پهرين تراويح
سو ڏيهن جو ڏاتار، سو سٻاجهو سپرين
اڄ جو بيان پهرئين سوا سيپاري جي تلاوت تي ٻڌل آهي. يعني سوره فاتحھ ۽ سوره بقره جون 176 آيتون.
حقيقت ۾ سورة فاتحه هڪ دعا آهي، جيڪا الله تعاليٰ هر انهيءَ انسان کي سيکاري ٿو، جيڪو هن ڪتاب جو مطالعو شروع ڪري ٿو. باقي سڄو قرآن انهيءَ دعا جي جواب ۾ الله تعاليٰ جي طرفان، جڏهن بندو دعا ڪري ٿو تہ ”منهنجا رب! منهنجي رهنمائي فرماءِ. مان تنهنجو ئي ٻانهو آهيان ۽ تو کان ئي مدد گهران ٿو.“ منهنجو رب کيس ان دعا جي جواب ۾ هي پورو ڪتاب عطا ڪري ٿو. هيءَ آهي اُها هدايت، جنهن جي تو مون کان گهر ڪئي هئي.
سورت بقره: الله تعاليٰ جو ارشاد آهي: ”قرآن مجيد الله کان ڊڄڻ وارن جي رهنمائي ڪري ٿو.“ هيءَ هدايت انهن ماڻهن جي ڪم نٿي اچي، جن ۾ هدايت حاصل ڪرڻ جي صلاحيت نہ آهي. اُهي گونگن ۽ ٻوڙن وانگر محروم رهندا آهن. هن سورة ۾ غيب تي ايمان آڻڻ ۽ نماز قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ ايمان جو شرط ٻڌايو ويو آهي تہ قرآن سان گڏ ٻين الهامي ڪتابن تي ايمان آندو وڃي، آخرت تي يقين رکيو وڃي ۽ الله جي ڏنل رزق مان الله جي راهه ۾ خرچ ڪيو وڃي. منافقت کان روڪيو ويو آهي، جهنم جي عذاب کان ڊيڄاريو ويو آهي ۽ جنت جي خوشخبري ڏني وئي آهي.
ان کان پوءِ حضرت آدم ؑ جي پيدائش ۽ ان کي پنهنجو خليفو بنائڻ ۽ ان سلسلي ۾ فرشتن ۽ آدم ؑ جي امتحان جو ذڪر ڪيو ويو آهي. الله تعاليٰ جي حڪم سان فرشتن سيدنا آدم ؑ کي سجدو ڪيو، جڏهن تہ ابليس انڪار ڪيو ۽ هو تڙجي ويو. ابليس جي ڀلائڻ سان آدم وحواعليھ السلام الله تعاليٰ جي حڪم جي نافرماني ڪئي ۽ اُهي جنت مان زمين ڏانهن لاٿا ويا. ٻنهي جي توبه قبول ڪئي وئي.
ان کان پوءِ موسيٰ ؑ جو ذڪر آهي. هو ڪوهِ طور تي ويو تہ سندن غير موجودگي ۾ سندس قوم گابي کي پنهنجو معبود بڻائي ڇڏيو. پوءِ بہ الله تعاليٰ کين معاف فرمايو ۽ انهن جي لاءِ مَن سَلويٰ جي غذا عطا ڪئي ۽ انهن جي ٻارهن قبيلن جي لاءِ پاڻيءَ جا ٻارهن چشما معجزاڻي طور تي عطا ڪيا. پر سيدنا موسيٰ ؑ جي قوم يهود ناشڪري ۽ گهٽ ذهنيت وارا منافق ثابت ٿيا. نتيجًا عذاب ۾ وڪوڙيل رهيا.
هاڻي سيدنا ابراهيم ؑ جي عظمت جو ذڪر آهي. هُو پنهنجي رب جي هر آزمائش ۾ ڪامياب ٿيو. پوءِ الله تعاليٰ اُن کي ۽ اُن جي پٽ سيدنا اسماعيل ؑ جي هٿان خانه ڪعبه تعمير ڪرايو. هن مبارڪ موقعي تي سيدنا ابراهيم ؑ، الله تعاليٰ کان هيءَ دعا گهري: ”سندن جي قوم ۾ هڪ اهڙو نبي پيدا فرماءِ، جيڪو الله جي آيتن جي تلاوت ڪري، ساري دنيا کي هدايت ڪري.“ هيءَ (بشارت) هئي اسان جي پياري رسول ﷺ جي ظهورِ قدسي جي طرف. ان کان پوءِ قبلي جي مٽائڻ جو ذڪر آهي. بيت المقدس جي بجاءِ خانه ڪعبه جي طرف منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم مليو ۽ پوءِ نماز، زڪواة، حج ۽ قرباني جا احڪام نازل ٿيا. مردار رت ۽ سور جو گوشت حرام قرار ڏنو ويو ۽ غير الله جي نالي تي ڪيل سڀ شيون حرام ٿيون.
شال الله پاڪ اسان کي قرآن مجيد جي ڏسيل هر آيت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)