شخصيتون ۽ خاڪا

دنيا جون عظيم انقلابي عورتون

تاج جويي جو مرتب ڪيل ”دنيا جون عظيم انقلابي عورتون“ اوھان جي ھٿن ۾ آھي. ھي ڪردارَ محترمه فرزانه نصير جي ڪتاب ”انقلابي عورتين“ تان ورتل آھن. ھن ڪتاب ۾ انھن دنيا جي عظيم انقلابي عورتن جو ذڪر ٿيل آھي، جن پنھنجي مادر وطن جي دفاع لاءِ سِر ڌڙ جي بازي لڳائي ۽ مَردن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي پنھنجي فرض جي بجا آوري ڪئي. انھن عظيم عورتن جي زندگي اسان مسڪين پورھيتن ۽ ڏتن ڙيل انسانن لاءِ مشعل راھ بڻبي.
هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومري ڪئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3551
  • 1140
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تاج جويو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا جون عظيم انقلابي عورتون

زويا اناطوليا

(اشتراڪي روس جي ھڪ عظيم سرويچ ڌيءُ، جيڪا وطن جو دفاع ڪندي، نازي بگھڙن جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻي- ۽ مادر وطن جي حفاظت لاءِ قربان ٿي، اَمر بڻجي ويئي!)

1941ع جي شروعات جو ذڪر آھي. ماسڪو جي اسڪول نمبر 201 ۾، ڏھين درجي جي ھڪ شاگردياڻي، اسڪول جي روح روان ھئي. ھن جي پُرڪشش شخصيت کان سندس اسڪول جون ٻيون شاگردياڻيون بيحد متاثر ھيون. ھيءَ ڊگھي قد، ڀريل جسم، ويڪرن ڪُلھن واري ارڙھن ورھين جي وينگس، مرداڻي ڏَيا واري ھئي. پر ٺھيل ٺڪيل عضون ۾ بدستور زناني نزاڪت موجود ھئي- ھن جي زيتوني رنگ ۾ صحتمند سُرخي جرڪندي ھئي. ڪارين تيز اکين ۾ زندگيءَ جي تڙپ سان ڀرپور وڄون رقص ڪندي نظر اينديون ھيون. خوبصورت ويڪريءَ پيشانيءَ تي دائمي حياتيءَ جو نُور ھو. ڪارن ڀَنڀَن وارن ۾ پَٽَ جھڙي نرماڻ ۽ چمڪ ھئي. دلڪش چپن جي اوٽَ مان استقلال ۽ جانبازي جھلڪي رھي ھئي، ۽ آواز ۾ روشن آئيندي جي حسين گيتن جي گونجار سان گڏ عزم ۽ پختگيءَ جو ڌيرج ھو.
زويا من- موھيندڙ شخصيت رکڻ سان گڏو گڏ ذھانت ۽ سياڻپ ۾ به سڄي اسڪول ۾ پنھنجو مَٽ پاڻ ھئي- ھوءَ ھم سبقن ۾ محبوب ۽ استادن ۾ بيحد مقبول ھئي.
ھن ارڙھن ساله وينگس جو نالو؛ زويا اناطوليا ونا دلميا نسڪليا ھو. ننڍپڻ ۾ ئي ھن جي مٿي تان پيءُ جي شفقت جو پاڇو ھٽي ويو ھو. ھن جي ماءُ ليوبود تموفيادنا، ھڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي ھئي ۽ پنھنجن ٻنھي پيارن ٻارن زويا ۽ اشورڪ سان گڏ اليگزينڊر رولين تمر بازو پارڪ ۾ ھڪ ننڍڙي، پر صاف سٿري سھڻي گھر ۾ رھندي ھئي.
زويا، جيتوڻيڪ رڳو اسڪول جي شاگردياڻي ھئي، پر نھايت بلند ادبي ذوق رکندي ھئي. ڪنھن مضمون ۾ معلومات جي ذخيري لاءِ ھوءَ رڳو نصابي ڪتابن تي نه ڀاڙيندي ھئي، پر ان سلسلي جي ٻين ڪتابن مان فائدو وٺي، وڌ کان وڌ معلومات ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي. ڄاڻو استادن کي ھن جي لکيل مضمونن ۾ ڪٿي پشڪن، گوگول ۽ بلنسڪي جو تاثر نظر ايندو ھو، ته ڪٿي ٽالسٽاءِ ۽ چيمر منيشوسڪائي جي لکڻين جا ٽڪرا ۽ حوالا ڏسڻ ۾ ايندا ھئا، جي ھن ڏاھيءَ ۽ سنجيديءَ شاگردياڻيءَ جي وسيع مطالعي جا شاھد ھئا.
روسي ادب ۽ تاريخ جو مطالعو، ھن جي من- پسند وندر ھئي، جنھن جي اثر ۾ ھوءَ ھر وقت گُم ھوندي ھئي. ھن جي وطن جي ادب ۽ تاريخ کي اڏيندڙ زندہ جاويد شخصيتون ۽ انھن جي تحريرن جا لازوال ڪردار، زويا جي ذھن ۾ سمائجي، ھن جي وجود جي ذري ذري ۾ رچي ويا ھئا، ۽ ھن جي شخصيت آھستي آھستي اُن قالب ۾ سمائجي پئي وئي، جيڪو سندس پيش رو دانشورن، پنھنجي ”آئيڊيل“ ڪردارن لاءِ بڻايو ھو. ھوءَ سندس ذھن جي تخليق ڪيل وسيع دنيا ۾ رھڻ لڳي. اُن دنيا جي آبھوا، ھن کي بلند حوصلا ۽ پُرجوش ولولا عطا ڪيا. ملڪ ۽ ملڪ- واسين جي لازوال محبت، ھن جي معصوم دل ۾ گھر ڪري چڪي ھئي- ۽ ھوءَ اُن عظيم جذبي سان سرشار ٿي وئي، جيڪو ھر قربانيءَ لاءِ اُڀاري ٿو، ۽ اَجيت آھي.
زويا، جڏھن پنھنجي ڪلاس پاران ليگ آرگنائيزر چونڊي وئي، ته ھن ليگ جي اجلاس آڏو سڀ کان پھرين ھيءَ تجويز رکي ته ’ليگ جو ھر ميمبر، گھٽ پڙھيل عورتن کي تعليم ڏيارڻ ۽ ڏيڻ جي سلسلي ۾ مدد جو ذمو کڻي‘ ۽ ھن، ترت ئي اِن تجويز کي عملي صورت ڏيڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني، جيڪا ڪافي حد تائين ڪامياب ثابت ٿي- جيتوڻيڪ ڪجھ عرصي کان پوءِ ھن جا ساٿي ايترا سرگرم نه رھيا، پر ھوءَ ذاتي طور اِن ڳالھ تي ڪاربند ۽ ڪوشان رھي- ۽ سندس ڪوششن جا خاطريءَ جھڙا نتيجا نڪتا.
جنھن وقت زويا، ”ينگ ڪميونسٽ ليگ“ جي رڪنيت اختيار ڪئي ھئي، ته باوجود ننڍيءَ عمر جي شاگردياڻي ھئڻ جي ھوءَ ”امن ۽ جنگ“ جي موضوعن تي ڀرپور نموني ۽ دليلن سان بحث ڪري سگھندي ھئي. اُنھن مسئلن تي ھوءَ سرويٽس ۽ ڪٽوزو کان بيحد متاثر ھئي- چرمنيش وسڪائي جھڙي محب وطن جون لکڻيون، ھن جي رت کي ٽھڪائي چڪيون ھيون، ۽ ھوءَ وطنيت جي جذبي سان ڀرپور حوصلا، پنھنجيءَ ننڍڙيءَ دل ۾ سمائي، ڪنھن اھڙي وقت جو تصور پنھنجي ذھن ۾ کنيو وتندي ھئي، جڏھن پياري وطن جي خدمت جو مقدس فرض ھن کي سونپيل ھجي، ۽ ھوءَ اُن جي لڄ تان گھورجي وڃي.
زويا، اڃا ڏھين درجي جو امتحان ئي پاس نه ڪيو ھو ته ٻي عالمگير جنگ جا انسانيت سوز شعلا، سندس پنھنجي وطن جي دامن کي به ڇُھڻ لڳا. نازي بگھڙ، جيڪي سڄيءَ دنيا جو امن تباھه ڪرڻ بابت سوچي چڪا ھئا، روس ڏانھن به متوجھ ٿيا-
ھنن بالٽڪ کان ڪاري سمنڊ (Black sea) تائين 1800 ميلن جو ھڪ ڊگھو محاذ قائم ڪيو، ۽ 22- جون 1941ع تي اوچتو روس جي حدن ۾ داخل ٿي ويا. کين ”فيوھرر“ (ھٽلر) جو حُڪم ھو ته ھڪ مھيني اندر ئي لينن گراڊ کي فتح ڪري، ماسڪو تي نازي جھنڊو کوڙڻو آھي. پر روس اھڙو سڻڀو گرھه نه ھو، جھڙو ھٽلر ۽ اُن جا فاشسٽ ساٿي، ان کي سمجھي رھيا ھئا. اُھي فرانس، بيلجم ۽ يوگوسلاويه جي فتحن جي نشي ۾ چُور ھئا، ۽ اُن ئي نشي ۾ ھو پنھنجي نئين حريف جي صلاحيتن جو غلط اندازو ڪري ويٺا. ھن مرحلي تي سندن پالھو ھڪ اھڙي عوام سان پيو ھو، جنھن جو ٻچو ٻچو وطني جذبي سان سرشار ھو؛ جنھن ۾ زويا جھڙيون محب وطن نينگريون موجود ھيون.
۽ اُن ڏينھن ڪلاس جي ڇوڪرين محسوس ڪيو، ڄڻ زويا ڪنھن گھريءَ سوچ ۾ غرق آھي.
”ڪھڙيءَ سوچ ۾ گُم آھين، زويا؟“ ھڪ پڇيو.
”ڪو نئون ڪتاب پڙھيو ھوندائين! ھيءَ جڏھن به ڪو نئون ڪتاب پڙھندي آھي، ته ڪيترن ڏينھن تائين اُن ڪتاب جي ڪردارن ۾ کوئجي، اُنھن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندي آھي. ساڻن گڏ خيالي زندگي گھارڻ ۾ ايڏو ته محو ھوندي آھي، جو اسان کي وساري ڇڏيندي آھي!“ ٻي چوڻ لڳي.
”نه، منھنجيون پياريون! ھن ڀيري اھڙي ڪا ڳالھ ڪانھي. ھن ڀيري ته اھڙيون سگھاريون حقيقتون اسان جي سامھون آھن، جو ڪنھن خيالي دنيا ۾ کوئجڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. منھنجي ڪَنن ۾ پنھنجي محبوب ڪامريڊ جي تقرير گونجي رھي آھي. ڇا، توھان ڪامريڊ اسٽالن جي تقرير ريڊيي تي نه ٻڌي آھي؟“ ھوءَ پڇڻ لڳي.
۽ ايتري ۾ ريڊيي تي اُن تقرير جو رڪارڊ ٻيھر دھرائجڻ لڳو. ڪامريڊ اسٽالن پنھنجي گنڀير آواز ۾ قوم کي خطاب ڪري رھيو ھو:
”منھنجا ھم وطنو! ساٿيو! وطن جا سپاھيو!
آخري وقت اچي پھتو آھي. ھن وقت سمورو روسي عوام پنھنجي ملڪ جي حفاظت لاءِ ڪَفن سر سان ٻڌي نڪري اچي، ۽ فيصلو ڪري وٺي ته جيسين تائين اسان جي جسم ۾ رت جو آخري ڦڙو به موجود آھي، اسان پنھنجي شھرن ۽ ٻھراڙين کي دشمن جي قبضي ۾ وڃڻ نه ڏينداسون. اسان کي روس جي ڌرتيءَ جي ھڪ ھڪ انچ لاءِ ڪٽجي مرڻ کپي. ھن وقت ان ڳالھ جي سخت ضرورت آھي ته اسان جا صنعتي ڪارخانا رات ڏينھن ڪم ڪندا رھن، ۽ وڌ کان وڌ جنگي سامان تيار ڪن، ته جيئن محاذ تي بيٺل فوجن کي لاڳيتي رسد پھچي سگھي.“
”ته- پوءِ اسان کي اِن ڏس ۾ ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ ڇوڪريءَ متاثر ٿي پڇيو.
”اسان کي گھڻو ڪجھ ڪرڻ کپي! اسان جو پيارو وطن خطري ۾ آھي، منھنجون ساٿياڻيون! اسان کي في الحال پنھنجون تعليمي سرگرميون ۽ مصروفيتون ملتوي ڪري، پنھنجي ڀائرن سان ڪلھو ڪُلھي ۾ ملائي ڪم ڪرڻ گھرجي. عورتون گھر جي ڪم ڪاڄ کي پاسيرو رکي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪن، ٻنين ۾ ڪم سنڀالين ۽ مَردن کي محاذ تي دشمنن سان وڙھڻ لاءِ واندو ڇڏين.“. زويا وڏي جوش مان تقرير ڪئي.
”۽ تنھنجو ڪھڙو ارادو آھي؟“ ڇوڪريءَ پڇيو، ۽ زويا جي چَپن تي ھڪ گھري مُرڪ ڇانئجي ويئي:
”آءٌ؟ آءٌ فوج ۾ وينديس!“ ھن پنھنجي ويڪرن ڪُلھن کي تاڻي جواب ڏنو.
اھو ٻڌي، ھن جون ساھيڙيون حيران ٿيون. پر ترت ئي کين زويا جي سچائيءَ جو ثبوت ملي ويو، جڏھن کين اُھو معلوم ٿيو ته ھوءَ سُرخ فوج جي گوريلا جٿن ۾ رضاڪار جي حيثيت سان ڀرتي ٿي ويئي آھي.
ڀرتي ڪندڙ آفيسر، ھن ننڍيءَ عمر واريءَ، پردلير ڇوڪريءَ کي آزمائڻ لاءِ ڪيترائي سوال ڪيا، ھن جي ھمت کي آزمائڻ لاءِ کيس خوف ڏياريو ۽ ھن جي آڏو خطرن جو تصور پيش ڪيو. پر زويا جو ھر جواب تسلي بخش ۽ بيحد دليريءَ وارو ھو. آفيسر ڏاڍو متاثر ٿيو، ۽ ھن جي درخواست منظور ڪيائين. ھوءَ گھر موٽي ته ڏاڍي خوش ھئي. ماءُ کان موڪلائيندي ھن مُرڪيو ۽ سندس ڳچيءَ ۾ ٻانھون وجھندي چيائين:
”امڙ! روئجان نه! پر منھنجي لاءِ دعا ڪجان ته جيئن آءٌ ھڪ سورميءَ جيان سوڀاري ٿي تو وٽ موٽي اچان، يا ھڪ سورميءَ (Heroine)وانگر بھادريءَ سان وطن تي گھورجي وڃان.“
۽ ھوءَ پنھنجي فرض تي قربان ٿيڻ لاءِ رواني ٿي ويئي.
تن ڏينھين نازين جي يلغار ڏاڍي زوردار ھئي. اُھي ملڪ اندر پري پري تائين رنڀون ڪندا، لنگھي آيا ھئا. سندن سوڀون عُروج تي ھيون. ماسڪو لاءِ خطرو وڌي رھيو ھو. روس جي ھڪ تمام وڏي ايراضي، جرمنن پنھنجي قبضي ۾ ڪري ورتي ھئي.
روانگيءَ جي ٻئي ڏينھن زويا ۽ ينگ ڪميونسٽ ليگ جا ٻيا ميمبر، جيڪي ھن سان گڏ ڀرتي ٿيا ھئا، پنھنجي مَھم تي روانا ٿي ويا. ھيءُ ڇاپامار گوريلا دستو، ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ابوخودو ۾ پھتو ۽ محاذ جي حدن وٽان لنگھي، دشمن جي والاريل علائقي ۾ پھچي ويو. ھيءُ علائقو گھاٽي جھنگ سان گھيريل ھو. زويا ۽ سندس ساٿي، ٻن ھفتن تائين اُنھن جھنگن ۾ لِڪا رھيا. اُھي ڏينھن جي وقت گھاٽن ٻوٽن جي اوٽ ۾ لڪا رھندا ھئا، پر سج لڙندي ئي پنھنجون سرگرميون شروع ڪري ڏيندا ھئا- ليڪن سخت ٿڌ ۽ برفباريءَ کان تنگ ٿي، اڪثر ميمبرن واپس وڃڻ جو اردادو ڪيو، پر زويا متفق نه ٿي. ھن وقت تائين ھنن جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون ھيون، يعني دشمن کي جيتريقدر نقصان پھچايو ھو، زويا اُن مان مطمئن نه ھئي. اُن ڪري ھن اُتي ئي رھڻ جو فيصلو ڪيو. ٻن ھفتن جي سخت مھم کان ڪَڪ ٿي، ڪيترا ماڻھو پنھنجي علائقن ۾ واپس ھليا ويا، پر زويا ۽ سندس ٻه ساٿي اڳتي وڌيا. ھاڻي ھنن جي منزل پيٽروشڪوف ھئي. پر منزل تائين پھچڻ کان اڳ اُھي ٻه ساٿي به ھن کي اڪيلو ڇڏي ويا. ھن ٻه راتيون خوفناڪ جھنگل ۾ اڪيلي گذاريون. ٽينءَ رات ويريا جو ڇاپامار اُن جھنگ ۾ اچي نڪتو. ھي ٻئي ڄڻا ڪيترن ڏينھن تائين گڏ ڪم ڪندا رھيا. ڏينھن جو ھڪ ئي پناھه گاھه ۾ لڪا رھندا ھئا. زويا پنھنجو نالو مصلحت طور ظاھر ڪرڻ نه گھريو، ۽ اُن جي پڇڻ تي ٻڌايائين ته کيس ”تانيا“ چوندا آھن. بھرحال، ھن ويريائي ڇاپامار نوجوان جي نشاندھيءَ موجب ڪجھ حلقن ۾ زويا جو نالو ئي ”تانيا“ مشھور ٿي ويو.
ھڪ ڏينھن ھن پنھنجي ساٿيءَ کي چيو ته ھو دشمن جي ھڪ اھم اڏي ۾ داخل ٿي، اُن کي تباھه ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. ۽ ھوءَ اڪيلي رواني ٿي ويئي- ڏينھن جي وقت ھوءَ پناھه گاھه ۾ ويھي، بيچينيءَ سان اونداھيءَ ٿيڻ جو انتظار ڪندي رھي.
پيٽروشڪوف، ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھو، پر چئني طرفن کان گھاٽن جھنگلن سان گھيريل ھئڻ ڪري جرمنن جو ھڪ اھم فوجي اڏو ھو- ھن ڳوٺ جي ھر گھر ۾ ڏھه ڏھه، پندرھن پندرھن نازي سپاھي ترسيل ھئا، ۽ گھر جي مالڪن جي کاڌ- خوراڪ جي ذخيرن تي پلجي رھيا ھئا، ۽ ھنن جو سمورو ڪم ڪار ڳوٺاڻن کي ڪرڻو پوندو ھو.
ھڪ رات زويا ڳوٺ ۾ پھچي، سڀ کان پھرين ٽيليفون جون تارون ڪاٽي ڇڏيون. اُن کان پوءِ طنبيلن کي باھه لڳائي، بيحد ڦڙتيءَ سان پنھنجيءَ پناھه گاھه ۾ موٽي آئي. ھوءَ ڏاڍي خوش ھئي ته سندس ھيءُ حملو ڪامياب رھيو ھو. ھن اِن حملي ۾ دشمنن کي ڪافي نقصان رسايو ھو.
ٻئي ڏينھن صبح جو پيٽروشڪوف جي نازي ڪئمپ ۾ وڏي غم ۽ غصي جو اظھار ٿي رھيو ھو. جيتوڻيڪ اِن قسم جي نقصان جو ھيءُ ڪو پھريون موقعو ڪونه ھو، نه ئي ھيءُ ڪو اھڙو غير متوقع واقعو ھو، ڇوته ائين ھر روز ٿيندو رھندو ھو. روسي ڇاپا مارن، نازي سپاھين جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو ھو. اُھي اڪثر راتين جو کين گرم ۽ نرم بسترن مان ٻاھر نڪرڻ تي مجبور ڪري وجھندا ھئا، اُنھن کي پنھنجي پٺيان برف تي ميلن تائين ڊوڙائيندا رھندا ھئا. سندن ٽيليفون ڪٽي ڇڏيندا ھئا، ۽ رسد گاھن ۽ گودامن کي باھيون ڏيندا ھئا. ھنن جي ننڍن ننڍن جَٿن کي ماري مُڃ ڪندا ھئا، ۽ نازي سندن دز کي به پھچي نه سگھندا ھئا- ھڪ ته اُھي تمام گھڻي ٿڌ کان تنگ اچي چڪا ھئا، اُن ڪري گوريلن جي حملن کان گھٻرائيندا ھئا. پيٽروشڪوف ۾ ٽيليفون جو سلسلو ڪٽجي وڃڻ سبب نازين جو ھيءُ اَڏو ھيڊ ڪوارٽر کان ڪٽجي ويو ۽ پيغام اچڻ بنھ بند ٿي ويا. ھنن جا سوين گھوڙا سڙي مري ويا ۽ ڪيتروئي جنگي سامان سڙي رَک ٿي ويو.
ٻيءَ رات پھريدارن کي اسپيشل ڊيوٽيءَ تي مقرر ڪيو ويو. ڊسمبر مھيني جي ٿڌي برفاني رات ھئي، ۽ نازي پھريدار پنھنجي ھن ناگوار ۽ تڪليف ڏيندڙ فرض جي پورائيءَ لاءِ مجبور ھو.
اوچتو اوندھه ۾ ھڪ پاڇو اُڀريو ۽ آھستي آھستي احتياط سان وِکون کڻندو، ھيڏانھن ھوڏانھن نظر وجھندو، اُن وڏي طنبيلي طرف وڌيو، جتي جرمن سپاھين جا اٽڪل ٻه سؤ گھوڙا ٻَڌل ھئا. روسي ڇاپا مار جي ھٿ ۾ پستول ھو. طنبيلي جي دروازي تي پھچي، ھن پستول کي کيسي ۾ وڌو، ۽ پنھنجي ڪُلھي تي لڙڪيل فوجي ٿيلھي مان ”باھه ڏيندڙ گيس“ جي بوتل ڪڍي، جلدي جلدي اُن مادي کي زمين تي ھاريائين. ليڪن اُن کان اڳ جو ھو باھه دُکائي، پھريدار جھٽ ھڻي کيس پڪڙڻ گھريو، پر ڇاپا مار نھايت چابڪدستيءَ سان ھن کان پستول کسي ورتو ۽ اُن کي کنڀي کڻي زمين تي دسيائين. پر ھن اڃا باھه ئي نه ڏني ھئي ته پھريدار جي سيٽيءَ جي موٽ ۾ سپاھي موقعي تي پھچي ويا ۽ ڇاپا مار کي گرفتار ڪيو ويو. روسي ڇاپا مار نوجوان کي گرفتار ڪري، اُھي ماڻھو پنھنجي ڪمانڊر وٽ پھتا، جيڪو ھڪ ھاريءَ جي گھر پنھنجي فوجي دستي سميت رھيل ھو. ڪمانڊر حيرت مان کيس ڏسي رھيو ھو. ھن کي، ھن نوجوان جي دلڪش مھانڊي ۾ عورتاڻي نزاڪت ڏيکائي ڏئي رھي ھئي. ھن ڊگھي قد واري نوجوان کي سمور جي جيڪٽ پاتل ھئي، ۽ ڪنڌ تي فوجي ٿيلھو لٽڪي رھيو ھو. گھنڊيدار ڪارن وارن جون چڳون، ٽوپلي جي ھيٺان ظاھر ھيون. زيتوني رنگت واري چھري تي استقلال ھو، چمڪندڙ ڪارين اکين ۾ بيخوفيءَ ۽ مقابلي جي دعوت جي جھلڪ ھئي. ھن ڪمانڊر جي گھوريندڙ نگاھن ۾ ڪمال جرئت سان نھاريو.
جنھن وقت ڪمانڊر جي حڪم سان سندس ڪپڙا لاٿا ويا، ته سپاھين جي واتان ھڪدم عجب گاڏڙ رڙ بلند ٿي:
”اڙي، عورت؟..... عورت ڇاپا مار!“
”ڇا اِھو ممڪن آھي؟“
۽ ھوءَ سڀني جي گھوريندڙ نظرن آڏو ڪنھن بي حس پھاڙ جيان بيٺل ھئي. جيتوڻيڪ ڪمانڊر جي حڪم سان ھن جي جسم کي بلڪل اگھاڙو ڪيو ويو ھو. فقط معمولي ڪڇو پاتل ھئس. گھر جي ڀاتين کي اندر ھلئي وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو. اُھي سڀ ڀر واري رڌڻي ۾ بند ٿي ويا. پر ھنن جون دليون، ھن حوصلي مند ڇوڪريءَ جي حال تي روئي رھيون ھيون. ھنن ساھه سُڪائي، آوازن تي ڪَن لڳائي ڇڏيو. ڀر واري ڪمري مان ايندڙ ھڪ ڏھڪائيندڙ آواز سڀني جون دليون ڏڪائي وڌيون:
”ڪير آھين تون؟“
چُپ ---
”آءٌ پُڇان ٿو، تون ڪير آھين؟ تنھنجو نالو ڇا آھي؟“ ڪمانڊر وري رڙ ڪئي.
”ضروري ناھي ته آءٌ تنھنجن سوالن جا جواب ڏيان.“ سنھڙو زنانو آواز آيو.
”توکي ٻڌائڻو پوندو.“ ھن گجندي چيو.
”پر آءٌ نه ٻڌائينديس!“ پُر عزم جواب مليو.
”ڪالھ تو ئي اسان جي طنبيلن کي باھه ڏني ھئي؟“
”ھا، ھا! مون ئي ڏني ھئي!“ آواز ۾ ھڪ قسم جو فخر سمايل ھو.
”ڇو؟“ ڪمانڊر رنڀ ڪئي.
”صاف ظاھر آھي، اوھان جي جنگي وسيلن کي تباھه ڪرڻ لاءِ- جيڪي منھنجي ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ وارا ھئا“- زويا نھايت دليريءَ سان جواب ڏنو.
”تون اسان جي علائقي ۾ ڪڏھن آئينءَ؟“
”ٻه ڏينھن اڳ!“ ھن وراڻيو.
”پوءِ ته تو ڏاڍيءَ تيزيءَ سان ڪم شروع ڪري ڏنو!“ ڪمانڊر طنزيه انداز ۾ پنھنجا ڀرون تاڻي، پنھنجي سامھون بيٺل ننگي ڇوڪريءَ کي مسڪرائي گھوريو.
”وقت وڃائڻ جو ڪوبه ڪارڻ نه ھو. منھنجي آڏو ٻيا به گھڻا ڪم ھئا،“ ڇوڪريءَ نگاھن ۾ نفرت ڀري جواب ڏنو.
”توکي ھِن ڪم لاءِ ڪنھن مقرر ڪيو ھو؟“ ڪمانڊر وڌيڪ سوال ڪيو.
”ڇا مون کي خود پنھنجي وطن سان محبت نه آھي، جو آءٌ اُن جي دفاع لاءَ ڪنھنجي مقرريءَ جو انتظار ڪريان؟“ ھن پنھنجي آڏو بيٺل ديو قد نازيءَ کي گھوري، پاڻ سوال ڪيو، ته ھو سندس دليريءَ تي دنگ رھجي ويو.
”توسان گڏ ٻيا ڪيترا ماڻھو آھن ۽ اُھي ڪٿي لِڪل آھن؟“ ڪمانڊر وڌيڪ سوال ڪيو.
”آءٌ اڪيلي آھيان.“ ھُن جواب ڏنو.
”آءٌ اِھو نٿو مڃان!“ ڪمانڊر گجندي چيو.
”نه کڻي مڃ!“ ڇوڪريءَ بيپرواھيءَ سان جواب ڏنو.
”پر توکي اِن سوال جو جواب ضرور ڏيڻو پوندو“- ھن رڙ ڪئي. زويا نفرت سان ھن ڏانھن گھوريو، ۽ خاموش رھي.
”ٻڌاءِ! توکي اِھو ٻڌائڻو پوندو ته تنھنجا ساٿي ڪيتري تعداد ۾ آھن، ۽ ڪھڙيءَ جاءِ تي لِڪل آھن؟“ ھو جوش جي گھڻائيءَ سبب پنھنجيءَ ڪرسيءَ تان اُٿي بيٺو، ۽ ٺونشو تاڻي رڙ ڪيائين.
زويا تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو، ڄڻڪ ھِن جون غضبناڪ رڙيون، زويا جي ڪَنن تائين پھچي ئي نه رھيون ھيون.
”تون اِجھو ٿي ٻڌائين! جڏھن ڪَوڙن جا ڦھڪا ٿيندا، ته پاڻھي راز کوليندينءَ!“
۽ ھن ھڪ سپاھيءَ ڏانھن ھٿ وڌايو. سپاھيءَ ھڪ ڊگھو ڪَوڙو ھن جي ھٿ ۾ ڏنو، ۽ پاڻ پوئتي ھٽي بيھي رھيو. ھوا ۾ سرڙاٽ ٿيو ۽ ڪوڙن جي ڊيڄاريندڙ آواز سان ڪمري ۾ ڀيانڪ ماحول پيدا ٿي ويو. ڪيترن منٽن تائين ھيءُ عمل جاري رھيو.
”خدايا! ھي ڪنھن ڀِت کي ڪُٽي رھيا آھن، يا.....؟ ڪوڙن جي آواز کان سواءِ ٻيو ڪو آواز ته ڪونه ٿو اچي!“ گھر ڌاڻيءَ سڏڪا ڀريندي چيو.
گھر جا سڀ ڀاتي خوف کان ويڙھيا سيڙھيا بورچيخاني ۾ ساھه سُڪايون ويٺا ھئا. حقيقت ھيءَ ھئي ته پنجاھي کن ڪوڙا کائي به زويا جي مُنھن مان ھڪ به رڙ نه نڪتي- وطن جا سچا پرستار واقعي سڀني بيروني اثرن جي آڏو پھاڙ بڻجي ويندا آھن. ايتري قدر جو کين وطن جي مفاد جي آڏو پنھنجي جسم ۽ جان جو به احساس باقي نٿو رھي. مبارڪ آھن اُھي قومون، جيڪي اھڙن زندہ جاويد فردن کي جنم ڏين ٿيون، جن جو موت پڻ پنھنجيءَ قوم جي حق ۾ دائمي زندگي ۽ پائندگي بڻجي وڃي ٿو.
”ٻڌاءِ!“ ڪمانڊر ھانڀارو ھڻندي چيو.
”نه، آءٌ ڪجھ به نه ٻڌائينديس!“ زويا نھايت جوش مان جواب ڏنو. ھن جي جسم تي ڪوڙن جا نِيرا نِيرا داغ اُڀري آيا ھئا. کَل لھي، رت رِسڻ لڳو ھو. ڌَڪن کي برداشت ڪرڻ لاءِ چپن کي ڏندن ۾ ڀيڙي رکيو. ھن جا چپ سڄي پيا ھئا، پر سندس جرئت ۽ دليريءَ ۾ ڪوبه فرق نه آيو. ھن دشمن جي آڏو ظاھر ڪيو ته سندس ھيءَ ساري ڪوشش اجائي ويئي- ۽ ھن آواز ۾ به ھيڻائي پيدا ڪرڻ نه ڏني.
فسطائي ڪمانڊر رنڀ ڪئي ۽ روسي ڇوڪريءَ کي مقابلي جي ڪوٺ ڏيندي، سندس اکين ۾ اکيون وجھي گھوريو. ھو ڪرسيءَ تي ساھي پَٽڻ لاءِ ويٺو، ۽ چئن نازي سپاھين کي حُڪم ڏنائين ته پنھنجا پَٽا لاھي، ھن نٺر ڇوڪريءَ کي ڪُٽيو. ڪجھ وقت کان پوءِ، ڪوڙن جا ڊيڄاريندڙ آواز، ٿوري ٿوري وقفي بعد فضا ۾ گونجڻ لڳا. رڌڻي ۾ موجود ھاريءَ جي ڌيءُ، ڌڙڪندڙ دل سان ٻه سؤ ڌَڪ ڳڻيا- ۽ اُن کان پوءِ جنھن وقت جرمن ڪمانڊر ٻيھر پنھنجو ساڳيو سوال وڌيڪ گرجندڙ آواز سان دھرايو، ته گھر جي مالڪن وڏيءَ حيرت مان ٻڌو!
”نه! آءٌ ھرگز نه ٻڌائينديس!“
ھن ڀيري روسي نينگريءَ جو آواز ڪجھ ھلڪو ۽ ڪمزور ھو. ھن جي جسم جي ڌڪن ۽ چپن مان رت ٽمي رھيو ھو. ھن مٿي کي جھٽڪو ڏيئي، پنھنجن ڪارن گھنڊيدار وارن جي چَڳن کي مُنھڻ تان ھٽايو، ۽ آسپاس بيٺل فاشي درندن کي گھوري ڏٺو، جيڪي ھڪ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ تي ايڏو وحشياڻو ظلم ڪري رھيا ھئا. پورا اڍائي ڪلاڪ، ڪمانڊر مٿا ماري ڪئي، ڪافي تنگ ٿيو. ڇوڪريءَ کي ماري ماري، ھُو پاڻ ۽ سندس سپاھي ٿَڪجي پيا، پر ڇوڪري، جيڪا ھمت، عزم ۽ استقلال جو پھاڙ ھئي، ڪجھ به نه ڪُڇي.
ھن ڇاپا مار ڇوڪريءَ جي گرفتاريءَ جو اطلاع ھيڊ ڪوارٽر ۾ پھچي چڪو ھو، ۽ اُتي چيف ڪمانڊر ھن جي خلاف فيصلو به ڏئي ڇڏيو ھو ته کيس ايندڙ ڏينھن موت جي سزا ڏني وڃي. ھيڊ ڪوارٽر، ھڪ روسي زميندار جي گھر ۾ قائم ڪيو ويو ھو. رات جو اٽڪل ٻين وڳي ڌاري زويا کي ھڪ سپاھيءَ جي حوالت ۾ ھيڊ ڪوارٽر ڏانھن روانو ڪيو ويو. ھن کي نه ڪپڙن پائڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ نه جوتن جي- اگھاڙي پيرين ۽ ننگي جسم سان کيس برفاني رستن تان پنڌ ھلايو ويو. ٿڌ ايتري قدر ته گھڻي ھئي، جو ٿُلھي پوستين ۾ ملبوس نازي سپاھي ھن روسي نينگريءَ کي پِٽي رھيو ھو، ته ھو ھِن ڪمھلي وقت ۾ سندس آرام حرام ڪرڻ لاءِ ڪٿان اچي ڪڙڪي.
جنھن وقت زويا کي وٺي اليگزينڊر ڪولڪ جي گھر يعني فوجي ھيڊ ڪوارٽر تي پھتو ته گھر جو مالڪ به چيف جي ڀرسان ويٺو ھو. ھن ڏٺو ته سپاھيءَ سان گڏ ھڪ اگھاڙي ڇوڪري ھئي، جنھن جي جسم تي ڪوڙن جا ڪيترائي رت ٽمندڙ نشان ھئا. ھن جا گلابي چَپ گھايل ھئا- سندس ٻئي ٻانھون پويان ٻڌل ھيون. ڪارا نِڀور وار سندس نرڙ تي وکريل ھئا، جن کي ھر ھر جھٽڪو ڏئي پوئتي ٿي ڪيائين. ھن ابتر حالت جي باوجود سندس اکين ۾ عزم ۽ استقلال جو نُور ٻريو پئي. ھي اکيون، ھڪ محب وطن انقلابڻ جون اکيون ھيون.
رات جو ھن کي ھڪ ڪاٺ جي بينچ تي ويھاريو ويو ۽ مٿس پھرو بيھاريو ويو. اُڃ جي ڪري ھن جي نِڙي سُڪي ويئي ھئي. زبان خشڪ ٿي چڪي ھئي. ھن جنھن وقت به پاڻي گھريو ٿي، بي رحم نازي پھريدار ٻرندڙ ڏيئو کڻي، ھن جي چَپن سان لڳايو ٿي ۽ ٽھڪ ڏنائين ٿي، ڄڻ چئي رھيو ھجي: ”پيئڻ چاھين ته گاسليٽ پي سگھين ٿي.“
گھر جو مالڪ، پنھنجي سمھڻ واري ڪمري مان ليٽيو، اھو منظر ڏسندو رھيو، پر بيوس ھو. ظلم مٿان وري ظلم اھو ھو ته سپاھين جو ٽولو، جيڪو ھن گھر ۾ زوريءَ ترسيل ھو، پنھنجن گرم بسترن مان اُٿي ٿي آيا، ۽ ھڪ ڇوڪريءَ کي وحشياڻين ۽ شرمناڪ حرڪتن سان تنگ ڪندا ۽ ڇيڙيندا رھيا ٿي- ھوءَ مجبور ۽ بيوس ڇوڪري، جنھن جا ھٿ ٻڌل ھئا، سندن ذليل ۽ ڪميڻين حرڪتن جي جواب ۾ صرف نفرت ڀريل نگاھن سان کين گھوري ٿي ڏٺو. فجر مھل اُن سپاھيءَ جي پھري جو وقت ختم ٿيو ۽ زويا کي اجازت ملي ته ھُو ڪاٺ جي بينچ تي ليٽي پوي، پر ڪنھن کي ھن جي مٿان ڪپڙي وجھڻ جي اجازت نه ھئي. ڪولڪ جي ننڍڙي ڌيءُ، ھن جي حالت ڏسي روئي رھي ھئي. وجھ ڏسي ھوءَ ھن جي ويجھو اچي ويٺي ۽ کانئس ڪيترائي سوال ڪرڻ لڳي:
”تنھنجو نالو ڇا آھي؟“ ھن ھمدرديءَ ۽ محبت مان پڇيو.
”تانيا،“ زويا ھن کي به اُھو ئي فرضي نالو ٻڌايو، جيڪو پنھنجي ڇاپا مار ساٿيءَ کي ٻڌايو ھئائين.
”ڪٿان آئي آھين؟“ پراسڪوديا پڇيو- ھن محتاط نظرن سان ھيڏانھن ھوڏانھن به پئي ڏٺو.
”ماسڪو مان!“ زويا جھيڻي آواز ۾ وراڻيو.
”منھنجي پياري ڀيڻ! توکي اھڙي ڪم ۾ ھٿ وجھڻ نه کپندو ھو. ڏس ته سھي، اُنھن درندن توسان ڪيڏو نه خراب ورتاءُ ڪيو آھي“- پراسڪوديا، ھمدرديءَ مان روئڻھارڪي ٿي چيو، پر زويا جون اکيون ملامت جي تاثر سان ڀرجي آيون.
”تون-؟ روس جي ڌيءُ ٿي ڪري به ائين چئي رھي آھين؟- مُلڪ جي ھر ڌيءُ، ھر عورت کي مَردن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بھادريءَ سان ھن ڪميڻي دشمن جو مقابلو ڪرڻ گھرجي- وطن جي حفاظت لاءِ ھي اذيتون ڪھڙي حيثيت رکن ٿيون؟ ۽ اھا زندگي ڪھڙي، جيڪا وطن جي ڪم نه اچي.“ ھوءَ جوش مان چئي رھي ھئي.
۽ پراسڪوديا جون ڳوڙھن ڀريل اکيون، ھن جي جسم ۽ ٽَنگن جي رت ٽمندڙ زخمن جو جائزو وٺندي، سندس سڄيل ڪاراٽيل پيرن تي ڄمي ويون. برف تي ننگن پيرن سان ھلڻ سبب ھن جي پيرن جو رت ڄمي رھجي ويو ھو- اُن ڪيفيت ھوندي به ھن حوصلي مند ڇوڪريءَ جي وات مان ڪنھن به ڪُڻڪ جو آواز ڪونه پئي آيو.
پرھه ڦٽندي ئي جرمن سپاھي ڳوٺ جي چونڪ تي ڦاھيءَ جو ٽڪساٽ تيار ڪري رھيا ھئا. ھڪ لڪڙو کوڙي اُن ۾ ڦاھيءَ جو ڦندو لڳايو ويو، ۽ ڪاٺ جون ٻه پيتيون ھيٺان مٿان رکي پليٽفارم (تختو) بڻايو ويو- اُن ڪم ڪندي، جرمن سپاھي خوشي مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيا، ڄڻ کين ھن ڇوڪريءَ کي ڦاھيءَ تي چاڙھڻ سان کين سوڀ جو سرٽيفڪيٽ ملي ويندو.
سج جي پھرئين پھر ھڪ فوجي آفيسر ڪمري ۾ داخل ٿيو، ۽ خونخوار نظرن سان زويا کي گھوريندي گرجيو:
”تنھنجو نالو؟“
ھوءَ خاموش رھي.
”اسٽالن اڄڪلھ ڪٿي آھي؟ ھن وري پڇيو.
”پڪ ئي پڪ پنھنجي ڊيوٽيءَ تي ھوندو“- زويا ھن سوال تي طنزيه مُرڪ آڻي، اُن آفيسر کي سندس بيوقوفيءَ واري سوال تي شرمندو ڪري ڇڏيو. ايتري ۾ ھڪ سپاھي زويا جا ڪپڙا کڻي آيو، پر اُن مان گھڻا ڪپڙا غائب ھئا، فقط چولو ۽ سُٿڻ موجود ھئي- ۽ اُن سان گڏ سندس فوجي ٿيلھو ۽ گيس جي بوتل- زويا واپس مليل ڪپڙا پاتا، ۽ گيس جي بوتل ھن جي ڳچيءَ ۾ وڌي وئي، ۽ ويھن سپاھين جي گھيري ۾ ھن کي ڦاسي گھاٽ ڏانھن وٺي ھليا، جتي آسپاس جي ڳوٺاڻن کي زوريءَ گھرايو ويو ھو.
سپاھين روسي نينگريءَ کي کوکن تي مٿي چڙھڻ جو حُڪم ڏنو، ۽ مٿئين کوکي تي بيھاري، سندس ڳچيءَ ۾ ڦاھي جو ڦندو وڌائون. اوچتو ھڪ جرمن آفيسر وڏيءَ دلچسپيءَ سان اچي، ھن نظاري جو ڦوٽو ڪڍڻ لڳو، ۽ اُن مقصد لاءِ سپاھين کي ترتيب ڏئي بيھاريائين.
اُن ٿورڙي موقعي جو فائدو وٺي، زويا پنھنجي ڳچيءَ ۾ پيل ڦندي جي گھيري کي ٻنھي ھٿن سان ڪجھ ڍرو ڪري، پنھنجي ھم وطنن سان مخاطب ٿي:

”منھنجا پيارا ھم وطنو! وطن لاءِ مرڻ ھڪ عظيم سعادت آھي، ۽ ھي بزدل جرمن مون ھڪ ڄڻيءَ کي ماري ڪھڙي سوڀ کَٽندا؟ آءٌ اڪيلي ته نه آھيان- منھنجي پٺيان ويھ ڪروڙ ماڻھن جي عظيم قوم آھي، ھي ڪميڻا فاشي، اسان سڀني کي ڦاھيءَ تي چاڙھي نه ٿا سگھن!“
”منھنجا عزيزو! بھادر ٿيو، دشمن جو مقابلو ڪريو. اُن جي اڏن کي ساڙيو- کين ڌِڪي ڪڍو- آئون ڄاڻان ٿي ته منھنجي رت جي ھڪ ھڪ ڦڙي جي قيمت، پنھنجي ڏھن ڏھن جانين سان ادا ڪرڻي پوندي. آءٌ ھڪ زندہ قوم جي ڌيءُ آھيان، ۽ مون کي يقين آھي ته فتح اسان جي ٿيندي!“
ھن جي تقرير تي ڪاوڙجي، ھڪ نازي آفيسر سندس پٺن تي زور سان مُڪ وھائي ڪڍي، ۽ ٻئي آفيسر بي صبريءَ مان رڙ ڪئي:
”جلدي ڪيو!“
”ذليل بگھڙئو! منھنجي قوم توھان کي تباھه ۽ برباد ڪري ڇڏيندي. توھان کي سُرخ فوج ڀسم ڪري ڇڏيندي-! توھان کي سرخ فوج جي آڏو ھٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا! ياد رکو، فتح اسان جي ٿيندي- اھا، فتح اسان جي.....!“
ھن اڃا جملو ئي پورو نه ڪيو ته ھڪ سپاھي سندس پيرن ھيٺان کوکن کي ٿُڏو ھڻي، پري اُڇلي ڇڏيو. ھڪ جھٽڪي سان زويا جي ڳچيءَ ۾ پيل ڳيراھو ڇڪجي ويو ۽ جسم فضا ۾ لٽڪندو نظر آيو.
ماڻھن گھٻرائجي، منھن ڦيرائي ڇڏيو ۽ ڳوڙھن پيئڻ جي ڪوشش ڪندي، اُتان ھٽي ويا، ۽ ڳرا قدم کڻي گھرن ڏانھن ورڻ لڳا. ڪجھ منٽن کان پوءِ اتي ڪير به ڪونه رھيو، فقط زويا جو لاش فضا ۾ لٽڪندو رھيو، ۽ ڪيترن ڏينھن تائين اتي لٽڪيل ھو. ماڻھو پنھنجي ڪمن تي ويندي اتان لنگھندا ھئا ته ادب سان ڪنڌ جھڪائي چوندا ھئا:
”عظيم قوم جي عظيم ڌيءُ، تو وطن لاءِ جان ڏئي جيڪا سعادت حاصل ڪئي آھي، اُھا توکي ھميشہ اَمر رکندي. تنھنجي ياد ھڪ مقدس نُور وانگر اسان جي دلين ۾ چمڪندي رھندي!“

_ اُھي کيس عقيدت جا گُل پيش ڪري، لنگھي ويندا ھئا- ۽ اڄ سندس ابدي آرام گاھه، عام ۽ خاص جي ڌيان جو مرڪز آھي. اُن جي آسپاس کان گذرندڙ ماڻھو، سندس زيارت کان سواءِ اڳتي نه وڌندا آھن- جنھن ڇوڪريءَ جي لاش کي نازين احترام سان دفن ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني ھئي، اُن جي قبر اڄ روسين لاءِ مقدس علامت ۽ زيارت گاھه بڻجي چڪي آھي، جتي سندس قوم جا ھزارين ماڻھو خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ ايندا آھن.