چري (هڪ سچي ڪهاڻي)
“ڇاڳالھ آهي؟ اوھان روئي ڇو رھيون آھيو؟” ڪو به جواب نـه مليو.
روئڻ ۾ شدت وڌي وئي.
“ڳالھ ڪيو آخر ٿيو ڇا آهي،؟.”
ٻئي ڄڻيون اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳيون.
''آخر ڪھڙي ڳالھ تي اوھان روڄ راڙو مچايو آهي.؟!!!''
منھنجي زال سڏڪندي ٻڌايو “سيمي جي ماءُ چري ٿي وئي آهي!”
“بابا! توهان کي ته خبر آ ته سيمي منھنجي دوست آهي. اسين يونيورسٽيءَ ۾ گڏ پڙھنديون ھيون سين. سندن گھر ۾ پيءُ اڪيلو ڪمائڻ وارو ھو. گذريل سياري ۾ کيس دل جو دورو پيو ھو ۽ ھو ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندن ڪو به سھارو نه رھيو، ان ڪري سيمي مجبورن يونيورسٽيءَ مان پڙھائي ڇڏي گھر ويھي رھي. سندس ماءُ گھرن ۾ مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي رھي ھئي.” منھنجي ڌيءُ ٻڌايو ۽ وري ٻئي وڏيون اوڇگارون ڏيڻ لڳيون.
”توهان کي ته خبر آهي ته هاڻي سندن گھر ۾ ڪو بـه مرد ڪمائڻ وارو نه ھو. ھن کي ننڍڙيون معصوم ٻارڙيون آھن. مٿان عيد پئي اچي. سندن ڪپڙا ڪٿان ايندا؟ ھاڻي ته گھر ۾ کائڻ لاءِ به ڪجھ ڪونه اٿن!” منھنجي ڌيءُ سڏڪندي ڳالھ ڪئي.
“الله ڀلي ڪندو! جيڪواسان وٽ آھي اھو کين ڏئي ڇڏيو. پر ھوءَ چري ڇو ٿي؟” مون تعجب مان پڇيو.
“بابا مڙس جي مرڻ کان پوءِ ھو غمگين رھندي ھئي. مار پوي ڪرونا کي جو ھن جي اچڻ کانپوءِ ماڻھن کيس گھرن ۾ مزدوري ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيوـ هوءَ گھر ۾ ويھي وئي، ٽي وي تي ڪرونا 19 جي موتن جو خبرون ٻڌي ٻڌي، پنھجا حواس وڃائي ويٺي!” ڌيءُ ڏک واري انداز ۾ ٻڌايو.
“اوھان کي ڪئين خبر پئي ته ھوءَ چري ٿي وئي آهي؟”
“ابو، سيمي ٻڌايو ته، سٺ ڏينهن جي لاڪ ڊائون دوران ڪڏھن ڪڏھن امڙ جلان ڦلان ڳالھائيندي ھئي. اڄ آڌي رات جو امان رڙيون ڪيون ته مون کي بچايو...بچايو.. ...مون کي ڪرونا ٿي وئي آهي. پوليس، رينجرس ۽ ڊاڪٽر مون کي کڻي وڃي گولي ھڻي ماري ڇڏيندا..... مون کي بچايو..... بچايو..... منھنجا ننڍڙا ٻار بک مري ويندا..... مري ويندا..... پوءِ ھوءَ ڪپڙا ڦاڙڻ لڳي.... امان جي ھي حالت ڏسي، اسان به ريھون ڪرڻ لڳيون سين. پاڙي وارا گڏ ٿي ويا. امان کي پڪڙي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيائون ۽ اسان جي مٿي تي هٿ رکيائون” منھنجي زال ۽ ڌيءُ اوڇگارون ڏئي روئڻ لڳيون.
“ابو سيمي ٻڌايو ته امي ھاڻي به رڙيون ڪري ٿي ته مان مري ويندس ته منھنجي لاش کي پلاسٽڪ ۾ بند ڪري بنا غسل ۽ جنازي جي نماز جي دفنايو ويندو ڪو مون کي بچائي...“.منھجي ڌيءَ ٻڌايو.
منھنجي اکين مان به ڳوڙها اوتجي پيا. “مون کي حڪم ڪريو مان سيمي وارن جي لاءِ ڇاڪيان؟”
“اسان اوھان کان پوري زندگي ۾ ڪڏھن به ڪجھ نه گھريو آهي، بس سيمي کي نوڪري وٺي ڏيو.“ منھنجي زال ڳالھايو.
“ھا دل سان ڪوشش ڪيان ٿو ۽ اهو منهنجو فرض به ٿئي ٿو.“ مون وراڻيو.
مون ان ئي وقت فون گھمائي ڪيترن صاحبن مون کي کتو جواب ڏنو. مون کي ھڪڙو مسيحا دل رکندڙ آفيسر سجھندو ھو. کيس مون ھيءَ سورن واري ڪھاڻي ٻڌائي ۽ مدد جي لاءِ واڌو ھٿ ادب جا ٻڏي عرض ڪيو.
ٻئي ڏينھن تي سيميءَ جو انٽرويو ڪرايو.
مون کي ان عظيم مسيحا تي پڪو ايمان. آھي ته ھو عيد کانپوءِ سيميءَ کي روزگار سان لڳائيندو. جو هوءَ پنھنجي چري ماءُ جو علاج به ڪرائيندي، معصوم ننڍڙن کي پيٽ ڪوت به ڪرائيدي ۽ ايندڙ عيد تي نوان ڪپڙا به وٺي ڏيندي.....