مذهب

خلاصہ تراويح

رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مھينن کان وڌيڪ ٿي پئي. رب ڪريم هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون. تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.

Title Cover of book خلاصہ تراويح

ڇويهين تراويح

اول نالو الله جو، ڏيندڙ ڏيهه ساري
ڏيئي نہ پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو

اڄ جو هي بيان ٽيهين سيپاري جي اڌ تائين جي تلاوت تي ٻڌل آهي. هن اڌ سيپاري ۾ يارهن سورتون آهن، جيڪي سورة نباء کان شروع ٿي سورة غاشيہ تي ختم ٿين ٿيون. ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”منڪرن ۽ ڪوڙن چوڻ وارن لاءِ دوزخ جو عذاب تيار آهي. صور ڦوڪيو ويندو تہ آسمان ۾ ٻه رستي ٺهي پوندا، جنهن مان ماڻهن جا ميڙ گذري حشر جي ميدان ۾ جمع ٿيندا. اعمال نامه پيش ٿيندا ۽ سزا وجزا جو فيصلو ٿيندو.
قيامت جي ڏينهن جي ڊگهائي کي ڏسي ماڻهو دنيا جي زندگي کي صرف هڪ پهر جي مدت جو خيال ڪندا. قيامت جي ڏينهن جون دهشتون ماڻهن جي دلين کي ڏڪائي وجهنديون. ان ڏينهن انسان پنهنجي ڪمن کي ياد ڪري پڇتائيندو، ڇوته دوزخ ڏسڻ وارن کي سامهون ڪري ڏيکاريو ويندو. اي نبي ﷺ! مالدار ۽ صاحبِ اقتدار ماڻهو بي پرواهه هجن ٿا. انهيءَ لاءِ انهن ۾ نصيحت قبول ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ هوندي آهي. اهڙن ماڻهن جي مقابلي ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهو جلدي نصيحت حاصل ڪري وٺن ٿا. ان ڪري اي نبي ﷺ! توهان ڊڄڻ وارن جي طرف وڌيڪ توجه ڏيو تہ اُهي پاڪيزگي حاصل ڪري وٺن. جنهن ڏينهن قيامت جو گوڙ ٿيندو، انهيءَ ڏينهن ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، زالون ۽ ٻار ڪوبه ڪنهن جي ڪم ڪونہ ايندو. هرڪو پنهنجي فڪر ۾ لڳل هوندو. نيڪوڪار خوش ۽ بدڪارن جا منهن ڪارا ٿي رهيا هوندا.“
ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”قرآن، فرشتہ عالي مقام جي زبان جو ڪلام آهي، هي شيطان مردود جو ڪلام ڪونهي. اي انسانو! توهان ڪيڏانهن ڀٽڪي رهيا آهيو؟ توهان کي سڌي واٽ اختيار ڪرڻ گهرجي، نہ تہ قيامت جي دهشت کان توهين نجات نٿا حاصل ڪري سگهو. توهان کي ڇا خبر تہ قيامت جي دهشت ڇا آهي؟ ٻڌو! اُن ڏينهن آسمان ڦاٽي پوندو، قبرون اکيڙيون وينديون، تارا ڇڻي پوندا ۽ سمنڊ سڀ هڪ ٿي ويندا. هر ماڻهو جا ڪرتوت سامهون ايندا. جزا وارو ڏينهن ڏاڍو سخت هوندو. ان ڏينهن ڪوبہ ماڻهو ڪنهن جو ڀلو نہ ڪري سگهندو.“ ارشاد ٿيو تہ: ماپ تور ۾ گهٽ وڌ ڪرڻ وارن لاءِ سخت عذاب آهي.
اي انسانو! ان ڏينهن کان ڊڄو. قيامت جي ڏينهن سڀ اٿاريا ويندا ۽ توهان جي اعمال جو لکيل دفتر توهان جي سامهون هوندو ۽ بد اعمالين جي نتيجي ۾ اوهين دوزخ ۾ داخل ڪيا ويندؤ ۽ انهيءَ ڏينهن مؤمن، ڪافرن تان کلندا.“ ارشاد ٿيو تہ: ”قيامت جي ڏينهن آسمان ڦاٽي پوندو ۽ زمين برپٽ ميدان وانگر ٿي ويندي ۽ مُردن کي زمين کان ٻاهر ڪڍيو ويندو. هر طرف حڪم جي پاسداري ٿي رهي هوندي. نيڪ ماڻهن جو حساب ڪتاب آسانيءَ سان ٿي ويندو، جڏهن تہ بدڪار دوزخ ۾ داخل ٿيندا. اُهي دنيا جي زندگيءَ کي سمجهندا هئا تہ رب العالمين ڏانهن واپس ناهي ورڻو.“ ارشاد ٿيو: ”جن ماڻهن مؤمن مردن ۽ عورتن تي ظلم ڪيو ۽ توبهه بہ نہ ڪئي، اُهي دوزخ جي عذاب جو مزا چکندا.
قرآن کي نہ مڃيندڙؤ! قرآن هڪ عظيم الشان ڪتاب آهي ۽ اُهو لوح محفوظ تي لکيل آهي. هي قرآن حق ۽ باطل کي جدا ڪرڻ وارو آهي. اي باطل برستؤ! توهان کي ٿورڙي مهلت آهي، تمام ٿوري.“
ارشاد ٿيو تہ: ”اي نبي ﷺ! پنهنجي رب جليل جي تسبيح بيان ڪريو ۽ يقين رکو، اسين توهان کي اهڙي ريت قرآن پڙهائينداسين جو توهان هرگز ڀلي نہ سگهندا. توهان دين جي تبليغ ۾ لڳل رهو، اسان توهان لاءِ آسانيون پيدا ڪري ڇڏينداسين. اسان جي ڪبريائي جي منڪرن کي چؤ تہ اسان جي تخليق جي طرف ڇو نٿا ڏسو؟ اسان ڪيڏو نہ عجيب جانور اُٺ پيدا ڪيو، آسمانن کي ڪيڏو بلند ٺاهيو، جبل کي ڪيئن بيهاريو ۽ زمين کي هڪ فرش وانگر وڇايوسين. اوهان نصيحت ڪندا رهو، اوهان جي ذميداري آهي. حساب وٺڻ اسان جو ڪم آهي.
شال الله پاڪ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)