شخصيتون ۽ خاڪا

ٽوڙي ڦاٽڪ جا شهيد

هي ڪتاب “ٽوڙي ڦاٽڪ جا شهيد” پياري دوست، سماجي ۽ سياسي اڳواڻ ۽ وڪيل جهانگير راهوجي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جو تعارف ۽ انهن جي سياسي جدوجهد جو ذڪر ڪيو آهي.

هي ڪتاب شهيد انور عباسي يادگار سنگت پاران ڇپايو ويو هو. اسين ٿورائتا آهيون پياري دوست جهانگير راهوجي صاحب جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.
Title Cover of book ٽوڙي ڦاٽڪ جا شهيد

شهيد امان الله وسطڙو

17 آڪٽوبر 1984ع جي ٽاڪ منجهند جو، جڏهن ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ شاگردن سان ڀريل سنڌ يونيورسٽي جي بسن تي پاڪستاني فوجي فائرنگ ڪري رهيا هئا ته فائرنگ دوران هڪ بس جو ڊرائيور، ڊرائيونگ سيٽ ڇڏي ويو، تڏهن هڪ نوجوان شاگرد پنهنجن ٻين دوستن کي فوجي درندن جي قاتلاڻي حملي مان بچائڻ لاءِ بس جو اسٽيئرينگ سنڀالي، بس کي ڪچي ميدان مان تيز هلائي ريلوي بند ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان وقت پنجابي فوجين جي خودڪار رائيفلين مان نڪتل گولين سندس رستو روڪي ورتو ۽ سندس سيني ۾ سمائجي ويون. هي نوجوان شاگرد امان الله وسطڙو هو. سندس ان عمل ۽ سوچ کي ڏسي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته شهيد امان الله وسطڙو ڏاهپ، بهادري، فراخدلي، بردباري، حب الوطني ۽ قومپرستيءَ جو جيئندو جاڳندو مثال هو. شهيد امان الله وسطڙو سن 1958ع ۾ نوشهرو فيروز جي ويجهو مچر ڳوٺ ۾، ڳوٺ جي معتبر شخص حزب الله وسطڙي جي گهر ۾ جنم ورتو.
سڌريل، پڙهيل خاندان ۽ سلجهيل ماحول سبب امان الله به ننڍپڻ کان علم پرائڻ جو شوقين هوندو هو. پاڻ ابتدائي تعليم موري مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ هاءِ اسڪول سنجهورو (ضلعو سانگهڙ) مان ڏنائين، اهو 1976ع جو وقت هو سندس والد صاحب اتي سروس ۾ هوندو هو. 1978ع ۾ گورنميٽ ڊگري ڪاليج رتوديرو مان انٽر آرٽس ۾ پاس ڪئي. شهيد امان الله سير ۽ تفريح جو تمام گهڻو شوقين هو، شهيد جڏهن انٽر آرٽس مڪمل ڪئي ته ٻاهرين ملڪن جي گهمڻ جي شوق سبب ايران ويو. سال کن اُتي سياحت ڪرڻ کان پوءِ 1979ع ۾ واپس اچي، گورنمينٽ سائنس ڪاليج رتي ديري ۾ فرسٽ ايئر سائنس (پري انجنيئرنگ) ۾ داخلا ورتائين 1981ع ۾ شهداد ڪوٽ مان انٽر ڪرڻ کانپوءِ ايم.ايس.سي (جيالاجي) ڪرڻ جي واسطي سنڌ يونيورسٽي ۾ بي.ايس.سي جي پهرين سال جي شاگرد جي حيثيت سان داخل ٿيو. آڪٽوبر 1984ع ۾ بي.ايس.سي آنزر (ٻئي سال) جو امتحان ڏئي، پنهنجي تنظيمي قافلي سان گڏ، 17 آڪٽوبر تي موهن جو دڙو سيمينار ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ کيس شهادت نصيب ٿي.
شهيد امان الله وسطڙو ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوقين هو سندس شهادت کان پندرهن ڏينهن بعد سندس گهر جي ايڊريس تي انگليڊ جي هڪ يونيورسٽي جو ليٽر آيو هو، جنهن ۾ اهو ڄاڻايل هو ته، اوهانکي داخلا وٺڻ جي اجازت ٿي ڏجي اهان اچي داخلا وٺو”
شهيد امان الله جا وڏا اصل ۾ نوابشاھ ضلعي ۾ نوشهروفيروز جي ويجهو ڳوٺ مچر ۾ ويٺل هئا جتي اڃا تائين رهائش پذير آهن. شهيد جو والــــــد محترم حزب الله وسطڙو سرڪاري نوڪريءِ ۾ هجڻ سبب، مختلف جڳهن تي رهي چڪو آهي، جنهن ڪري امان الله به پنهنجي والد سان گڏ مختلف جڳهن تي رهيو ۽ پڙهيو. امان الله جو والد صاحب هن وقت ايس.ڊي.ايم آهي ۽ سندس شهادت وقت مختيار ڪار هو. شهيد پنهنجي والدين جو ٻيو نمبر پٽ هو. شهيد امان الله وسطڙو تمام گهڻو کلک، ملڻو جلڻو باشعور ۽ ذهين دوست هو. سندس ذهن ۽ دل هميشه سنڌي ماڻهن جي ڏکن ۽ جذبن سان سرشار هوندا هئا. سندس زندگيءَ جو مقصد به سنڌي ماڻهن جي خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪرڻ هو. اهوئي سبب آهي جو پاڻ تمام گهڻو سماجي ۽ سياسي ورڪر هو. سن 1981ع ۾ امان الله جي سياسي زندگيءِ جي شروعات ٿي جڏهن هن سنڌ جي حقن ۽ آزاديءِ لاءِ وڙهندڙ جماعت جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شموليت ڪئي.
جيئي سنڌ تنظيم ۾ سٺي ڪارڪردگي سبب 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو نائب صدر چونڊجي آيو. جنهن چونڊ ۾ ساڻس گڏ فقير داد کوسو (صدر)، امان الله وسطڙو (نائب صدر)، تنظيم تنيو (جنرل سيڪريٽري)، حاتم شيخ ( جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ جهانگير راهوجو (راقم الحروف) خزانچي چونڊجي آيا هئا.
شهيد امان الله وسطڙو اڻٿڪ ڪارڪن ۽ گهڻين صلاحيتن جو مالڪ هو. شهيد ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو قائم مقام صدر به رهيو.سندس وقت، مال ۽ جان تنظيمي ڪمن لاءِ وقف هوندا هئا. سندس وڏي ۾ وڏي خواهش (جيڪا پوري ٿي) اها هئي ته سنڌ جي آزادي واري ويڙهاند ۾ وڙهندي شهيد ٿئي. هڪ دفعي پنهنجي دوست اسرار کوکر کي آٽو گراف ڏيندي لکي ڏنو هئين ته: “مان وڏو خوش نصيب هوندس جو سنڌ جي آزاديءَ واري جنگ ۾ شهيد ٿيان.” هي آٽو گراف 9 مارچ 1984 ۾ ڏنو هيائين جيڪو سندس شهادت کان چند مهينا ئي اڳ جو آهي سندس لکيل اهي اکر ئي پوءِ سندس تقدير جو فيصلو بڻجي ويا. شهيد امان الله هڪ سٺي قومپرست ڪارڪن هُجڻ سن گڏ هڪ سٺو دوست پڻ هو. ٻين دوستن سان هميشه هڪجهڙو محبت، خلوص ۽ سچائي واري همدردي جي رشتي سان ڳنڍيل هو. سندس چهري تي هميشه مُسڪراهٽ ۽ خوشين جا آثار نمايان نظر ايندا هئا. شهيد امان الله جي گهاٽن دوستن ۾ شهيد انور عباسي، اسرار کوکر، اقبال پٺاڻ ، نور الاهي، جهانگير راهوجو (راقم الحروف)، محمد علي بروهي، پير بخش خاصخيلي ۽ فضل عمراڻي شامل آهن. شاگردن تي ٽن منٽن جي مسلسل فائرنگ کانپوءِ جڏهن کين بس مان هيٺ لاٿو ويو ته انهيءَ وقت تائين ڪيترن ئي مائرن جي جگرن جا ٽڪر ڪُسجي چُڪا هئا، ڪيترن ئي جِسمن کي زخمن چور ڪري وڌو هو. انهيءَ وقت امان الله بس جي اسٽيئرنگ تي بي هوشيءَ جي حالت ۾ پيو هو، ڏيڍ ڪلاڪ جي وقفي کانپوءِ جڏهن هڪ فوجي ٽرڪ زخمين کي کڻڻ آئي تڏهن انهن زخمين کي علاج لاءِ موڪليو ويو، جيڪي پاڻ اچي فوجي ٽرڪ ۾ چڙهيا ۽ اهي زخمي جيڪي بي هوشيءَ جي حالت ۾ هئا اهي بسن ۾ ئي رهيا. ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ شهيد امان الله کي ملٽري اسپتال (C.M.H) ۾ آندو ويو. جتي ساڻس گڏ هڪ زخمي اعجاز جوڻيجو به گڏ هو. جڏهن اسپتال ۾ کيس هوش آيو ته فوجي درندن کان پاڻي گهري رهيو هو. پر فوجين اهو چئي پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته “اوهان پاڪستان جا غدار آهيو، اوهان لاءِ اسان وٽ پاڻـــي ڪونهي، تون به ائين پاڻي، پاڻي ڪري مر......” پر ان و وقت شهيد کين پاڻيءَ لاءِ ڪا به منٿ ميڙ ڪو نه ڪئي پر کين نفرت آميز الفاظ چئي رهيو هو ۽ کين وڌيڪ ذهني ايذاءِ ڏيڻ لاءِ “ سنڌو ديش مقدر آ، جي-ايم سيد رهبر آ.” جا نعرا هڻي رهيو هو ۽ پنهنجي هٿ ۾ پاتل منڊي ۽ گهڙي اعجاز جوڻيجي کي لاهي ڏنائين . شايد پنجابي فوجين جي رائفلن مان نڪتل گولين، امان جي جسم کي بي ستو ته ڪري ڇڏيو هو پر سندس ذهن کي هر گز نه لوڏي سگهيون. اهو ئي سبب آهي جو شهيد جي زندگيءَ جي آخري گهڙي به سنڌ جي آزاديءَ جا نعرا هڻندي گذري هئي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي هن سورهيه سپوت کي رات جو تقريبا ساڍي اٺين بجي پنهنجي ڌرتيءَ ماتا سان پيار ڪرڻ جي عيوض شهادت نصيب ٿي. شهيد جو والد محترم حزب الله ان وقت کپري جو مختيار ڪار هو، ٽيليفون وسيلي ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ رات جو هڪ بجي کيس اطلاح ڏنو ته اوهان جو لخت جگر اڄ اوهان کان جُدا ڪيو ويو آهي ۽ 18 آڪٽوبر تي صبح جو 6 بجي شهيد جو خاڪي جسم اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ کڻائي والدين جي حوالي ڪيو- جيڪو پوءِ سندس اباڻي ڳوٺ مچر جي آبائي قبرستان ۾ دفنايو ويو.