مذهب

خلاصہ تراويح

رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مھينن کان وڌيڪ ٿي پئي. رب ڪريم هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون. تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.

Title Cover of book خلاصہ تراويح

سورهين تراويح

اول نالو الله جو، جو برڪت بي شمار
سو ڏيهن جو ڏاتار، سو سٻاجهو سپرين

اڄ جي تراويح جو بيان اوڻيهين سيپاري جي ٽن حصن کان وٺي ويهين سيپاري جي آخر تائين جي تلاوت تي ٻڌل آهي. سورة نمل ۾ الله تعاليٰ تفصيل سان سيدنا سليمان ؑ جو بيان ڪيو آهي. الله تعاليٰ کيس جانورن جي ٻولين جي سمجهه عطا ڪئي ۽ جنات، انسانن ۽ پکين تي پورو قابو عطا ڪيو هو. انهيءَ واقعي ۾ سمجهڻ وارن لاءِ الله جي قدرت جون وڏيون نشانيون آهن.
ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”اي نبي ﷺ! ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ الله کان سواءِ زمين ۽ آسمان ۾ ڪنهن کي بہ غيب جو علم ناهي ۽ هيءَ ڳالهه صرف الله جي علم ۾ آهي تہ ماڻهن کي ڪڏهن اٿاريو ويندو. ڪافرن جي دل مان آخرت جو يقين ختم ٿي ويو آهي ۽ هي حقيقت جي باري ۾ شڪ ۾ وڪوڙيل آهي. بنا ڪنهن شڪ جي الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو تہ اهڙن ماڻهن جي سينن ۾ ڇا لڪل آهي.“
هن کان پوءِ سورة قصص شروع ٿئي ٿي، جنهن ۾ سيدنا موسيٰ ؑ جي بعثت ۽ فرعون جي هلاڪت جو پورو واقعو ۽ پوءِ قارون جي بي پايان دولت، انهيءَ جو غرور ۽ تڪبر ۽ پوءِ انهيءَ جو پنهنجي دولت سميت زمين ۾ غرق ٿي وڃڻ جو ذڪر ڪيو الله تعاليٰ نبي ﷺ جن کي ارشاد فرمائين ٿا تہ: ”اسان هي معاملو اوهان کي ان ڪري ڏيئي رهيا آهيون تہ اوهان نافرمانن کي خبردار ڪريو تہ هو هوش ۾ اچي وڃن ۽ ايمان آڻين، نہ تہ بد اعمالين جي ڪري ضرور ڪنهن وبال ۾ گرفتار ٿي ويندا.
”اي نبي ﷺ! اوهان منڪرن کان پڇو تہ انهن ڪڏهن هن حقيقت تي غور ڪيو آهي تہ الله انهن تي هميشه لاءِ ڪاري رات جي اونداهي طاري ڪري ڇڏي تہ ڪير آهي الله کان سواءِ، جيڪو کين انهيءَ اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ڏانهن وٺي وڃي؟ هيءَ الله تعاليٰ جي رحمت آهي جو ان ڏينهن ۽ رات ٺاهيا، انهيءَ لاءِ تہ ڏينهن ۾ رزق جي ڳولا ڪن ۽ رات جو سڪون حاصل ڪن ۽ پنهنجي رب جا شڪر گذار بڻجن. اي نبي ﷺ! ماڻهن جي هدايت جو ڪم جاري رکو ۽ مخالفن جي مزاحمت جو فڪر نہ ڪريو. دنيا جي هر شيءِ فاني آهي، صرف الله جي ذات کان سواءِ. هن جي فرمان روائي هر جڳهه آهي. سڀني کي انهيءَ ڏانهن موٽڻو آهي.“
هن کان پوءِ سورة عنڪبوت شروع ٿئي ٿي. ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”ڇا اُهي ماڻهو انهيءَ خوش فهميءَ ۾ پيل آهن، انهن کي صرف هي چئي ڇڏيو ويندو تہ اُهي ايمان آڻي چڪا آهن. اسان سندن آزمائش نہ ڪنداسين؟ ماڻهو توهان تي جيڪو سخت وقت اچي ٿو، دراصل اُهو توهان جي صبر وتحمل جو امتحان آهي. اهڙي ريت اهلِ ايمان ڄاڻي وٺن ۽ ڪوڙن کي بہ سڃاڻي وٺن. هي سچ آهي تہ اسان توکي ماءُ ۽ پيءُ سان سٺو سلوڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، پر هُو توهان کي شرڪ ڪرڻ تي مجبور ڪن ۽ توهان جي ايمان ۾ خلل وجهن تہ انهن جو چوڻ نہ وٺو. ڪافر، مؤمنن کي چون ٿا تہ اسان جي طريقن جي پيروي ڪريو، اسين توهان کي گناهن کان بچائينداسين. اُهي ڪوڙا آهن، ڪوبه ڪنهن جو وزن ڪونہ کڻندو.“
هن کان پوءِ سيدنا نوح ؑ جو واقعو بيان ڪيو ويو آهي. اهو نوَ سؤ سالن تائين پنهنجي قوم جي وچ ۾ پيغمبري جا فرض نڀائيندو رهيو، پر قوم نافرمان هئي. آخرڪار طوفان جي عذاب ۾ مبتلا ٿي هلاڪ ٿيا.
هن کان پوءِ سيدنا ابراهيمؑ، سيدنا لوط ؑ ۽ سيدنا شعيب ؑ جي قومن جي هلاڪت جو ذڪر آهي. انهن جي گمراهين، بداعمالين ۽ فحش حرڪتن جي ڪري الله تعاليٰ جو عذاب نازل ٿيو ۽ اُهو انهن جي هلاڪت جو سبب بڻيو. انهن واقعن ۾ عقل رکڻ وارن لاءِ هدايت آهي. سڀني کي اُنهيءَ جي طرف موٽڻو آهي. انصاف جي لاءِ ميزان قائم ڪئي ويندي ۽ ڪنهن بہ شخص جي ٿوري بہ حق تلفي نہ ٿيندي.
الله، ڪلام جي هن پيغام کي سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)