شاعري

چنڊ ڳليون

’چنڊ ڳليون‘، شيخ اياز 244 ترائيلن جو مجموعو آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ اياز ڄاڻايو آهي تہ ”ترائيل، فرينچ شاعريءَ جي صنف آهي ... اسان ترائيل جو فارم، اردوءَ تان ورتو آهي. ... مون کي اردو ترائيل جو ترنم پسند آيو آهي، جيڪو فرينچ ۽ انگريزي ترائيل وانگر نہ آهي، اُن جو فارم ساڳيو آهي، پر ترنم ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. ترائيل جا تجربا اردو يا سنڌي ادب ۾ مان پهريون ڀيرو نہ ڪري رهيو آهيان، پر اردو ۽ سنڌي ترائيل رڳو ’فاعلاتن فعلاتن فعالتن فعلن‘ ۽ غالباً ’مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن‘ جي وزن تي جوڙيو ويو آهي. مون ان ۾ تجرباتي طور ٻيا وزن بہ پھريون ڀيرو ڪم آندا آهن ۽ گهاڙيٽن کي به ڪڏهن ڪڏهن ڦيرايو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 437
  • 248
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چنڊ ڳليون

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو ”چنڊ ڳليون“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ’چنڊ ڳليون‘، شيخ اياز 244 ترائيلن جو مجموعو آهي.
ڪتاب جي مهاڳ ۾ اياز ڄاڻايو آهي تہ ”ترائيل، فرينچ شاعريءَ جي صنف آهي ... اسان ترائيل جو فارم، اردوءَ تان ورتو آهي. ... مون کي اردو ترائيل جو ترنم پسند آيو آهي، جيڪو فرينچ ۽ انگريزي ترائيل وانگر نہ آهي، اُن جو فارم ساڳيو آهي، پر ترنم ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. ترائيل جا تجربا اردو يا سنڌي ادب ۾ مان پهريون ڀيرو نہ ڪري رهيو آهيان، پر اردو ۽ سنڌي ترائيل رڳو ’فاعلاتن فعلاتن فعالتن فعلن‘ ۽ غالباً ’مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن‘ جي وزن تي جوڙيو ويو آهي. مون ان ۾ تجرباتي طور ٻيا وزن بہ پھريون ڀيرو ڪم آندا آهن ۽ گهاڙيٽن کي به ڪڏهن ڪڏهن ڦيرايو آهي.“
ھي ڪتاب نيو فيلدس پبليڪيشن حيدرآباد پاران 1995ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو. مھربانيون سائين عبدالوھاب سھتي جون جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com