• حصو چوٿون
سيام ۾ مينم درياهه تي ويٽنامي قومپرستن جو ميڙ هو.اُهي هاري، ڪي ننڍا واپاري، ڪجهه چانور ۽ پٽاٽا پوکيندڙ هئا ۽ ڪي وري ماچيس، ڪپڙا ۽ دوائون وڪڻندڙ هئا.اتي سيامين ۽ ويٽنامي ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ اسڪول کوليو ويو.اتي ٻارن لاءِ اسڪول ۾ ڀت تي سيامي جي تصوير هئي ۽ هيٺ فان هانگ ٿاءِ جي تصوير هئي.اهي ويٽنامي محبِ وطن هئا. انهن کي نوجوان انقلابي ويٽنامين لاءِ احترام هو، جن پنهنجي ديس لاءِ قرباني ڏني هئي.
روزانو شام جو اهي اسڪول ۾ گڏ ٿيندا هئا. مرد، عورتون ۽ ٻار هڪ دائري ۾ ويهندا هئا ۽ انهن لاءِ اخبار مان مضمون يا ڪتاب مان ڪجهه پنا هلڪي ۽ چِٽي آواز ۾ پڙهيا ويندا هئا، جنهن کي هرهڪ ماٺ ٿي ٻڌندو هو.پڙهڻ کان پوءِ انهن کان پڇيو ويندو هو ته انهن جيڪي ڪجهه ٻڌو،اهو چِٽو ٿيو يا نه.. گڏجاڻيءَ کان پوءِ اُهي قومي گيت ڳائيندا هئا ۽ جهونا ماڻهو گوريلا جنگ جون ڪهاڻيون ٻڌائيندا هئا.اُهي حمايتي هئا جيڪي فان دِن فنگ ۽ هانگ هُئا ٿام جي اڳواڻيءَ ۾ فرينچن سان وڙهيا ۽ اهي سيام هليا ته جيئن فرينچ اختيارين جي جبر کان بچي سگهن.
جيڪو لڏو اخبار يا ڪتاب انهن لاءِ پڙهندو هو، تنهن کان پوءِ اهو ننڍو ٿيلهو ڪلهي تي رکي هڪ مسافر واپاري جيان نڪري ويندو هو. هو انهن جاين تي ويو، جتي ويٽنامي قوم پسند رهي انهن ۾ انقلابي شعور پکيڙيندا هئا ۽ انهن کي منظم ڪندا هئا.
سيامي تمام غريب، پر اعلى ماڻهو هئا.هڪ مخصوص عمر تائين ڪجهه مهينن لاءِ انهن کي مراقبو ڪرڻو پوندو هو، تنهن ڪري سيام ۾ سوين پادري هئا،جن کي ماڻهو ماني کارائيندا هئا ۽ سندن عزت ڪندا هئا. اُهي فقط ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو يارنهن وڳي ماني کائيندا هئا.عورتون پادرين لاءِ چانور کڻي وينديون هيون ۽ اُهي بنا مهرباني جي ئي کائي ڇڏيندا هئا.جيڪي انهن لاءِ چانور کڻي ايندا هئا، اهي خوش هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن جو اهو عقيدو هو ته جيترو توهان وڌيڪ ماڻهن کي ڏيندا، اوترو توهان کي نيڪي ملندي.
گيون کي ۽ سندس لڏي کي انهيءَ عمل جي خبر هئي.هن جا دوست پادري ٿيا، سفر ڪيائون ۽ مانيءَ لاءِ ڪي به پئسا نه ڏنائون.هر هلائڻ کان وٺي هڪ سيلر جو ڪم ڪرڻ کان سواءِ گيون کي پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻو پوندو هو ۽ دوستن کي منظم ڪرڻو پوندو هو.”ويٽنام ايسوسيئيشن آف ميوچئل اسسٽنٽ” ٺاهي وئي.”هيومنٽي” نالي هفتيوار اخبار شايع ڪئي وئي.گيون اتر کان پنهنجا انقلابي خيال پنهنجي ملڪ ۾ آندا. هاڻ هن سيام ۾ ڪم ڪيو.
هن جي سرگرمين کي نظرانداز نه ڪيو ويو.جتي ڪٿي به ويٽنامي هئا، هن انهن لاءِ اسڪول جو بندوبست ڪيو.جتي جتي اسڪول هئا، اتي والدين خبرون ۽ ڪيترائي موضوع بحث هيٺ آڻڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا.جوا کيڏڻ ۽ جهيڙو ڪرڻ گهٽجي رهيو هو. ماڻهو ڪم ۾ هڪٻئي جي مدد ڪندا هئا ۽ ٻار سٺو ورتاءُ ڪرڻ لڳا.تعليم آهستي آهستي وڌڻ لڳي. سيام ۾ ويٽنامين لاءِ اِها وڏي تبديلي هئي.
پهرين ته فرينچ اختيارين اندازو لڳايو ۽ پوءِ انهن کي خبر پئي ته گيون ضرور علائقي ۾ ڪٿي نه ڪٿي هوندو، پر پڪ سان خبر نه هُئين ته ڪٿي هوندو. هنن کيس ڳولڻ لاءِ ڳجها ايجنٽ موڪليا، پر هڪ چڱي همراهه کين خطري کان آگاهه ڪري ڇڏيو.
اڪثر ڪري ذري گهٽ ڳجهي پوليس پاران پيڇو ڪيو ويندو هو.هن پاڻ کي پگوڊا ۾ لڪائي ڇڏيو. پنهنجا وار، پنهنجو ويس مٽائڻ لاءِ ننڍا ڪري ڇڏيائين ۽ پنهنجون سياسي سرگرميون جاري رکيائين.
ميڪانگ جي ساڄي ڪناري تي ڪافي ويٽنامي آباد هئا. فرينچ اختيارين انهن کي وڏي ڌيان سان ٿي ڏٺو ۽ انهن جي سرگرمين جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ ڳجهي پوليس موڪليائون. جڏهن انهن محبِ وطن ويٽنامين جي نشاندهي ٿي ڪئي ته سيامي اختيارين کي چيائون ٿي ته اها کين گرفتار ڪري. سيامي ويٽنامين لاءِ چڱا هئا، پر ڪنهن مهل انهن کي ڪنهن ڏچي کان بچڻ لاءِ سندن مرضيءَ خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي هئي.انهن گرفتارين ڪجهه نتيجا به ڏنا. هڪ ڏينهن ڳجهي پوليس هڪ همراهه جو پيڇو ڪندي آئي ۽ هو هڪ ويٽنامي جي گهر ۾ گهڙي ويو. اُتي هڪ 9 سالن جي ٻار کان سواءِ ڪير به نه هو. پوليس به جلدي اچي پهتي. ٻارڙي جلديءَ ۾ کيس(هوچي منهه کي) پراڻي ٽوپي ۽ لٺ ڏيندي ۽ تمام فطري انداز ۾ چيو، “دير ٿي وئي آهي. تون مينهون ڳولڻ ڪونه ويو آهين. امان ڪاوڙ ڪندي.”
هن ٽوپي پاتي، لٺ کنيائين ۽ پنهنجي ڪلهي تي برساتي ڪوٽ رکي پوليس وارن جي سامهون ئي ٻاهر نڪري ويو، جيڪي کيس گهر ۾ ڳولي رهيا هئا.
پوءِ ٻار کان پڇيائون، “تون انهيءَ همراهه کي سڃاڻين؟”
“نه، مون کي خبر ناهي. پر هو انهيءَ چاچي جهڙو ٿو لڳي جيڪو اڪثر مون کي راڳ سيکارڻ لاءِ هتي ايندو آهي.”
“تو هن کي مينهون ڳولڻ لاءِ ٻاهر ڇو موڪليو؟”
“مون کي خبر نه هئي. مون کي ڊپ هو ته شايد جيڪڏهن هو رڌڻي ۾ رهيو ته جهلجي پوندو.”
عام طور تي ويٽنامي سيام ۾ سدائين ٻَڌيءَ ۾ هوندا هئا ۽ انهن جي قانونن جو احترام ڪندا هئا.تنهن ڪري ئي سيامي کين پسند ڪندا هئا.