اوڻيهين تراويح
سخي سونهارو، ترس مند تمام گهڻو
اڄ جي هيءَ تلاوت ٽيويهين سيپاري جي متعلق آهي. ارشاد رباني آهي تہ: ”اي نبي ﷺ! ماڻهن جي هيءَ حالت افسوس جوڳي آهي جو انهن وٽ پيغمبر اچي ٿو تہ هي ان تي ٺٺوليون ٿا ڪن ۽ ان کي ڪوڙو ٿا ڪوٺين. اهي ڇو ٿا وسارين تہ هن کان پهرئين ڪيتريون ئي نافرمان امتون هلاڪ ٿي ويون آهن. هڪ ڏينهن سڀني کي الله جي سامهون پيش ٿيڻو آهي. هن کان پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي ڪيترين ئي نشانين جو ذڪر ڪيو آهي. آخرت جي عذاب کان ڊيڄاريو آهي ۽ نيڪ ماڻهن کي جنت جي عيش وآرام جي خوشخبري ڏني آهي. پاڪ آهي اُها ذات جنهن جي قبضي ۾ قدرت جي هر شيءِ جو اختيار آهي ۽ سڀني کي انهيءَ ڏانهن موٽڻو آهي.“
هن کان پوءِ سورة صافات شروع ٿئي ٿي. الله تعاليٰ قسم کڻي ارشد فرمائي ٿو: ”سڄي ڪائنات جو مالڪ ۽ مختيار اُهو ئي آهي ۽ ان جو نظامِ ڪائنات شيطان جي هٿ چراند کان محفوظ آهي. قيامت جي ڏينهن منڪرين پنهنجن ساٿين سان گڏ دوزخ جي باهه جو ٻارڻ ٿيندا. ڏوهن جي اُها ئي سزا آهي. ان کان پوءِ حضرت ابراهيم ؑ جي پٽ اسماعيل ؑ جي قرباني جو بيان آهي. هي الله جي طرفان امتحان هو، جنهن ۾ پيءُ ۽ پُٽ ٻئي ڪامياب ٿيا. الله تعاليٰ هڪ ذبح ٿيندڙ ڀهرو عيوض ڏيئي حضرت اسماعيل ؑ کي بچائي ورتو ۽ سيدنا ابراهيم ؑ جي هيءَ سنت هميشه جي لاءِ قائم ڪري ڇڏي.
پوءِ يونس ؑ جو واقعو آهي. هو الله جي اجازت کان سواءِ بستي (واهڻ) وارن کان خفا ٿي دريا جي سفر تي هليو ويو هو. هڪ وڏي مڇي کيس ڳڙڪائي وئي. پوءِ مڇي جي پيٽ ۾ سندس توبهه الله جي بارگاهه ۾ اگهامي ويئي ۽ مڇي کيس آڻي خشڪيءَ تي ٿڪي ڇڏيو.
هن کان پوءِ سورة ص شروع ٿئي ٿي. ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”مڪي جا مشرڪ تڪبر ۽ ضد ۾ وڪوڙيل هئا تہ انهن حق کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڳالهيون ٺاهيندي هڪ ئي ڀيري نبي ﷺ وٽان اٿي هليا ويا.“ ارشاد ٿيو تہ ان ۾ تعجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي جو اسان انهن منجهان ئي هڪ پيغمبر انهن جي هدايت لاءِ موڪليو. ڇا منڪرين نٿا سمجهن تہ انهن کان اڳ اسان ڪيترين نافرمان قومن کي انهن جي حرڪتن جي ڪري هلاڪ ڪري چڪا آهيون. اي نبي ﷺ! جيڪي اڻوڻندڙ ڳالهيون هي منڪر ٺاهين ٿا، تن تي صبر ڪر.“
پوءِ داؤد ؑ جو واقعو بيان فرمايو ويو آهي. ان کي الله تعاليٰ بهترين فيصلو ڪرڻ جي قوت بخشي هئي. اُنهن رڍن جي باري ۾ هڪ تنازعي جو فيصلو ڪيو هو، پر هي الله جي طرفان سندن امتحان هو. اُن جو فيصلو ڪندي ئي کين احساس ٿي ويو. فورًا سجدي ۾ ڪِري توبه ڪئي جيڪا الله تعاليٰ قبول ڪئي. پوءِ ايوب ؑ جي سخت بيماري ۽ اُن تي صبر جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ٻين ڪيترن ئي پيغمبرن جا واقعا بيان ڪيا ويا آهن.
آخر ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو تہ: ”شيطان کي اسان قيامت تائين مهلت ڏيئي ڇڏي آهي. اُهو ڀٽڪائيندو ضرور، پر الله جا خاص ٻانها سندس فريب ۾ ڪونہ ايندا.“
هن کان پوءِ سورة زمر شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي تہ: ”الله تعاليٰ اهڙن ماڻهن کي هدايت نٿو ڏئي، جيڪي ڪوڙا ۽ ڪافر آهن. الله سائين ڪنهن کي پنهنجو پٽ نٿو بڻائي. اُهو واحد ۽ غالب آهي. هُو ماڻهن جي ڪفر کان بي نياز آهي. ها اُن کي شڪرگذار ٻانها پسند آهن. هر ماڻهو پنهنجو حساب ڏيندو ۽ ڪنهن ٻئي جو بار نہ کڻندو. سڀني کي الله ڏانهن موٽڻو آهي. قرآن نصيحت ۽ هدايت لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ اهڙا مضمون بيان ڪيا ويا آهن، جن ۾ ذري جيتري بہ ڏنگائي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو سڌي راهه تي اچن ۽ پنهنجي بري انجام کان بچن.“
شال الله سائين اسان کي قرآن پاڪ جي هن هدايت واري پيغام تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)