پنجين تراويح
ڏيهن جو ڏاتار، سو سٻاجهو سڀني پرين
اڄ جو بيان ڇهين سيپاري جي شروع کان ستين سيپاري جي چوٿين حصي جي تلاوت تي مشتمل آهي. سوره مائده ۾ ارشاد ٿيل آهي: ”شريعت جي پابندين جو پورو پورو احترام ڪريو، حج لاءِ احرام ٻڌڻ کان پوءِ حلال جانور جو شڪار ڪرڻ پڻ حرام آهي. مردار جانور، رت، سور جو گوشت، غير الله جي نالي سان ذبح ڪيل جانور، گُهٽو ڏيئي ماريل جانور، ٻئي جانور جو شڪار ڪيل جانور ۽ مرده جانور حرام آهن، پر ان کان جيڪو مرڻ کان پهرئين الله جي نالي تي ذبح ڪيو وڃي. الله تعاليٰ جو ارشاد آهي تہ: ”فال ۽ ڍارن کان پنهنجي قسمت جو حال معلوم ڪرڻ جي منع ڪيل آهي، ڇوته اهو ڪم فاسقن جو آهي. فائدو ۽ نقصان سڀ الله جي طرف کان آهي. توهان پنهنجي دين تي ايمان رکو، جنهن کي هاڻي الله تعاليٰ مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي نعمت توهان تي پوري ڪري ڇڏي اٿس، پر شرعي پابندين جو احترام ۽ حلال وحرام جو خيال رکو.“
ارشاد ٿيو: ”توهين پرهيزگار ۽ شڪر گذار ٿيو.“ هن سورة ۾ مذهبي، تمدني، معاشرتي ۽ سياسي زندگي جي متعلق حڪم نازل ٿيا آهن. سفرِ حج جا آداب، دين جي اصولن جو احترام، حرام ۽ حلال جون حدون، اهلِ ڪتاب سان نڪاح ۽ لاڳاپا، وضو، غسل ۽ تيمم جا فائدا، فساد ۽ چوري جون سزائون، شراب ۽ جوا جي ممانعت، قسم ٽوڙڻ جو ڪفارو ۽ گواهي جي قانون متعلق حڪمَ نازل ٿيا آهن. چوري ڪرڻ وارو مرد هجي يا عورت، اُن جي سزا هٿ ڪٽڻ آهي. الله تعاليٰ جو ارشاد ٿيو آهي تہ: ”يهودين ۽ نصارن کي پنهنجو دوست نہ ٺاهيو، ڇوته اُهي پاڻ ۾ هڪ سازش جي تحت دوستي ڪري ويٺا آهن.“
عيسائين جو عقيدو واضح ڪفر آهي. الله تعاليٰ نبي ﷺ کي مخاطب ڪري فرمايو: ”ڪافرن جي ڪفر کان غمزده نہ ٿيو. ڪافرن جي دل ۾ قيامت تائين عداوت ۽ بغض وجهي ڇڏيو آهي. ظالم بي يار ومددگار آهي ۽ مشرڪ تي بهشت حرام آهي. ها جيڪڏهن پهرئين قومن مان ٻين مذهبن وارا ماڻهو جيڪي نيڪ عمل ڪندا هوندا ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکڻ وارا ڇوٽڪارو حاصل ڪندا.“
الله تعاليٰ جو ارشاد آهي: ”ايمان وارؤ! جيڪي پاڪ شيون الله تعاليٰ توهان لاءِ حلال ڪيون آهن، انهن کي پاڻ تي حرام نہ ڪريو. جيڪڏهن اوهين ڪنهن حلال شيءِ کي پنهنجي مرضي مطابق پاڻ لاءِ حرام ڪيو تہ الله جي قانون جي بدران، پنهنجي نفس جي پيروي ڪندؤ.“ جيئن: عيسائي راهبن وانگر دنيا کي ترڪ ڪرڻ، حلال لذت کي پنهنجي مٿي حرام ڪرڻ غلط ۽ ناجائز طريقو آهي.
اي مسلمانؤ! توهان ڄاڻي ٻجهي قسمَ کڻو ٿا ۽ پوءِ انهن قسمن تي قائم رهڻ جي بدران انهن کي ٽوڙي ڇڏيو ٿا. انهن تي توهان کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. انهيءَ قَسم جو ڪفارو اهو آهي تہ ڏهن مسڪينن کي ماني کارايو يا انهن کي ڪپڙا پارايو يا هڪ غلام کي آزاد ڪريو، نہ تہ ٽن ڏينهن جا روزا رکو.
اي مسلمانؤ! شراب، جوا، ڍارا، آستانه، فال جهڙا سڀ ڪم شيطاني ڪم آهن. قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ پنهنجن پيغمبرن کان سندن اُمت جي باري ۾ سوال ڪندو تہ اُهي عرض ڪندا: اسان کي گهڻو علم ڪونهي، جنهن جو تو اسان کي حڪم ڏنو هو، باقي سڀ لڪل حقيقتن جو ڄاڻندڙ صرف تون آهين.
اي مؤمنؤ! توهان تي احرام جي حالت ۾ شڪار ڪرڻ حرام قرار ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن ڄاڻي ٻُجهي ائين ڪندو تہ اُن جو ڪفارو توهان کي ڏيڻو پوندو. بدلي ۾ قرباني ڪريو يا ٻن مسڪينن کي کاڌو کارايو يا انهيءَ جي بدران روزا رکو تہ بہ پنهنجي ڪيئي جي سزا ملندؤ.
شال الله پاڪ اسان کي ڪلام پاڪ جي ڏنل هدايتن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
***