شخصيتون ۽ خاڪا

هوچي منهه : آزاد ويٽنام جو باني

هي ڪتاب “هوچي منهه : آزاد ويٽنام جو باني” انگريزي مان ترجمو ٿيل، عظيم جنگجو اڳواڻ هوچي منهه جي سوانح حيات آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ تران دان تائين ۽ سنڌيڪار نوجوان ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار اختر حفيظ آهي. هي ڪتاب 2011ع ۾ سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي (سي پي سي ايس) پاران ڇپايو ويو جنهن جي ڪمپوزنگ سليمان سميجو ڪئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2262
  • 985
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اختر حفيظ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هوچي منهه : آزاد ويٽنام جو باني

• حصو پنجون

1930ع ۾ گيون هانگ ڪانگ ويو، جتي هن ويٽنام جي ڪيترين ئي سياسي پارٽين سان گڏجاڻيون ڪيون، جتي هن فرينچ سامراج خلاف گڏيل جدوجهد ۾ هڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. هو هانگ ڪانگ اختيارين پاران گرفتار ڪيو ويو.

چيني اخبارن ۾ هن جي گرفتاريءَ بابت خبر هلائڻ تي پابندي لڳل هئي.گيون کي خاص سيل ۾ خاص پوليس جي پهري هيٺ رکيو ويو. ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا کيس ڪِنا چانور ۽ سڙيل مڇي ملندي هئي. هفتي ۾ ٻه ڀيرا کيس چڱا چانور ۽ وڏو گوشت ملندو هو، جيڪا هن لاءِ وڏي عياشي هئي.روزانو هن کي پنهنجي قيدي دوستن سان پندرنهن منٽن لاءِ ٻاهر پنڌ ڪرڻ جي اجازت هئي. اهو حصو وڏين ديوارن سان گهيريل هو. اهو سيل ۾ قيد رکڻ کان بهتر هو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه گهڙين لاءِ هو انساني آواز ٻڌي پئي سگهيو، ماڻهن جا چهرا ڏسي پئي سگهيو ۽ ڪجهه آسمان جو ٽڪر به نظر پئي آيس. پندرنهن منٽن کان پوءِ کيس وري سڄي ڏينهن لاءِ اونداهيءَ ۾ واڙيو ويندو هو.کائڻ پيئڻ، سمهڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، سڀ ڪجهه سيل ۾ ئي ٿيندو هو. ٿلهين ديوارن ۾ ننڍا سوراخ به ٿيل هوندا هئا، جن مان وقت بوقت ڀارتي گارڊ اهو ڏسندو هو ته قيدي سيل ۾ آهي، ڀڄي ويو يا آپگهات ڪري ڇڏيائين.
گيون پنهنجو گهڻو وقت ماضيءَ جي ڪم کي ساريندي، پاڻ تي تنقيد ڪندي گذاريو.جڏهن هو ائين ڪندي ٿڪجي پوندو هو ته اهي سِرون ڳڻڻ شروع ڪندو هو جن سان ڀتيون ۽ ڇت ٺهيل هئي. سيل ۾ ڇِت، ڀِت جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سنهي هئي.ڇِت جي ڀرسان لوهي سَرين سان هڪ پهرين تاريخن جي چنڊ جهڙي دري هئي.جڏهن هلڪي روشني ان دريءَ مان سيل اندر داخل ٿيندي هئي ته اها ڪنهن ماڻهوءَ جي شڪل جو ڏيک ڏيندي هئي.
جيتن کي جهلڻ اُتي تمام سٺي وندر هئي.سيل ۾ ٻگهايون تمام گهڻيون هيون.هن پهرئين ڏينهن ئي انهن جا چڪ محسوس ڪيا، پر پوءِ هن ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنو.جيتن کي جهلڻ وقت گذارڻ هو، پر انهن کي ماربو ڪونه هو.جڏهن کيس پُڇا ڳاڇا لاءِ ٻاهر ڪڍيو ويندو هو ته اهي تمام بهترين لمحا هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته ڪجهه وقت لاءِ هن جي گرم اونداهيءَ واري خراب سيل مان جان ڇُٽي پوندي هئي. ٻيو اِهو ته هن کان ڳجهي پوليس جا اعلى آفيسر پُڇا ڳاڇا ڪندا هئا،جيڪي کيس انگريزي سگريٽ آڇيندا هئا.قيد دوران سگريٽ ڇڪڻ ڏوهه ڪونه هو.هن اِهي اٽڪلون سکڻ ٿي چاهيون جيڪي پوليس جا ايجنٽ سوالن دوران استعمال ڪندا هئا ۽ اهو به ڏسڻ ٿي چاهيوته انهن کي ڪهڙي خبر هئي،ڪهڙي خبرڪونه هئي ۽ هنن پنهنجي پاران ڇا ٿي گهڙيو.
انڊو-چائنا ۾ برطانوي ڳجهي پوليس کي فرينچ ڳجهي پوليس سڀ ضروري ڪاغذ فراهم ڪيا هئا.انهن کي ڪاغذن جا اهم سٿا ڏنا ويا.قانون موجب جيڪي چيني محبِ وطن گهربل هوندا هئا يا جيڪي ڪالونيءَ مان گرفتار ٿيندا هئا، پڇا ڳاڇا ۽ ٻي ڪارروائيءَ کان پوءِ انهن کي جلاوطن ڪيو ويندو هو. انهن کي هانگ ڪانگ مان جلاوطن ڪري ڪومنتانگ ايجنٽن جي هٿن ۾ ڏنو ويندو هو. هانگ ڪانگ ڇڏڻ لاءِ هنن کي ٻَيڙن ۾ چڙهڻو پوندو هو ۽ انهن مان لهندي ئي چين جي ڳجهي پوليس هٿان جهلجي پوندا هئا.
خوشقسمتيءَ سان هن کي برطانوي وڪيل لوسبي جي مدد حاصل هئي، جيڪا هن لاءِ تمام سٺي ڳالهه هئي.اختيارين گيون ۽ لوسبيءَ کي ڌار ڪرڻ ٿي چاهيو.هن گيون کي ٻڌايو ته، “ڊاڪٽر سن يتسن کي هڪ انگريز بچائي ورتو آهي ۽ آئون به توکي ائين بچائيندس. بس مون کي ٻڌائي ته تنهنجو بچاءَ ڪيئن ڪريان؟ آئون ضرورت کان وڌيڪ توکي ڪجهه چوڻ نٿو چاهيان، ڇوته هر انقلابي وٽ پنهنجو راز هوندو آهي.” ۽ لوسبيءَ گيون جي ڪيس جو سپريم ڪورٽ ۾ بچاءُ ڪيو.
اهو پهريون ڀيرو هو جو سپريم ڪورٽ ۾ سياسي ڪيس آندو ويو هو ۽ ڪارروائيءَ جا خاص پاسا هئا.ڪورٽ جو پهريون سيشن گيون لاءِ ڪجهه ڪلاڪن ڇڏڻ جو هڪ موقعو هو.هن موجب قيد دوران انهيءَ وقت ئي ماڻهو ڪجهه بهتر محسوس ڪري ٿو، جڏهن دروازو ڪجهه کليل هجي.
اهو پبلڪ ٽرائيل هو، پر ڊپ هو ته هو ڀڄي نه وڃي. ان ڪري ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي.ڪجهه ئي ماڻهو ڪورٽ واري ڪمري ۾ داخل ٿي سگهندا هئا.مٿي جج ويهندا هئا ۽ وچ ۾ ڪيترائي آفيسر هوندا هئا.اُتي هڪ وڏي ميز هئي جنهن جي هڪ پاسي پراسيڪيوٽر ۽ سب آرڊينيٽ ويهندا هئا ۽ ٻئي پاسي اُهي وڪيل، جيڪي هن جو بچاءُ ڪري رهيا هئا.
جج ۽ اٽارنيءَ کي ڪارو جُبو ۽ وِگ پاتل هوندي هئي.ملزم کي چار وکون کڻي هڪ بار ۾ بيهڻو پوندو هو.اها بار ججن جي ڪرسيءَ کان هيٺ ۽ اٽارنيءَ جي ميز کان مٿي هئي.چوڌاري لوهي سيخون ۽ پوليس وارا هئا.عدالت جي ٻنهي پاسي سويلين ۽ فوجي اختياريون، برطانوي صحافين، جن کي سيشن ۾ حاضر ٿيڻو پوندو هو، انهن اڳيان عوام هوندو هو.جج ۽ اٽارنين جي وڏين ميزن تي ڪتابن جا سٿا رکيل هئا جيڪي هو وقت بوقت حوالي لاءِ کوليندا هئا.هنن مان فقط چئن ڄڻن کي ڳالهائڻ جو حق هو،جن ۾ جج، ڊپٽي جج، حڪومتي نمائندو ۽ گيون جو بچاءُ ڪندڙ وڪيل شامل هئا.ٻيا لوسبي گيون جي بچاءَ واري پرنسپل لائير انچارج سميت ٻين کي سيشن دوران گيون جيان ڳالهائڻ جي اجازت نه هئي.اُهي لکت ذريعي پاڻ ۾ رابطو ڪري پئي سگهيا.ٻه ماڻهو تمام گهڻو ۽ زور سان ڳالهائيندا هئا، جنهن ۾ پراسيڪيوٽر ۽ گيون جو بچاءُ ڪندڙ وڪيل شامل هئا. انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪنهن مهل تمام گرم بحث ٿيندو هو.پهريون سيشن ڊگهو هوندو هو ۽ انهيءَ ۾ وقفو ضروري هو.وقفي دوران گيون کي عدالت جي هيٺين حصي ۾ ماني کارائڻ لاءِ وٺي ويندا هئا.جڏهن اهي سيشن هڪ مهيني ۾ ختم ٿيا ته جج فيصلو گيون جي خلاف ڏئي ڇڏيو ۽ حڪم ڪيو ويو ته کيس هانگ ڪانگ مان فرينچ ٻَيڙي ذريعي ٻاهر موڪليو وڃي.
اِها عدالت جي چال هئي ته جيئن عوام جي احتجاج کان بچي سگهجي ۽ ساڳئي وقت گيون کي فرينچ بٺڪين حوالي ڪرڻو هو. لوسبي انهي فيصلي جي مخالفت ڪئي ۽ لنڊن هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪيائين. هن اهو ڪيس وڪيل اسٽافورڊ ڪرسپ حوالي ڪيو (جيڪو سوشلسٽ پارٽيءَ جو ميمبر هو ۽ پوءِ برطانيا جو پرڏيهي وزير ٿيو.)
جيستائين لنڊن هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچي، گيون بيمار ٿي پيو ۽ لوسبي هن کي اسپتال موڪلڻ جو بندوبست ڪيو.گيون جي اسپتال ۾ اچڻ تي ڪافي تبديلي آئي. ڊاڪٽر کي سندس ڪمري لاءِ ڪافي تالا ڏنا ويا،ته جيئن هُو ڀڄي نه وڃي.ڪمري جي ڀِت تي جيڪي ڪجهه هو، هٽايو ويو. ڪمرو چوڌاري تارن سان گهيريل هو. دروازي تي ٻه ڊگها ۽ جانٺا جوان پوليس وارا بيٺل هئا.ڪمري ۾ ٻه چيني ڳُجها جاسوس ڏينهن رات هن تي اک رکندا هئا. ٻين مريضن ۾ خوني، بدنام ڏوهاري ۽ ڦورو شامل هئا.
اها اسٽا فورڊ ڪرسپ جي مهرباني هئي جو هڪ ڏينهن جي بحث کان پوءِ لنڊن جي هاءِ ڪورٽ فيصلو ڪيو ته گيون کي آزاد ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث نه هو. پهرين ڳالهه ته اهڙي ڪابه شاهدي نه هئي ته هو سوويت ايجنٽ آهي. ٻيو ته اهو ثابت نه ٿي سگهيو ته هن هانگ ڪانگ اختيارين بابت ڪا سازش ڪئي هئي.ٽيون ته اِها حقيقت هئي ته هو ڪميونسٽ يا قوم پسند هو، پر هن برطانوي قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪئي هئي.گيون ڪيس کٽي ويو، پر هاڻ هو ڪيڏانهن ويندو؟هن جي هر حرڪت تي فرينچ ۽ چيانگ ڪائي شيڪ جا ڳجها جاسوس نظر رکي رهيا هئا.فرينچ ايجنٽ هن کي ڦاسائڻ ۾ ناڪام ويا ۽ اهي هن جو هانگ ڪانگ مان وڃڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا،ته جيئن کيس ٻئي معاملي ۾ ڦاسائين.گيون برطانيا وڃڻ لاءِ ويزا جي درخواست ڏني،جيڪا پوءِ لوسبي وڪيل پاران لنڊن موڪلي وئي.برطانوي حڪومت جي جواب کان سواءِ ئي گيون لِڪ ۾ هڪ ٻَيڙي ۾ لنڊن لاءِ نڪري پيو.سنگاپور ۾ هُو جهلجي پيو ۽ کيس هانگ ڪانگ موڪليو ويو،ڇاڪاڻ ته هو ڪالونيءَ ۾ ويزا کان سواءِ داخل ٿيو هو.هانگ ڪانگ جي ڳُجهن جاسوسن کيس وري گرفتار ڪري ورتو.
وڪيل لوسبي وري گيون جو بچاءُ ڪيو ۽ کيس قيد کان بچائين ۽ پنهنجي زال ۽ دوستن جي مدد سان رازداريءَ ۾ هن کي ڇڏائڻ جو بندوبست ڪيائين.فرينچ ڳُجها ايجنٽ، جيڪي هن کي پڪڙڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڦيرا ڏئي رهيا هئا، انهن کي مرڪزي پوليس ٿاڻي ۽ لوسبي جي گهر جي ڪابه ڄاڻ نه هئي. هڪ امير چيني واپاريءَ جو ويس ڪري هن هانگ ڪانگ ڇڏيو ۽ ٻئي شهر ۾ لوسبيءَ جي هڪ گهاٽي دوست جي گهر وڃي رهيو، جتي هن موڪل تي ويندڙ امير ماڻهوءَ جي بوريت واري حياتي گذاري. هو جهنگن ۾ گهميو ڦريو ۽ پگوڊا ڏٺائين.هن ليکڪن ۽ فنڪارن سان ڄاڻ سڃاڻ ٺاهي.هن مقامي انگريزي ۽ چيني اخبارن ۾ لکيو ۽ هن جا مضمون ٻين نالن سان ڇپيا.پنهنجي طاقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن مستقل ڪسرت ڪئي.
بعد ۾ جڏهن هن هانگ ڪانگ ۾ پنهنجا تجربا دوستن سان بيان ڪيا ته هو لوسبي ۽ انهيءَ ڪٽنب جو وڏو ٿورائتو هو، پر هڪ چڱي دل رکندڙ وڪيل لاءِ مري چڪو هو.پنهنجي وس آهر لوسبي ۽ سندس ڪٽنب هن جي طبعي ۽ مالي پريشانين ۾ هر قسم جي مدد ڪئي ۽ سندس ڪيس کان پوءِ لوسبي هن کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن مدد ڪئي.