محمد خان جي زندگيءَ ۾ هڪ ڏينهن
جيستائين اڏوت مڪمل ٿئي عارضي طور هڪ ٽيڪنيڪل اداري کي ميڊيڪل ڪاليج جو درجو ڏئي شروعات ڪئي وئي هئي. هر طرف تيزيءَ سان عمارتون بلند ٿي رهيون هيون. هر هنڌ سِرن، سيمنٽ، لوهه ۽ واري بجري جا ڍير هيا. اڃان عمارتون اڌ ۾ ئي هيون ته محمد خان جي ريٽائرمينٽ ٿي وئي. جڏهن هو پهريون دفعو پوڙهائپ جو احساس کڻي ڳوٺ پهتو ته سندس زال گذاري وئي.
هن کي سرڪاري ڊيوٽيءَ کانپوءِ ڪنهن سان محبت هئي ته اها سندس زال هئي. سوٽ هجڻ ڪري ننڍپڻ جا ڏينهن ان سان گذريا هيا. سوٽ يا ماسات سان شادي ائين هوندي آهي جيئن شادي نه هجي پر ننڍي واري راند هجي. زال جي گذاري وڃڻ سان هن کي ٻه ڏک ٿيا. هڪ سوٽ جو ڏک ۽ ٻيو زال جو ڏک. زال جي موت تي ائين رُنو ڄڻ سندس سوٽ ننڍي هوندي ڪو رانديڪو کسي وئي هجي.
ماڻهو تڏي تي آيا پئي ۽ ويا پئي. تعزيتون، دلداريون، آٿتون گهڻو وقت نه هليون. ٽيجهو ٿيو ته تڏي کي ويڙهي ائين ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو جيئن ان ۾ سندس زال ويڙهجي وئي هجي.
محمد خان ڪجهه ڏينهن گهر ۾ اڪيلو ۽ بي چين گذاريا. هو هڪ ڏينهن گهر کان نڪتو ۽ شهر طرف نئين ميڊيڪل ڪاليج جي ٺهندڙ عمارتن ڏانهن رخ ڪيو. رستي تي هلندڙ ماڻهن ڏانهن ائين ڏسڻ لڳو ڄڻ ماڻهن جون نظرون ڪمزور ٿي ويون هجن. پوڙهائپ ۾ هر شيءِ ان ڪري ڌنڌلڪي نظر ايندي آهي جو دنيا کي ماڻهوءَ جون اکيون آهن. ماڻهو دنيا کي ته عينڪ پارائي نه سگهندو آهي انڪري پاڻ پائيندو آهي.
هو ماڻهن کي نهاريندو اڳتي وڌندو رهيو، کيس محسوس ٿي رهيو هيو هر شخص هن جي زال جي موت تي غمگين آهي پر ويجهو اچي اظهار ان ڪري نه ٿو ڪرڻ چاهي ته متان دل جي زخم اٿلي پون.
هن کي رستي تي هڪ شخص مليو. جنهن کيس سلام ڪيو ۽ وڌي ويجهو آيو. ان شخص جو چهرو محمد خان لاءِ ائين هيو جيئن منهن جون لڪيرون پاڻ ۾ ملنديون ذهن تان لهي ويل ڪنهن نقش کي واضح ڪنديون وينديون هجن. محمد خان سڃاتو، اهو هن جو پراڻو واقفڪار هيو هن سمجهيو ضرور اهو هن جي مري ويل زال جو ذڪر ڪري ٻه ٻول همدرديءَ جا چوندو پر ان کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته ڪو محمد خان جي زال گذاري وئي آهي. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هن کيس ٻڌايو ته ”ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي زال گذاري وئي. دل ماندي آهي.“
ڳالهه ٻڌي ان شخص جي منهن تي ڏک جا آثار ۽ چپن ۾ دٻيل مرڪ ظاهر ٿي. محمد خان چاهيو ته هو ڳالهائي من جو بار هلڪو ڪري پر اهو شخص موڪلائي روانو ٿي ويو.
هو هلندو بس اسٽاپ تي پهتو. هن کي اتي اڪثر ماڻهو سڃاڻيندا هيا ڇو جو هر هفتي شهر کان ڳوٺ ايندو ويندو هيو. هڪ ڪنڊيڪٽر هن ويجهو آيو ۽ چيائين
”گهڻن ڏينهن کانپوءِ نظر پيا اچو، خير ته هيو نه؟“
محمد خان ايتري ڳالهه ٻڌڻ سان غم ۾ وٺجي ويو. هن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته درد کان سندس آواز ڏڪي رهيو هيو.
”ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين؟“ هن جواب ڏنو. ”ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي زال گذاري وئي. دل ماندي آهي...“
محمد خان ڳالهائي رهيو هيو ته ڪنڊيڪٽر مٿو کنهڻ شروع ڪيو. هن کي ڊرائيور سڏيو ۽ ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو. هو اتي بيٺل ماڻهن جي منهن ۾ بي وسي ۽ لاچاري سان نهارڻ لڳو. جڏهن بس رواني ٿي ته سندس ڀر ۾ ويٺل شخص پنهنجي منهن ڀڻڪيو.
”مهانگائي ايڏي وڌي وئي آهي جو حڪومت کي احساس ئي نه ٿو ٿئي“
محمد خان ان جي منهن ۾ ڏٺو. اهو سنهي منهن ۽ وڌيل ڏاڙهيءَ وارو شخص هيو جنهن کي وات جي ڪنڊ ۾ ٻيڙي ائين ڦاٿل هئي جيئن زخمي ٿيل پکيءَ جي چهنب هجي.
”ها ادا سچ ٿو چوين.“ محمد خان چيو. ”مهانگائيءَ ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري وڌي آهي. منهنجي چيلهه به صفا چٻي ٿي وئي آهي. بس توکي ڪهڙيون ڳالهيون ٻڌايان. ڪجهه وقت اڳ منهنجي زال گذاري وئي. منهنجو سهارو هئي. زندگي ويران ٿي چڪي آهي.“
اڃان محمد خان ڳالهائي ئي رهيو هيو ته ان شخص جي منزل اچي وئي ۽ اهو اٿي هليو ويو. هو بس ۾ سڄي واٽ ڄڻ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندو شهر پهتو ته ڏينهن جا ٻارنهن ٿي رهيا هيا. هلندو ان نئين ميڊيڪل ڪاليج جي ٺهندڙ عمارتن وٽ پهتو ته سهڪي پيو. ان کان اڳ ڪيترا دفعا ائين هلندو اتي پهتو هيو ته پاڻ کي سدائين چست ۽ ڦڙتيلو محسوس ڪيو هيو. هن کي پهريون دفعو جسم ڳورو ۽ پير ٿڪيل محسوس ٿيا. هلندو ان هاسٽل وٽ پهتو جيڪا وڏن هالن تي مشتمل هئي، جيستائين هاسٽلن جي تعمير تي شاگردن کي عارضي طور اتي رهايو ويو هيو. هن کي پريان شاگردن جو هڪ ٽولو نظر آيو جيڪي پاڻ ۾ ڀوڳ چرچا ڪندا ٽهڪ ڏيندا پئي آيا. اهي جڏهن محمد خان جي ويجهو آيا ته هڪ شاگرد ان کي سڃاتو ۽ وڏو ٽهڪ ڏئي پڇيو ”سروير صاحب خوش ته آهيو نه؟ ڏاڍا اداس ۽ غمگين پيا نظر اچو؟“
محمد خان ڳالهائڻ شروع ڪيو ته سڀ شاگرد سندس چوڌاري ڪٺا ٿي ويا.
”بس بابا ڪهڙيون ٿا ڳالهيون پڇو؟ ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي زال گذاري وئي. منهنجو وڏو سهارو هئي. گهڻو خيال ڪندي هئي. ان کانسواءِ ڏاڍو اٻاڻڪو ۽ لاچار ٿي پيو آهيان.“
محمد خان ڳالهائي رهيو هيو ته سڀ شاگرد ٽهڪن ۾ مچي ويا. هڪ شاگرد کيس ٽوڪيندي چيو ”ڇٽي جان پوڙهيءَ جي.“
پوءِ سڀ شاگرد ٽهڪ ڏيندا هليا ويا ۽ محمد خان محسوس ڪيو سندس وجود جي ڪا ڀت سٺو مٽيريل نه هجڻ ڪري ڏري پئي آهي. هن آلين اکين سان هر طرف ڏٺو. ٺهندڙ عمارتون هن جيان نامڪمل هيون. جايون اڏجي رهيون هيون ۽ هو ڊهي رهيو هيو.
هو هلندو آفيس جي ان ڪلارڪ وٽ آيو جنهن کان بل پاس ڪرائيندو هيو. جڏهن آفيس ۾ گهريو ته ساڳيو ڳوڙ ۽ گهمسان جاري هيو. هر طرف شاگردن ۽ اسٽاف جي ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. سڀ مصروف هيا. جڏهن ان ڪلارڪ وٽ پهتو ته اهو ڪو ليٽر ٽائيپ ڪري رهيو هيو. ڪلارڪ ڪنڌ کڻي کيس ڏٺو ۽ هٿ ملائي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهڻ جي صلاح ڪئي. محمد خان گهٻرايل دل سان ويٺو. هن کي پهريون دفعو اوپرائپ محسوس ٿي.ڪلارڪ ليٽر ٽائيپ ڪندي هن سان ڳالهايو.
”ڏي خبر رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪيئن ٿي گذري؟“
محمد خان نه چاهيندي به مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڄڻ دل کي ٻنهي هٿن سان جهلي ڳالهايو. ”بس ادا الله جو شڪر آهي. وقت سٺو پيو گذري پر ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي زال گذاري وئي. هلڻو ته سڀني کي آهي پر موت ماڻهوءَ کي ماري وجهي ٿو.“
هو اڃان ڳالهائي ئي رهيو هيو ته پٽيوالو آيو ۽ ڪلارڪ کي نياپو ڏنائين.
”سائين صاحب اوهان کي سڏي ٿو.“
ڪلارڪ ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ محمد خان جي ڪلهي تي هٿ رکي چيائين.
”مان اچان ٿو. وڃجو نه.“
هو هليو ويو ۽ محمد خان ڪيتري دير آفيس ۾ ايندڙ ويندڙن جي منهن ۾ ڏسي ڪلارڪ جو انتظار ڪندو رهيو. گهڻي دير ٿي وئي ڪلارڪ نه آيو. هو نااميد اٿيو ۽ آفيس کان ٻاهر نڪري ويو.
هو هلندو ان جاءِ تي آيو جتي عمارتون اڏجي رهيون هيون. هن ڪنڌ کڻي هر عمارت کي ڏٺو کيس محسوس ٿيو هو هاڻي عمارتن جو حصو نه آهي. ريٽائرمينٽ کان پوءِ هن جي وجود جي عمارت به ائين هئي جنهن کي اڃان ڇت نه هجي. هن جي اوگهڙ ظاهر ٿيندي هجي. کيس سلوار جو اڳٺ ڍلو محسوس ٿيو. سوچيائين جيڪر ڏک به پيشاب جيان مثاني ۾ ڪٺو ٿئي ها ۽ وهائي ڪجهه راحت محسوس ڪري سگهجي ها. هو ٿورو اڳتي وڌيو ته هڪ مزدور سلام ڪيو.
”سائين سڃاڻيو ٿيا؟“ ان سوال ڪيو.
هن مزدور جي منهن ۾ ڏٺو. ڪوشش باوجود به سڃائي نه سگهيو پر پوءِ به چيو ”ها ها ڇو نه... توسان ضرور واسطو پيو هوندو.“
مزدور عزت ۽ احترام سان ڳالهايو.
”سائين توهان سروير هوندا هيا ته مزدورن جو خيال ڪندا هيا. اڄ مون کي اچڻ ۾ دير ٿي وئي. اهو چئي واپس ڪيائون ته سڀاڻي اچجانءِ. هاڻي توهان ٻڌايو هڪ مزدور جيڪو روز ڪمائي، روز کائي، اهو گذر سفر ڪيئن ڪندو. سچ پڇو ته مون وٽ مانجهاندي جا پئسا به نه آهن. صبح نيرن به نه ڪئي اٿم.“
مزدور اندر جا سڀ حال احوال کولي هن آڏو بيان ڪيا. محمد خان ان مزدور کي غور سان ٻڌو ۽ ويڻيءَ ۾ پاتل واچ ۾ وقت ڏٺو. منجهند جو ڏيڍ ٿي رهيو هيو. هو مزدور کي ساڻ ڪري منهيءَ ۾ ٺهيل ڪينيٽن تي وٺي آيو ۽ بيري کي مانيءَ جو آرڊر ڏنو. مزدور هن جي منهن کي ائين ڏٺو جيئن اکين ئي اکين ۾ شڪر گذار ٿيڻ چاهيندو هجي.
”سائين مهرباني... لک قرب“
محمد خان جي اندر ۾ اُڌ مان اچڻ لڳا. هو کنگهيو ۽ کنگهي ڳلو صاف ڪيائين. بيرو ماني کڻي آيو ۽ ماني ڏسڻ سان مزدور جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. هن گرهه ڀڃي ٻوڙي وات ۾ وڌو. محمد خان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”ماڻهن مان رحم نڪري ويو آهي. انسانن جو احساس نه آهي. ڏک جي ڳالهه آهي.“ هن ڳالهه کي وڌائيندي چيو ”وڏي ڏک جي ڳالهه اها به آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي زال گذاري وئي. مون کي ان سان بي حد پيار هيو. هوءَ منهنجي ننڍپڻ جي ساٿي هئي.“
محمد خان ڳالهايو ۽ مزدور ڪنڌ لوڏي تيزيءَ سان گرهه چٻاڙڻ لڳو.
”جڏهن منهنجي زال جيئري هئي ته وقت ڏاڍو سٺو پئي گذريو. منهنجو گهڻو خيال ڪندي هئي. هاڻي ان کانسواءِ زندگي تڪليف ۾ گذري رهي آهي. اهڙي ڪا بيمار به نه هئي. بس رات جو کٻي ٻانهن ۾ سور پيس. ڊاڪٽر وٽ به وٺي ويو مانس.
ان سئي به هنيس. صبح سان اٿي ۽ اٿڻ سان هيٺ ڪري پئي. ائين اوچتو گذاري وئي جو خبر ئي نه پئي.“
مزدور ڪنڌ لوڏي مانيءَ جا گرهه چٻاڙيندو رهيو. محمد خان دل کولي اندر جا احوال اوتيندو رهيو.
”مان ڪيڏو نه بدنصيب آهيان جو کيس زندگيءَ ۾ اهي سک نه ڏئي سگهيس، جن جي هوءَ حقدار هئي. هاڻي مون وٽ افسوس ۽ ڏک کانسواءِ ڪجهه نه آهي.“
مزدور ماني کائيندي ڪنڌ لوڏي کيس ها ۾ ها ملائيندو رهيو.
محمد خان ڳالهائيندي صفا جذباتي ٿي ويو.
”مونکي جيئري قدر نه ٿيو پر ان جي مرڻ کانپوءِ محسوس ٿئي ٿو اها مون لاءِ ڪيڏي نه اهم هئي. منهنجي زال مري وئي.“
۽ پوءِ ڀرجي آيل ڳوڙها اگهندي جذباتي آواز ۾ چيو ”افسوس منهنجي زال مري وئي.“
مزدور مانيءَ جو آخري گرهه کائي پاڻي پي اوڳرائي ڏيندي چيو.
”شڪر الحمدالله“
•