• حصو ٽيون
هاڻ چين ۾ گيون پنهنجي گذر سفر لاءِ سگريٽ ۽ اخبارون وڪڻڻ شروع ڪيون.جڏهن هُو پهريون ڀيرو آيو ته هن ڪينٽين ۾ ٿيل هڪ افيئر بابت ٻڌو.ڪجهه ڏينهن اڳ فانم هانگ ٿائي مرلن انڊو- چائنا جي گورنر تي بم حملو ڪيو، جڏهن هو ڪينٽين ۾ ٻين بين الاقوامي Concession Shamean جو دورو ڪري رهيو هو. مرلن ته بچي ويو پر فانم هانگ ٿائي کي پرل درياهه ۾ ٻڏڻو پيو.
هونئن ته اهو فقط هڪ واقعو هو پر اهو ويٽنام جي قومي جدوجهد جي شروعات جو اعلان هو.جيئن ڪوئل بهار اچڻ جو ٻڌائيندي آهي.
پهرين عالمي جنگ جي خاتمي کان پوءِ فرينچ بيٺڪين انڊو- چائنا ۾ ظلم تيز ڪري ڇڏيا. دوکي بازيءَ جو منصوبو تمام خيال سان البرٽ سارئٽ پنهنجي ڪتاب “ڪالونيل ايڪسپلائٽيشن” ۾ بيان ڪيو آهي.ٽيڪس وڌي ويا،فرينچ حڪومت اهڙي پاليسي اختيار ڪئي جو مقامي ماڻهو بُک مرڻ لڳا. ويٽنامي سرمائيدار ۽ بورجوا طبقو بيٺڪي سرمائيدار جي ظلم هيٺ هو. هڪ نئون پورهيت طبقو اڀريو. 1862ع کان ڪورٽ آرميءَ جون رائيفلون فرينچ بندوقن جو مقابلو ڪرڻ لڳيون ۽ اها جدوجهد ختم نه ٿي. 1883ع ۾ اها فان ڊن فنگ جي سرواڻيءَ ۾ جاري رهي. 1893ع ۾ هائونگ هوئا ٽام، 1915ع ۾ لوئنگ گوڪ ڪيون ۽ ٻين ڪيترن ئي انقلابين جي اڳواڻيءَ ۾ هلندي رهي.
پهرين عالمي جنگ کان پوءِ ڪجهه ماٺار هئي، پر ٽاٽ فان هانگ ٽاءِ جي بم جدوجهد جي باهه کي تازو ڪري ڇڏيو هو.چين ڪيترن ئي جنگجوئن پاران ورهائجي چڪو هو، جن کي سامراجين جي مدد حاصل هئي، پر چيني ماڻهن جي حب الوطني جاڳي چڪي هئي. ڊاڪٽر سن يتسن جو سڏ پکڙيو ۽ هڪ وڏي عوامي تحريڪ شروع ٿي. پهرين اها جاپانين سان ويڙهه هئي، جنهن چين ۾ هر طبقي کي پاڻ ۾ گڏي ڇڏيو.پوءِ شنگهائيءَ ۾ پورهيتن پاران انگريزن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.تنهن کان پوءِ Punitive Expeditionary فوج اتر ۾ چين کي متحد ڪرڻ لاءِ جاپان سان وڙهي، جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر سن يتسن ۽ سندس ڪامريڊن ڪئي.ڊاڪٽر سن يتسن جا ٽي اصول هئا:
قومي آزادي
جمهوري حق
عوام جو روزگار
پڙهڻ ۽ پنهنجي لاءِ ڪمائڻ سان گڏوگڏ گيون پنهنجي ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻ جاري رکيو. هن چين ۾ رهندڙ ويٽنامين کي منظم ڪيو ۽ انقلابي ويٽنامي نوجوان تيار ڪيائين.هن انهيءَ جي پرچار جي سلسلي ۾ “نوجوان” اخبار به ڪڍي.
ليو ٽرانگ کاءِ جي مدد سان هن ايشيا ۾ مظلوم ماڻهن جي ليگ ٺاهي، جنهن ۾ ويٽنامي، ڪوريائي، انڊونيشيائي وغيره شامل هئا. اها ليگ ڪنهن قدر انٽر ڪالونيل يونين جهڙي هئي جيڪا هن پيرس ۾ ٺاهي هئي.
چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سهڪار سان يتسن جي انقلابي فوج ڪاميابين مٿان ڪاميابيون حاصل ڪندي رهي ۽ فوجي آهستي آهستي شڪست کائيندا رهيا.ڪجهه ئي عرصي ۾ ڪومنتانگ طاقت اڌ کان مٿي چين ۾ ڦهلجي وئي.انقلابي ويٽنامي نوجوان تحريڪ ويٽنام پهچي چڪي هئي.
جڏهن گيون جا دستاويز ۽ اخبارون ڳُجهي طريقي سان انڊو- چائنا ۾ پکڙجي رهيا هئا ته بيٺڪين انهن کي دٻائڻ لاءِ تمام گهڻو گوڙ ڪيو.اهو گيون جي ڪم لاءِ ڀلوڙ موقعو هو ته هو ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي سگهي ۽ انقلابي لکڻين کي پڙهڻ جي سندن بُک ختم ڪري سگهي.
ٻيو اِهو ته فرانسيسين هڪ غلطي ڪئي.انهن پوڙهي محبِ وطن فان بوئي چائو کي گرفتار ڪيو، جيڪو ان وقت چين ۾ هو ۽ انهيءَ کي هنن موت جي سزا ڏيڻ چاهي. سمورو ويٽنامي عوام انهيءَ خلاف اٿي بيٺو ۽ هن کي آزاد ڪرڻ جي گهُر ڪئي. انهيءَ کان اڳ ايڏي وڏي مشهور تحريڪ نه هلي هئي ۽ انهيءَ گيون کي حب الوطني پکيڙڻ لاءِ سٺو موقعو ڏنو.
ويٽنامي ماڻهن کي سبق سيکارڻ لاءِ فرينچ بيٺڪين هڪ سوشلسٽ اليگزينڊر ورني کي انڊو-چائنا جو گورنر مقرر ڪيو. شروع ۾ ويٽنامي عوام ۽ خاص ڪري نوجوان وڏي جوش ۾ هئا، پر شروع ۾ ئي ورني هڪ سخت انتقامي پاليسي اختيار ڪئي. ويٽنامي ماڻهن جلدي انهيءَ ڳالهه کي سمجهي ورتو ۽ اُهي گيون جي سڏ کي موٽ ڏيڻ لڳا، جنهن ۾ هن چيو ته، “پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ پاڻ تي ڀاڙيو.” جهونو محبِ وطن فان چوٽرن فرانس مان واپس آيو ۽ ٻئي سال گذاري ويو. اتر کان ڏکڻ تائين ماڻهن هڪ وڏي جنازي کي منظم ڪيو. فرينچ اختيارين مداخلت ڪري. سڄي معاملي کي بگاڙي ڇڏيو ۽ نوجوانن ۽ شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو جيڪي سرگرم هئا.انهن عملن هڪ ڀيرو وري گيون ۽ انقلابي نوجوانن ۾ حب الوطني ڀري ڇڏي.
گيون تربيت جا ڪورس ڪرائڻ لڳو.ويٽنامي نوجوانن جي گهڻائي شاگرد لڏو هو، جن ڳجهي نموني ملڪ ڇڏي انقلابي نظرين ۽ ڳجهين سرگرمين جو
مطالعو ڪيو. پنهنجي تربيت کان پوءِ اُهي گهر آيا ۽ قومي آزادي جي مشهور تنظيم جي نظرين جي پرچار ڪيائون.