ويهين تراويح
ڏيئي نہ پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
اڄ جو بيان چوويهين سيپاري جي تلاوت تي ٻڌل آهي. ارشادِ رباني آهي تہ: ”ظالم اُهي ماڻهو آهن، جيڪي حق ڳالهه کي ڪوڙو سمجهن ٿا ۽ اهڙن ماڻهن جو ٺڪاڻو جهنم آهي ۽ حق جي تصديق ڪرڻ وارن جو انعام الله وٽ آهي. پنهنجي نيڪ ٻانهن لاءِ الله جي مدد ڪافي آهي.
الله تعاليٰ قرآن سڀني انسانن جي هدايت لاءِ نازل ڪيو آهي. جيڪو سڌي واٽ وٺندو، جيڪو پنهنجي فائدي لاءِ ڪندو، جيڪو ڀٽڪي ويندو. انهيءَ جي ڀٽڪڻ جو وبال هن پاڻ ئي هوندو. پيغمبر جي ان جي مٿي ڪابه ذميواري ناهي.
ڇا ماڻهو نٿا ڄاڻن تہ رزق ۾ ڪشادگي سڀ الله جي طرفان آهي. منڪرين! هاڻ توبهه ڪريو ۽ الله تعاليٰ جا فرمانبردار ٻانها بڻجي وڃو. الله تہ غفور رحيم آهي. ان جي رحمت کان مايوس نہ ٿيو.“
هن کان پوءِ سورة مؤمن شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي تہ: ”قرآن جي آيتن تي ڪافر جهيڙو ڪن ٿا، مسلمانن کي انهن جي وقتي شان وشوڪت جي فريب ۾ نہ اچڻ کپي. ڪافر آخرڪار اسان جي گرفت ۾ ايندا ۽ جهنم جو ٻارڻ ٿيندا. اي مسلمانؤ! توهان الله کي پڪاريو ۽ شرڪ کان بچندا رهو، کڻي توهان جا اهي عمل ڪافرن کي ڪيترا ئي بُرا ڇو نہ لڳن. الله تعاليٰ پنهنجا پيغمبر ان ڪري موڪلي ٿو تہ ماڻهو خبردار ٿين ۽ ڏاڍي (قيامت جي) ڏينهن کان ڊڄن ۽ جنهن ڏينهن تي ڪيل ڪمن کي کولي بيان ڪيو ويندو. اهو انصاف جو ڏينهن هوندو ۽ هر شخص کي پنهنجي ڪيئي (عمل) جو بدلو ملندو. ڪنهن سان ڪوبه ظلم ڪونہ ٿيندو. اتي نافرمانن جو نہ ڪو دوست هوندو، نہ ڪو شفاعت ڪرڻ وارو. الله جو فيصلو بي لاگ هوندو.“
ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”اسان پنهنجن پيغمبرن کي بہ ۽ ان تي ايمان آڻڻ وارن کي هن دنيا ۾ بدلو ڏيون ٿا ۽ قيامت جي ڏينهن پڻ انهن جي مدد ڪنداسين. ان ڪري بهتر اهو ئي آهي. اي ماڻهؤ! الله جي پناهه گهرو. ياد رکو! انڌو ۽ ڏسڻ وارا برابر نٿا ٿي سگهن. اهڙي طرح ايماندار ۽ بدڪار بہ برابر نٿا ٿي سگهن. پر ماڻهو گهٽ ئي سمجهن ٿا. الله جون نشانيون هن ڪائنات ۾ هر طرف پکڙيل آهن. اي ماڻهؤ! آخر توهان ڪهڙين ڪهڙين نشانين کي ڪوڙو سمجهندا؟ ياد رکو! الله جو قانون آهي، ڪافر سدائين خساري ۾ رهندا.“
هن کان پوءِ سورة حم السجده شروع ٿئي ٿي. ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”سمجهه وارن لاءِ قرآن مجيد سٺن اعمالن جي خوشخبري ۽ بري اعمال کان ڊيڄارڻ وارو ڪتاب آهي.
اي نبي ﷺ! ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ توهان جهڙو ئي بشر آهيان، پر فرق هي آهي تہ مون تي الله جي طرفان وحي نازل فرمائي وڃي ٿي، جنهن جي ذريعي آءٌ توهان کي هدايت ڪريان ٿو تہ الله هڪ آهي، هن جو ڪو شريڪ نہ بڻايو ۽ انهيءَ تي ايمان آڻيو. پنهنجن برن عمل جي توبهه ڪريو ۽ آخرت تي پورو يقين رکو، جتي حساب واري ڏينهن توهان جي جسم جا سڀ عضوا توهان جي سٺن ۽ خراب عملن جي گواهي ڏيندا.
اي مسلمانؤ! جيڪڏهن شيطان توهان کي برائي ڏانهن اُڪسائي تہ توهين الله جي پناهه گهري وٺندا ڪريو. اهو سڀ ڪجهه ٻڌندو ۽ ڄاڻندو آهي. عبادت جي لائق صرف هن جي ذات پاڪ آهي.
شال الله پاڪ پنهنجي موڪليل هدايت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
***