تيرهين تراويح
ڏيئي نہ پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
اڄ جو بيان سورهين سيپاري کان شروع ٿي سترهين سيپاري جي چوٿين حصي جي تلاوت تي مشتمل آهي. سورة الڪهف ۾ ٽيون واقعو ذوالقرنين بادشاهه جو آهي. هُو وڏو اقتدار وارو ۽ وسيع سلطنت جو والي هو، پر ان سان گڏ هُو نيڪ ۽ عادل پڻ هو. هن جي دار الحڪومت (گادي واري هنڌ) ۾ ياجوج ۽ ماجوج جون قومون فساد ڪندڙ ۽ بدنام هيون. هُن انهن کي روڪڻ لاءِ حد بندي طور تي هڪ ڀت لوهه ۽ ٽامي جي ملاوت سان تعمير ڪرائي، پر ماڻهن کي خبردار پڻ ڪيو تہ هيءَ ڀت الله جي رحمت سان مضبوط آهي پر هي فاني شيءِ ورنگ هيءَ بہ فاني ٿيڻ واري آهي. انهيءَ ڪري نيڪ عمل ڪريو ۽ بندگي ۾ الله سان ڪنهن ٻئي کي شريڪ نہ ڪريو.
مريم سورة سيدنا زڪريا ؑ جي ذڪر سان شروع ٿئي ٿي. الله ٻڍائپ جي عمر ۾ کيس اولاد عطا ڪيو. ان جو پٽ سيدنا يحييٰ ؑ ڏاڍو رحمدل، نرم دل ۽ زبردست فيصلي قوت جو مالڪ هو.
پوءِ مريم عليها السلام جنهن کي بغير مرد جي معجزاتي طور تي حضرت عيسيٰ ؑ جي پيدائش جو ذڪر آهي ۽ ٻين پيغمبرن جو بہ ذڪر فرمايو ويو آهي. مقصد هي تہ سڀ انبياء هڪ ئي دين کڻي آيا هئا. اُهو ئي دين، جيڪو نبي ﷺ کڻي تشريف فرما ٿيا، پر نبين جي وڃڻ کان پوءِ امتن پنهنجي اندر بگاڙ پيدا ڪيا ۽ مشرڪ بڻجي ويا. هي الله تعاليٰ جي شان ڪونهي جو ڪنهن کي پنهنجو پٽ بڻائي، هيءَ انتهائي گمراهيءَ واري ڳالهه آهي ۽ الله جي عذاب کي دعوت ڏئي ٿي.
”اي نبي ﷺ! توهان انهن سرڪش قومن جو نالو نشان ڪٿي ڏسو ٿا، جن کي بداعمالين جي عيوض هلاڪ ڪيو ويو؟ انهيءَ لاءِ منڪرين کي اسان جي عذاب کان ڊيڄاريو.“
هن کان پوءِ سورة طھ شروع ٿئي ٿي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”اي نبي ﷺ! قرآن ان ڪري ناهي نازل ڪيو ويو جو اوهين پريشاني ۾ پئجي وڃو ۽ نہ ئي هي چيو ويو آهي تہ نہ مڃڻ وارن کي مڃائي ڇڏيو. قرآن تہ بس هڪ نصيحت ۽ ياد ڏيارڻ وارو هڪ ڪتاب آهي. جنهن جي دل ۾ الله جو خوف هجي ۽ جيڪو الله جي پڪڙ کان بچڻ چاهي، اُهي سڌا ٿي وڃن، قرآن زمين ۽ آسمان جي مالڪ جو ڪلام آهي.“
هن کان پوءِ سيدنا موسيٰ ؑ جو پورو واقعو پيدائش ۽ معجزاڻي پرورش، عطائي پيغمبري، معجزا، فرعون سان مباحثو، جادوگرن سان مقابلو، بني اسرائيل سان مصر مان گڏ وٺي نڪرڻ، فرعون جي لشڪر جو سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃڻ ۽ الله تعاليٰ جي احسانن جي باوجود بہ بني اسرائيل جو گمراهه ٿي وڃڻ جو ذڪر فرمايو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو نصيحت وٺن. جيڪو هن هدايت کان منهن موڙيندو، قيامت جي ڏينهن سخت ويل ۾ مبتلا هوندو. هي دڙڪو آهي منڪرن جي لاءِ، شايد کين هوش اچي وڃي.
هن کان پوءِ سورة انبياء شروع ٿئي ٿي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”منڪرَ سخت غلط فهميءَ ۾ وڪوڙيل آهن. بشر رسول نٿو ٿي سگهي ۽ اُها ئي سندن ڀُل آهي تہ هو قرآن کي پاڻ مرادو تصنيف ۽ ڪلام سمجهن ٿا.“
”اي نبي ﷺ! اسان توهان کان پهريائين بہ انسان کي ئي رسول بنائي موڪليو هو ۽ مٿن وحي نازل ڪيو آهي. جن قومن پنهنجن نبين کي ڪوڙو سمجهيو، انهن کي اسان هلاڪ ڪري ڇڏيو. هيءَ زندگي هرگز راند ڪونهي. جيڪڏهن زمين ۽ آسمان ۾ الله کان سواءِ ٻيو ڪو معبود هجي ها تہ ڪائنات جو نظام ڦٽي وڃي ها. منڪر غور نٿا ڪن، جز ۽ ڪل ڪائنات جو خالق صرف الله تعاليٰ آهي ۽ هر جاندار کي موت جو مزو چکڻو آهي. اسان ڪنهن انسان کي هميشگي ناهي بخشي.
الله عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)