شهيد محمد مٺل بليدي
شهيد مٺو بليدي انقلابي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪو سلسلو ڪيترن ئي جڳن کان دنيا جي ڌرتيءَ تي هلندو پيو اچي.
شهيد محمد مٺل بليديءَ جو ڄم 1953ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پٿريلي زمين تي هڪ ڪکائين گهر ۾ ٿيو. سندس وڏا اصل ۾ ڳوٺ صحبت خان بليدي ضلعي جيڪب آباد جا رهندڙ هئا پر پوءِ اهي روزگار جي تلاش ۾ ساڍا چار سو ميل سفر ڪري اچي ڄامشوري رهيا هئا. مٺو بليديءَ جي والد محترم بخش علي بليديءَ کي 1958ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پٽيوالي جي نوڪري ملي هئي، جنهن سبب هنن هتي اچي مستقل رهائش حاصل ڪئي. مٺو بليديءَ جي پوري پالنا به سنڌ يونيورسٽي جي ڌرتي تي ٿي ته وري سندس انت کانپوءِ به کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڌرتيءَ جي ڪُک ۾ سمهاريو ويو.
شهيد مٺو بليديءَ کي 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلز ۾ چوڪيداري ملي هئي. هن پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو سنڌي شاگردن جي حفاظت ۽ خدمت ۾ گذاريو هو، پوءِ کڻي سندس ان عمل جو سبب پيٽ ۽ پگهار ڇو نه هجي پر ايترو ضرور ٿيو هوندو ته سنڌ يونيورسٽي جهڙي سياسي تجربي گاهه مان ڪي ڪجهه پرايو ضرور هوندو. ڇو ته جڏهن ماني کڻي پيءُ کي ڏيڻ ايندو هو تڏهن ون يونٽ جي تحريڪ سندس اکين اڳيان گذري هئي تڏهن اڃان سندس عمر 14 سال هئي پر اها عمر اهڙي به ڪونهي جو 4 مارچ جهڙو واقعو وسري وڃي. سندس هوش ۾ ئي اشوڪ کي گم ڪيو ويو، “يوم غيرت” (2 آڪٽوبر) به اڃا کيس چڱي ريت ياد هوندو ۽ سندس اکين اڳيان احسان جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ جو منظر ته چٽجي بيٺو هوندو. انهن سڀني واقعن سندس ذهن ۾ ضرور قومپرستيءَ جو واس ڏنو هوندو.
مٺو بليدي جي آخري ڏينهن ۾ سندس ڊيوٽي سنڌ يونيورسٽي جي انٽر نيشنل هاسٽل ۾ هوندي هئي، جتان هن هڪ اهڙي سفر جي شروعات ڪئي، جنهن تي ويل اڃا وريائي ڪونهن.
شهيد مٺو بليدي 7ا آڪٽوبر تي يونيورسٽيءَ جي بس ۾ لاڙڪاڻي اچي رهيو هو ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ بسن تي فوجين فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي زخمي ٿيا ۽ ڪيترائي پنهنجي ظاهري زندگيءَ وڃائي ويٺا، انهن ۾ مٺو بليدي به شامل هو. مٺو بليدي کي گولي هڻڻ وقت کانئس اهو هرگز نه پڇيو ويو ته تون ڇا ڪندو آن، ڪير آن، ڪهڙي پارٽيءَ سان واسطو اٿئي؟؟ پر گولي بغير پڇا ڳاڇا مٺوءَ جي سيني ۾ سمائجي وئي هئي. هو به ساڳئي ڏوهه جو ڏوهي هو جنهن ڏوهه ۾ مالڪ جي لبن تان مرڪ ڦري کيس بي ستو ڪيو ويو، انور کي لاوارث ڪري دفنايو ويو هو، ذڪريٰ کي به گولي هنئي وئي ۽ امان جي اکين کي هميشه لاءِ بند ڪيو ويو هو ۽ اهو مشترڪه ڏوهه اهو هو ته اهي سڀ سنڌي هيا، کين سنڌ ڌرتي سان محبت هئي ۽ سنڌ جي لڄ جي حفاظت ۽ سنڌ جي حقن جي حاصلات جو وچن ڪيو هيائون.
شهيد مٺو بليديءَ کي ڄامشوري اسٽيشن جي ڀر ۾، قبرستان ۾ دفنايو ويو. شهيد مٺو بليدي پنهنجي نيم نابين ماءُ جو واحد سهارو هو. سندس پوڙهي ماءُ جون اکيون اڃا در ۾ ٽنگيل آهن ته، “ ڄاڻ مٺو ايندو ۽ پنهنجي پگهر مان ڪمايل پئسن مان داڻا آڻيندو ته گهر ۾ لولو پچندو.” داڻن آڻڻ لاءِ ويل مٺو ته ڪونه موٽيو، پر جڏهن مٺوءَ جو بي ستو جسم سندس پوڙهي ماءُ اڳيان رکيو ويو هوندو ته ان وقت ان ماءُ جي ڪيئن دل ڌڙڪندي هوندي، ان جو اندازو صحيح طور تي ڪا ماءُ ئي ڪري سگهي پر ايترو ضرور آهي ته شهيد مٺوءَ جو روح سنڌ جي شهر شهر ۾، ڳوٺ، ڳوٺ ۾ گهر، گهر ۾ ۽ گهٽي، گهٽيءَ ۾ وڃي رڙيون ڪندو هوندو، ته اي سنڌيو! ٻڌايو مونکي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني وئي، ڪهڙي سبب مون کان زندگي ڦري وئي ٻڌايو! ڪهڙي گهر مان ڌاڙو هنيو هو؟، مون ڪهڙي ماءُ جو لال ڪٺو هو؟؟ مون ڪهڙي وني جي ور کي هميشه لاءِ بي جان ڪيو هو؟ مون ڪهڙي ڀيڻ کان اميدن جو سهارو کسيو هو؟؟ جي نه ته پوءِ ٻڌايو منهنجي ماءُ کان مونکي ڇو ڌار ڪيو ويو؟، منهنجي گهر مان سر جو ڌاڙو ڇو هنيو ويو، منهنجي ونيءَ کان ور ڇو جدا ڪيو ويو، منهنجي ڀيڻ کان اميدن جو سهارو ڇو کسيو ويو؟؟؟ ٻڌايو، ٻڌايو!؟؟ مونکي هيتري سزا ان ڏوهه ۾ ڏني وئي آهي ته مان سنڌي آهيان؟؟؟ ۽ پوءِ ان وقت باشعور ذهن جا مالڪ، سچي دل جا وارث ۽ غيرت مند سنڌي مٿي تي هٿ رکي اٿي بيهندا هوندا ۽ چوندا هوندا، “ها مٺو، توکي ان ڪري بي جان بنايو ويو جو تون سنڌي آهين ۽ اهو ڏوهه اسانجو به آهي. پر اڄ اسين توسان، تنهنجي ڪريل رت جي ڦڙي ڦڙي جو قسم کڻي وچن ٿا ڪريون ته جيسين تنهنجي بزدل قاتلن ۽ انهن زرخريد ديش دروهين کي دز ۾ نه ملائينداسين، تيسين سک جو ساهه نه کڻندا سين”