شخصيتون ۽ خاڪا

ٽوڙي ڦاٽڪ جا شهيد

هي ڪتاب “ٽوڙي ڦاٽڪ جا شهيد” پياري دوست، سماجي ۽ سياسي اڳواڻ ۽ وڪيل جهانگير راهوجي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جو تعارف ۽ انهن جي سياسي جدوجهد جو ذڪر ڪيو آهي.

هي ڪتاب شهيد انور عباسي يادگار سنگت پاران ڇپايو ويو هو. اسين ٿورائتا آهيون پياري دوست جهانگير راهوجي صاحب جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.
Title Cover of book ٽوڙي ڦاٽڪ جا شهيد

شهيد انور علي عباسي

انڊس هاءِ وي تي، پاڪستاني فوجي جا ست هزار سپاهي متحرڪ هئا، هنن روڊ جي ٻنهي پاسن کان مورچا بندي ڪري ڇڏي هئي، ڄامشوري ڦاٽڪ کان وٺي سيوهڻ تائين ملٽري انٽيليجنس جا ماڻهون ڪنهن اهم مشن لاءِ گاڏين ۾ گهمي رهيا هئا. ان ڏينهن شايد پاڪستان جي وجود جو مسئلو هو ايڏي وڏي نفريءِ ۾، فوج پريشانيءَ جي عالم ۾ متحرڪ هئي. اهڙي به ڪا ڳالھ ڪو نه هئي پر ايترو ضرور هو ته پاڪستان جي انڪارين جـــــي ڪچلڻ لاءِ ڪا نئين سازش سٽي وئي هئي. ان ڏينهن ڪجهه سنڌ دوست ماڻهن جون سسيون، ديش سان محبت ڪرڻ جي ڏوھ ۾ جدا ٿيڻيون هيون، ڪن پوڙهن پيئرن جا سهارا کسجڻا هئا، ڪن ونين جا ور ويڙهاند ۾ مرڻا هئا، ڪي ڀينرون پنهنجي لڄن جي محافظن کان جدا ٿيڻيون هيون ۽ ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ پٿريلو ميدان ديش ڀڳتين جي ڳاڙهي رت سان وهنجڻو هو. منجهند جا تقريبن ٽي ٿي رهيا هئا. ٽوڙي ڦاٽڪ کي بند ڪيو ويو هو. روڊ جي ٻنهي طرفن کان مورچن ۾ فوجي خودڪار رائيفلن سان منتظر هئا. ايتري ۾ سنڌ يونيورسٽيءِ جون ٻه بسون اچي ڦاٽڪ جي ويجهو ٿيون. ڦاٽڪ جو بند هُجڻ بسن جي بيهڻ جو منطقي سبب هو. بسن کي بيهڻ شرط، هيٺ لاهي بيهارڻ لاءِ اشارا ڏنا ويا. جڏهن بسون آهستي، آهستي هيٺ لهڻ لڳيون ته مٿن انڌا ڌند فائرنگ ڪئي وئي ٽن منٽن جي مسلسل فائرنگ ۾ ست ڄڻا شهيد ۽ لاتعداد سنڌي شاگرد زخمي ٿيا. بسين تي بزدل دشمنن ساڍا تيرهن سئو رائونڊ هلايا فوج جي سربراهي ميجر عزيز عباسي ڪري رهيو هو ۽ جيئي سنڌ جا ڪارڪن بسن ۾ گل محمد جکراڻيءَ جي قيادت ۾ لاڙڪاڻي وڃي رهيا هئا. جڏهن فائرنگ بند ٿي ته ان وقت شاگردن کي بسين مان لاهي رائيفلن جي وچ ۾ هيٺ پٽ تي سمهاريو ويو. ٻن ڪلاڪن جي وقفي کانپوءِ زخمين کي فوجي ٽرڪن ۾ چاڙهي ملٽري اسپتال اماڻيو ويو پر شهيد نوجوانن جا لاش بسن ۾ پيل هئا. سج جا آخري ڪرڻا ڌرتي تي سجود هئا. ظالم ۽ مظلوم، هڪ ئي ميدان تي مختلف ڪيفيتن تحت بيٺل هئا. فاتح ميجر ۽ سپاهين جي لبن تي طنزيه مرڪ ۽ مصنوعي همدردي هئي ته ٻئي طرف محڪوم ماڻهن جي اکين ۾ دشمن لاءِ نفرت ۽ ڌڪار نمايان نظر اچي رهي هئي. ايتري ۾ هڪ فوجي پوئين بس مان آسماني رنگ جي ڪپڙن ۾ ملبوس، هڪ نوجوان جو لاش هيٺ لاٿو لاش فوجي جي ٻانهن ۾ لڙڪي رهيو هو. نوجوان جي لوندڙيءَ مان گولي آر پار ٿيل هئي، هي نوجوان سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ڪارڪن انور عباسي هو.
شهيد انور علي عباسي ٻارهين آگسٽ اڻويھ سئو ٻاهٺ (12/08/1962ع) ۾پھريون ڀيرو پنهجي جيجل جي جهوليءَ ۾، محترم علي محمد عباسي جي گهر ۾ اکڙيون کوليون. سندس پيدائش کان وٺي رهائش ڳوٺ پکو تعلقو قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿي. شهيد انور عباسي کي ابتدائي تعليم لاءِ ، پهرين مئي 1969ع تي پرائمري اسڪول نئون ڳوٺ ۾ ويهاريو ويو. سندس تعليمي تاريخون سنڌي استادن جي لاپرواهي سبب سرٽيفڪيٽن تي غلط لکيل آهن. شهيد انور کي ننڍ پڻ کان ئي علم حاصل ڪرڻ جو شوق هوندو هو، اهوئي سبب آهي جو استادن سندس اخلاق ۽ هوشيارپ ڏسي کيس ٽن سالن ۾ پنجن سالن جو ڪورس ڪرايو. شهيد انور عباسي اڻٽيهين مارچ اڻويھ سئو ٻاهتر(29/03/1972ع) ۾ پرائمري تعليم مڪمل ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ ۾ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لڳو- جتي پاڻ سلڇڻائپ ۽ هوشيارپ سبب، استادن ۽ هم ڪلاسين جي دلين ۾ گهر ٺاهيائين.
پاڪستان ۽ اسلام جي سهڻن نالن ۾ سنڌي ماڻهن جي حقن جي ڦر مار، شهيد انور کي اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ئي قومپرست بنائي ڇڏيو هو- ڳوٺ ۾ غريب ماڻهن جي ڪمن ۾ مصروف رهڻ سندس مشغلو هوندو هو. شهيد انور اصل کان وٺي هڪ سٺو سماجي ڪارڪن پڻ هو. شهيد انور 1977ع ۾ ميٽرڪ (سائنس) پاس ڪري، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو ۾، فرسٽ ايئر (پري انجنيئرنگ) ۾ داخلا ورتي، جتان سندس باقائده سياسي ۽ انقلابي زندگيءَ جي شروعات ٿي هئي. شهيد شروع کان ئي قومي جذبي سان سرشار هو. سندس دل ۽ ذهن سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ ڌرتي جي محبت سان ڀريل هئا. هو هميشه سنڌي ماڻهن کي متحد ڪري آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهندو هو. اهوئي سبب آهي جو پنهنجي ڌرتيءَ ۽ سانگين کي سکي رکڻ لاءِ 1978/1977ع ۾، سنڌ جي آزاديءِ لاءِ جدوجهد ڪندڙ تحريڪ “جيئي سنڌ” ۾ شموليت ڪيائين ۽ سنڌ جي آزاديءِ لاءِ تنظيمي پاليسين تحت پنهنجي ڀرپور صلاحيتن ۽ بهادريءَ سان ڪم ڪندو رهيو، شهيد انورعلي عباسي 1979ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان انٽر پاس ڪري 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪامرس جي شعبي ۾ داخلا ورتي. سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ ۽ رهڻ سبب سندس سياسي ۽ انقلابي عمل ۾ واڌ ايندي رهي. شهيد انور، شهيد هوش محمد شيدي هاسٽل جو آرگنائيزر ۽ ضلعي ڪائونسل جو مميبر به رهيو. سندس چوڻ هو ته “هڪ ادنى ڪارڪن به وڌ کان وڌ ڪم ڪري سگهي ٿو.” شهيد جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ذميواري محسوس ڪندڙ ڪارڪن هو. پاڻ هميشه تنظيمي حڪم ۽ قومي ڪم کي، هر حڪم ۽ ڪم کان ترجيح ڏيندو هو. شهيد انور ڪڏهن به تنظيمي حڪم تحت مالي ۽ جاني قرباني ڏيڻ لاءِ ڪو عذر پيش ڪو نه ڪيو. شهيد انور واندڪائي جي وقت ۾، هميشه ٻين ملڪن جي انقلابن جون تاريخون ۽ ٻيو انقلابي مواد پڙهندو هو. پاڻ، شهادت کان هفتو کن اڳ جيڪو ڪتاب پڙهي مڪمل ڪيو هيائين اهو محترم سائين جي ايم سيد جو لکيل ڪتاب “ سنڌو جي ساڃاھ” هو. شهيد انور عباسي هڪ سماجي ۽ سٺي انقلابي ڪارڪن سان گڏ سٺو اديب پڻ هو. سندس اڻ ڇپيل ڪافي مواد اڃا تائين محفوظ آهي. شهادت کان ٿورو اڳ “ ڳوٺ وڳڻ جي تاريخ” تي ٿيسز لکي هئائين، جيڪا ماهوار ٿيسز پوءِ سنڌ يونيورسٽيءِ ۾ جمع ڪرائي وئي هئي. شهيد هڪ ماهوار انقلابي اخبار “سنڌو” ۾ “اقوال زرين” جي ڪالم جو سنڀاليندڙ پڻ هو ، جنهن سان آخر وقت تائين نڀائيندو رهيو. اپريل 1983ع ۾ کيس لطيف ادبي سنگت جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. جنهن عهدي تي پنهنجي ادبي صلاحتين سان آخري دم تائين، ڀٽائي جو “ آزاديءِ لاءِ ويڙهاند وارو پروگرام” سنڌ جي مختلف جڳهن تي پکڙيندو رهيو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي ادبي ۽ انقلابي ميڙن ۾ هميشه موجود هوندو هو. شهيد پر خلوص، مُسڪرائيندڙ، سنجيده، بهادر ۽ بردبار شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ سٺي ڪارڪن سان گڏ سٺو دوست پڻ هو. سندس گهرن دوستن ۾ نظير تنيو، وفا رضا، افضل شيخ، احمد علي تنيو ، قادر جوڻيجو ، لياقت عباسي، محمد هاشم چانگ، مرتضى مورائي، اعجاز شاھ، صفدر راهوجو، طارق کوکر ۽ جهانگير راهوجو (راقم الحروف) شامل آهن. شهيد انور يونيورسٽي ۾ به سياسي هلچل سان گڏ پڙهائيءَ ۾ پڻ دلچسپي وٺندو هو. ڪلاس ۾ هميشه موجود، هوشيار ۽ محنتي شاگرد ليکيو ويندو هو. شهيد انور پنهنجا سڀ تعليمي امتحان ڪاميابيءَ سان پاس ڪيا. اهوئي سبب آهي جو ضلعي لاڙڪاڻي جي ايم بي اي (ماسٽرس آف بزنس ايڊ منسٽريشن) جي سيٽ کيس مارڪن ۾ اوليت جي بنياد تي ملي. پاڻ بي ڪام (آنرز) حصي ٽئين جو آخري پيپر ڏئي، 17 آڪٽوبر تي قومي قافلي سان گڏ، “موهن جو دڙو سيمينار ۽ ڀليڪار پارٽي” ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي وڃي رهيو هو ته رستي تي پاڪستاني فوج شاگردن سان ڀريل بسن تي حملو ڪيو جنهن ۾ شهيد ٿي ويو.
حملي کان پوءِ شهيدن جي لاشن کي فوجي ڪيمپن ۾ ۽ ملٽري هاسپيٽل پهچايو ويو. ٻين شهيدن جا لاش ته سندن وارثن، ذاتي اثر هلائي حاصل ڪري ورتا پر شهيد انور جي والد محترم علي محمد عباسي کي اهو چئي شڪ ۾ رکيو ته، “اوهانجو فرزند، انور جيل ۾ آهي.” ۽ جڏهن جيل وارن کان معلوم ڪيائون ته انهن به کين ٽارڻ خاطر اهو چيو ته، “ها، برابر جيل ۾ آهي.”
ان وچ ۾، اخبارن ۾ سرڪاري طور تي اهو ڄاڻايو ويو ته، ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ شاگرد، چوڪيدار ۽ هڪ ڪينٽين وارو مري ويا آهن. ۽ پوءِ شهيد انور عباسي کي ٻن ڏينهن کان پوءِ رات جي پيٽ ۾، واپڊا ڪالوني ڄامشورو جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. شهيد انور جي دفن ٿيڻ جي خبر، سندن والد محترم کي ڏهن ڏينهن کانپوءِ تڏهن پئي جڏهن هو، پنهنجي پوڙهائپ جي سهاري ۽ اکين جي نور کي ڏسڻ لاءِ جيل تي آيو. ۽ جڏهن هن جيل انتظاميه کي انور کي گهرائڻ لاءِ چيو ته هنن وري انور ڪرناڻي کي ملاقات لاءِ موڪليو، (جيڪو به ساڳئي ڪيس ۾ گرفتار شاگرد هو) جڏهن انور ڪرناڻي انٽرويو روم ۾ گهڙيو ته هن پوڙهي مڙس کيس رڙ ڪري چيو، “ابا، ايڏانهن منهنجي انور کي ته سڏ ڪجان” انور وٽ شايد ڪوبه جواب ڪونه هو. شيخن پريان بيٺل هڪ پٽڪي واري پوڙهي جون اکيون ڳوڙهن جا نير وهائي رهيون هيون، سندس جسم ڏڪي رهيو هو، هٿ ۽ نرڙ شيخن تي رکيو هيس، سندس ديد قيدين جي ميڙ مان موڀي پٽ کي ڳولهڻ ۾ مصروف هئي ته انور ڪارن ڪپڙن ۾ملبوس اچي اڳيان ٻانهون ٻڌي، چوڻ لڳس، “چاچا، مان ئي آهيان تنهنجو انور، اهو انور ته......” وڌيڪ چئي نه سگهيو. پوڙهي جو جيءُ جهري پيو، چپن کي ڏندن جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيائين، پر اوڇنگارون روڪڻ سندس وس جي ڳالهه ڪونه هئي. گهڻي ڀڄ ڊڪ کانپوءِ کيس اها خبر وڃي پئي ته سندس جگر جو ٽڪرو واپڊا ڪالوني ڄامشوري ۾ لاوارث جي حيثيت سان دفنايل آهي.
شهيد انور عباسي جي تربت ڄامشوري جي ئي حد ۾ آهي جتي ڪيترائي شاگرد روزانو اچي گلن جي ورکا ڪري ويندا آهن. شهيد جڏهن پنهنجي گهر مان آخري دفعو يونيورسٽي پڙهڻ لاءِ آيو هو ته انوقت پنهنجي والد صاحب سان ان ڳالهه تي گهڻو ضد ڪيو هئائين ته، “ڄامشوري ۾ جڳهه وٺي اتي مستقل طور رهڻ گهرجي.” جنهن تي سندس والد گهڻي بحث کانپوءِ سندس اها ڳالهه مڃي هئي.