداز، سندس ڪافين جي گھاڙيٽن جي نواڻ، ۽ سندس اترادي لهجي واري مٺي ٻولي، انهن سڀني صفتن جي گھري ڇاپ خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي شاعريءَ ۾ موجود آھي” (1)

    سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ سچل کان پوءِ جيڪي به سنڌي ٻولي جا ڪلاسيڪل شاعر اُڀريا آھن انهن جي ڪلام تي ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي اثر سان گڏوگڏ سچل سرمست جي ڪلام جو اثر واضع نظر اچي ٿو. پاڻ هتي خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ تي سچل سرمست جي شاعريءَ جي اثر جا ڪجهه مثال پيش ڪنداسين.

    صورتَ سَڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو!.
    (رسالو سچل سرمست سنڌي ڪلام ص 116)

    مٿيون ساڳيو خيال خوش خير محمد ھيسباڻيءَ وٽ ھن ريت ملي ٿو

    آئين صورت جو سينگار ڪري
    پنهنجو پاڻ ڏسڻ لاءِ پير ڀري
    تنهنجي سير بنا ڀلا ڪيئن سري
    پنهنجو درسن سڀ ديدار ڪيئي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 76)

    جيئن سڀني صوفي درويشن جو نظريو ساڳيو آھي ائينءَ سڀني صوفي شاعرن جي شاعريءَ ۾ به بلڪل ھڪ جھڙائي نظر ايندي.

    تو تان آئينو ٿي آئين،
    پنھنجو پاڻ ئي ۾ منھن پائين،
    مين کي ڇوڙ ته ٿيوين سائين
    ڀولو مور نه ھن ۾ ڀائين ،
    توکي صحي سچ سُڻائين.
    (رسالو سچل سرمست سنڌي ڪلام ص 303)

    مٿئين سچل سرمست جي خيال جھڙي ھڪجھڙائي خوش خير محمد وٽ ھن ريت ملي ٿي.

    پنھنجو پاڻ ۾ پاڻ کي پس
    ماڻ مزو چک روحي رَسُ
    صورت مان صورت ئي سِکُ
    طالب ھي توحيد ته لِکُ.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 83)

    جيئن پوري انساني تاريخ ۾ روز ازل کان ھر شيءِ جو تضاد رھندو پيو اچي ۽ جيڪو لازم فطرت جو فطري قانون به آھي ته ھر شيءِ جو ضد ھجي، جيئن صحيح جو غلط سچ جو ڪوڙ رات جو ڏينهن اوندھ ۽ روشني جو پاڻ ۾ تضاد آهي ساڳئي طرح صوفي ازم جي حقيقت اڳيان به ڪن نام نھاد ڌرين جو فتنو فساد ضد جي شڪل جيئن اڳيان کڙو ٿيندو پيو اچي، ڇو ته تصوف جي ٻولي ھڪ حقيقت آھي ھڪ سچ آھي جنهن جو ضد ڪوڙ آھي ۽ ان ڪوڙ ھميشه سچ سان ٽڪر کاڌو آھي ان ٽڪراءَ ۾ ڪيترن ئي سچ جي سرمست شاعرن کي ڏکيا ڏينهن به ڏسڻا پيا آھن ڪيترن ئي منصورن جا ڪنڌ سولين جو سينگار بڻيا آھن. ساڳئي سچ جي پرچار ھن ٻنهي صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ ملي ٿي جنهن جي پهريان سچل سرمست اپٽار ڪئي آھي ۽ پوءِ خوش خير محمد ساڳئي ڳالھ کي پنهنجي ڪلام ۾ سامهون آڻي نروار ڪيو آھي.

    سرمَدَ کي ڏيئي لَتَ ڪھايئي، سوريءَ تي منصور چڙھايئي،
    شيخ عطار جو سِرُ وڍايئي، ھاڻي ھيڏي پنڌ پُڇائين تون.
    (رسالو سچل سرمست سنڌي ڪلام ص 130)

    ساڳئي ڳالھ خوش خير محمد ھن ريت ڪئي آهي.


    شاھ منصور کي ، سولي چاڙھيائون
    اھو مُلن پنهنجو مدعا ڪيو.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 99 )

    مجموعي طور تي سچل سرمست ۽ خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام جي اڀياس ڪرڻ کان پوءِ اسان کي سچل جي شاعريءَ جي فهم فڪر جون ھڪجھڙايون خوش خير محمد جي ڪلام ۾ پڻ ملن ٿيون، جنهنڪري اھو چئي سگھجي ٿو ته خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام تي سچل سرمست جي ڪلام جو گھرو اثر پڻ سمايل آھي.

    صوفي روحل فقير جي شاعريءَ جو اثر
    سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ روحل فقير جو نالو سنڌ جي اهم ڪلاسيڪل شاعرن جي صف ۾ شمار ٿئي ٿو. ٻين شاعرن جيئن هن شاعر جي شاعريءَ جو به خوش خير محمد جي ڪلام تي اثر پڻ ملي ٿو، سڀ کان پهريان روحل فقير جي زندگيءَ جو مختصر تعارف لکڻ لازمي ٿو سمجهان.
    “روحل فقير ولد شاهو خان بلوچن جي زنگيجا قبيلي مان هو جيڪي 1743ع ۾ تولد ٿيو سندس وڏا تعلقي عمر ڪوٽ ۾ مومل جي ڪاڪ لڳ پدما جي ڀٽ ويٺل هئا. سندس والد شاهو خان، ميان نور محمد وٽ ملازم هو هن روحل فقير کي سنڌي ،عربي، فارسي جي تعليم ڏياري ان بعد روحل فقير به ميان نور محمد وٽ ملازم ٿيو پر جلد ملازمت کان بيزاري ڏيکاري فقيري ويس ڍڪي جهوڪ شريف ۾ پنهنجي مرشد ( شاهه عنايت شهيد جي فرزند ۽ سجاده نشين ) عزت الله شاه جي خدمت ۾ وڃي رهيو. ڪجهه وقت بعد جهوڪ شريف ڇڏي سنڌ ۾ گهمندو رهيو ۽ آخر ڪار موجوده ڪنڊڙي واري مقان ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهيو. جتي 1619 هه مطابق 1804ع ۾ وفات ڪيائين.” (2)
    پاڻ جڏهن صوفي روحل فقير جي شاعريءَ جو اڀياس ڪيون ٿا ته اسان کي شاه لطيف ۽ سچل سائين جيئن روحل فقير جي ڪلام جو به خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ تي گهرو اثر ڇانيل نظر اچي ٿو. جيئن روحل فقير پنهنجي شاعريءَ ۾ پاڻ ڳولي پاڻ سڃاڻڻ جي بار بار تلقين ڪئي آهي ساڳئي طرح خوش خير محمد هيسباڻيءَ به ساڳئي فڪر کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آهي. پاڻ هتي مثال طور روحل فقير ۽ خوش خير محمد جو ڪلام پيش ڪيون ٿا.
    اول ڪعبو عرش عظيم آهه،
    جت فرشتا فرمان ۾ راتو ڏينهن رهن.
    ٻيو ڪعبو بيت المقدس آهه،
    جنهن کي سڀئي نبي ٿا نمن.
    ٽيون ڪعبو بيت المعمور آهه،
    جت ملڪ مڙئي ٿا سجدا ڪن.
    چوٿون ڪعبو بيت الله آهه،
    جت حاجي وڃي ٿا حج پڙهن
    پنجون ڪعبو قلوب الم‍‌‌‍‍ؤمنين،
    عرش الله تعاليٰ چيو پاڻ ڌڻين.
    مسلمان جيڪي پنهنجو قلب هٿ ڪن،
    نه آهن ڪعبا به ڪو ڏياتن جا.
    (آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه. ص 165)

    مٿئين شعر ۾ روحل فقير اها ڳالهه واضع ڪئي آهي ته ماڻهو خدا کي پاڻ ۾ ڇو نه ٿا ڳولين؟ پاڻ سمورن ڪعبن جي تشريح ڪري جڏهن قلب ڏانهن اچن ٿا ته ڏاڍا حساس ٿي وڃن ٿا، پاڻ فرمائن ٿا ته سڀني مقدس مقامن عبادتگاهن جي پنهنجي اهميت، پر اصل جيڪي عبادت يا نيڪي بدي آهي اها انسان بذاتخود پاڻ آهي انسان جي عبادت جو دارو مدار سندس قلب آهي انڪري پاڻ پنهنجي ڪلام ۾ اها ڳالهه واضع ڪن ٿا ته سچو نيڪ دل مسلمان اهو آهي جنهن جو من اجرو هجي. بلڪل ساڳيو خيال ساڳيو فڪر خوش خير محمد هيسباڻيءَ وٽ به هن ريت ملي ٿو:
    آئيندو اندر جو سدا رک صفا
    روشني ٿئي روح کي جانب ساڻ جفا
    خير محمد نفعا، ڪوڙين ملني قيمتي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي ص 63)


    حوالا
    1. عباسي تنوير،“ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي”، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. 2008ع ص 26
    2. مخدوم طالب الموليٰ، “ دُر ناياب عرف ياد رفتگان”، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2012ع ص 5


    باب پنجون : خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جا همعصر شاعر ۽ سندس خاندان جا شاعر

    همعصر شاعر
    فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي دؤر جي اھا مشھور ڳالھ آھي ته ان وقت جي صوفي شاعرن جا آستانا ۽ اوطاقون راڳ رھاڻن سان آباد هوندا ھئا جتي هي صوفي شاعر هڪٻئي سان ڪچهرين جا ميڙا مچايون ويٺا ھوندا ھئا، ھنن صوفي فقيرن جي ڪچهرين جو سلسلو ايئن ھلندو ھو جو ھو هڪٻئي جي اوطاقن ۾ گڏ ٿي پنهنجي شاعراڻن خيالن کي ھڪٻئي سان ونڊ ڪندا رھندا ھئا. ھنن جون ڪچهريون ايتريون ڪشاديون ھونديون ھيون جو هو ڊگهيون راتيون جاڳي ڪچهرين ۾ هڪٻئي کي پنهنجي شاعري ٻڌائيندا ھئا ۽ ھڪٻئي جا شعر ٻڌي ھڪٻئي کان متاثر به ٿيندا ھئا. سنڌ جي همعصر ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ جي اڀياس ڪرڻ سان اسان کي اھڙي قسم جي شاعريءَ جو جَهجهو مواد ملي ٿو جنهن ۾ ھنن جي شاعريءَ جو ھڪٻئي تي گھرو اثر نمايان نظراچي ٿو. خوش خير محمد هيسباڻيءَ جا جيڪي همعصر شاعر آھن انهن ۾ عثمان فقير سانگي، نانڪ يوسف، بيدل فقير، غلام حيدر شر گودڙيو پڻ اھم آھن جن جي شاعري ۽ خوش خير محمد جي ڪلام ۾ اسان کي گھڻي ھڪجھڙائي پڻ ملي ٿي. خوش خير محمد ھيسباڻي جا جيڪي اهم همعصر شاعر آهن پاڻ هتي انهن جي شخصيت شاعري ۽ خوش خير محمد هيسباڻي فقير جي ڪلام سان سندن ڪلام جي هڪجهڙائي جو مختصر جائزو پيش ڪنداسين.

    عثمان فقير سانگي
    عثمان فقير سانگي جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي سان ھو، ھي نه صرف خوش خير محمد جو ھمعصر شاعر ھو بلڪه ھنن ٻنهي شاعرن جو مرشد به ساڳيو عبدلحئي نوشھرو فيروز وارو ھو يعني ھي ٻئي مرشد ڀائي ھجڻ جي ڪري ھڪٻئي جا گھرا دوست به ھئا جنهنڪري ھنن جون ڪچهريون به ڏاڍي ويجھڙائيءَ سان ٿينديون ھيون. عثمان فقير سانگي جي ڪلام ڪتاب “ڪلام عثمان فقير سانگي” جو مرتب ڊاڪٽر نواز علي شوق لکي ٿو ته:
    “ھيءَ حقيقت آھي ته عثمان فقير سانگي ۽ خوش خير محمد ھيسباڻيءَ کي سنڌي توڙي سرائڪي ڪافيءَ ۾ اعليٰ مقام حاصل آھي. عثمان فقير عارف عبدالحي نقشبندي جو طالب ھو. خوش خير محمد ھيسباڻي سندس دوست ھو. ھيسباڻي فقير کي عثمان سانگي سائين عبدالحي وٽ وٺي آيو. خوش خير محمد اتي اچي عارف عبدالحي جو طالب ٿيو. عارف عبدالحي ٻنهي طالبن کي تمام گھڻو پيار ڪندو ھو. سندن نظر فيض اثر سبب ٻئي طالب جاڙا چنڊ ٿي چمڪڻ لڳا. سندن سھڻي شاعري سنڌ جي ھر وستي ۽ واھڻ کي واسي ڇڏيو آھي” (1)
    خوش خير محمد ۽ عثمان فقير جي ڪلام ۾ ھڪجھڙائيءَ جا ڪجھ مثال ھيٺ ڏجن ٿا.
    ڪيا انصاف آکان تيڏي آوڻ دا
    ڏاڍا لائق ڪيتئي ليئي پاوڻ دا.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 63)
    ڏاڍا لِڪِ ڪيتئي ليئي پاوڻ دا
    ڪيھا غرض پيئي اٿي آوڻ دا.
    (ڪلام عثمان فقير سانگي ص 156)

    بيرنگيءَ جو بيان ڪڏھن، ڪين عقل ۾ ايندو.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 96)
    بيرنگ بي بيان،
    اُونھو بھر عشق جو آھي.
    (ڪلام عثمان فقير سانگي ص 156)

    سُڻي پورب جا پيغام، سامي سنک وڄائن ٿا ،
    آڌيءَ ويل اُٿائن ٿا.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص113)
    صُوفي صافئون صاف، خيال سان الف جاڳائن ٿا
    اُهي خان خوديءَ کي کائن ٿا.
    (ڪلام عثمان فقير سانگي ص 104)
    خوش خير محمد ھيسباڻي فقير جي عثمان فقير سانگي سان ايتري گھري ياري ھئي جو عثمان فقير جي وڇوڙي تي خوش خير محمد ھڪ ڪافي چئي آھي جنھن ۾ عثمان فقير جو نالو به ملي ٿو.
    عثمان،،، عاشق آفرين پنھنجو جسم پروان ڪيئي
    طالبن جي طور ۾ نالو صحيح نيشان ڪيئي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص121)


    نانڪ يوسف
    نانڪ يوسف سچل سرمست جھڙي عظيم صوفي شاعر جي تربيت جي ڇانوري ھيٺ شاعريءَ جي دنيا ۾ پير پاتو ھن سچل سائين جي صحبت ۾ سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ تصوف جي پيغام جي پرچار ذريعي پنهنجو نالو روشن ڪيو.
    “نانڪ يوسف حضرت سچل سرمست جو ٻالڪو ھو ۽ سندس فڪر ۽ خيال مان بيحد متاثر ھو. فقير محمد يوسف ولد محمد ھاشم کوکر جو جنم جھل جي ڀر سان ڳوٺ ڪُنڊي کوکر ۾ ٿيو. درس ۽ تدريس جي تلاش ۾ سچل سرمست وٽ فيض پرائڻ پھتو ھو سچل سر مست کان عمر ۾ 53 سال ننڍو ھو ۽ سندس تخلص نانڪ سچل سائين پاڻ رکيو ھو.” (2)
    ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ھيٺئين ڳالھ مان اھو واضح ٿئي ٿو ته نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد جون پاڻ ۾ ملاقاتون به ٿيون آھن.
    “مير علي مراد جي موسيقيءَ جي محفلن ۾ خوش خير محمد ھيسباڻي پاڻ حاضر رھندو ھو ۽ سندس ڪلام پڻ انھن محفلن ۾ ڳايو ويندو ھو. انھن ڪچھرين ۾ فقير نانڪ يوسف پڻ ايندو ھو.” (3)
    خوش خير محمد ۽ نانڪ يوسف جي ڪلام جي ھڪجھڙائي تي ڊاڪٽر تنوير عباسي هي مثال پيش ڪيا آهن جيڪي هتي بيان ڪجن ٿا.
    “ نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد هيسباڻي جي ڪيترين ئي ڪافين ۾ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي.



    دم دم اسان ڏي دل تي هئه تانگهه تيڏي پيارا.
    (خير محمد )
    دم دم اسان ڏي دل تي سڄڻان ديان ڳالهيان.
    (نانڪ يوسف)

    دلبر آيا مئڏي ديس ، آمل سيان ڏيوو مبارڪ.
    (خير محمد )
    دلبر ديس اساڏي آيا، واھ برھ دي بهار لڳي.
    (نانڪ يوسف)
    جيوين ڪرامت ڪشف اکيندي
    عاشق ايوين نھين لکيندي .
    (خير محمد )
    لکا ڪرامت ڪشف منيندي
    ڪنز قدوري هنر بڻيندي.
    (نانڪ يوسف)

    عشق جڻيا جس پايا هئه
    تس واهه اسلام جڳايا.
    (خير محمد )
    آج سجن ڪيون نه آيا هئه
    ڪنهن ڌوتي ني ڀرمايه هئه
    (نانڪ يوسف) ” (4(

    فقير قادربخش بيدل
    بيدل سائين انگريزن جي ابتدائي دور جو شاعر ھو، ھي صوفي شاعر عمر جي لحاظ کان خوش خير محمد ھيسباڻي فقير کان پنج سال ننڍو ھو.
    “سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو جو پيارو ٻاجهارو معرفت جو صاحب صوفي سالڪ، صادق فقير قادربخش بيدل 19 صدي عيسوي جو سنڌ جو اعليٰ پايي جو شاعر ھو، فقير قادربخش بيدل 1814ع ۾ فقير محمد محسن جي گهر ۾ ولادت ورتي ۽ 1878ع ۾ روھڙي ۾ ئي پنهنجي پٺيان اعليٰ اظرف رکندڙ شاعر پٽ فقير محسن بيڪس کي سوڳوار ڇڏي تقريبن 59 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.”(5)
    اسين بيدل سائين کي خوش خير محمد جي اھم همعصر شاعرن مان ان ڪري به ڳڻي سگهون ٿا جو ھنن ٻنهي شاعرن جي ڪلام ۾ پڻ گهڻي ھڪجھڙائي ۽ ويجهڙائپ ملي ٿي.
    بيدل سائين ۽ خوش خير محمد ھيسباڻي جي ڪلام ۾ ھڪجھڙائي جا ڪجهه مثال ھيٺ ڏجن ٿا :

    جلوو تاب حُسن جو ڏسي تجليون
    سارو جبل وڃي ڪوھ طور جليون
    تنهنجي پنبڻين جا پيڪان چوان
    اھي نيزا بڙڇيون بان چوان
    نت ابرو سيف ايران چوان.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 85)

    ابرو سيف ايران عجيبن
    نيزا بڙڇيون بان حبيبن
    گھاءُ ڪرن منجھ ھانءُ ضعيفن
    تيغ چوان يا صمصام چوان.
    (ديوان بيدل. ڪافي نمبر 51 روپ بسنت)


    پاڻئون پنهنجو پاڻ سڃاڻج
    ڄاڻ وڃائي ڄاڻ کي ڄاڻج
    منصوريءَ جون موجون ماڻج.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 80)

    ڳولا ڪرين جنهن جي، ساڳيو تون سوئي،
    جي پاڻ پروڙين پانهنجو، ناهين ٻيو ڪوئي،
    هيءُ ھو ھڪوئي، سڏ پڙاڏو سمجھ تون.
    (ديوان بيدل،بيت نمبر 124 ص 127)


    ڪاڪيون ڪالها ڪون ڪانگ لنوي ٿو ،
    اڄ ايندا ڪي سڀاڻي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 101 )

    ڪانگ لنوي مٺي لات مهب مسافر ڄاڻ ڪي ايندا
    جيڪس دانهان درد منهنجي جون، پهتيون اتي پرڀات،
    اٿم اميد ته هينئن نه ڇڏيندا.
    (ديوان بيدل، ڪافي نمبر4)


    فقير غلام حيدر شر گودڙيو
    عثمان فقير سانگي، نانڪ يوسف ۽ بيدل سائين جيئن فقير غلام حيدر شر گودڙيو به خوش خير محمد جي اھم همعصر شاعرن مان ھڪ آھي. فقير غلام حيدر شر جو تعلق ضلعي خيرپور جي ڳوٺ مينگھو فقير شر سان ھيو. ھي فقير به سچل سرمست ۽ نانڪ يوسف جو عقيدت مند ھو. ڪتاب “غلام حيدر گودڙيو جو ڪلام” جو مرتب الطاف اثيم فقير غلام حيدر شر جي ويجهن دوستن سان ٿيندڙ ملاقاتين بابت لکي ٿو ته:
    “محبتي ميڙاڪا پنهنجي ڳوٺ ۾ ھر روز شام سج لٿي کان لڙي سومھڻي تائين ته روز مچايون ويٺو ھوندو ھيو جنهن ۾ فقراءَ صوفي سماع ڪندا ھئا پر ڳوٺ کان ٻاھر جيڪڏھن پاڻ ور ور ڪري ڪنھن وٽ ويندو ھيو ته اھي ھئا سندس ستگرو سائين نانڪ يوسف، درازي درويش سائين قبول محمد فاروقي، خواجه نجم الدين راڻي پور جو، پير شاھ محي الدين جيلاني، روھڙي جو رند فقير قادربخش بيدل، صوفي فقير خوش خير محمد ھيسباڻي، لونگ فقير مهيسر ۽ دريا خان فقير زنگيجو.” (6)
    مٿئين حوالي مان اھا ڳالھ واضع ٿئي ٿي ته خوش خير محمد ۽ فقير غلام حيدر جون پاڻ ۾ ملاقاتيون ٿينديون ھيون جنهنڪري ھنن ٻنهي شاعرن جي ڪلام تي به ھڪٻئي جو اثر ٿيو. ھتي پاڻ ٻنهي شاعرن جي ڪلام ۾ ھڪجھڙائي جا ڪجهه مثال پيش ڪنداسين.

    پڃري آدم وچ ڪيوين ڦاٿون
    آهون مرغ هوائي وي ميان.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 173)

    پڃري آدم دي مئين آپي آيس ڪيتم سير الاهي دا.
    (فقير غلام حيدر گودڙيي جو رسالو. ڪلام نمبر 16 )


    ساوڻ موج ڪيتي دريائون وھن لبولب نالي
    مل مل سهيان سير ڪرن سڀ آنديان نال اتالي
    خيرمحمد ڪون خوشي رانجهن دي شل ماهي مئڏھون نهالي.
    (ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 132)
    سدا سانوڻ جيان وھي لايون لس لھر،
    بوندان بيهن ڪينڪي وهي نينهن نهر.
    (فقير غلام حيدر گودڙيي جو رسالو. بيت نمبر 48)



    خاندان جا شاعر
    خوش خير محمد هيسباڻيءَ کانپوءِ سندس خاندان ۾ اڄ ڏينهن تائين شاعرو شاعري جو سلسلو هلندو ٿو اچي، ڏٺو وڃي ته خوش خير محمد جي خاندان جي شاعرن جي شاعري ڇپيل صورت ۾مڪمل طور ناهي ملي سگهي ان ڪري سندس خاندان جي سڀني شاعرن جو هتي ذڪر ڪرڻ مشڪل آهي. پاڻ هتي خوش خير محمد هيسباڻي فقير جي خاندان جي ٻن اهم شاعرن جو مختصر ذڪر ڪنداسين.

    فقير در محمد (ٻيو)
    فقير در محمد (ٻيو) خير محمد دوم (ٻي) جي گھر ۾ 1887ع ۾ تعلقي فيضگنج جي ڳوٺ خوش خير محمد هيسباڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس وفات مئي 1977ع ۾ ٿي در محمد فقير جو ڪلام “مڪنوز در لعل” جي نالي سان فقير احسان علي هيسباڻي ڇپايو آهي، فقير در محمد جو ڪلام به خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام جيئن تصوف ۽ انسان دوستيءَ جي سبق سان ٽمٽار آهي سندس ڪلام مان نمونو مثال طور هيٺ پيش ڪجي ٿو.

    مطلع : دل ٿيم ديوان، دوست جڏهن ديدار ڪرايو،
    وسريو شوڪت شان، ناز صنم نروار ڪرايو.

    1: حُسن حقيقي حڪم هلايو، عشق مجازي عقل تڙايو،
    هوش ٿيو حيران، اکين بي اختيار ڪرايو.

    2: ناز اعجاز جا راز نيارا ، مام ملائن نسنگ نطارا،
    نيڻن ۾ نشان ، ثابت سر سردار ڪرايو .

    3: بي رنگجا رنگ باطن ظاهر ، نسنگ سڃاڻن ملنگ ماهر،
    آ گهه هر اعلانِ محبت مڱڻهار ڪرايو.
    4: مالڪ سان پيو ست ٿياسون ، مُلڪ وساري مست ٿياسون ،
    حُسن رهيو همخان ، عشق قائم اعتبار ڪرايو.

    5: زلف زنجيري دام سڀيئي ، ڦاٿل خاص و عام سڀيئي ،
    دام اندر دردان ، حسن شهباز شڪار ڪرايو.
    (مڪنوز در لعل حصه اول ڪلام نمبر 90)

    خير محمد (ٽيون)
    فقير خير محمد (ٽيون) فقير در محمد (ٻي) جو فرزند هو، سندس جنم 1929ع ۾ ۽ وفات 4 جنوري 2007ع ۾ ٿي هي فقير به خوش خير محمد هيسباڻي جي خاندان ۽ فڪري سلسلي جي اهم شاعرن مان آهي پر سندس ڪلام هن وقت تائين ڇپجي ناهي سگھيو، سندس شاعري جو ڪجهه نمونو ڪتاب “مڪنوز در لعل” ۾ ملي ٿو جيڪي هتي پيش ڪجي ٿو.
    “ مطلع آيا عجيب اسان جي اڱڻ احسان ٿيا،
    پسي حُسن حبيب هڙئي حيران ٿيا
    1: دل گھريو دلدار اڱڻ اڄ آيو آ،
    محبت ۾ مشتاق مڙئي مستان ٿيا،
    2: سرس ڪري سينگار صنم آيو صورت جو،
    ڪاتب قلم قضا جا ڇڏي قربان ٿيا،
    3: ساقيءَ سِڪ سان سڏي سوائي سرڪي ڏني،
    پلڪ اندر پُر پياسن جا پئمان ٿيا .
    4: هيسباڻي صد بار صدق تنهن ساجن تان،
    عاشق جنهنجا عرش و برين انسان ٿيا.” (7)


    حوالا
    1. شوق، ڊاڪٽر نواز علي “ڪلام عثمان فقير سانگي”، شاهه نصير الدين ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي نوشهرو فيروز 2004ع ص 5
    2. ملاح مختيار احمد “سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو”، ڪاٺياواڙ ڪراچي 2018ع ص 206
    3. عباسي، تنوير “ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي”، ڄامشورو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2008ع ص 23
    4. ايضاً ص 31، 32
    5. “بيدل” 4 نمبر، بيدل يادگار ڪاميٽي، 2004ع ص 56
    6. اثيم الطاف “ فقير غلام حيدر گودڙيي جو رسالو” سچل چيئر، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور، ڊسمبر 2006ع ص 18
    7. هيسباڻي،فقير احسان علي، “ مڪنوز دُرلعل”، حصه اول،صوفي خوش خير محمد هيسباڻي اڪيڊمي ڪرونڊي 2000ع ص 16.


    تحقيق جا نتيجا

    صوفي خوش خير محمد هيسباڻي فقير ڪنهن به تعريف جو محتاج ناهي، هي سنڌ جو اهو صوفي ڪلاسيڪل شاعر آهي جنهن سنڌي ڪافي جي مضمون ۽ سنڌي ڪافي جي صنف ۾ نوان تجربا ڪري سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ پاڻ مڃرايو.
    فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو نالو سنڌ جي ان اهم ڪلاسيڪل شاعرن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو جنهن جي نالي کان سواءِ سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي صف ۽ سنڌي ڪافيءَ جي صنف نامڪمل نظر ايندي.
    سڀ کان پهريان خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام تي ڊاڪٽر تنوير عباسي خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام کي سهيڙي تحقيق ڪئي، جيڪا 1982ع ۾ “ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ پڌري ٿي.
    2008ع ۾ ساڳئي ڪتاب “ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي” کي بنا ڪنهن مٽا سٽا ۽ ڪتاب ۾ بنا سڌارن ڪرڻ جي سنڌي ادبي بورڊ طرفان هن ڪتاب کي ٻيهر ڇپايو ويو.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي جي خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام تي ڪيل تحقيق کانپوءِ تقريبن اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي هن ڪلاسيڪل شاعر جي شاعريءَ تي تقريبن گذريل چاليهن سالن کان وٺي ڪنهن تحقيقي مقالي يا ڪتاب جي صورت ۾ ڪو خاص نئون تحقيقي ڪم ناهي ٿي سگهيو.
    جڏهن اسين پوري سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل کي واجهائي ڏسنداسين ته هن صوفي شاعر جي شاعريءَ تي جنهن ڪم جي گهرج ڳچ عرصي کان محسوس ٿيندي پئي اچي اها گهڻي وقت کان ناهي ٿي سگهي.
    بقول سائنسي تحقيقي تجربن جي ته ڪا به شيءِ پوري مڪمل نه آهي، ڪا به شيءِ يڪسان هڪ جڳهه تي نٿي بيهي سگهي بلڪه هر تحقيقي ڪم پنهنجي شڪل وقت حالتن سان گڏ تبديل ڪري اڃا وڌيڪ اڳرو ٿيڻ لاءِ آتو هوندو آهي.
    هر تحقيقي ڪم وقت سان گڏ تبديليءَ جا آثار ڏيکاريندو آهي، بلڪل ساڳئي طرح ڪلاسيڪل شاعري به وقت جي تبديليءَ سان گڏ پنهنجي فڪر ۾ وڏو انقلاب آڻيندي آهي.
    اڄ مان هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام تي هي جيڪي مقالو لکيو آهي ان ۾ ڪجهه نوان موضوع آندا آهن جيڪي هن ريت آهن.
    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ تي اڳ وارن شاعرن جو اثر، جن ۾ شاهه لطيف، سچل ۽ روحل فقير شامل آهن.
    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جا همعصر شاعر ۽ سندن شاعريءَ ۾ هڪجهڙائيءَ جا مثال بيان ڪيا آهن.
    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي خاندان جا شاعر ۽ سندن شاعريءَ جو جائزو.
    خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام ۾ تاريخي ۽ رومانوي ڪردارن جو ذڪر جهڙن اهم ۽ نون موضوعن کانسواءِ مان پنهنجي هن مقالي ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام جي موضوع خوبين ۽ سندس ڪلام جي صنفن تي بحث ڪري پڙهندڙن محققن ۽ شاگردن کي هن ڪلاسيڪل شاعر بابت نئون مواد ڏئي سگهان.


    ببلو گرافي

    1. عباسي، تنوير، “ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي”، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. 2008ع
    2. شوق، ڊاڪٽر نواز علي، “ڪلام عثمان فقير سانگي”، شاهه نصير الدين ۽ ثقافتي ڪاميٽي نوشهروفيروز. 2004ع
    3. “مهراڻ” ٽه ماهي،سوانح نمبر حصو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/حيدرآباد. 1990ع
    4. مخدوم طالب الموليٰ ،“دُرناياب عرف يادرفتگان”، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. 2012ع
    5. جوڻيجو،عبدالجبار،“سنڌي ادب جي مختصر تاريخ”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. 2013ع
    6. مخدوم محمد زمان “طالب الموليٰ”، “ڪافي”،طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا. 2014ع
    7. هيسباڻي، فقير احسان علي،“مڪنوز دُرلعل”(حصه اول)،صوفي خوش خير محمد هيسباڻي اڪيڊمي ڪرونڊي 2000ع
    8. عباسي،ظفر، “سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون”، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد. 2007ع
    9. موسوي،عبدالحسين شاهه، “ديوان بيدل”،سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ.2012ع
    10. “بيدل” چوٿون نمبر، بيدل يادگار ڪاميٽي، 2004ع
    11. اثيم الطاف،“فقير غلام حيدر گودڙيي جو رسالو”،سچل چيئر شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور. 2006ع
    12. زرداري، ڊاڪٽر محمد لائق.“تاريخ ضلع نوابشاهه”، هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي نواب شاهه. 2001ع
    13. آڏواڻي، ڪلياڻ.“شاهه جو رسالو”،سنڌي ساهت گهر حيدرآباد . 2010ع
    14. انصاري،عثمان علي.“رسالو سچل سرمست” (سنڌي ڪلام) سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. 2012ع
    15. “ڀٽائي” تحقيقي جرنل پهريون نمبر، سنڌي شعبو شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ، 2015ع
    16. “ڀٽائي”تحقيقي، جرنل ٽيون نمبر، سنڌي شعبو شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور. 1994ع
    17. “سرمست” ڏهون نمبر سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور 1990ع
    18. گرامي،غلام محمد،“مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات”.سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/حيدرآباد. 1992ع
    19. چانڊيو،سرمد “حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ڇند وديا” ڪنول پبليڪيشن قمبر. 2016ع
    20. انصاري، عثمان علي “رسالو سچل سرمست” روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1997ع
    21. پٺاڻ، ڊاڪٽر غلام حسين“تحقيق جو فن” سنڌي ساهت گهر حيدرآباد 2007ع
    22. همايوني، نياز “آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه” سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2007ع
    23. ملاح مختيار احمد“سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو”،ڪاٺياواڙ اسٽورز اردو بازار ڪراچي 2018ع
    24. www.google.com//htpsindhiadabiboard
    25. www.google.com//htp.sindhsalamat


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 845
    ڪتابن جو مشاهدو: 2249500
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 572761
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ