مذهب

خلاصہ تراويح

رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مھينن کان وڌيڪ ٿي پئي. رب ڪريم هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون. تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.

Title Cover of book خلاصہ تراويح

سترهين تراويح

اول نالو الله جو، مٺو موچارو
سخي سونهارو، ترس مند تمام گهڻو

اڄ جو بيان ايڪيهين سيپاري جي تلاوت تي مشتمل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”اي نبي ﷺ! تلاوت قرآن مجيد جي ڪندا ڪريو ۽ نماز قائم ڪريو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي تہ نماز فحش ڳالهين ۽ خراب ڪمن کان روڪي ٿي. اهلِ ڪتاب سان مباحثو ڪرڻ مهل خوش اسلوبي اختيار ڪريو، تہ جيئن اوهان جي ڳالهه انهن ماڻهن جي دل ۾ ويهي رهي ۽ انهن کي چؤ تہ اي اهلِ ڪتاب! اسين جهڙي ريت پنهنجي ڪتاب تي ايمان رکون ٿا، اهڙي ريت توهان جي ڪتابن تي بہ ايمان رکون ٿا. اسان جو ۽ اوهان جو معبود هڪ آهي. اي نبي ﷺ! توهان تہ پڙهيل لکيل نہ آهيو، پوءِ اُهي ماڻهو ڇو شڪ ۾ پيل آهن تہ قرآن مجيد اوهان پاڻ تصنيف ڪيو آهي؟ قرآن تہ وحي جي ذريعي نازل ٿيل الله جو ڪتاب آهي.“
ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”اي منهنجا بندؤ! جن ايمان آندو آهي، منهنجي زمين تمام وسيع آهي. ڊڄڻ ۽ خوف ڪرڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهي. جتي چاهيو اُتي وڃي منهنجي بندگي ڪري سگهو ٿا. آخرڪار توهان کي موٽي اسان ڏانهن ئي اچڻو آهي.“
هن کان پوءِ سورة روم شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي تہ: ”جيڪڏهن اُن وقت ايران جي خلاف جنگ ۾ رومين کي هار ٿي ويئي آهي، پر ڪجهه سالن اندر اُهي وري غالب ٿي ويندا ۽ مسلمانن کي خوشي نصيب ٿيندي. ان کان پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي تمام گهڻين نشانين جو ذڪر ڪيو آهي، جن تي غور ڪري انسان توحيدِ الاهي جو قائل ٿي وڃي ٿو. الله تعاليٰ جو دين سڌو ۽ صحيح آهي، ان ۾ ڪا هير ڦير ناهي. پر گهڻا ماڻهو اُها ڳالهه نٿا سمجهن. اي نبي ﷺ! نہ مڃڻ وارن کي خواهه ڪيئن بہ سمجهايو، اُهو مڃڻ وارا ڪونہ آهن. انهن جي دلين ۾ جهالت جون مُهرون لڳل آهن.“
هن کان پوءِ سورة لقمان شروع ٿئي ٿي. ارشادِ رباني آهي تہ: ”اسان لقمان کي دانائي ڏني هئي، جو اُهو اسان جو ٻانهو هيو ۽ جيڪو بہ شخص شڪر ادا ڪري ٿو، اُهو پنهنجو ئي فائدو ڪري ٿو، ڇوته الله تعاليٰ ناشڪر بندن جي ناشڪريءَ کان بي نياز آهي. لقمان پاڻ بہ شرڪ کان پاڪ هيو ۽ پنهنجي اولاد کي بہ ان لعنت کان بچايائين.
انسانو! الله تعاليٰ جي غضب کان ڊڄو. بچو حساب جي ڏينهن کان جڏهن پيءُ پنهنجي پٽ جي مدد نہ ڪري سگهندو. تڪبر جي چال نہ هلو ۽ ماڻهن سان منهن ڦيري نہ ڳالهايو. نرمي سان گفتگو ڪريو، ڇو تہ آوازن ۾ خراب آواز گڏھ جو آهي.“
هن کان پوءِ سورة سجدہ شروع ٿئي ٿي. ارشادِ باري تعاليٰ آهي تہ: ”هيءَ ڪهڙي عجيب ڳالهه آهي تہ اسان هن وسيع ڪائنات کي تخليق ڪرڻ جي قدرت رکون ٿا، پر قرآن کي (بقول منڪرين) نازل نٿا ڪري سگهون. سچ تہ هي آهي تہ ماڻهو جهالت جي ڪري الله تعاليٰ جي نشانين جا منڪر ٿي وڃن ٿا. ڪيترا ظالم آهن اُهي تہ توهان انهن کان منهن موڙي ڇڏيو. اهڙن ماڻهن کان ضرور بدلو ورتو ويندو.“
هن کان پوءِ سورة احزاب شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي تہ: ”اسان ڪنهن بہ شخص جي بدن ۾ ٻه دل نہ رکيا آهن ۽ نہ ئي ڪنهن جي زال کي ماءُ جو درجو ڏنو آهي ۽ نہ ئي ويڳا پٽ حقيقي پٽن جي برابر آهن. ويڳا پُٽ پنهنجي اصلي پيءُ جي نسبت سان سڃاتا وڃڻ گهرجن.
نبي ﷺ جون زالون امت جون مائرون آهن. انهن سان نڪاح حرام آهي. جيڪو شخص جهاد کان ۽ موت جي خوف کان ڀڄي ٿو تہ اُهو ايمان کان خالي آهي. الله تعاليٰ سندس عملن کي ضايع ڪري ڇڏيندو. زندگي ڪجهه ڏينهن جي آهي ۽ موت جي ڪنهن کي ڪا خبر ناهي. اي ماڻهؤ! الله تعاليٰ جو رسول توهان لاءِ بهترين نمونو آهي. ان جي پيروي ڪريو. سچو مؤمن الله ۽ آخرت تي پورو يقين رکي ٿو.“