• ٻيو حصو
جرمني شڪست کائي چڪو هو. جنگ ختم ٿي چڪي هئي. جرمن بادشاهه ناروي فرار ٿي ويو هو. روس ۾ انقلاب اچي چڪو هو. فاتح طاقتن جا نمائندا ورسائيلس ۾ امن ڪانفرنس ۾ مليا. سرڪاري وفدن کانسواءِ اُتي ٻيا مظلوم قومن جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. انهن صدر ولسن جا تيرنهن نقطا ٻڌا. اتي آئرش، هندستاني، ڪوريائي، عرب وغيره هئا. اهي سڀ آزاديءَ لاءِ آيا هئا. انهن ۾ گيون آءِ ڪيوڪ به هو. گيون ڪورين، آئرش ۽ ٻين وفدن سان رابطي ۾ هو. هن ويٽنامي محب وطنن جي ۽ پئرس ۾ فرانس جي ٻين شهرن ۾ هڪ ايسوسيئيشن منظم ڪئي. انهيءَ موقعي تي هن ورسائلس ڪانفرنس ۾ دعوى جي هڪ فهرست پيش ڪئي. انهيءَ ۾ اٺ نقطا هئا. جن مان اهم ترين هي هئا:
ويٽنام جي خودمختياريءَ.
ايسوسيئشن جي آزاديءَ، مذهبي آزاديءَ، پريس جي آزاديءَ
تحريڪ جي آزاديءَ، سياسي قيدين کي معافي
فرينچ ۽ ويٽنامين جا برابريءَ وارا حق. آفيم ۽ شراب جي زوري استعمال جو خاتمو
جبري پورهئي ۽ لوڻ تي ٽيڪس جو خاتمو
اها فهرست سڀني اتحادي وفدن ڏانهن فرانس جي سمورن قومي اسيمبلي جي ڊپٽين ڏانهن موڪلي وئي. اها تمام دلچسپ ڳالهه هئي ته جيڪي خيال هئا، اهي گيون جا هئا. پر انهن کي لفظن جو ويس هڪ وڪيل فان وان ترئونگ ڏنو هو. ڇو ته گيون فرينچ لکي نٿي سگهيو. جيئن ئي ورسائيلس ڪانفرنس شروع ٿي. صدر ولسن جا چوڏهن نقطا غائب ٿي ويا ۽ چيني ماڻهو ڪافي مايوس ٿيا. جنگ ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ چين جي مهرباني مڃيندي. اولهه جي طاقتن چين ورهائي ڇڏيو ۽ سنگتائو جي پيشڪش جاپان کي ڪئي. چيني نوجوانن انهيءَ سخت ناانصافي خلاف بغاوت ڪئي. چيني وفد کي ڪانفرنس مان واپس اچڻ جو حڪم مليو ۽ هڪ مخالف بيٺڪيتي تحريڪ انٽيليجينشيا پاران هلائي وئي. جيڪا سموري چين ۾ پکڙجي وئي. هڪ قومي آزاديءَ تحريڪ جيڪا ساڳي وقت ثقافتي انقلاب هئي. اها چار مئي 1919ع جي تحريڪ هئي. گيون جنگ دوران تيار ڪيل سياستدانن پاران آزاديءَ جي پڌرنامي کي سمجهي ورتو ۽ اهي فقط يقين ڏيارڻ لاءِ لفظ هئا. جيڪڏهن ماڻهن آزاد ٿيڻ چاهيو پئي. انهن کي ضرور طاقت تي ڀاڙڻ گهرجي ها. گيون جون دعوائون ٻين وانگر نظرانداز ڪيون ويون. انهيءَ کان ڪو انڪار ناهي ته انهن جو ڪو اثر نه هو. جيئن ته ڪانفرنس قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي اهم نقطي تي پهتي. پنهنجي تمام ٿورن وسيلن هوندي گيون شديد غربت ۾ رهندي انهن دعوائن کي ڪتابڙي جي صورت ۾ چپايو ۽ گڏجاڻي ۾ ورهائين. جنهن جي نتيجي ۾ فرينچ ويٽنام کي بهتر سمجهي سگهيا. گيون اِهي سڀني قومي ويٽنامين ۽ اُهي ويٽنامي جيڪي فرانس ۾ فرينچ آرمي ۾ هئا. انهن ۾ ورهائي ڇڏيائين. تنهنڪري آرمي ڪيمپن ۾ پوليس جي جاچ شروع ٿي ۽ اڻ سڌي طرح ويٽنامي پورهيت ۽ فوجي سجاڳ ٿيا. جيڪي سياست کان اَڻ واقف هئا. گيون اهو دستاويز انڊو چائنا به موڪليا پوءِ ته فقط اّهي ئي پنهنجي منزل تي پهچي سگهيا. جنهن ۾ فرينچ ماڻهن کي خطاب هو. فرينچ بيٺڪين اُهي دعوائون اخبار ۾ مشڪري خاطر ڇاپيون ۽ ساڳي وقت انهن اخبارن جي مهرباني سبب ويٽنامي ماڻهو انهن دعوائن جي سچي حقن کان واقف ٿيا ۽ تنهن کانپوءِ ويٽنام جي انقلابي تحريڪ هر ڏينهن تمام گهڻي حمايت حاصل ڪري ورتي. تن ڏينهن ۾ پئرس ۾ گيون پنهنجي ڌرتي جي مقصد لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو پر هو يقينن سياستدان نه هو ڇاڪاڻ ته هن کي سياست بابت گهڻي ڄاڻ نه هئي. فرينچ اخبارن مان ويٽنام جون دعوائون فقط سوشلسٽ اخبار “لي پيپل” ۾ ڇپيون. گيون ايڊيٽر جي آفيس ڏسڻ ويو. ايڊيٽر سان ملڻ آيو. اهو چارلس لونگيوٽ هو جيڪو ڪارل مارڪس جو ڀائيٽو ۽ فرينچ پارليامينٽ جو ميمبر هو. گيون حيران ٿيو ڇاڪاڻ ته هن جو ڪڏهن به گرم جوشي سان آڌر ڀاءَ نه ڪيو ويو هو. لونگيوٽ کيس پيارا ڪامريڊ ڪري سڏيو ۽ پنهنجن همدردين جو اظهار ويٽنامي ماڻهن لاءِ ڪيائين. هُن هنکي ويٽنامي ماڻهن سان ٿيندڙ نا انصافين خلاف لکڻ ۽ فرينچ ماڻهن کي انهيءَ بابت با خبر ڪرڻ لاءِ اخبار ۾ مضمون لکڻ لاءِ چيو. اسين چئي سگهون ٿا ته انهيءَ گڏجاڻي هن لاءِ سياست کي سمجهڻ جو دروازو کولي چڏيو. انهيِءَ فرينچ ماڻهن کي بهتر سمجهڻ ۾ مدد ڏني. جڏهن ته آرٽيڪل لکڻ لاءِ فرينچ ماڻهن بابت ڄاڻ ڪافي نه هئي. هو لاڳيتو گذارشون ڪندو رهيو جيستائين فان وان ترونگ لکڻ لاءِ راضي نه ٿيو. ترونگ لکڻ جو سٺو هو پر هن پنهنجو نالو نٿي ڏيڻ چاهيو. تنهنڪري گيون کي پنهنجي صحيح ڪرڻي پوندي هئي. گيون کي پنهنجي ڏاهپ جي ڪمزوري خاص طور تي خراب لڳندي هئي. خاص طور تي ترونگ اهو ڪجهه نه لکندو هو جيڪو گيون لکائڻ چاهيندو هو. انهيءَ ڪري هن صحافت سکڻ شروع ڪئي. اخبارن جي ايڊيٽر سان واقفيت ٿي. “لي پيپل” جي ايڊيٽر لونگيوٽ جيان همدرد هو. هن گيون کي پنهنجي اخبار ۾ لکڻ لاءِ چيو. انهيءَ کي محسوس ڪندي ته هو ترونگ تي سدائين ڀاڙي نٿو سگهي. گيون اعتراف ڪيو ته هن جي فرينچ گهڻي سٺي ناهي. ايڊيٽر چيو ته “ڪا ڳالهه ناهي. تون فقط لِک جيئن توکي صحيح لڳي. آئون ڇپڻ کان اڳ تنهنجا آرٽيڪل درست ڪندس.تو کي گهڻو لکڻ جي ضرورت ناهي. فقط پنج ڇهه سِٽون لکجان.”
گيون وڏي مشڪل سان لکڻ شروع ڪيو. هن پهرين ڇهه سِٽون لکيون.هن کي لکڻ لاءِ ويٽنام جي خبر جي ضرورت نه هئي.هن کي لفظن ۾ فرينچ لکڻ جي ضرورت هئي.جڏهن هن اخبار ۾ پنهنجو پهريون آرٽيڪل ڏٺو ته تمام گهڻو خوش ٿيو.هو سدائين آرٽيڪل جي ٻئي ڪاپي پاڻ سان رکندو هو ۽ انهيءَ کي ڇپيل سان ڀيٽائي غلطيون سڌاريندو هو.هو وڏي صبر سان ائين ڪندو رهيو.جڏهن هن جي آرٽيڪل ۾ تمام ٿوريون غلطيون بچيون ته ايڊيٽر صلاح ڏنس ته “ هاڻ ڪجهه وڌيڪ لِک تقريبن ست اٺ سٽن تائين” آهستي ائين هو سمورو ڪالم ۽ ڪنهن مهل ته وڌيڪ لکي ويندو هو. تنهن کان پوءِ سندس ڀلوڙ دوست ايڊيٽر کيس چيو ته “هاڻ انهيءَ کي ننڍو ڪر ڊگهو نه ڪر.”
گيون محسوس ڪيو ته ڪنهن آرٽيڪل کي ننڍو ڪرڻ ايترو ئي ڏکيو آهي.جيترو ڊگهو ڪرڻ. تنهن هوندي به هن ڪوشش ڪئي ۽ ڪامياب ويو.اتان کان هو صحافين جي حلقي ۾ شامل ٿيو.هن شيڪسپيئر ۽ ڊڪنس کي انگريزي ۾ پڙهڻ شروع ڪيو.لوشين کي چيني ۾ هيوگو ۽ زولا کي فرينچ ۾ پڙهيو پر اُّهي انا طول فرانس ۽ ليوٽالسٽاءِ ها جن سندس ادبي زندگيءَ تي تمام گهڻو اثر ڪيو. انا طول فرانس ۽ ليوٽالسٽاءِ جي سادگي مان هو گهڻو لطف اندوز ٿيو. هن پاڻ ئي چيو ته “ماڻهو جيڪو ڪجهه ڏسي ۽ محسوس ڪري ٿو، اهو رنگن ۽ شين جي حرڪتن کي ڏسي لکڻ گهرجي پوءِ لِکڻ گهڻو ڏکيو ناهي.”
هن جي پهرين مختصر ڪهاڻي “لا هومينٽي” اخبار ۾ ٻن حصن ۾ ڇپي. هن انهيءَ ۾ پئرس جي پورهيت جي ڪهاڻي بيان ڪئي. جيڪا انهيءَ وقت سندس زندگيءَ به هئي. هنن کيس انهي جا سئو فرينڪ ڏنا. انهن ڏينهن ۾ اها وڏي رقم هئي ۽ ادبي ۽ مالي طور اها ٻيڻي ڪاميابي هئي. پهرين ڪاميابي هن کي لکڻ لاءِ وڌيڪ همٿايو. پئرس ۾ پورهيت جي زندگيءَ کي اُجاگر ڪرڻ کانپوءِ هن اڪثر ڪالونين خاص طور تي جيڪي ويٽنام ۾ هيون انهن لاءِ لکيو. هُو اهو نه وساري سگهيو ته هن جو ملڪ لتاڙيو ويو هو ۽ وطن واسي مظلوم هئا. هن هڪ ڪتاب “فرينچ ڪالونائيزيشن آن ٽرائل” لکيو.انهي ڪتاب ۾ بيٺڪي مخالف دستاويز مواد هو.جيڪو هن فرينچ ڪتابن ۽ قومي لائيبريري مان جمع ڪيو.وڏي جوش جذبي سان هن. “دابمبو ڊريگن،” (بانس وارو راڪاس) ڊرامو لکيو. انهي ڊرامي جو مرڪزي خيال اهو هو ته هڪ بانس جو قسم آهي، جنهن کي مڙيل جسم هو. جيڪي نوادرات کي پسند ڪندا هئا.اهي انهيءَ کي راڪاس جي شڪل ڏئي رانديڪو ٺاهيندا هئا.جيتوڻيڪ اهو راڪاس جي شڪل ۾ هو پر حقيقت ۾ اهو بانس هو جيڪو وڌيڪ ڪارائتو بڻائي پيو سگهجي.راڪاس جي شڪل هڪ اجائي ۽ فضول شيءِ هئي. هن اهو ڊرامو فرانس جي سُلطان کائي دن جي بٺيڪي نمائش جي دوري وقت لکيو.فرانس حڪومت پاران ڊرامي تي پابندي لڳائي وئي پر پئرس جي ڪلبن ۽ ناٽڪ منڊلين ۾ اهو ڊرامو ڏيکاريو ويو.ادبي نقادن انهي کي ساراهيو.
پئرس ۾ ترسڻ دوران گيون ڏکيو وقت گذاريو.هن گذران لاءِ فوٽو گرافي ڪئي.اهو ڦان چوٽرن هو، جنهن کيس اهو ڪم سيکاريو. هن اوڀر جي نوادرات تي چٽساليءَ جو ڪم پڻ ڪيو.بدقسمتي سان اهو موسمي ڪاروبار هو ۽ سال ۾ ڪجهه مهينا ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي.
گيون جي سياسي سرگرمين پنهنجي وطن واسين ۾ گهري همدردي پيدا ڪئي.اهو فطري هو ڇاڪاڻ ته اهو ويٽنام جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هو جو عالمي جنگ کان پهرين ويٽنامين ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ موقف اختيار ڪيو.اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هو جو هڪ ويٽنامي کي پئرس جي جيل ۾ واڙيو ويو.بيٺڪين پاران هن سان نفرت ڪئي وئي.انهن هن جي جاسوسي ڪئي. بائيڪاٽ ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون.انهن دڪاندارن کي چيو ته هن کي روزگار نه ڏيو. انهن کيس رشوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن اهي ناڪام ٿيا ته هنن وري کيس ڌمڪايو البرٽ اسٽارئٽ ڪالونين جي وزير ۽ پئري پاسڪيئر، انڊو چائنا جي گورنر گيون کي اڪيلائيءَ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني ۽ پوليس جي ڊائريڪٽر هن جو پاسپورٽ ڦري ورتو.کائي دن فرانس ۾ ترسڻ دوران گيون کي ٻن جاسوسن تمام ويجهي کان ڏٺو، بهرحال هن پرواهه نه ڪئي ۽ فرينچ اختيارين سان ڏکي ۽ تڪليف واري زندگي دوران هو ڪمزور نه ٿيو.هر صبح هو چانور لوڻياٺي مڇي سان پچائيندو هو يا ٿورو گوشت هڪ تيل واري چُلهي تي پچائيندو هو. هو اڌ کائيندو هو ۽ اڌ شام لاءِ بچائي رکندو هو. ڪنهن مهل ته هڪ ڊبل روٽي پنير سان سڄي ڏينهن لاءِ هوندي هئي.ورڪنگ ڪلاس ڪواٽر جي هوٽل ۾ هن کي هڪ ننڍڙو ڪمرو مليل هو،اهو ڪمرو هر شيءِ لاءِ سوڙهو هو پر انهي ۾ ننڍو لوهي پلنگ ۽ هڪ ننڍي ميز ۽ ڪرسي هئي.سياري ۾ ڪم تي وڃڻ کان پهرين روز گيون هوٽل جي رڌڻي ۾ هڪ سِر وجهندو هو ۽ شام جو ٻاهر ڪڍي اخبار ۾ ويڙهي بسترو گرم ڪندو هو.اڪثر ڪري هُو اڌ ڏينهن ڪم ڪندو هو. ڪجهه پئسا صبح جو ڪمائيندو ۽ منجهند لائبريري هليو ويندو هو يا سياسي ڪانفرنس ۾ حاضر ٿيندو هو.شام جو هو پئرس ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ ويندو هو جيڪي اتي گهڻيون ٿينديون هيون. جتي هن جي بلون، براڪي، وائلنٽ ڪوٽرير، پروفيسر مارسل ڪيچن، ڊپٽي ميڪ ساگنئر، ناولسٽ ڪوليٽي جهڙن ماڻهن سان سڃاڻپ ٿيس.هن تقريبًا هر گڏجاڻي ۾ ڳالهائڻ جي گهر ڪئي.ماڻهن هن کي ٻڌڻ پسند ٿي ڪيو ڇاڪاڻ ته هُو ئي فقط ٻاهريون ماڻهو هو ۽ خاص طور تي کيس پر ڪشش شخصيت هئي.
هن بيٺڪيتي سوال جي حوالي سان سياڻپ سان هر ڳالهه ڪئي ۽ خاص طور تي ويٽنامي ملڪن جي حوالي سان. هڪ ڀيري ڊي ڪووئي هپنو ٽزم تي ڳالهايو،گهڻن ماڻهن پوءِ ڳالهايو ڪي متفق ٿيا ۽ ڪجهه بيماري جو علاج هپنو ٽزم سان ڪرڻ بابت انهي ڪارڻ جي ڪري متفق نه ٿيا جو “فرينچ اسان جي ماڻهن کي ظلم ۽ دوکو ڪرڻ لاءِ هپنو ٽزم ڪيو آهي.” ٻئي ڀيري گڏجاڻي ۾ آئرش ۽ ڪورين واري سوال تي بحث ٿيو.سڀني فرينچ مقررن سختي سان انگلش ۽ جاپاني پاليسي تي تنقيد ڪئي ۽ آئرش ۽ ڪوريائي ماڻهن جو بچاءُ ڪيو. گيون چيو “هڪ مظلوم شهري جي حيثيت سان آئون ڪوريائي ۽ آئرش دوستن سان سچي دل سان همدردي رکان ٿو ۽ هن گڏجاڻي ۾ انگلش ۽ جاپاني بيٺڪين کي ڏوهاري سمجهان ٿو.تنهن هوندي به آئون توهان کان پڇان ٿو ته ڇا اسين بيٺڪين کي ڏوهاري قرار ڏيون؟ اسان کي ائين ڪرڻ گهرجي يا نه؟ ڇا اسين ٻين مظلوم ماڻهن جو بچاءُ ڪريون؟ اسان کي ائين ڪرڻ گهرجي يا نه؟”سڀني هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ کيس ويٽنام جا موجوده مسئلا پيش ڪرڻ لاءِ چيو.پئرس ۾ انهيءَ گڏجاڻي ۾ مختلف موضوع بحث هيٺ ايندا هئا.جيئن فلڪيات، سياست،ادب،واٽر ڪريس جي پوکائي جو طريقو ۽ سپون وغيره بحث هيٺ ايندا هئا.اتي هر قسم جا ماڻهو موجود هئا.جن ۾ مفڪر، اڳوڻا وزير، ڊپٽي، ليکڪ، پورهيت، واپاري، پوڙها ۽ نوجوان ماڻهو هئا.اهو تمام دوستاڻو ۽ جمهوري ماحول هو، بلڪل فرينچ دور ۾ جيڪوبن ڪلب جهڙو ماحول هو.ماڻهو ڪافي شيون سکي سگهيو پئي. غربت هوندي به گيون سدائين خوش هوندوهو.بحث دوران بيٺڪين کي ڏوهاري سڏيندي به گيون سدائين ماٺ ۽ محتاط رهندو هو.هن کي ڪڏهن ڪاوڙ نه آئي ۽ نه ڪڏهن سخت لهجي ۾ ڳالهائين. هن هر موضوع کي سمجهڻ لاءِ پڙهائي ڪئي.آرٽ ۽ سائنس ۾ فرينڊز آف آرٽس ايسوسيئشن ۾ حصو ورتو.جيڪا ڪارخانن، ليبارٽرين، آرٽ گروپ، ٿيٽرن وغيره جا دورا ڪندي هئي ۽ اهو هر هفتي ٿيندو هو.انهن موضوعن کي سمجهائڻ لاءِ اتي ماهر هئا.هن ٽريوَل ايسوسيئشن ۾ به حصو ورتو، جنهن فرانس ۽ پاڙيسري ملڪن جا دورا ڪرايا. انهي جي مهرباني سان گيون فرانس، اٽلي، سئزرلينڊ، جرمني ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ گهميا.
هو انهي نتيجي تي پهتو ته سڀئي انسان آهن.جتي ڪٿي اسين سٺن ۽ خراب ايماندار ۽ بي ايمان ماڻهن سان ملون ٿا. جيڪڏهن اسين سٺا آهيون ته اسين هر هنڌ سٺن ماڻهن سان ملنداسين.دوري کانپوءِ گيون جا ٻيا به مزا هئا.اهو فقط سفر لاءِ هن جو چاهه هو جو هن انهي لاءِ پائي پائي بچائي هئي، پر انهي کان به اهم ڳالهه اها ته سندس خواهش ٻاهريان ملڪ انهن جي تنظيم ۽ انتظاميه ڏسڻ هئي.هن منظم ٿيڻ شروع ڪيو يا يقيني طور شين جو وڌيڪ منظم انداز ۾ مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو.پنهنجي سفر دوران ٿيل گڏجاڻين ۾ هو تيونس، الجزائر، مراڪش، ماداگاسڪر وغيرهه جي انقلابي اڳواڻن سان مليو. انهن سان گڏجي هن پئرس ۾ بين الاقوامي يونين منظم ڪئي.انهيءَ ايسوسيئشن جو مقصد بيٺڪي ماڻهن جي آزاديءَ هو.انهن جون سرگرميون مختلف پرچار. بيٺڪي ماڻهن پاران گڏجاڻيون سڏائي انهن ۾ شامل ٿيڻ هو، جن ۾ اهي فرينچ به هئا. جن جون همدرديون ساڻن هيون.اڪثر ڪري همدرد بيٺڪي ماڻهن کان وڌيڪ هوندا هئا.پوءِ سرڪاري عورتن ۽ پورهيتن جي گهڻائي کي فرينچ اختيارين ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن انهن گڏجاڻين ۾ اچڻ جاري رکيو ته انهن کي واپس موڪليو ويندو.جيڪو ڪجهه ڪالونين ۾ ٿي رهيو هو. انهيءَ جي باري ۾ فرينچ همدرد ڪافي بي چين هئا. جنهن ۾ شراب، آفيم، رشوت ۽ ظلم شامل هو.هن چيو ته شرم ڪريو هي برداشت جوڳو ناهي بيٺڪين جا ڏوهه ڳڻپ کان ٻاهر آهن.هن ۽ سندس ساٿين پنهنجي سرگرمين کي تيز ڪرڻ لاءِ هڪ اخباري “لي پيريا” ڪڍي. هو هڪ ئي وقت ايڊيٽر ۽ ڊائريڪٽر به رهيو. ماداگاسي، الجزائر، تيونسي ۽ مارٽينڪن محب وطن، وڪيل، ڊاڪٽر، واپاري ۽ شاگرد هئا.اهي پنهنجن معاملن ۾ مصروف رهيا ۽ اخبار کي گهڻو وقت نه ڏئي سگهيا. هر ماڻهو هڪ آرٽيڪل ۽ ڪجهه پئسا ڏئي ٿي سگهيو. هن کي اخبار هلائڻ لاءِ چونڊيو ويو.انهي ڪري هو هڪ ئي وقت ڊائريڪٽر، ليکڪ، ايڊيٽر، سب ايڊيٽر، خزانچي هو. هُو پبليشر ۽ Liaison Officer رهيو. “لي پيريا” پهرين ننڍن دڪانن تي وڪي وئي ۽ چڱي ريت نه وڪاڻي ڇاڪاڻ ته پيرس ۾ ڪافي اخبارون هيون. تنهن ڪري هو عام گڏجاڻين ۾ اخبارون ورهائيندو هو ۽ چوندو هو دوستو! “لي پيريا مفت آهي. تڏهن به آئون توهانکي ساراهيندس جيڪڏهن توهين مهرباني ڪري ڪا مدد ڪندا.هڪ سينٽ، هڪ فرنيڪ ڪجهه به هر هڪ سينٽ مدد ڪندو.”
فرينچ خاص ڪري وچون طبقو ۽ غريب طبقو سخي هئا ۽ ائين هن خرچ ادا ڪرڻ لاءِ ڪافي پئسا گڏ ڪري ورتا. “لي پيريا” جو شايع ٿيڻ بيٺڪين لاءِ وڏي ڪاميابي هئي ۽ انهيءَ تي جلد ئي ڪالونين ۾ پابندي لڳائي وئي پر گيون هار نه مڃي. ڪجهه سيلر هئا، جن سرڪيوليشن جو خيال رکيو ۽ تنهن کانپوءِ ڪجهه ٻيا ڳجها طريقا به هئا.اهي ويٽنامي جيڪي پئرس ۾ رهندا هئا،سي اخبار لاءِ لڪل نموني پئسا موڪليندا هئا.جيتوڻيڪ انهن مان گهڻائي اڻ پڙهيل هئي. پئرس ۾ موجود ويٽنامي شاگردن جي گهڻائي “لي پيريا” ۽ گيون کان ڊنل هئي.جيڪو انهن لاءِ هڪ جهنگلي جانور هو.انهن هن کي يا اخبار کي ناپسند نٿي ڪيو ۽ گهڻائي لڪي پڙهندا هئا پر انهن جي رويي جو اصل ڪارڻ، انهي ۾ ملوث ٿيڻ جو ڊپ هو.بين الاقوامي يونين جي اعلان ۽ “لي پيريا” جي شايع ٿيڻ کانپوءِ بيٺڪي شاگرد پوليس پاران چيڪ ڪيا ويندا هئا.هڪ ڏينهن باءِ ڪُنگ چُيو جو پٽ (باءِ ڪُنگ چُيو ويٽنام جي مشهور شخصيت جنهن فرينچ جي مدد ڪئي.) “لي پيريا” جي آفيس ويو ۽ پنج فرينڪ ميز تي رکندي چيائين “اخبار لاءِ” ۽ ائين ڀڄي ويو.جيئن ڪو جِن سندس پيڇو ڪندو هجي. ڪالونين ۾ خاص ڪري انڊو- چائنا ۾ جيڪي انهيءَ کي پڙهندا هئا.اهي گرفتار ٿي ويندا هئا.انهن تڪليفن باوجود اخبار لاڳيتو ترقي ڪندي رهي.اها مظلوم ملڪن لاءِ تازي هوا جو جهوٽو هئي.گيون شوشلسٽ پارٽي جو ميمبر ٿيو.هُو پهريون ويٽنامي هو جيڪو فرينچ سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيو هو.سوشلسٽ پارٽي ڏانهن ويجهڙائي جي سبب بابت هن ٻڌايو “اها ئي اهڙي تنظيم آهي فرانس ۾ جيڪا منهنجي ملڪ جو بچاءُ ڪري ٿي. اها ئي فقط اهڙي پارٽي آهي جيڪا فرينچ انقلاب جو اعلى نظريو رکي ٿي. آزادي، برابري، اتحاد.”
انهيءَ وقت سوشلسٽ پارٽي جو هر ميمبر ٻي بين الاقوامي ۾ رهجي ويل سوال تي بحث ڪندو هو يا ٽين بين الاقوامي منعقد ڪرائڻ يا ٻين کي منظم ڪرڻ جو ذڪر ٿيندو هو. شام جو ۽ گڏجاڻي ٿيڻ کان پهرين بحث ٿيندا هئا.ڪي ته سمورا ڪٽنب گڏجاڻي ۾ شامل ٿي بحث ۾ حصو وٺندا هئا.عورتون به مردن جيان جوش ۾ هونديون هيون.اڪثر ڪري پيءُ پٽن سان اتفاق نه ڪندا هئا ۽ مڙس زالن سان.انهي ۾ هن گهڻو ڪجهه ٻڌو ۽ پر گهڻي ڀاڱي سمجهي نه سگهيو.ڇاڪاڻ ته گهڻن لفظن جو ورجائو هو.مثال طور: سرمائيداري، پرولتاري سوشلزم، دوکي، يوٽوپيا، سينٽ سون، فوريئر، مارڪس، انارڪزم، رفارمزم، ٿيسز ۽ اينٽي ٿيسز آزاديءَ، اجتماعيت، ڪميونزم، داخليت، خارجيت وغيره شامل هئا.سوشلسٽ اخبارون مختلف موقف سان ڀريل هونديون هيون.پروفيسر مارسل ڪيچن، وائلنٽ، ڪورٽيئر ۽ ٻين ڪيترن ئي لاهيومينٽي ۾ اهو اظهار ڪيو ته اهي بين الاقوامي ۾ شريڪ ٿيڻ چاهين ٿا. ٻي بين الاقوامي کان پوءِ واري بين الاقوامي ۾ ويهڻ بابت موقف “فرينڊ آف لا پيپل” ۾ ڇپيا. ليون ۽ فاري جا موقف “لي پيپل” ۾ ڇپيا. ٻيون ڪيتريون ئي وضاحتون ۽ بحث هئا.جنهن کيس مٿي ۾ سور ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته واقعي به انهن کي سمجهڻ هن لاءِ ڏکيو هو.هڪ ڏينهن هن چيو ته “پيارا دوستو! توهين سڀئي سوشلسٽ آهيو اها سٺي ڳالهه آهي. توهين سڀ پورهيت طبقي جي آزاديءَ چاهيو ٿا يا نه؟ تمام سٺو.انهي ڪري ٻي يا ٽين بين الاقوامي ساڳي ڳالهه آهي. ڇا اُهي سوشلزم لاءِ نه پيا وڙهڻ ۽ توهين ضرور ٻڌي ۾ هجو.توهين گهڻو بحث ڇو ٿا ڪريو؟جڏهن ته توهين بحث پيا ڪريو ته هتي اسان جا وطن واسي ويٽنام ۾ تڪليف ۾ آهن” هر هڪ مُرڪيو پر ڪو به کليو نه، ڇاڪاڻ ته هو معصوم هو. هڪ سهڻي فوجي ڇوڪريءَ جيڪا درزي هئي سندس نالو روز هو. تنهن چيس “ڪامريڊ گيون توهان کي سمجهائڻ ڏکيو آهي.ڇاڪاڻ ته توهان نوان آهيو، پر مون کي پڪ آهي ته توهان پوءِ سمجهي ويندو. انهي ڪري اسان گهڻو بحث ڪيو اهو مستقبل ۾ پورهيت طبقي لاءِ ضروري آهي.”
هر ڳالهه جو ڇيهه هوندو آهي ۽ اهو بحث تي به لاڳو ڪري سگهجي ٿو.گيون کي ڪيترن ئي ماڻهن جي حمايت حاصل هئي. ڇاڪاڻ ته ڪالونين مان هو اڪيلو نمائندو هو ۽ اهو پڻ پهريون ڀيرو هو جو ويٽنامي فوجين فرينچ سياسي پارٽي جي ڪانگريس ۾ حصو ورتو.هڪ صحافي هن جو فوٽو مارننگ پوسٽ ۾ شايع ڪيو.ٻئي ڏينهن ڳجهي پوليس هن کي گرفتار ڪرڻ چاهيو.سوشلسٽ ڊپٽين انهي ۾ مداخلت ڪئي ۽ پوليس کي ڪانگريس واري ڪمري ۾ گهڙڻ نه ڏنو هن اها گڏجاڻي آرام سان ڪئي.ڪانگريس ڪافي ڏينهن هلي. ذيلي ڪميٽيون ٺاهيون ويون.ليون بلوم، براڪي اي آندري برٽن، چارلس لوسي وغيره جهڙن عظيم مقررن تقريرون ڪيون.گيون ويٽنام جي بيٺڪي سوال جي حوالي سان ڪو به موقعو نه وڃايو.نيٺ ووٽ ٿيا ته ٽين بين الاقوامي ۾ شامل ٿجي يا ٻي ۾ ئي ترسجي.اقليت جي اڳواڻي ليون بلوم ڪئي، ۽ ٻي بين الاقوامي لاءِ ووٽ ڪيو.گهڻائي جي اڳواڻي ڪيچن ڪئي، ۽ ٽين بين الاقوامي جي منظوري ڪرايائين. گيون به ٽين لاءِ ووٽ ڏنو.ڪانگريس جي سيڪريٽري روز اچرج مان گيون کان پڇيو “ڪامريڊ هاڻ توهان کي خبر پئي يا نه ته اسان اهو سوال پئرس ۾ ايترو بحث هيٺ ڇو آندو؟”
“نه چڱي ريت نه پئي”
“ته پوءِ توهان ٽين بين الاقوامي لاءِ ووٽ ڇو ڪيو؟”
“تمام سادي ڳالهه آهي. مون کي خبر ناهي ته حڪمتِ عملي، پرولتاري ٽيڪنيڪ يا ٻيا نقطا جن لاءِ اوهان ڳالهايو، پوءِ مون کي هڪ شيءَ سمجهه ۾ آئي ته ٽين بين الاقوامي بيٺڪي سوال ڏانهن خاص ڌيان ٿي ڏئي. ٽين بين الاقوامي ۾ سوال ٿيو ته مظلوم ماڻهن جي آزاديءَ واپس ملڻ ۾ مدد ٿيندي. جڏهن ٻي بين الاقوامي ڪالونين جي قسمت بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو. انهي ڪري مون ٽين لاءِ ووٽ ڏنو. منهنجي وطن واسين ۽ ملڪ لاءِ آزاديءَ بس اهو ئي ٿو چاهيان. بس اهو ئي مون سمجهيو آهي. تون اتفاق ڪرين يا نه؟”
روز اتفاق ڪيو ۽ مرڪندي چيو “ڪامريڊ تو ڪجهه ترقي ڪئي آهي.”
انهي تاريخ کان پوءِ سوشلسٽ پارٽي ٽٽي پئي. گهڻا ئي فرينچ ڪميونسٽ پارٽي ٺاهي ۽ ٽين انٽرنيشل سان شامل ٿي ۽ اقليت ساڳي نالي سوشلسٽ پارٽي سان ٻي انٽرنيشنل ۾ رهي.انهي کانپوءِ انڊو- چائنا ۾ فرينچ بيٺڪين نئون لفظ متعارف ڪرايو.انهن سڀني ويٽنامي وطن واسين کيس “مقامي گيون آءِ ڪيوڪ” سڏيو.ڪانگريس ٽوئر ختم ٿيو.گيون آزاديءَ، گڏجاڻي ۽ “لي پيريا” پنهنجي پراڻي ڌندي فوٽو گرافي سان وڃي لڳو.بيٺڪين هن کي قيد ڪرڻ ٿي چاهيو يا هن کي ٻاهر ڪڍڻ ٿي چاهيو. ڇاڪاڻ ته هن جون سرگرميون هنن کي چڙ ڏيارينديون هيون.پر اهي عوام کان ڊنل هئا.گيون سوشلسٽ پارٽي جي وڪيلن ۽ ڊپٽين کي تقريبًا سڃاڻيندو هو. اهي هن جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ تيار هئا. ٻيو ته هن ڪو غلط ڪم ڪونه ڪيو هو. فرانس ۾ پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ ۽ بيٺڪين جي ڏوهن جي مذمت ڪرڻ غيرقانوني نه هو.انڊو چائنا ۾ انهي جي وڏي سزا هئي.ڪيترن ئي محب وطن ويٽنامين کي گيون جي سرگرمين گهٽ اهم سرگرمين جي ڪري سزا ڏني وئي.جيتوڻيڪ اهو خطرناڪ هو پر هن ويٽنام واپس وڃڻ ٿي چاهيو. هاڻ هن ڪنهن قدر تنظيم ۽ پرچار جي باري ۾ سمجهي ورتو هو. ائين ئي لڳو ڄڻ هن ڏينهن رات پنهنجي ملڪ لاءِ خواب ڏٺو ۽ انهي لاءِ سوچيائين.اڪثر ڪري ڇنڇر تي منجهند جو سينيگالي، مراڪشي، الجزائري ۽ ماداگاسي ڪامريڊ “لي پيريا” جي آفيس وڃي ايندڙ هفتي جا مضمون بحث هيٺ آڻيندا هئا.هڪ ڇنڇر آفيس بند هئي. هنن گهنٽي وڄائي،ڪنهن به جواب نه ڏنو ۽ هنن چيو “ته جيڪڏهن گيون بيمار هجي ها ته اسان کي ٻڌائي ها”
“يا هو جهلجي پيو هو”
“ناممڪن! اهي پئرس ۾ ائين ڪرڻ جي همت نٿا ڪري سگهن.”
“شايد هن کي ڪو ٻيو ڪم ڪار هجي”
“تنهن هوندي به کيس ڪو نياپو ڇڏڻ گهرجي ها. جيئن هو سدائين ڪندو آهي.”
“ڪجهه دير انتظار ٿا ڪريون”
“اهو غير ضروري آهي، پاڻ مسٽر “بي” وٽ ٿا هلون پوءِ وري هتي اينداسين.” مسٽر “بي” وڪيل هو. گيون انهي سان ملڻ ويندو هو ۽ هن جي زال گيون کي ڀاءُ جيان سمجهندي هئي.گيون انهن جي ٻنهي ٻارن کي تمام گهڻو ڀائيندو هو. جنهن ۾ هڪ اٺن سالن جي ڇوڪريءَ ۽ چار سالن جو ڇوڪرو هو ۽ اهي هن جي تمام گهڻو ويجهو هئا.سڀئي ڪامريڊ مسٽر بي ۽ انهي جي ڪٽنب سان مليا.بي ۽ سندس گهر واري اداس پئي لڳا ۽ انهن جا ٻار روئي رهيا هئا.
“ڪهڙو مسئلو آهي؟” هنن مسٽر بي کان پڇيو.
بي جي گهر واري پنهنجا لڙڪ اگهيا ۽ ميز تي رکيل هڪ لکڻي ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چيائين” پڙهو ۽ توهين ڏسو.” اهي ميز ڏانهن وڌيا. مراڪش جي ڊاڪٽر خط ڏٺو ۽ چيائين، گيون جو خط آهي. مون کي سندس اکرن جي خبر آهي. هن زور سان پڙهيو ۽ ٻين ڌيان سان ٻڌو.
پيارا دوستو!
“پاڻ گهڻي وقت کان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون.جيتوڻيڪ اسين مختلف نسلن، ملڪن، مذهبن جا ماڻهو آهيون. اسين پاڻ ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا ڀيڻ ڀاءُ آهيون ۽ اسان گڏجي ساڳي بدقسمتي کي منهن ڏنوسين.اها آهي سامراج جي بربريت.اسين هڪ ئي مقصد لاءِ ڪم پيا ڪريون.اهو آهي پنهنجي ماڻهن جي آزاديءَ پنهنجن ملڪن جي آزاديءَ حاصل ڪرڻ.اسين پنهنجي جدوجهد ۾ اڪيلا ڪونه آهيون.ڇاڪاڻ ته پاڻ کي پنهنجن سڀني ماڻهن جي حمايت حاصل آهي.جنهن ۾ جمهوريت پسند فرينچ ۽ مخلص فرينچ اسان سان آهن. اسان جا عام ڪم انٽر ڪالونيل يونين ۽ “لي پيريا” تمام سٺا رهيا. فرانس ۽ مخلص فرينچ جي مهرباني جو انهن واضح سمجهي ورتو ته ڪالونين ۾ ڇا پيو ٿئي.فرانس هاڻي انهيءَ حقيقت کان سُڄاڻ ٿي چڪو آهي ته بيٺڪي ڏوهه ڪري فرانس جو مَان خراب ڪري رهيا آهن.اسان جي ڪم ماڻهن کي سجاڳ ڪيو آهي.ساڳي وقت اسان جي ماڻهن اهو به محسوس ڪيو آهي ته هڪ آزاد، برابري وارو فرانس به آهي. اسان کي اڃا به بهتر ڪم ڪرڻ گهرجي.
پاڻ ڇا ڪريون؟
اسين اهو سوال پنهنجو پاڻ نٿا ڪري سگهون. اهو هر ملڪ جي مخصوص حالت تي دارومدار رکي ٿو. منهنجي لاءِ ته جواب واضح آهي. وطن واپس وڃان. ماڻهن سان ڪم ڪريان، انهن کي شعور ڏيان، منظم ڪريان،گڏ ڪريان،تربيت ڏيان،انهن جي آزاديءَ واري جدوجهد ۾ سندن مدد ڪريان.شايد اوهان مان ڪجهه ائين ڪندا ۽ ڪري سگهندا.ٻيا اسان جو موجوده ڪم جاري رکندا.جنهن ۾ انٽر ڪالونيل يونين کي قائم رکڻ ۽ اخبار ۾ واڌارو آڻڻ شامل آهي.
پيارا دوستو!
آئون اوهان کان موڪلايان ٿو. آئون اوهان کان پري رهندس پر منهنجي دل سدائين اوهان سان گڏ هوندي. مهرباني ڪري مون کي معاف ڪجو آئون اوهان کان موڪلائي ڪو نه سگهيس.توهان کي ته خبر آهي. منهنجي سخت جاسوسي ڪئي وئي. جڏهن هي خط اوهان تائين پهچندو.توهان جو گيون چوويهه ڪلاڪن ۾ فرانس ڇڏي چڪو هوندو.منهنجو ساٿي دائي اخبار آفيس جي چاٻي بي کي ڏئي ڇڏيندو.ڪيتريون ئي اخبارون پنهنجي ليگ ۽ اخبار جا دستاويز ۽ گڏوگڏ انهي جا فنڊ واپس ڏيندو.مون سال جي آخر تائين آفيس جي مسواڙ ڏئي ڇڏي آهي.ڇپائي جو خرچ به ڏئي ڇڏيو آهي.اسان ڏانهن ڪنهن جي پائي به ناهي، لائبريري جا ڪتاب ساڄي پاسي واري خاني ۾ آهن.سڀ اوڌارا ڪتاب انهي ۾ آهن.سواءِ انهن جي جيڪي ميمبرن کي موڪلن واري ڏينهن ۾ ڏنا هئا.ائين چئجي ته منهنجي وڃڻ کان اڳ هر شيءِ بهتر ترتيب ۾ آهي.آئون اوهان ڏانهن لکندس پر واعدو نٿو ڪريان.ڇاڪاڻ ته ڳُجهي نموني جڏهن توهان ڪم ڪندا هجو ته رابطو ڪرڻ ڏکيو آهي. ڀلي آئون اوهان ڏانهن لکان يا نه پر پڪ ڄاڻو ته آئون تمام گهڻو اوهان جي ويجهو هوندس.مهرباني ڪري منهنجي ڪري پنهنجن فرينچ دوستن سان هٿ ملائجو.
هاڻ ڪجهه لفظ منهنجي ڀائٽي ۽ ڀا ئٽيءَ لاءِ توهين مون سان گهڻو پيار ٿا ڪريو ۽ آئون اوهان سان گهڻو پيار ٿو ڪريان.اهو سچ آهي نه!؟ آئون پنهنجن نوجوان دوستن کي ويٽنام ۾ ٻڌائيندس ته توهين سٺا آهيو.آئون اوهان پاران انهن سان هٿ ملائيندس، شايد ڊگهي عرصي تائين توهين چاچي گيون کي ڏسي نه سگهيو.توهين منهنجن ٽنگن ۽ پٺي تي چڙهي نه سگهندا جيئن چڙهندا هئا.مون کي پنهنجي ايلس ۽ پال کي ڏسڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو.جڏهن پاڻ ملنداسين ته شايد آئون پوڙهو ٿي چڪو هوندس ۽ توهين ماءُ پيءُ جيان وڏا ٿي چڪا هوندا.آئون اوهان کي سدائين ياد رکندس.توهين سدائين منهنجا پيارا ايلس ۽ پال رهندا.پنهنجو پاڻ کي چڱو رکجو. سبق چڱي ريت ياد ڪجو، پنهنجي ماءُ پيءُ جا فرمانبردار رهجو، پنهنجي ڪتي ماريس کي نه مارجو.جڏهن اوهين وڏا ٿيو ته پنهنجي ماءُ پيءُ، چاچي گيون ۽ ٻين وانگر پنهنجي ملڪ لاءِ وڙهجو.منهنجا ڀائٽا ڀائٽي، منهنجي پاران ٻنهي کي پيار ڀري چُمي ۽ ماءُ کي به منهنجي پاران چُمي ڏجو.”
چاچو گيون.
ڊاڪٽر آر پڙهڻ بند ڪيو. سڀني بنا ڪڇڻ جي هڪٻئي ڏانهن نهاريو. ننڍڙي پال ماٺار کي ختم ڪيو.
“امان چاچو گيون ڪيڏانهن ويو آهي؟ اهو ڪڏهن ايندو امان؟” ايلس پڇيو.
“اهو تڏهن واپس ايندو جڏهن سندس ملڪ آزاد ٿيندو.” بي جي گهر واري انهن کي جواب ڏنو.