مھاڳ
پنھنجي جاءِ تي اھا حقيقت آھي ته ڪنھن به سماج کي ان وقت تائين مڪمل ۽ سڌريل سڏي ئي نٿو سگھجي، جيستائين اُن جي اڏاوت ۾ مرد ۽ عورت جي گڏيل سوچ، صلاحيت ۽ سگھ کي ڪتب نه آندو ويو ھجي.
اسان جو مشرقي سماج، خاص ڪري سنڌ جو سماج، اڄ ٻيءَ سموري دنيا کان پوئتي پيل، اڻ سڌريل ۽ غلاميءَ جي ڪُن ۾ ڇو ڦاٿل آھي؟ اُن جو مکيه ڪارڻ، منھنجي نظر ۾ اِھو ته اسان پنھنجيءَ عورت کي ”فڪر ۽ عمل جي آزاديءَ“ کان محروم رکيو آھي. اسان عورت کي اُڀ سان گسندڙ اوچين حويلين، بلند ۽ بالا ڪوٽن ۽ مڙسان تار لوڙھن اندر واڙي (نظربند ڪري) رکيو آھي. اسان عورت کي جديد سائنسي دنيا کان بنھ ڇني، پري ڪري، کيس رسمن، روايتن ۽ عقيدن جي ٻنڌڻن ۾ جڪڙي سُڪ ڪيو آھي. اھوئي سبب آھي، جو اسان جو سماج جامد آھي، ماٺار جو شڪار آھي، بيٺل پاڻيءَ جي تلاءَ جيان ڌَپارو آھي ۽ جنھن ۾ ڪا ھنڌائتي ۽ وقتائتي تبديلي يا انقلاب نه آيو آھي. ان ڳالھ کان ڪير به انڪار ڪري نه سگھندو، ته جنھن سماج يا مُلڪ جي اڌ آباديءَ جي پوري اڌ حصي، يعني عورتن کي رڳو ”رڌ پچاءَ، ٻُھاري ۽ نپائڻ“ جي ڌنڌي ۾ جنبائي، سندن سگھ ۽ صلاحيتون، ملڪي اڏاوت لاءِ ڪتب نه آنديون ويون آھن، اُن سماج يا مُلڪ جي روشن آئيندي جا سمورا سپنا اڌورا ۽ بي تعبير رھجي ويا آھن. عورت ۽ مرد، ڪنھن ملڪ جي سماجي عمارت جا اھم ٿنڀا آھن، جن جي سنگم کان سواءِ ”سماجي عمارت“ پائدار ۽ جٽادار ٿيڻي ئي نه آھي. اُن ڪري، اسان جيستائين پنھنجيءَ عورت (پنھنجي ماءُ، پنھنجيءَ ڀيڻ، پنھنجيءَ ڌيءُ، پنھنجي زال) کي ”فڪر ۽ عمل جي آزادي“ مھيا نه ڪنداسون، ۽ سندس پيرن ۾ رسمن، روايتن ۽ عقيدن جا وِڌل ڏانوڻ ڇني ڀورا ڀورا نه ڪنداسون، تيستائين اسان غلاميءَ جي اُونھيءَ ۽ اونداھيءَ گفا ۾ ھٿوراڙيون ڏيندا رھنداسون.
اسان جي عورت، رسمن، روايتن ۽ عقيدن جي ڏانوڻ ۾ ڏانوڻيل ھجڻ جي باوجود، جنھن به ويلَ، ۽ جنھن به گھڙيءَ ڏٺو آھي ته سندس ماتر ڀوميءَ جي ثقافتي قدرن کي ميسارڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي، وطن جي لڄ تي وارن مٿان وار ٿي رھيا آھن، ۽ ھن سون ورني ڌرتيءَ جو ڌَنُ ۽ اَنُ لٽيو پيو وڃي- ته ڪڏھن ڪڏھن سوريه ديوي ۽ پرمل ديويءَ جنم وٺي، وطن جي قومي روايتن کي زندھ پئي رکيو آھي، ته ڪڏھن ڪنھن مارئيءَ، پنھنجي مارن کي ملڪ (ملير) جي محبت جو اڻ مِٽ سبق پئي ڏنو آھي. ڪڏھن ڪنھن ٻاگھيءَ، ڀائر ۽ ڀائٽيا وطن جي ست – رکيا تان صدقي ڪرايا آھن، ته ڪڏھن ڪنھن ”ڪويل“ پنھنجي ماڻڪن جھڙي مڱيندي ننگر کي موڙ ٻَڌائي ڌرتيءَ تان گھورجڻ لاءِ روانو ڪيو آھي. ڪڏھن ڪنھن فاطمه، زينت، بصران ۽ ڪمال خاتونءَ وطن جي آزاديءَ جي تحريڪ (حُر تحريڪ) ۾ حصو ورتو آھي، ته ڪڏھن ڪنھن بختاور، ڀلاريءَ ڀونءِ جا اَن داڻا، بچائڻ خاطر گوليءَ جو بَک بڻجڻ پسند ڪيو آھي.
جيڪڏھن سچائيءَ ۽ سُچيتائيءَ سان تاريخ کي ترتيب ڏنو وڃي ته معلوم ٿيندو ته اسان جي عورت جو ڪردار، دنيا جي انقلابي عورتن جي انقلابي ڪردار کان ڪنھن به صورت ۾ گھٽ نه رھيو آھي. اسان جي پردہ نشين عورتن، پنھنجي ڀائرن ۽ وَرن کي ھمتائي ۽ جذبو ڏياري، وطن جي بچاءَ جي جنگ ۾ پئي موڪليو آھي. اسان جي عورت جي اِن جذبي ۽ بھادريءَ کي شاعرن (عورت جي زباني) ھن ريت بيان ڪيو آھي.
ڀڳو آءٌ نه چوان، ماريو ته وَسھان،
ڪانڌ منھن ۾ ڌَڪڙا، سيڪيندي سُونھان،
ته پڻ لڄ مران، جي ھُونسِ پُٺ ۾!
(شاھ)
جي تون ڀڄي آئيين، ته آءٌ تنھنجي ڀيڻ،
نَٿ تنھنجي نڪ ۾، وِجھان ڏيئي ويڻ،
توڏي کڻان نيڻَ، ته ڪَر پسان پنھنجي پُٽ ڏي!
(خليفو نبي بخش لغاري)
سومرن جي دور جو نيم- تاريخي ۽ ڪلاسيڪي ڪردار ”مارئي“ وطن جي محبت جو ھڪ لازوال ڪردار آھي. مارئي، ھڪ غريب ماروءَ جي نياڻي ھئي، جنھنجي سونھن جو ذڪر ڀٽائي، ھن ريت ڪري ٿو:
پَکي ۾ پدمڻي، ڪر ڏئي وَراڪا وِڄ،
سائي صورت سِڄُ، سائي صورت مارئي!
اُن حُسن- وند مارئيءَ کي امر ڪوٽ جو ارڏو ۽ ظالم حاڪم زوريءَ کڻائي ويو، ۽ کيس ريجھائڻ ۽ دام ۾ ڦاسائڻ لاءِ، طرحين طرحين طريقا استعمال ڪرڻ لڳو. ھن مارئيءَ کي پھرڻ لاءِ پٽ- پٽيھر ۽ کائڻ لاءِ سَت- رڇيون آڇيون، پر مارئيءَ جو کيس ھڪڙو ئي کُتو جواب رھيو ته:
پَٽ نه پھريان سومرا، جانڪي تان جيئان،
آءٌ ڪيئن لوئي لاھيان، ڪارڻ ٻن ڏينھان!
اُوءِ ماروئڙا ملير ۾، ڦرن سين فاقي،
آءٌ ڪئن اُنھين ري، منھن مٺائي لائيان!
• ھن ئي دور ۾ ’ٻاگھيءَ‘ جو ڪردار به اھم حيثيت رکي ٿو. ٻاگھيءَ جو ننڍو ڀاءُ دودو، راڄ جي رايي تي سنڌ جي تخت جو وارث بڻيو، ۽ اُن کان وڏو ڀاءُ چنيسر، غدار بڻجي تخت جي حصول لاءِ دھليءَ مان ڌاريا چاڙھائي آيو- ٻاگھيءَ وطني غيرت جي جذبي ھيٺ، ڀاءُ دودي ۽ ڀائٽين ننگر ۽ منگر کي وطن جي لڄ تان گھورجڻ لاءِ جنگ جي ميدان ۾ موڪلي ڏنو. ۽ اُھي سورھيائيءَ سان وڙھندي، ساڻيھ جي سَت تان گھَورجي ويا. ٻاگھي ۽ ٻيون سومريون، ابڙي سمي وٽ وڃي سامَ پيون. ابڙو پَٽن سميت سامُن تان گَھورجي ويو- ۽ ٻاگھيءَ ٻين سومرين سان گڏ پنھنجي سَت جي بچاءَ لاءِ پاڻ کي ڏاگھ تي چاڙھي ڇڏيو.
• دودي جي ڌيءُ ”ڪويل“ پنھنجي مڱيندي ننگر (جنھنجي عمر 13 سال ھئي) کي موڙ ٻڌائي، وطن جي جنگ ۾ شھيد ٿيڻ لاءِ موڪليو. جڏھن ھو شھيد ٿي موٽيو، ته سندس ڳاٽ فخر کان اُوچو ٿي ويو.
• انگريز- سامراج جي دور ۾ سنڌ جي سورھيه سرواڻ پير صبغت الله شاھ پاڳاري جي اڳواڻيءَ ۾، آزاديءَ جي تحريڪ، ”حُر تحريڪ“ شروع ٿي ھئي، جنھن کي منھن ڏيڻ لاءِ ننڍي کنڊ ۾ پھريون ڀيرو، سنڌ پرڳڻي سان مارشل لا لاڳو ڪئي ويئي ھئي. ھن تحريڪ ۾ مَردن سان گڏ سنڌ جي عورتن (خصوصاً سانگھڙ ضلعي جي عورتن) جيڪو سورھيائيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو، اُن جي ڀيٽ ويٽنامي سورمين سان ڪري سگھجي ٿي. مائي فاطمہ خاصخيلڻ، بيگو رندڻ، بصران، زينب، مريم، ڪمال خاتون نظاماڻي ۽ ٻين سوين عورتن جي بھادرانه ڪردار کي وساري نه ٿو سگھجي. حُر تحريڪ تي اڃا ڪنھن مؤرخ قلم نه کنيو آھي، نه ته جيڪر سنڌ جي عورت جي قربانين جو سچو پچو روپ اسان جي اکين آڏو اچي وڃي-
• ساڳئي دور ۾ مشھور ڳائڻيءَ الھ وسائيءَ کي به وسارڻ ٺيڪ نه ٿيندو، جنھن خيرپور جي ملٽري ڇانوڻيءَ ۾ ھڪ انگريز آفيسر تي خنجر جا وار ڪري کيس ماري وڌو ھو.
• انگريزي دور ۾، ڪانگريسي سياست ۾، سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر، مائي ڄيٺي سپاھيملاڻيءَ جو ڪردار پڻ اھميت جو حامل آھي. ھڪ ڀيري، سرڪار جي مخالفت ۾ ھن سورميءَ کي جيل ۾ وڌو ويو، جتي ھوءَ بيمار ٿي پيئي. سنڌ جي وڏي وزير، سر غلام حُسين ھدايت الله، جيل ۾ وڃي کيس چيو ته جيڪڏھن ھُوءَ لکي ڏئي ته کيس آزاد ڪيو وڃي. مائي ڄيٺيءَ جي اکين ۾ ڪاوڙ جي گھڻائيءَ سبب رت ڀرجي آيو، ۽ وقت جي وزير اعليٰ ڏانھن ڪرڙيون اکيون ڪري، پيرن مان سينڊل لاھي، ھٿ ۾ کڻي، کيس چيو ته: ”وزير صاحب! معافي منھنجو ھيءُ سينڊل به نه وٺندو!“
انگريزي دور ۾، 1930ع ۾، سائين جي- ايم- سيد ۽ ٻين قومي اڳواڻن، ”سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ“ جو بنياد وڌو. ھن جماعت، سنڌ جي ھارين جي حَقن لاءِ وڏي جدوجھد ڪئي. سنڌ ۾، ھاري تحريڪ جي تاريخ ۾ مائي بختاور جو نالو تمام مٿاھون ليکيو ويندو---- سنڌ جي ھن سرويچ ھارياڻيءَ پنھنجن پُٽن سميت، ھاري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ٿرپارڪر ضلعي جي ڳوٺ ٽالھيءَ جي ڀرسان مائي بختاور ۽ اُن جا پُٽ، چوڌري دين محمد جا ھاري ھئا. مائيءَ جو پُٽ، سرھاڙيءَ ۾ ھاري ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ويل ھو، پٺيان چوڌري دين محمد پنھنجا ڪاراوا ۽ ڪمدار وٺي، زوريءَ بٽائي ڪرائي سمورو اَن کڻي وڃڻ ٿي گھريو. پر سنڌ جي ھن شينھڻ ڪنھن کي به اَن جي راھ جي ويجھو اچڻ نه ڏنو. جڏھن ڪمدار، بٽائيءَ لاءِ اڳتي وڌيو ته مائي بختاور مٿس ٽيانگ سان حملو ڪيو. اُن تي چوڌري دين محمد فائرنگ ڪرائي، ۽ مائي شھيد ٿي ويئي. مائي بختاور، اَن جي راھ تي ڪرندي وقت جيڪي آخري لفظ چيا ھئا، سنڌ جي تاريخ ۾ روشن ليکيا ويندا:
”ابا ڏسجو! متان، ماريا اَن کڻي وڃن!“
سنڌ ۾ جڏھن به انصاف ڀرئي ۽ برابريءَ واري سماج جي جدوجھد جو مرحلي وارو تجزيو ڪيو ويو، ته يقيناً بختاور جو نالو اُن ۾ سونھري لفظن ۾ لکيو ويندو.
• پاڪستان جي سمورن صوبن جو وجود ختم ڪري ”ون يونٽ“ ٺاھيو ويو ته ٻين صوبن وانگر سنڌ ۾ پڻ ”ون يونٽ“ ٽوڙيو- ”سنڌي ٻولي، قومي ٻولي“، ۽ ”لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو“- جون تحريڪون ھليون ته سنڌ جي نوجوانن سان گڏ سنڌ جي عورتن/ نياڻين به ھنن مڙني تحريڪن ۾ اھم حصو ورتو. اختر بلوچ، رياض ميمڻ، نسيم سنڌي، نسيم ٿيٻو ۽ ٻين ڪيترين سنڌي نياڻين، بک ھڙتالون ڪري ۽ جيلن ۾ وڃي ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي عورت، جدوجھد ھلندي ڪنھن به صورت ۾ مَردن، پنھنجن ڀائرن کان پوئتي نه آھي.
مٿين ڪجھ مثالن مان واضح ٿي ويو ته تاريخ جي ڪنھن به دور ۾، جڏھن به سنڌ تي ڪو ڏکيو وقت آيو آھي ته سنڌ جي بچاءَ جي ويڙھ ۾ مَردن سان گڏ سنڌي عورتون به ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي وڙھيون آھن.
مون ھميشہ اھا ڳالھ پئي سوچي آھي، ۽ خاص ڪري جيل جي زندگيءَ دوران اِن ڳالھ جو ويتر احساس ٿيو اٿم ته، اڄ جڏھن اسان جي قوم، پنھنجي ”قومي تشخص“(National Identification) کي مڃائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رھي آھي، تڏھن اِھا ضرورت ويتر وڌي وڃي ٿي ته اسان جي عورت کي به اِن جدوجھد ۾ برابر جو حصو وٺڻ کپي. اُن سان گڏ جاگيرداريءَ واري غلام سماج جا ٻنڌڻ (رسمن، رواجن ۽ عقيدن جا ٻنڌڻ) جيڪي سنڌي عورت جي آزاديءَ جي راھ ۾ رنڊڪ بڻيل آھن، سي به ٽٽڻ گھرجن- ”قومي تشخص“ جي قلمي جدوجھد ۾ ته سنڌ جون ليکڪ ڀينرون، پنھنجي ڀائرن سان اڄ به گڏ آھن، پر عملي جدوجھد ۾ سندن ساٿ جي اڄ تمام وڏي ضرورت آھي.
اِن ضرورت جي احساس ھيٺ مون سوچيو ته سنڌي عورتن کي پنھنجي ڀينرن جي عظيم ڪردار جي واقفيت ڏيڻ سان گڏ، کين دنيا جي انقلابي سورمين جي ڪردار کان به آگاھ ڪيو وڃي. اُن ڪري مون، ”فرزانه نصير“ جي اردو ڪتاب ”انقلابي عورتين“ مان ڇھ مکيه ڪردار- جميله بو پاشا (الجزائر)، زرقا ۽ فاطمه محمد برناوي (فلسطين)، زويا انا طوليا (روس)، ليو خولان (چين)، ۽ نِگوين ٿِي چائو (ويٽنام)، ترجمو ڪيا، ۽ چاھيو ته ڪجھ ڪردار پنھنجيءَ سنڌ جا به لکي، گَڏي، ڪتابي صورت ۾ پيش ڪريان. پر جيل ۾ گھربل ۽ مستند مواد نه ملڻ جي ڪري، سنڌي ڪردارن تي طبعزاد مضمون لکي نه سگھيو آھيان، ۽ ”نه ھئڻ“ کان ڪجھ ”ھئڻ“ بھتر سمجھي، ”خواتين ڪانفرنس“ (ڪراچي) جي موقعي جي مناسبت سان ھيءُ ڇھن ڪردارن تي مشتمل ننڍڙو ڪتاب، سنڌ جي سڄاڻ ۽ سجاڳ ڀينرن جي ڄاڻ ۾ واڌاري آڻڻ لاءِ پيش ڪري رھيو آھيان. جيڪڏھن منھنجيءَ ھن ابتدائي ۽ ننڍڙي ڪوشش، سنڌي ڀينرن ۾ ٿوري به ذھني ۽ عملي اوسر آندي، ته آءٌ سمجھندس ته مون کي منھنجي محنت جو پورو لاڀ ملي ويو! اميد ته ھن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو پڻ جلد تيار ڪري، پنھنجي ڀينرن جي اڳيان پيش ڪندس!
سي ساھيڙيون سارين تو، سيل جنين جو ستُ،
مارئي لھندينءَ مُھت، وڃج ويڙھيچن ڏي!
(شاھه)
- تاج جويو
23، فبروري 1982ع