چهرا
حوض مان وهنجي نڪتل هن جو پٽ جيڪو ٽوال سان وار اگهي رهيو هيو ان کي ڏسي هن فرحت محسوس ڪئي جيئن وهنجڻ کان پوءِ محسوس ڪندو آهي.
هن زال جي باري ۾ سوچيو، خبر نه آهي. ڪيڏاهن هلي وئي؟ هڪ وکريل وارن واري عورت هن جي تيمارداري ڪري رهي هئي، کيس محسوس ٿيو ان عورت جو منهن هن جهڙو آهي. عورت ڳالهايو.
”ماني تيار آهي.“
پوءِ اها مرڪي ۽ هن مرڪ پنهنجي محسوس ڪئي. عورت جو چهرو هن جهڙو هيو ته پوءِ زال ڪاڏي وئي؟
بيوفائي زال جو نه پر محبوبا جو زيور آهي. عشق هجي ته محبوبا بيوفائي ڪندي آهي. شادي هجي ته مڙس بي وفائي ڪري سگهي ٿو. همبستريءَ کان پوءِ زال جو ملهه ڏتڙيل ملڪ جي اسٽاڪ ايڪسچينج جيان ڪري پوندو آهي ۽ زال جو پيار همبستريءَ کانپوءِ ائين ظاهر ٿيندو آهي جيئن چنڊ اڳيان جهڙ.
هن سوچيو، انسان جي بناوٽ ٽياس جهڙي آهي، ٽياس ڄنگهن تي بيٺل آهي. ٽياس گهٽيون ۽ بازارون گهمي ٿو. ٽياس ڪوڪن سان جڙيل آهي ۽ وجود جي هر ميک جو درد ٽياس هر جوڙ ۾ محسوس ڪري ٿو. ٽياس کي حياتيءَ جي اڏوهي کائي وڃي ٿي. ٻاهران ان جو خول بچي ٿو ۽ اندر کوکلو.
هو اڱڻ ۾ ويهي هر شيءِ کي ائين ڏسڻ لڳو جيئن شيون ٺهنديون ۽ ڊهنديون هجن. دالي جون ڪچ سريون ٿلهيون ڀتيون ۽ ويڪرا پاوا جن تي جاءِ جو وزن هيو، اهي هن جا ڪلها هجن. هو ڪلهن ۾ سور جي دانهن ڪندو هجي ۽ ٻيو ڪير به ڪلهو ڏيڻ لاءِ تيار نه هجي.
پوڙها جنازن کي ڪلهو ڏئي نه سگهندا آهن. زندگيءَ جو بار عمر سان گڏ چيلهه وٽ گڏ ٿيندو آهي. انسان پنهنجن ڪلهن تي پاڻ سوار هوندو آهي، جيڏو هلڪو هوندو آهي تيڏو برداشت جي لائق هوندو.
هن اڱڻ ۾ نم جا پن ڇڻندي ڏٺا، کيس ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته گهمندڙ هن جهڙا ماڻهو هيڊا ڇو آهن. رت جي گهٽتائيءَ جو سبب هيڊي رنگ واري موسم آهي. دنيا ۾ ٻه موسمون آهن، هڪ جنهن ۾ خزان آهي، بهار نه آهي ۽ ٻئي جنهن ۾ بهار نه آهي خزان آهي. هو سوچي ئي رهيو هيو ته کيس آواز آيو.
”ادا خوش آهيو. طبيعت ڪيئن آهي؟“
هن ڏٺو. طبيعت پڇندڙ شخص هو پاڻ هيو. اهو مرڪي رهيو هيو. ان جي مرڪ ۾ درد سمايل هيو.
”توهان ڪڏهن درد کي ٽهڪ ڏيندي ٻڌو آهي.“ هن ڄڻ پاڻ کان پڇيو.
”ها“ هن چيو ”درد جهڙو جوڪر نه آهي.“
هن سوچيو، مزاج پرستي ڪندڙ ڪير هيو؟ پوءِ سوچيائين، هو پاڻ هيو، ڀلا ڪو پنهنجو پاڻ کان مزاج پرسي ڪري سگهي ٿو. ها ڇو نه. ”هو“ آهي ۽ ”هن“ سان گڏ ”هو“ آهي. ”هو“ ئي ته آهي جيڪو ”هن“ سان گڏ ”هو“ آهي.
هو سوچي ئي رهيو هيو ته ڏٺو هن جي چهري وارو هڪ ٻيو شخص هن مٿان آيو.
”ڪجهه ڏينهن ملڪ کان ٻاهر هيس. ڪلهه آيو آهيان. تنهنجي لاءِ سوکڙي آندي اٿم“ ان پرس ڏنو. هن پرس وٺي اٿلائي پٿلائي ڏٺو.
کلڻ جي ڪئي ته سامهون بيٺل شخص پڻ کليو.
”ها، ان ۾ ڏينهن گڏ ڪندس.“ هن چيو ”مان ڏينهن گڏ ڪندس. ڏينهن آنا ڏيندا، مهينا ٿيندا، مهينا آنا ڏيندا، سال ٿيندا، سال آنا ڏيندا، صديون ٿينديون، صديون آنا ڏينديون، لامحدود وقت ڄمندو ۽ وقت جا آنا موت جي هڪ ٺوڪر سان ڀڄي پوندا. جيڪر انسان وقت کي لڳ ڪري وقت پيدا ڪري سگهي ها. جيڪر زندگيءَ جي پرس مان وقت ڪڏهن خرچ ٿي نه سگهي ها.“
ماڻهن جا منهن ڏسي کيس خيال آيو ته منهن تي رانڀوٽا پائي چمڙي اڊيڙي ڇڏي. سوچيائين ائين ڪرڻ سان سڀ چهرا زخمي ٿي پوندا. اهڙي سوچ هن لاءِ ذهني تسڪين جو سبب هئي.
”ماڻهن جا چهرا زخمي ڇو نه هجن؟“ سوچيائين ”زخم لڪيرون آهن ۽ لڪيرون نقش ٺاهين ٿيون. هر زخم کي پنهنجي سڃاڻ آهي. زخمن جا نشان ماڻهوءَ جا سڃاڻپ ڪارڊ آهن.“
هن ڪنڌ کڻي نم جي وڻ کي ڏٺو. نم جا ڪجهه پن طوطي جهڙا ساوا هيا ۽ انهن تي چهنب جهڙا زخمن جا ڳاڙها نشان هيا. ساون پنن مان نيرو آسمان ائين نظر اچي رهيو هيو جيئن ڍنڍ تي سينور.
اوچتي آواز تي هن جو ڇرڪ نڪري ويو.
”ڀائو صوف کاءُ“ ڪنهن چيو. هن ڪنڌ کڻي ڏٺو. هن سامهون هو موجود هيو. ان کي هٿ ۾ صوف هيو.
صوف ٽرنگو هيو. هڪ پاسي ڳاڙهو، ٻئي پاسي هيڊو ۽ ٽئين پاسي سائو. هن صوف ورتو. هيڊي پاسي چڪ هڻي کاڌو، کيس امڙ ياد آئي. مرڻ وقت ان جو چهرو صوف جهڙو هيو. ڳاڙهي پاسي چڪ هڻي کاڌو، کيس محبوبا ياد آئي. جنهن زخم ڏنو. سائي پاسي چڪ هڻي کاڌو، کيس زال ياد آئي. جيڪا ڄڻ حيات هئي. پوءِ سوچيائين حياتيءَ جو رنگ ڪهڙو به هجي پر سڀ صوف آهي.
هن مٿان هڪ شخص ڳالهايو.
”تولاءِ تعويذ آندو اٿم“ ان چيو ”وٺ پاءِ“
هن تعويذ وٺي پاتو ۽ شخص کي ڏٺو. هن جهڙي شخص کي تعويذ پاتل هيو.
سوچيائين آدم جو بوتو عرش ۾ دفن آهي. ان ۾ سنهيون سئيون ٽنبيل آهن. انسان ازلي بيمار آهي. هن ڌرتيءَ تي ڀوڳي ٿو. هن تعويذ کي ڏٺو، کيس خبر هئي ته تعويذ کولڻ سان ايمان اڏامي ويندو. ايمان اهڙو پکي آهي جنهن جا پر وهم جا آهن. هر شيءِ ساڳي آهي تجربو ان کي نئون روپ ڏئي ٿو.
جڏهن ڪمري ۾ هيو ته نوڪرياڻي صفائي ڪري رهي هئي. ان جي نڪ جو تِرُ هن جي چهري جو هيو. تِرُ چهري جو فل اسٽاپ هوندو آهي. نظرون چهري تان ڦرنديون تِرَ وٽ دنگ ڪنديون آهن.
”صاحب ٿورو اٿو. چادر تبديل ڪيان.“ نوڪرياڻيءَ ائين چيو جيئن هن پاڻ کي عرض ڪيو هجي.
هو اٿيو، محسوس ڪيائين ڪمري جو هر ڪم پاڻ ڪندو هجي، سهڪيو، جڳ اوتي گلاس ڀري پيتائين. نوڪرياڻيءَ ٿڌو ساهه کنيو.
اهو گهر نه هيو، عجائب گهر هيو. آئينا نه هيا، عڪس هيا. هر عڪس هن جي وجود جي چرپر هيو. هن سوچيو سڀ ڀتيون ڀتين جهڙيون نه هونديون آهن. ڪي ڪچيون، ڪي پڪيون، ڪي نيون، ڪي پراڻيون پر اهي ڀتيون هونديون آهن ۽ سڀ چهرا، چهرن جهڙا نه هوندي به هن جي چهري جهڙا هوندا آهن. زال، نوجوان پٽ، ڌيئر، ڀائر، ڀينر، سوٽ، ماسات، مٽ مائٽ، نوڪر، دوست، دشمن، ويجها، پري، عام رواجي ۽ خاص ماڻهو نقاب پائي سڃاڻپ وڃائي ويهندا آهن. اسين متاثر ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي جا چهرا چوري ڪندا آهيون.
هن جو چهرو چوري ٿي چڪو هيو. هن هٿ هڻي ڏٺو. هن جون اکيون، نرڙ، ڳل، چپ ۽ کاڏي پنهنجيءَ جاءِ تي نه هيا. هو ڪنن وٽان ڪٽيل هيو. اهو سوچي بستر تان اٿيو ته پاڻ کي آئيني ۾ ڏسي سگهي. هو وڌي آئيني سامهون آيو. اتي هن جو چهرو نه هيو. هن جو چهرو ڪيترن ئي چهرن ۾ تبديل ٿي چڪو هيو.