جميله بو پاشا
ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ، دنيا جي قومن ۾ جاڳرتا جي ھڪ زبردست لھر آئي، ۽ غلام ملڪن، پنھنجي غير ملڪي حاڪمن جي غلاميءَ جو ڳَٽ لاھي اُڇلائڻ لاءِ جدوجھد شروع ڪري ڇڏي.
الجزائر، ھڪ ڊگھي عرصي کان فرانسيسين جي قبضي ۾ ھو. ٻين ملڪن وانگر الجزائر جي عوام به آزاديءَ جو مطالبو ڪيو، ۽ پنھنجي ملڪ ۾ پنھنجي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري آيا....... فرانسيسي، جيڪي پاڻ کي دنيا جي سڌريل قومن جي پھرينءَ صف ۾ کڙو ڪندا آھن، الجزائري عوام جي آزاديءَ جي مطالبي تي، ھڪدم انسانيت جو ويس بدلائي، ظلم جا ڀوائتا رڪاس بڻجي پيا، ۽ الجزائرين تي اھرا ته وحشياڻا ظلم ڪيائون، جن کي ٻُڌي، انسانيت جو ڪنڌ ھوند شرم کان جھڪي وڃي.
1954ع ۾، الجزائري محب وطنن ۽ فرانسيسي فوج جي وچ م وڏي پئماني تي جنگ وڙھي پئي ويئي. مادر وطن جي سڏ تي اُن جون بھادر ۽ سرويچ ڌيئرون به وطن جي مجاھدن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي، آزاديءَ جي جنگ ۾ حصي وٺڻ لاءِ، گھرن ۽ اسڪولن مان نڪري، جنگ جي ميدان ۾ پھچي ويون. انھن محاذ تي ”نيشنل لبريشن فرنٽ“ جي آزادي پسند مجاھدن کي مدد پھچائڻ شروع ڪئي، تنھن کان سواءِ، ڇاپامار ۽ گوريلا جَٿن ۾ به بيحد ڪامياب خدمتون سرانجام ڏنيون. اِنھن مجاھد عورتن ۾ جميله بو پاشا به ھئي. جميله ھڪ بھادر ۽ آزاديءَ جي سورميءَ جي حيثيت ۾ قدر لائق ۽ يادگار خدمتون سرنجام ڏنيون آھن، ۽ ھوءَ نمايان طور فرانسيسي حاڪمن جي اکين ۾ ڪنڊو ٿي چڀڻ لڳي ھئي. اُھي سندس گرفتاريءَ جا وجھ ڳوليندا پئي وتيا.
آخرڪار، 10- جنوري 1960ع جي رات جو فرانسيسي فوجن، حفاظتي پوليس سان گڏجي، جميله جي گھر جو گھيرو ڪيو. کين اطلاع مليو ھو ته جميله جي گھر ۾ ”لبريشن فرنٽ“ جا ٻه سرگرم ميمبر مراد ۽ جمال لڪل آھن. فرانسيسي حفاظتي پوليس جو انسپيڪٽر پنجاھه سپاھين جي اٽالي سان گھر ۾ اندر گھڙي آيو، ۽ جھڙتيءَ کان پوءِ جڏھن گھر جي ڀاتين کان سواءِ ٻيو ڪوبه ماڻھو اُتي نه ڏٺائين ته مٿن تشدد ڪرڻ لڳو. اُنھن جميله جي ٻڍڙي پيءُ عبدالعزيز ۽ سندس ڀيڻويي احمد کي ڏاڍو ماريو ۽ ٿڏا ھنيا. جميله جي وڏيءَ ڀيڻ نفيسه ۽ ماءُ زبيدہ کي ڪُٽيائون ۽ گنديون گاريون ڏنائون. سڀ ڀاتي ڊنل ۽ ھراسيل ھئا. آخر جميله کانئن پڇيو ته ”ڪھڙي ڏوھه جي پاداش ۾ ساڻن اھڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي؟“
ھنن کانئس ٻنھي مجاھدن جي باري ۾ پڇيو. جميله لاعلميءَ جو اظھار ڪيو ته فرانسيسي آفيسر ڪنھن وحشي جانور جيان رومڙ ڪري، سندس وارن مان کڻي ورتو ۽ زمين تي گھلي کيس ٿُڏا ھڻڻ لڳو.
ايڏي تشدد کان پوءِ به ھو جميله کان ڪو راز معلوم ڪري نه سگھيو، ته ھن عبدالعزيز، احمد ۽ جميله، ٽنھي کي گرفتار ڪري ورتو ۽ کين پاڻ سان وٺي ويو. کين الجيرو جي مشھور جيل فرانسينسز ۾ آندو ويو، جيڪو ايذائن ڏيڻ جو پھريون مرڪز ھو. جميله کي ھڪ زير زمين تھ خاني ۾ بند ڪيو ويو- ٻئي ڏينھن تحقيقات شروع ٿي، ھنن کانئس آزاديءَ جي سورمن جي سرگرمين جي باري ۾ تفصيل پڇڻ گھريا ٿي، پر جميله ھڪ به اھڙو لفظ وات مان نه ڪڍيو، جنھن ذريعي اُنھن مجاھد ساٿين جي خبر ملي سگھي يا کين نقصان پھچي سگھي.
جڏھن فرانسيسي، وڏيءَ ڪوشش کان پوءِ به کانئس آزاديءَ جي مجاھدن جي باري ۾ ڪجھ به معلوم نه ڪري سگھيا، ته ڪاوڙ ۾ اچي، مٿس وڌيڪ وحشياڻا ظلم ڪرڻ لڳا. ھن جي جسم تي پاتل لباس پٽي، ڦاڙي، ذريون ذريون ڪيو ويو- ھن جي ننگي جسم کي سپاھين چوڪون ڏنيون، سُيون چُڀايون ۽ ٻرندڙ سگريٽن سان داڳ ڏنا- جميله رڙ ڪئي ٿي يا تڙڦي ٿي ته وحشين ٽھڪ ڏيڻ شروع ٿي ڪيا. سندس بد اخلاقيءَ جي انتھا اھا ھئي ته مظلوم نياڻيءَ کي ان ننگي حالت ۾ ئي سندس پيءُ ۽ ڀيڻويي جي روبرو وٺي ويندا ھئا، ۽ کانئس سندس ٻين ساٿين بابت پڇا ڳاڇا ڪندا ھئا- پر جميله سدائين خود اعتماديءَ سان ھڪ ئي جواب ڏيندي ھئي:
”آءٌ الجزائري آھيان، ۽ ٻين الجزائرين سان ڪنھن به حالت ۾ غداري نٿي ڪري سگھان!“
ڪجھ ھفتن کان پوءِ جميله کي البيار جي فوجي چوڪيءَ ۾ موڪليو ويو. ھيءُ ايذاءُ رسانيءَ جو ٻيو مرڪز ھو، جتي ڏوھارين کي وڌيڪ سزائون ڏنيون وينديون ھيون. انھن سزائن کي ٻئي درجي جو سزائون ڪوٺيندا ھئا. ھتي پھچي، تشدد ۽ ظلم جو ھڪ نئون سلسلو شروع ٿيو- کيس پيرن ۾ رسو ٻڌي، اونڌو لٽڪايو ويندو ھو، ۽ پاڻيءَ جي ٽب ۾ غوطا ڏياريا ويندا ھئا. ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ کيس ھيٺ لاھيندا ھئا، ۽ فوجي سپاھي مٿس وڌيڪ تشدد ڪندا ھئا، کيس ٿڏا ۽ ٺونشا ھڻندا ھئا. ھن کي ايترو ته ماريو ويو، جو ھن ويچاريءَ جي ھڪ پاسراٽي ڀڄي پئي. ھوءَ درد ۽ پيڙا کان تڙپڻ لڳندي ھئي ته وحشي سپاھي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندا ھئا. پنج ڏينھن لاڳيتا ھيءَ ظلم ۽ درندگيءَ جي راند جاري رھي. ان کان پوءِ کيس ٻيءَ فوجي چوڪيءَ، حسين وي ۾ موڪليو ويو. ھيءُ وڌيڪ ايذائيندڙ سزائن جو ٽيون مرڪز ھو، جتي مٿس ڏاڍ ۽ جبر جو نئون طريقو آزمايو ويو. ھن جي جسم جي حساس حصن تي ڪاغذ چنبڙائي، اُن تي بجليءَ جو ڪرنٽ لڳايو ويندو ھو. جنھن وقت ڪرنٽ بند ڪيو ويندو ھو، ته سندس جسم تي فوجي ٺونشي بازيءَ جي مشق شروع ڪندا ھئا. ڳَلن تي ٻرندڙ سگريٽن جا ڏنڀ ڏنا ويندا ھئا. ھن مرڪز ۾ جميله کي ھڪ شرمناڪ ايذاءُ ڏنو ويو. کيس ننگو ڪري، ھڪ خاص انداز ۾ ٻڌو ويو، ۽ سندس مخصوص عورتاڻي عضوي ۾ بيئر جي ھڪ خالي بوتل جي ڳِچي لنگھائي ويئي. ھن بي شرمائيءَ واري وحشي عمل سبب، مظلوم نياڻي تڪليف جي شدت کان بيھوش ٿي ويئي. سندس جسم مان رت وھڻ شروع ٿي ويو. ۽ فرانسيسي فوج جي بي حس درندن، کيس انھيءَ حالت ۾ کڻي، سندس ڪوٺڙيءَ ۾ وڃي ڦٽو ڪيو. ٻن ڪلاڪن جي لڳاتار بيھوشيءَ کان پوءِ ھوءَ ھوش ۾ آئي ته پنھنجي مٿي کان فوج جي ھڪ جاسوس ڇوڪريءَ کي موجود ڏٺائين. اُن پاڻ کي سياسي قيدي ظاھر ڪندي، جميله کي چيو:
”منھنجي مٺڙي ڀيڻ! ھي حرامي، جمال ۽ مراد جي پٺيان آھن، ۽ کين ترت ئي ڳولي وٺندا. سندن جان خطري ۾ آھي. منھنجو ڀاءُ ملاقات لاءِ آيو آھي. تون سندن پتو لکي ڏي، ته ھو کين ڪنھن محفوظ ھنڌ تي پھچائي ڇڏي.“ ھن ڇوڪريءَ جنھن جو نالو زينب ھو، نھايت رازداڻي انداز ۾ چيو. پر جميله چالاڪ ۽ ذھين ھئي، ۽ اُن قسم جي سياسي چالن کي چڱيءَ طرح ڄاتائين ٿي. ھن سور ۾ تڙڦندي جواب ڏنو:
”آءٌ ڪنھن جمال يا مراد کي سڃاڻان ئي ڪانه-
ھن وقت مون کان ڪجھ به نه پڇ....!“
- جميله جي گرفتاريءَ کان اٽڪل پنج ڇھ مھينا اڳ، فرانسيسي پوليس، الجيرز جي ھڪ ڪيفي (ھوٽل) مان ھڪ ٽائيم بم ھٿ ڪيو ھو- ھاڻي ٻين الزامن سان گڏ ھڪڙو ھيءُ الزام به جميله تي عائد ڪيو ويو ھو ته ڪيفي ۾ بم ھن رکيو ھو، پر ھوءَ مسلسل ان الزام کان انڪار ڪندي رھي.
لڳاتار 33 ڏينھن، جميله کي تمام ڏکيا جسماني عذاب رسايا ويا. ھن جي پوڙھي پيءُ کي، جنھن جي عمر ستر سالن کان به مٿي ھئي، ڏاڍو ماريو ويو. ڀيڻويي کي ڏاڍيون مارون ڏنيون ويون. ھن جي گھر ۾ وڃي، سندس ڀيڻ ۽ ماءُ کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويو- ھن جي گھر جا در، دريون ۽ فرنيچر، فرانسيسي سپاھين ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا. گھر جي عورتن جي بي حرمتي ڪئي ويئي ۽ کين ڊيڄاريو ويو، پر ڪوبه ڦل نه نڪتو- نه جميله ايذائن کان ڊڄي، مٿس مڙھيل غلط الزامن کي مڃيو، نه پنھنجي وطن پرست ساٿين جي باري ۾ معلومات ٻڌائي، ۽ نه ئي سندس گھر جي ڀاتين، ڌمڪين کان ڊڄي، محب وطن ۽ آزادي- پرستن جي ڪنھن راز تان پردو کنيو.
حد کان وڌيڪ تشدد ۽ وحشياڻا ظلم سھندي، جميله اڌ- مئي ٿي چڪي ھئي. گرفتاريءَ کان وٺي لاڳيتو 33 ڏينھن تائين رات ڏينھن مٿس تشدد ڪيو ويندو ھو. ۽ نيٺ 17- جون تي سندس ڪيس فوجي عدالت ۾ پيش ٿيو، ۽ ان ڊگھي عرصي ۾ پوليس يا فوج، ھن جي خلاف ھڪ به ثابتي مھيا ڪري نه سگھي.
جميله، فرانسيسي پوليس ۽ فوج جي خلاف ھڪ تفصيلي درخواست ڏني، جنھن ۾ ھن اُھي سڀ حالتون بيان ڪيون، جن ھيٺ ھن تي تشدد ڪيو ويو ھو. ھن ڪيترن اھڙن ماڻھن جا نالا به اُن درخواست ۾ درج ڪيا، جيڪي ھن جي سچائيءَ جي شاھدي ڏئي سگھيا ٿي، ۽ فرانسيسين جي انسان سوز حرڪتن کي تفصيل سان پنھنجيءَ درخواست ۾ بيان ڪندي لکيائين ته فرانسيسي سپاھين سندس ھٿ پير ٻڌي کيس اونڌو لڙڪايو، ۽ کيس ڀيانڪ سزا ڏني- سندن وحشياڻي ڪاروائيءَ جي نتيجي ۾ ھوءَ درد ۽ تڪليف جي شدت کان تڙڦندي، بيھوش ٿي ويندي ھئي، ۽ لڳاتار ٻن ڪلاڪن تائين مٿس بيھوشي طاري ھوندي ھئي- ۽ جڏھن ھوءَ ھوش ۾ ايندي ھئي ته مٿس وري نئين سِر تشدد شروع ڪيو ويندو ھو.
جميله پنھنجيءَ درخواست ۾ لکيو ته فرانسيسي آفيسرن، مٿس جسماني ۽ ذھني ايذائن ڏيڻ جو جيڪو سڀ کان گندو ۽ اخلاق کان ڪريل طريقو استعمال ڪيو، اُھو ھيءُ ھو ته سندس اگھاڙي جسم تي، رت ٽمندڙ زخمن کي نمايان ڪري، ان ئي حالت ۾ کيس اگھاڙو ئي اگھاڙو، پيءُ ۽ ڀيڻويي جي روبرو آندو ويندو ھو- ۽ اھڙيءَ طرح اسان ٽنھي کي انتھائي شديد ذھني پيڙا ۾ مبتلا ڪيو ويندو ھو.
اُن کان پوءِ ھنن ٽنھي کي جدا جدا جيلن ۾ موڪليو ويو- جيتوڻيڪ کين ھڪ ئي الزام ۾ ھڪ ئي گھر مان گرفتار ڪيو ويو ھو- کين ڌار ڌار رکڻ ۾ فرانسيسي آفيسرن جي اھا مصلحت لڪل ھئي ته ھو عدالت ۾ ھڪ ئي قسم جي تشدد جي انداز جي شڪايت ڪري، ھڪ ٻئي جي بيان جي تصديق نه ڪري سگھن، ۽ تھذيب ۽ تمدن جي ھنن ڪوڙن حامين جي منھن تان بربريت جو پردو کڄي نه سگھي!
فرانس جي ھڪ قابل قانوني ماھر عورت، جسلي حليميءَ کي 29- مارچ جو لکيل خط، مختلف شھرن جي ٺپن (مُھرن) سان مليو- ”اوران“ جي ويجھو موجود بوسو ڪئمپ جي ھڪ نظربند کيس التجا ڪئي ھئي ته سندس ڀيڻ جميله بوپاشا، الجيريا جي سول جيل ۾ نظربند آھي، اُن کي قانوني مدد جي ضرورت آھي.
نيڪ سيرت قانوندان عورت، ھن خط جي جواب ۾ پنھنجي رضامندي ظاھر ڪئي ۽ جميله سان ملڻ جو وعدو ڪيو. ھن وڏيءَ ڪوشش ۽ جدوجھد سان پاسپورٽ ٺھرايو ۽ الجيريا پھتي. منزل تي پھچي، ھوءَ جميله سان ملاقات لاءِ رواني ٿي ويئي.
جميله کي ڏسندي ئي ھيءَ قانوني دانشور عورت بيحد متاثر ٿي، کيس ھن مِرگھ- نيني وينگس جي معصوم چھري تي ھڪ سچيءَ محب وطن سورميءَ جو نُورُ ۽ ڏَيا نظر آئي، ۽ ھوءَ پھرينءَ ئي نظر ۾ سندس لاءِ سچي ھمدردي محسوس ڪرڻ لڳي، حليميءَ سندس بيان ورتو، ۽ محسوس ڪيو ته جميله کي سڀني وحشياڻين سزائن کان وڌيڪ اُن انتھائي ڪريل بوتل واريءَ سزا جو صدمو پھتو ھو، جنھن وسيلي نه رڳو ھن جو جسم، پر ذھن ۽ احساسُ به زخمي ٿي چڪا ھئا. ھن پنھنجي بيان ڏيڻ دوران وري وري اھا ڳالھ ورجائي، حليميءَ لکيو آھي ته ھوءَ جميله جي دل ڀڄائيندڙ بيان کي غور سان ٻڌي رھي ھئي، جا سنجيدہ آواز ۾ چئي رھي ھئي:
”اھو صحيح آھي ته آءٌ ”نيشنل لبريشن فرنٽ“ جي ڪارڪن آھيان. آءٌ ھڪ وطن- پرست ڇوڪري آھيان ۽ الجيريا جي آزاديءَ لاءِ خوشيءَ سان سِر ڏينديس! مگر افسوس اھو اٿم ته ھنن (فرانسيسي درندن) مون سان جيڪو اخلاق سوز تشدد ڪيو آھي، اُھو انسانيت کان ڪريل، غير انساني ۽ وحشياڻو ھو- حسين وي ۾ ته ماڻھپي کان عاري درندا موجود ھئا. اُنھن مون کي بجليءَ جا جھٽڪا ڏنا، ۽ منھنجي منھن ۾ ٿُڪون ھنيون. ھي وحشي منھنجي جسم تي شراب ھاريندا ھئا، منھنجي جسم تي دُکيل سگريٽن سان ڏنڀ ڏيندا ھئا- ۽ پنھنجي اِن عمل تي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندا ھئا- ھنن منھنجي ڇاتين سان بجليءَ جا اسڪاچ ٽيپ ٻڌي ڇڏيا- ۽ پوءِ..... ھاءِ!.... ھاءِ! آءٌ اوھان کي ڇا ٻڌايان؟ ڪيئن بيان ڪريان اھو ظلم؟.... بيھودي ۽ مڪروہ حرڪت- جنھن کي ھنن ٽئين درجي جي سزا ڪوٺيو ٿي-!“
اِھو چوندي چوندي، مظلوم ڇوڪريءَ جو رنگ ڦِڪو ٿي ويو. ھوءَ ذھني ڪشمڪش ۾ ڦاسي، سوچڻ لڳي ته پنھنجو مافي الضمير ڪيئن ظاھر ڪري- پنھنجي قانوني مشير جي سامھون به ھوءَ اُن بيان کي زبان تي آڻيندي، شرم ۾ ٻڏي ويندي ھئي- حليميءَ کيس حوصلو ڏياريو ۽ آٿت ڏني:
”پر حقيقت ۾ اھو سڀ ڪجھ ڏاڍو ڀوائتو ۽ شرمناڪ آھي- آءٌ نٿي ڄاڻان، ته ڪڏھن ان حقيقت بابت زبان به کولي سگھنديس!“
ھن ڪجھ وقفي کان پوءِ، حليميءَ جي بيحد اصرار تي ڳالھايو:
”ڏسو نه ھنن ..... ھڪ بوتل ..... منھنجي ..... توھان سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو نه ..... مون ان لاءِ پنھنجيءَ اپيل ۾ طبي معائني ڪرڻ لاءِ لکيو ھو..... حقيقت ۾ مون کي ڊپ آھي ته شايد منھنجي ..... ڪنوارپ زخمي ٿي چڪي آھي .....!“
۽ ويچاري ڇوڪريءَ جو آواز ڀرجي آيو- حليمي ڏاڍي متاثر ٿي، ۽ کيس پيار ۽ پاٻوھه مان يقين ڏيارڻ لڳي:
”منھنجي پياري! يقين ڪر، اسان اُنھن ظالمن کي بي نقاب ڪنداسون. اسان ھڪ اپيل ذريعي حڪومت کي مجبور ڪنداسون، ته نئين سر تحقيقات ڪئي وڃي- ۽ ضرور حق جي فتح ٿيندي!“
حليميءَ جميله کي آٿت ڏني، ۽ ھوءَ سڏڪندي چوڻ لڳي:
”ھن ساھه- نپوڙيندڙ ايذاءَ، مون کان ٻيو سڀ ڪجھ وسارائي ڇڏيو، نه ته ھنن مون سان الائي ڪھڙيون ڪھڙيون بي حيائيءَ جون حرڪتون ڪيون آھن! ھيءُ ڏسو!“
ھن حليميءَ جو ھٿ وٺي، پنھنجي کاٻي پاسراٽيءَ تي رکندي چيو- حليميءَ اُتي چڱو اُڀار محسوس ڪيو، ۽ ھوءَ ڇرڪي پئي.
”ھيءُ ڇا آھي؟“ ھُن پڇيو.
”ھيءُ ڇاته بردار فوج جي نشاني آھي. ھنن مون کان چورائڻ پئي گھريو ته ”آءٌ نيشنل لبريشن فرنٽ“ جي ميمبر ٿيڻ تي شرمسار آھيان. پر آءٌ ڪٿي ٿي چوان؟ مون کي ته اُن ڳالھ تي وڏو فخر آھي. مون انڪار ڪري ڇڏيو- ته ھنن مون کي وارن مان جھلي ٿڦڙ ھنيا ۽ مون کي زمين تي ڪيرائي، بوٽن جي ٿڏن سان منھنجون پاسراٽيون ڀڃي وڌيون. ھاڻي ھيءُ اُڀار دائمي بڻجي ويو آھي، ۽ آءٌ ڪڏھن به سوڙھو جئڪيٽ پائي نه سگھنديس.“
ھن نھايت معصوميت مان چيو. حليمي کيس حد درجي جي دلجاءِ ڏئي، موڪلائي رواني ٿي.
18- مئي ڪيس جي سماعت جي تاريخ مقرر ٿي. جميله جي وڪيل کي 14 کان 19- مئي تائين الجزائر ۾ رھڻ جي اجازت ملي. اُن کان وڌيڪ ڏينھن ھوءَ اُتي رھي نه ٿي سگھي. وڪيل کي مقدمي جي تياريءَ لاءِ فقط ٽيھن ڪلاڪن جي مھلت ڏني ويئي. عدالت ۾ پيش ٿي، جميله، پوليس ۽ فوجي آفيسرن جي ظالماڻي ورتاءَ ۽ تشدد جي شڪايت ڪئي، ۽ تحقيقات جو مطالبو ڪيو، ته عدالت سماعت 17- جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي- ھيءُ عرصو، پوريءَ تحقيقات لاءِ نا ڪافي ھو.
ھڪ فرانسيسي ڊاڪٽر، جميله بُوپاشا جو طبي معائنو ڪيو، ۽ پنھنجي رپورٽ ۾ ظاھر ڪيو ته جميله جي جسم تي تشدد جا نشان موجود آھن- پر اُن رپورٽ جو ڪو خاطر خواھه نتيجو نه نڪتو، نه ئي ڪنھن آفيسر کان اُن سلسلي ۾ ڪا پڇا ڳاڇا ٿي. اٽلندو جميله جي خلاف تمام گھڻن الزامن جي لسٽ تيار ٿي ويئي، ۽ ھنن الزامن کي ثابت ڪيو ويو:
1. ھن، الجزائر جي ڪيفي ۾، جتي فرانسيسين جي تمام گھڻي اچ وڃ رھندي ھئي، ھڪ ٽائيم بم رکيو.
2. جميله بُوپاشا، محاذ تي وڙھندڙ حريت- پسندن کي امداد ۽ ھٿيار پھچائيندي ھئي.
3. ھن، لبريشن فرنٽ جي مجاھدن کي پنھنجي گھر ۾ پناھه ڏني ھئي.
4. جميله بُوپاشا تشدد پسند آھي. ھن تشددي سرگرمين ۾ ڪيترا ڀيرا ٻين حريت پسندن سان ساٿ ڏنو آھي، ۽ فرانسيسي حڪومت کي نقصان پھچائڻ ۾ وڌ کان وڌ حصو ورتو آھي.
فوجي عدالت، جميله کي صفائيءَ ۾ ڪنھن شاھد پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، البت سرڪاري استغاثي جي شاھديءَ لاءِ ھڪ چري مائيءَ کي پيش ڪيو ويو، جيڪا پاڳل خاني ۾ بيمار ھئي. ان کان پوءِ ھڪ لکت پيش ڪئي وئي، جنھن کي جميله بُوپاشا جي ڏوھه مڃڻ جو اقرارنامو قرار ڏنو ويو. صحيح به باقائدي موجود ھئي. جميله عدالت ۾ کُلم کلا اعلان ڪيو ته ھن ڪنھن به اھڙيءَ لکت تي صحيح نه ڪئي آھي- ھن فوجي عدالت کي مخاطب ٿي، وڏيءَ دليريءَ سان چيو:
”مون، جنھن صورت ۾ ڪوبه ڏوھه ڪونه ڪيو آھي، اُن ڪري ڏوھه جي اقرار جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿي سگھي. ھنن مون کي بلڪل غير قانوني طور گرفتار ڪيو آھي، ۽ ڪيتري وقت کان وٺي ناحق بند ۾ رکيو آھي. منھنجي خلاف ھنن وحشي ۽ مڪار پوليس آفيسرن ۽ فوجي حاڪمن بنھ غلط الزام گھڙيا آھن، ۽ ھيءَ لکيت به سندن شرمناڪ جعل سازيءَ کان وڌيڪ ڪابه حقيقت نٿي رکي!“
عدالت جي ايوان ۾ فقط ھن شينھڻ جو آواز گونجي رھيو ھو. ڪجھ گھڙين لاءِ باطل جون قوتون ڄڻ ته سُن ٿي ويون- ماحول تي ھڪ قسم جي ماٺار ڇانئجي ويئي. سرڪاري ڌُر کي لاجواب ڏسي، جج جميله ڏانھن ڪرڙيءَ اک سان گھوريو:
”اسان کي ھن ڇوڪريءَ جي ديدہ دليريءَ تي سخت حيرت آھي.“
ھڪ پوليس آفيسر جج جي رويي تي جرئت مان چيو:
”ھي سڀ باغي اھڙا ئي ھوندا آھن.“
”خير! ھن باغي ڇوڪريءَ تي الزام ثابت ٿي چڪو آھي. ايندڙ تاريخ تي فيصلو ٻڌايو ويندو-“
جج گرجندڙ آواز ۾ چيو- ۽ عدالت ملتوي ڪري ڇڏي. لاقانونيت جي ھن عدالت جو انصاف به تعصب سان ڀريل ھو.
جميله جي دل مايوسيءَ جي گھراين ۾ ٻڏي ويئي. کيس ھن عدالت جو رويو، ڪٽرپڻي وارو ۽ انصاف کان ڏور معلوم ٿيو- ۽ اميد جو آخري ڪرڻو به مايوسين جي اونداھيءَ چادر ۾ وڃائجي ويو.
15- جولاءِ 1960ع، فيصلي جي تاريخ مقرر ٿي، فوجي عدالت جو ايوان، اُداس ۽ خاموش محسوس ٿيو. جميله جي ڪنھن مائٽ کي روبرو فيصلي ٻڌڻ جي اجازت نه ملي. جميله جون ڳولائو نگاھون، پنھنجي چوڌاري ڪنھن پياري مُھانڊي کي ڳولي رھيون ھيون، پر کيس چؤطرف جلادن ۽ ظالمن جا ڀوائتا چھرا ڏيکائي ڏيئي رھيا ھئا، جن کي عياشين ڦٽائي ڇڏيو ھو- ۽ اُن وقت ھڪ طنز ڀريل مڪروھه مسڪراھٽ، ماحول کي اڃا به وڌيڪ مڪروھه بڻائي ڇڏيو ھو.
عدالت جي بيٺڪ ٿي. جميله کي پيش ڪيو ويو، ۽ جج کيس موت جي سزا جو حُڪم ٻڌايو.
ھيءَ خبر باھه جيان سڄي دنيا ۾ نشر ٿي وئي. سڄيءَ دنيا ھن فيصلي جي خلاف احتجاج جو آواز بلند ڪيو. فيصلي ڪندڙ طاقتن وٽ دنيا جي ھر ملڪ مان احتجاجي تارون پھتيون، جن ۾ ھن فيصلي کي رد ڪرڻ جي اپيل ھئي. سڀني ملڪن جي آزادي- پسند ماڻھن ھن انڌي فيصلي جي ڀرپور مذمت ڪئي. سياسي اڳواڻن، شاگردن ۽ اديبن ھڪ راءِ ٿي ھن سزا جي منسوخيءَ جو مطالبو ڪيو.
اِن وٺ وٺان جي ڪري، الجزائر جي حاڪمن کي، بالا آفيسرن پاران، جميله بُوپاشا جي موت جي سزا منسوخ ڪرڻ جو حُڪم مليو- ۽ سندس اپيل کي اڳيان رکي، سندس مقدمي جي سماعت ۽ تحقيقات نئين سر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ۽ کيس عدالت مان نڪرندي ئي حفاظتي پوليس، پنھنجي قبضي ۾ وٺي، ’ڪين‘ جي جيل ۾ پھچائي ڇڏيو، جتي سندس مقدمي جي سماعت نئينءَ عدالت ۾ ٿيڻي ھئي.
حليميءَ، جميله جي بچاءَ لاءِ نَنھن چوٽيءَ جو زور لاتو. مئجسٽريٽ به انصاف- پسند ماڻھو ھو. ھن نھايت دلچسپيءَ سان ڪيس ھلايو، پر جيئن ته سندس اختيار محدود ھئا، اُن ڪري ھن جميله جي آڏو ڪجھ شرط پيش ڪيا- ته ھوءَ پنھنجي آزاديءَ جي بدلي ۾ پنھنجيءَ زبان کي فرانسيسي پوليس ۽ فوج جي ظلمن جي داستان بيانيءَ کان ھميشہ لاءِ روڪيندي، ته کانئس ”نيشنل فرنٽ“ ۽ اُن جي سرگرمين بابت ڪابه پڇا ڳاڇا نه ڪئي ويندي.
۽ اِن رٿ سان گڏ عدالت برخواست ٿي.
اُن بعد الجزائر جي ھن بھادر سورميءَ کي سياسي قيديءَ جي حيثيت سان برٽني ۾ رينز جي جيل ۾ قيد رکيو ويو، جتي ٻيون به ڪجھ آزادي- پسند الجزائري ڇوڪريون قيد ھيون.
جميله کي پنھنجي زندہ بچڻ تي سڀ کان وڌ اِن ڳالھ جي خوشي ھئي، ته ھوءَ پنھنجيءَ ۽ پنھنجن ساٿين جي قربانين کي سفل ٿيندي ڏسي سگھندي- ھوءَ پنھنجي پياري وطن کي آزاد ۽ خودمختيار ڏسي سگھندي-
’نيشنل لبريشن فرنٽ‘ جي مجاھدن جي قربانين نيٺ رنگ لاتو، ۽ ”ايويان“ جي معاھدي ھيٺ سڀني سياسي قيدين ۽ نظربندن کي آزاد ڪيو ويو.
- اھو 21- اپريل 1963ع جو سڀاڳو ڏينھن ھو، جڏھن جميله جھڙيءَ محب وطن مجاھدن جون قربانيون ڪم آيون، ۽ الجزائر مان فرانسيسي تسلط جو خاتمو اچي ويو-
جميله اِن ڏينھن ڏسڻ جي خواھشمند ھئي، ۽ سندس چاھه، قربانيءَ ۽ جدوجھد کيس اُھو ڏينھن ڏيکاريو-!