شخصيتون ۽ خاڪا

هوچي منهه : آزاد ويٽنام جو باني

هي ڪتاب “هوچي منهه : آزاد ويٽنام جو باني” انگريزي مان ترجمو ٿيل، عظيم جنگجو اڳواڻ هوچي منهه جي سوانح حيات آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ تران دان تائين ۽ سنڌيڪار نوجوان ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار اختر حفيظ آهي. هي ڪتاب 2011ع ۾ سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي (سي پي سي ايس) پاران ڇپايو ويو جنهن جي ڪمپوزنگ سليمان سميجو ڪئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2262
  • 985
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اختر حفيظ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هوچي منهه : آزاد ويٽنام جو باني

• پهريون حصو

هوچي منهه 1890ع ۾ مرڪزي ويٽنام جي صوبي گي اين جي ضلعي نام دان جي ڳوٺ ڪِم ۾ ڄائو. هن جو پيءُ چٽاڀيٽي امتحان ۾ ڊاڪٽريٽ ڊگري جو ٻيو لاريٽ هو. جڏهن ته هو هڪ هاري جي ڪٽنب مان هو. نوجوان هوچي منهه سمجهيو ۽ پنهنجي وطن واسين لاءِ گهڻو ڀوڳيو ۽ مصيبتون سٺيون. هن ڳجهي طريقي سان سهڪار جو ڪم ڪيو. جڏهن هو ويهه سالن جو هو، ته هن ٻاهر وڃڻ جو فيصلو ڪيو ته ڪيئن انقلابي سرگرمين کي منظم ڪجي. فرينچ شپنگ يارڊ چارگيس ريونس جي اڳوڻي سيلر ماءِ هيٺين ڪهاڻي ٻڌائي :

1912ع ۽ 1913ع جي وچ ڌاري مون کي چڱي ريت ته ياد ناهي،آئون آفيسرن جي ڊائينگ روم ۾ هڪ ٻَيڙي تي ڪم ڪري رهيو هئس.جيڪو سائيگان بندرگاهه تي سامان ۽ مسافرن لاءِ گهرايو ويو هو. هڪ منجهند هڪ نوجوان ماڻهو آيو ۽ ڪجهه گهٻراهٽ کان پوءِ مون کان ۽ منهنجن دوستن کان نوڪريءَ جي پڇا ڪيائين.
اسان کيس ٻڌايو ته نوڪريءَ ته ناهي ۽ جيڪڏهن ڪا نوڪري هجي ها ته به اسين کيس نه ڏيون ها.اسين کلياسين ڇاڪاڻ ته نوجوان جي شڪل صورت مزدور بدران شاگرد واري هئي.اسان پاڻ ۾ سُس پُس ڪئي، ته “ٻَيڙي تي اهڙو ماڻهو ڪيئن ڪو ڪم ٿو ڪري سگهي.” تنهن هوندي به مون هن تي رحم کائيندي چيو “مون سان گڏ اچ آئون توکي ڪپتان وٽ وٺي ٿو هلان شايد هو تنهنجي ڪا مدد ڪري.”
ڪپتان پڇيو “تون ڇا ٿو ڪري سگهين؟”
“ڪجهه به” هن جواب ڏنو.
“سٺو، آئون تو کي بورچي جي مدد لاءِ رکان ٿو. اچ ۽ سڀاڻي کان ڪم تي لڳي وڃ.”
انهيءَ نوجوان جو نالو با هو.ستت ئي هو منهنجو دوست ٿي ويو ۽ آئون به، هو تمام ڀلو هو،آئون جيتري هن جي مدد ڪري سگهيس ٿي سا ڪيم. ڇاڪاڻ ته هو ڪجهه نٿي ڪري سگهيو.
بورچي جي مددگار جي حيثيت ۾ هن کي تمام گهڻي محنت ٿي ڪرڻي پئي.ڏينهن جو چار وڳي هن کي رڌڻو صاف ڪرڻو هوندو هو. پوءِ بوائلر ٻارڻو پوندو هو.ڪوئلو، ڀاڄيون، گوشت، مڇي ۽ برف وغيره کڻي اچڻي پوندي هئي.ڪم گهڻي محنت وارو هو،ڇاڪاڻ ته رڌڻي ۾ گهڻي گرمي هئي ۽ ٻَيڙي جي اندرئين حصي ۾گهڻي ٿڌ هئي.اهو انهيءَ وقت تمام ڏکيو هو، جڏهن ٻيڙو سامونڊي لهرن سان ٽڪرائيندو هو ته کيس جهاز ڀرسان ٺهيل رستي کان ڳرا ٿيلها ٻڌي اچڻو پوندو هو، ٻيو هن کي فرينچ بورچين لاءِ ميز رکڻي پوندي هئي.پٽاٽا ڇلڻا پوندا هئا.رڌڻي جا ٿانوءَ ۽ بوائلر جي بتي صاف ڪرڻي پوندي هئي.
ٻَيڙي ۾ مسافرن ۽ ٻَيڙي جي عملي سميت اٺ سئو ماڻهو هئا، جن کي ماني کارائڻي هوندي هئي.ديڳيون تمام ڳريون ۽ وڏيون هيون اِهي فرش تان گهيلي ۽ اسٽول تي چڙهي صاف ڪرڻيون پونديون هيون.اسان کي اِهي آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا.
“با مون لاءِ پاڻي کڻي اچ،” “با ديڳيون تيار رک.”
ٻاڦ ۽ پگهر کيس پسائي ڇڏيندا هئا ۽ هو تمام گدلو ٿي ويندوهو.هن کي پنهنجو عقل ۽ طاقت انهيءَ ڪم تي لڳائڻا هئا، ڇاڪاڻ ته هو انهيءَ جو عادي نه هو.مون کيس پٽاٽا ۽ گجر ڇلڻ سيکاريا هئا، مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري کيس اسپراگس(ڀاڄي جو هڪ قسم)ڇلڻا هئا.اهو پهريون ڀيرو هو جو هن اهي ڏٺا هئا ۽ جڏهن آئون آيس هن سڀئي گڏ ڇلي ڇڏيا هئا.مون سڀ ڇليل اسپراگس کنيا ۽ سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيا ۽ کيس سيکاريم ته ڪيئن ڇلجن، خوشقسمتيءَ سان ڪجهه نه ٿيو.
با نائين وڳي تائين ڪم ختم ڪيو.جڏهن اسين سمهندا هئاسين يا پتي راند ڪندا هئاسين ته هو رات جو يارنهن وڳي تائين يا ان کان پوءِ لکڻ پڙهڻ لڳندو هو.عهدي جي لحاظ کان با اسان کان گهٽ هو.اسان سڀني کي گريڊ مليل هئا.جڏهن ته هو فقط بورچي جو سهڪاري هو.جيتوڻيڪ هو مهذب هو ۽ عام طور تي منهنجن اڻ پڙهيل دوستن جي گهر ڏانهن خط پٽ لکڻ ۾ مدد ڪندو هو.هن ڪڏهن به اڍنگو لفظ استعمال نه ڪيو، جيئن اسين سڀ ڪندا هئاسين.
هڪ ڀيري جڏهن ڇوليون جبل تي چڙهي آيون،هو طوفان ۾ ذري گهٽ ٻڏڻ وارو هو،هر ماڻهو لڳ ڀڳ بيمار هو، پر دستور موجب باَ کي رڌڻي ۽ ٻَيڙي جي هيٺين حصي مان هيٺ مٿي اچڻو هو.ڀاڄين جا ٿيلها ڪُلهي تي کڻي اچڻ ناممڪن هو، تنهن ڪري با کي اُهي ٻڌي رسي سان ڇڪڻا پوندا هئا.ٻئي ڀيري هڪ زبردست لهر سمنڊ مان اُٿي ۽ ٻَيڙي تي پيل ڀاڄين جي ٿيلهن سوڌو سڀ ڪجهه ٻهاري وئي.با ٻَيڙي جي وچ تي سِڙهه جي زنجير ۾ اچي ڪريو ۽ بچي ويو.مارسيلس تي اسان کي مزدوري ملي،هر ويٽنامي کي سئو کان ٻه سئو فرينڪ ۽ خرچي ملي.با کي ڏهه فرينڪ مليا.جيتوڻيڪ سندس مزدوري گهٽ هئي، پر هن ڪافي نيون شيون سکيون هيون. مون کي پنهنجو ويجهو دوست سمجهندي هن جيڪو ڪجهه ڏٺو ۽ سوچيو اهو سڀ ڪجهه مون کي ٻڌايائين.
“او! فرانس ۾ به غريب ماڻهوآهن،جيئن اسان جي ملڪ ۾ آهن.” ٻيڙي تي ڪجهه طوائفن کي ڏسي هن ايئن چيو.
“فرينچ پنهنجي وطن واسين کي اسان سان اِهو ڪجهه ڪرڻ کان پهرين کين مهذب ڇو نٿا ڪن، ايئن ڇو آهي؟ منهنجا ڀاءُ ماءِ”
با لاءِ ٽرام اوپري شيءِ هئا.اهو پهرين ڀيرو هو، جو هن اهڙا هلندڙ ڦرندڙ گهر ڏٺا هئا. هو هر شيءِ ۾ دلچسپي وٺندو هو، ڇاڪاڻ ته اِها هن لاءِ نئين هئي.روز جي ڪم کان واندو ٿي مون کيس ڪجهه ڪپڙا اوڌارا ڏنا ۽ ڪينبري هوٽل وياسين.هو پهريون ڀيرو هوٽل ۾ داخل ٿيو ۽ اهو به پهريون ڀيرو هو جو کيس هڪ فرينچ “سائين” چئي مخاطب ٿيو. مارسيلس ۾ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ با چيو ته “فرانس ۾ فرينچ انڊو چائنا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ چڱا ۽ ماٺيڻا آهن.”
ٻَيڙي لي هاروي ڇڏيو، اسپين، پرتگال، الجزائر، تيونس ۽ اوڀر آفريڪا ۽ ڪانگو جي بندر گاهن تي پهتو.با هر شيءِ جو مشاهدو ڪري رهيو هو.جنهن وقت به ٻَيڙو بندرگاهه تي پهتو ٿي،هن وڏي ڪوشش ڪئي ته شهر گهمي،جڏهن هو واپس آيو ته هن جو کيسو فوٽن ۽ ماچيس جي ڏٻين سان ڀريل هو، ڇو ته هو اهڙيون شيون گڏ ڪرڻ جو شوقين هو.
دڪار واري جاءِ تي وڏو طوفان هو.ٻَيڙو بندرگاهه ۾ داخل نٿي ٿي سگهيو ۽ حياتي بچائيندڙ ٻيڙيون هيٺ سمنڊ ۾ نه پئي لهي سگهيون، ٻَيڙي سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ فرانسيسين چيو ته ڪجهه آفريڪين کي ٻيڙي تائين ترڻ لاءِ ڇڏجي. هڪ- ٻه- ٽي پوءِ چار ڄڻن سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو. هڪٻئي پٺيان سڀ سمنڊ ۾ لهي پيا.
اهو اسان لاءِ عام نظارو هو، پر با تمام گهرو ويو، هو رنو،آئون اچرج ۾ پئجي ويس ۽ پڇيم ڇو؟ هن ڏک ۾ چيو، “فرانس ۾ فرينچ سٺا آهن، پر فرينچ بيٺڪي وڏا ظالم ۽ جابر آهن. جتي ڪٿي ائين آهي، گهر ۾ آئون اهڙين ورتائن جو ڦانگ رنگ تي شاهد آهيان. فرينچ ٽهڪن ۾ ٻڏي ويندا هئا ۽ اسان جا وطن واسي انهن لاءِ ٻڏندا پيا هئا. بيٺڪين لاءِ ايشيائي يا آفريڪي جي حياتي ڪجهه ناهي.”
اسان جي ٻَيڙي تي Bordeaux (شراب جو هڪ قسم) الجزائري شراب ٻين ڪالونين لاءِ هو. هر ماڻهو اهو شراب واپرائيندو هو، ڇاڪاڻ ته اهو ججهو هو. ڪجهه سيلر سڄي واٽ پيئندا هئا. بس بيرل ۾ هڪ سوراخ ڪرڻ ضروري هو، پوءِ هڪ رٻڙ جي نليءَ لڳائي زور سان چوسبو هو ۽ بوتلون ڀربيون هيون. ائين هو دل کولي پيئندا هئا، پر باءَ شراب نه پيتو ۽ مون کي نصيحت ڪيائين ته آئون به ٻين وانگر نه ڪريان.
با سڀني لاءِ ڀلو هو ۽ ڪنهن سان به جهيڙو نه ڪيائين. جڏهن ته هو ڪجهه الڳ هو. روزانو هو سج کي ڏسڻ لاءِ سوير اٿندو هو ۽ رات جو چنڊ کي به ڏسندو هو. ائين لڳندو هو ته هو سُتو ئي ڪونهي. هو ڊيڪ جي اڳيان پويان ٿيندو هو، آسمان ۽ سمنڊ تي غور ڪندو هو. اسين هڪ صبح جو تانانا راوَ تي بيٺاسين، سمنڊ ماٺ هو، ٻيٽ ڏيئي جي روشني جيان مٿان چمڪيو پئي ۽ هيٺ نيرو رنگ هو. اتي ٻيو ڪجهه به نه هو، پر با حيران هو. هو مون کي چوندو رهيو، “ڏس ڪيڏو نه سهڻو ۽ عاليشان آهي.”

1917ع ۾ با انگلينڊ ويو.هي ڪهاڻي هڪ ويٽنامي ٻڌائي جيڪو انهي وقت لنڊن جي هڪ هوٽل ۾ بورچي هو.

پهرين عالمي جنگ کان هڪ هفتو اڳ آئون هڪ نوجوان سان هڪ ڪمري ۾ مليس.جيئن ته مون سمجهيو هو چيني آهي.انهيءَ ڪري هن تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنم.ٽئين ڏينهن هو مون وٽ آيو ۽ ويٽنامي ٻوليءَ ۾ ڳالهائين. انهيِءَ ڏينهن کان وٺي اسين سٺا دوست ٿي وياسين.
“تون هتي انگلينڊ ڪيئن آئين؟مون با کان پڇيو.
“آئون پنهنجو پاڻ هتي انگريزي سکڻ آيو آهيان”.
“تمام سٺو پر انگريزي سکڻ تمام ڏکي آهي.آئون هتي ٻن سالن کان آهيان ۽ مون کي “ها” ۽ “نه” کانسواءِ ڪا به ڄاڻ ناهي.اسين ضرور سکنداسين پاڻ گڏ سکنداسين.هتي اچڻ کان پهرين تون ڪٿي هئين؟”
“آئون پهرين هڪ اسڪول ۾ برف صاف ڪندو هئس. تمام ڏکيو ڪم هو.آئون سڄو پگهرجي ويندو هئس، منهنجا هٿ ۽ پير ڄمي ويندا هئا ۽ انهي برف کي ٽوڙڻ سولو نه هو.ڇاڪاڻ ته اِها ترڪڻي هئي. اٺ ڪلاڪن جي ڪم کان پوءِ بک به لڳندي هئي ۽ ٿڪي پوندو هئس.مون کي اها نوڪري ڇڏڻي پئي.هيڊ ماستر چڱو ماڻهو هو.هن مونکي ڇهه پنس ڏنا ۽ مرڪندي چيائين! بيشڪ اها نوڪريءَ تو کان زور آهي.ٻن ڏينهن کان پوءِ مون کي ٻي نوڪريءَ ملي وئي.هن ڀيري مونکي بوائلر کي گرم ڪرڻو هو.پنجين کان وٺي آئون ۽ منهنجو دوست مٿي چڙهي باهه لڳائيندا هئاسين.اهو ڪم خوفناڪ هو.مون کي خبر نه هئي ته ڊيڪ تي ماڻهو ڇا ڪري رهيا هئا.آئون ڪڏهن به مٿي نه چڙهيو هئس.مون سان ڪم ڪندڙ ساٿي خاموش ماڻهو هو ڀانيان ٿو ته هو گونگو هو.سڄي ڏينهن ۾ ڪم دوران هن ڪجهه به نه چيو.هو ڪم دوران ٻِيڙي پيئندو رهندوهو.جڏهن کيس ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوندي هئي ته هن نشاني ٿي ٺاهي پر اکر نه ڪڇيو.اُتي اندر ڪافي گرمي هئي.جڏهن ته ٻاهر گهڻي ٿڌ هئي. مون وٽ ڪي گرم ڪپڙا نه هئا.انهيءَ ڪري ٿڌ لڳي وئي.مون کي ٻه هفتا آرام ڪرڻو پيو.پنهنجي بچت مان مسواڙ، ماني ۽ انگريزي جي ڇهن سبقن لاءِ پئسا ڏنا.مون وٽ ڇهه شلنگ ۽ ڇهه پنس پيا هئا.آئون نوڪري جي ڳولا ۾ سوهو ويس ۽ پوءِ هتي آيس.”
ڪم جو وقت صبح جو اٺين کان منجهند تائين ۽ پنجين کان ڏهين تائين هو، با روز صبح جو ۽ منجهند کان پوءِ پنهنجي هٿ ۾ ڪتاب ۽ پينسل سان هائيڊ پارڪ ۾ ويهندو هو.پنهنجن واندن ڏينهن ۾ هو اطالوي استاد کان انگريزي سبق وٺندو هو.با مون کي صلاح ڏني ته آئون به هن جيان پڙهان پرآئون ڪنهن قدر سست هئس. هاڻ آئون انهي تي پڇتايان ٿو.اسان مان هر هڪ کي صفائي جو وارو ملندو هو.گراهڪن کي ماني کارائڻ کان پوءِ بيرن کي ٿانوَ صاف ڪري هڪ لفٽ ذريعي رڌڻي تائين پهچائڻا هوندا هئا.پوءِ اسان کي چيني ۽ چاندي وارا ٿانو ڌار ڪرڻا پوندا هئا. جڏهن با جو وارو ايندو هو ته هو ڪافي محتاط هوندو هو.بچيل سچيل ماني کي اڇلڻ بدران انهي کي صاف ڪري واپس رڌڻي ۾ موڪلي ڇڏيندو هو.اهو اسڪارفيئر بورچي ڏسي ورتو ۽ با کان پڇيائين “تون انهي رهيل مانيءَ کي گند جي ٽوڪريءَ ۾ ڇو نٿو اڇلائين جيئن ٻيا ڪن ٿا.”
“اهي شيون اڇلائڻ نه گهرجن. توهين اها غريبن کي به ڏئي سگهو ٿا.”
“نوجوان ٻڌ بورچي اسڪار فيئر خوش ٿيو ۽ کلندي چيائين. پنهنجن انقلابي ڳالهين کي هڪ لمحي لاءِ پاسيرو رک.آئون تو کي رڌ پچاءُ سيکاريندس ۽ تون جام پئسا ڪمائيندين. ٺيڪ آهي.”
بورچي اسڪارفيئر با کي ٿانون ڌوئڻ تي نه ڇڏيو ۽ کيس ڪيڪ سيڪشن ۾ رکيائين جتي هن کي وڌيڪ پئسا مليا.اها بيشڪ زبردست ڳالهه هئي پهريون ڀيرو رڌڻي جي بادشاهه اهڙي قسم جي شيءِ ڪئي هئي.با ڪافي جذباتي هو.هڪ ڀيري مون هن جي هٿ ۾ اخبار ڏٺي ۽ هن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هيون.مون پڇيو ته هو ڇو غمگين آهي. هن مونکي اخبار ڏيکاري ۽ چيائين ڏس،
“هي خبر ڪارسڪا جي ميئر جي باري ۾ آهي.هڪ عظيم آئرش، محب وطن جيڪو انگريزن هٿان گرفتار ٿيو ۽ قيد ۾ رکيو ويو.هن هڙتال ڪئي.هن نه کاڌو ۽ نه پيتو.هن نه ڳالهايو ۽ نه ئي چُريو. هُو 69 ڏينهن تائين هڪ پاسي پيو رهيو.هُو پنهنجي ديس لاءِ مري ويو.ڪيڏو نه بهادر ۽ سُورهيه هو.ڪنهن قوم وٽ اهڙا شهري هجن اها جهڪي نٿي سگهي.”