ليو خولان
ھن ڇوڪريءَ جي باري ۾ ڳوٺ وارن جو خيال ھو ته ھيءَ ننڍڙي نينگري ھڪ ڏينھن تمام وڏو ڪارنامو سر انجام ڏيندي. ھن جي پيشاني عزم ۽ عمل جي نُور سان منور ھئي، ۽ ھن جي دل فرشتن جيان معصوم ھئي. ھن ڇوڪريءَ جي باري ۾ ڳوٺ وارا اھو به چوندا ھئا ته ھيءَ ڇوڪري به ڳوٺ جي عام ماڻھن وانگر رھندي ھئي، ۽ اُنھن جيان کائيندي پيئندي ھئي، پر کيس ڏسي، نه ڄاڻ ڇو اھو محسوس ٿيندو آھي ته شايد ھيءَ ڇوڪري آکاڻين جي روايتي پرين وانگر ڪنھن ڏور ڏيھ کان آئي آھي، ته جيئن ڳوٺ وارن جي آزمائش ڪري، ۽ جيڪو اِن امتحان ۾ ڪامياب ٿئي، اُن کي خوشين جو لازوال خزانو انعام طور ڏئي، پنھنجي وطن واپس ھلي وڃي. ڪي وري چوندا ھئا ته ھيءَ ننڍڙي ڇوڪري ڪا حُور آھي، جنھن کي ڪنھن غلطيءَ ڪرڻ سبب سزا طور ھنن جي ڳوٺ ۾ موڪليو ويو آھي، ۽ جيئن ئي سزا جو مُدو پورو ٿي ويندو، ھيءَ حُور وري پنھنجي آسماني آستاني ڏانھن ھلي ويندي. اھي ۽ اھڙيون بي انت ڳالھيون ڪيون وينديون ھيون، ۽ جڏھن ڳوٺ وارن کان اُن جو ڪارڻ پڇيو ويندو ھو، ته اُھي خاموش ٿي ويندا ھئا، ۽ جيڪڏھن گھڻو اصرار ڪبو ھو ته ڪو وراڻيندو ھو ته اسان کي اُن ڪارڻ معلوم نه آھي، پر کيس ڏسي، نه ڄاڻ ڇو اِھو ئي محسوس ٿيندو آھي.
ھِن ڇوڪريءَ جي عمر اُن وقت مشڪل سان تيرھن سال ٿيندي، پر ھوءِ سترھن سالن جي ڏسڻ ۾ ايندي ھئي. ھوءَ وڏي محنتي ۽ باوقار ڇوڪري ھئي. اُن ڇوڪريءَ جو نالو ھو- ليوخولان.
اڄ ھيءُ نالو آفريڪا، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ ئي نه پر سڄيءَ دنيا ۾، جتي به آزاديءَ جون جنگيون وڙھيون پيون وڃن، روشنيءَ جو مينار بڻجي چڪو آھي. پر ھيءَ ڪھاڻي، جنھن وقت شروع ٿي ھئي، اُن وقت ھن ڇوڪريءَ کي صرف سندس ڳوٺ وارا ئي سڃاڻندا ھئا.
چين جي وچئين صوبي، ”شان سي“ جي مشھور شھر ”وين شوئي“ جي آسپاس واري ڳوٺ ”يوان شي“ ۾ 8- آڪٽوبر 1932ع تي ھن ڇوڪريءَ پنھنجي پھرين رڙ بلند ڪئي- ۽ اُن وقت ھن علائقي جا سڀ ھاري به رڙي رھيا ھئا. زرخيز زمين ۽ ساون کيتن ھوندي به سندس چھرن تي موت جو پاڇو ۽ اکين ۾ مايوسي ڇانيل ھئي- ڇوته ھنن جي سموري ڪمائي، جاگيردار، آفيسر ۽ فوجي کڻي ويندا ھئا، ۽ سندن حصي ۾ بُک ۽ زندگيءَ کان مايوسيءَ کان سواءِ ڪجھ به نه ايندو ھو.
ليوخولان جو پيءُ ھڪ نوجوان ھاري ھو. جڏھن ھن ڇوڪريءَ جنم ورتو ته اُن وقت ھن جي پيءُ جي عمر 28 سال ھئي، ۽ ھو بيحد سھڻو ۽ صحتمند ھو. ڳوٺ جا ٻيا ھاري، ھن جي محنت ۽ ڪمائيءَ تي رشڪ ڪندا ھئا، پر اُن ھوندي به خولان جو ڪٽنب ايڏو سکيو ستابو نه ھو. معاشري جون ڪڙايون ۽ محروميون، ھنن جو مقدر بڻجي چڪيون ھيون. جاگيردارن ۽ آفيسرن جي جبر ۽ ڏاڍ جي ڪري، ھنن جي ڪمائيءَ جو گھڻو حصو، کانئن کسيو ويندو ھو.
جنھن وقت ھن جو پيءُ، ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ کي پنھنجي پگھر سان سيراب ڪرڻ ويندو ھو، ۽ ھن جي ماءُ گھر جي ڪم ڪاج ۾ رُڌل ھوندي ھئي، تڏھن خولان جي پوڙھي ڏاڏي، ھن کي پنھنجي ھنج ۾ کڻي، اڱڻ ۾ ويھندي ھئي ۽ کيس ڀانت ڀانت جا گيت ٻڌائيندي ھئي. اُنھن گيتن ۾ چيني ھارين جي تلخين ۽ محرومين جو ذڪر ھوندو ھو، ۽ ننڍڙيءَ ٻارڙيءَ جي خوشنصيبيءَ لاءِ دعائون گھريل ھونديون ھيون. اڱڻ مان ساوڪ- ڀريل جبل ۽ جھومندڙ ٻنيون، چٽيون ڏسڻ ۾ اينديون ھيون. جيتوڻيڪ اُن وقت ننڍڙي خولان جو ننڍڙو ذھن، پنھنجيءَ ڏاڏيءَ جي گيتن ۽ ساون کيتن جي سونھن محسوس ڪرڻ جي قابل نه ھو، پر غير محسوس طور اُنھن گيتن ۽ نظارن جو اثر، ھن جي دل ۽ دماغ تي ڇانئبو رھيو، ۽ شايد اُنھن ئي گيتن ۽ ساون ۽ شاداب کيتن جي نظارن، ھن جي دل ۾ وطن جي محبت ۽ اُن محبت لاءِ ”سڀ ڪجھ ڪري سگھڻ“ جو جذبو سجاڳ ڪيو.
جڏھن ھن سُرت سنڀالي، تڏھن ھن جي ننڍڙي ذھن ۾ اھا ڳالھ وھاري وئي ته ھوءَ غريب آھي، اُن ڪري ھوءَ جاگيردار جي ٻارن وانگر خوبصورت ۽ قيمتي رانديڪن سان کيڏي نه ٿي سگھي، ۽ نه رنگ برنگي ڪپڙا پائي سگھي ٿي. ھوءَ ٽڪرين تي ويھي، اُنھن جي چوٽين کان پري پري تائين پکڙيل سرسبز نظارن کي ڏسي نه ٿي سگھي ۽ نه ئي ٽڪريءَ جي ٻئي طرف ڳوٺ ۽ چين جي سڀ کان وڏي ۽ جوشيلي درياھه کي وھندو ڏسي، زندگيءَ جي حقيقي مسرتن کي پنھنجيءَ ننڍڙيءَ دل ۾ سمائي سگھي ٿي، ڇوته اِن ”سڀڪجھ“ تي جاگيردار ۽ اُن جي ٻارن جو حق ھو!
خولان، اِھو ”سڀڪجھ“ وڏيءَ حيرت مان ٻڌندي ھئي، ۽ پوءِ جاگيردار جي ٻارن ۽ پنھنجي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندي ھئي ته سندس ذھن ۾ ھيٺيان سوال اُڀرندا ھئا:
”مون کي ٻه ھٿ، ٻه پَير ۽ ٻه اکيون آھن!
آءٌ جاگيردار جي ڌيئرن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ محنتي آھيان!
آءٌ گيت ڳائي سگھان ٿي ۽ گيت ٻُڌي سگھان ٿي!
آءٌ به جاگيردار جي ڇوڪرين وانگر کاوان ۽ پِيان ٿي!
ته پوءِ منجھن اُھا ڪھڙي ڳالھ آھي، جو ھُنن لاءِ ”سڀڪجھ“ آھي ۽ منھنجي لاءِ ڪجھ به نه!“
ھوءَ اُنھن سوالن جا جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي، پر جڏھن ھن جو ذھن ٿڪجي پوندو ھو، ته ھوءَ پنھنجيءَ ڏاڏيءَ کان پُڇندي ھئي- ۽ ھوءَ جواب ۾ ٿڌو شوڪارو ڀري چوندي ھئي ته ”اِھا خدا جي مرضي آھي!“ خولان، پنھنجيءَ ڏاڏيءَ ۽ ماءُ جي انوکن جوابن مان مايوس ٿي، پنھنجي پيءُ کان پڇندي ھئي ته پڻس سندس ڳل ٿڦڪي چوندو ھو: ’پياري ڌيءُ! جڏھن تون ٿوري وڏي ٿيندينءَ ته پاڻھي سڀڪجھ سمجھي ويندينءَ!“ ننڍڙي خولان، پنھنجي پيءُ جي جواب کان به مطمئن نه ٿيندي ھئي، جو اِن ئي کُٽڪي ۾ ھن جي اک لڳي ويندي ھئي. ۽ ھوءَ سپنن جي نامعلوم نگر ۾ سير تي نڪري ويندي ھئي، جتي چوڌاري روشني ھوندي ھئي، ڪوبه جاگيردار نه ھوندو ھو، ۽ نه ئي ڪو آفيسر ھن جي خوشين تي ڌاڙي ھڻڻ لاءِ موجود ھوندو ھو- ھارين جا مُنھن خوشيءَ کان ٻھڪندا ھئا ۽ سندن گھرن ۾ زندگيءَ جون سموريون راحتون ديرو ڄمائي ويٺيون ھيون. ھن سفر دوران ھن کي پنھنجيءَ ڏاڏيءَ جا ڳاتل درديلا گيت، ڪٿي به ٻڌڻ ۾ نه ايندا ھئا، البت شرنائين جا ھلڪا ھلڪا سُر سندس دل کي مست ڪري ڇڏيندا ھئا. ھوءَ اِھو ”سڀڪجھ“ سپنن ۾ ڏسندي ھئي، ۽ جڏھن اک کُلندي ھئس ته سڀ کان اڳ ھن کي پنھنجيءَ ڏاڏيءَ جو ڏکويل چھرو ڏسڻ ۾ ايندو ھو، ۽ اُن کان پوءِ ھن جي ماءُ کيس سڏڻ لڳندي ھئي:
”خولان! جلدي اُٿ، ۽ ھٿ منھن ڌوئي ڪجھ کاءُ!“
اھي سپنا ڏسندي ڏسندي، ھن جي عمر 13 سال ٿي وئي. پنھنجي ڏاڏيءَ جي گيتن ۽ کيتن جي ساون ۽ سرسبز نظارن جا سپنا به ھن جي دل ۽ دماغ ٿي ڇانيا رھيا.
اِھو ئي سبب آھي، جو جڏھن مائوزيتنگ جي زبردست ۽ طاقتور عوامي تحريڪ جو پيغام، ھن جي ڪَنن تائين پھتو ته ھن کي ڪابه حيرت محسوس نه ٿي، البت ھن جي دل خوشيءَ مان ٽڙي پيئي، جو ھوءَ ھن وقت تائين جيڪو خواب ڏسندي رھي ھئي، اُھو خواب نه پر ھڪ جيئري حقيقت ھئي، ۽ ھوءَ اِھو خواب اڪيلي سِر ڏسي نه رھي ھئي، پر چين جا لکين مَرد ۽ عورتون، پوڙھا ۽ ٻار، اھو خواب ڏسي رھيا ھئا، ۽ ھاڻي سندس خواب جو تعبير ٿيڻ وارو ھو.
جپان، چين تي حملو ڪري ڏنو ھو، ۽ سموري ملڪ ۾ حملي آورن جي خلاف ھڪ زبردست عوامي جنگ شروع ٿي چڪي ھئي. مائوزيتنگ جي اڳواڻيءَ ۾ چيني ھارين ھٿياربند ٿي، پنھنجي وطن ۽ پنھنجيءَ عزت جي حفاظت لاءِ ھڪ جوشيلي جنگ جي شروعات ڪري ڇڏي ھئي. ھر ڳوٺ مان نوجوان مرد، عورتون ۽ ڇوڪريون گڏ ٿي، پنھنجن دشمنن سان وڙھڻ لاءِ محاذ ڏانھن وڃي رھيون ھيون. ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ سڄو چين جنگ جي محاذ ۾ تبديل چڪو آھي. ھنن ئي ڏينھن ۾ خولان، پھريون ڀيرو مائوزيتنگ جو نالو ٻڌو. ھڪڙو نوجوان ھن جي ڳوٺ آيو ۽ اُن سڀني ڳوٺاڻن کي گڏ ڪري، ھڪ جوشيلي تقرير ڪئي. ھن ٻڌايو ته جيڪڏھن چين جا ھاري ھن وقت ڪامريڊ مائوزيتنگ جي سڏ تي گڏ ٿي، جپانين جي خلاف نه وڙھيا، ته پوءِ کين غلاميءَ کان ڪير به بچائي نه سگھندو. ھن ماڻھن کي چيو ته اسان نوجوانن کي جنگي تربيت ڏيڻ شروع ڪئي آھي. چاليھن ڏينھن جي تربيت ذريعي، ھڪ جنگ کان ناواقف عام ماڻھو به تربيت يافته فوج سان وڙھڻ جي قابل ٿي ويندو- خولان وڏي غور سان سندس ڳالھيون ٻڌي رھي ھئي. ھن پنھنجي آسپاس نھاريو ته ھن جون ساھيڙيون پڻ ساڳيءَ دلچسپيءَ سان نوجوان ڪامريڊ جون ڳالھيون ٻُڌي رھيون ھيون. اُن ئي گھڙيءَ خولان فيصلو ڪيو ته ھوءَ ڪنھن به صورت ۾ تربيت حاصل ڪندي ۽ وطن جي حفاظت لاءِ وڙھندي.
خولان پنھنجي ساھيڙين سان مشورو ڪيو، ته اُنھن پڻ اھا ھام ڀري. اُن بعد والدين کان اجازت حاصل ڪرڻ جو مرحلو پيش آيو، ته ٽن ڇوڪرين کي ته اجازت ملي وئي، پر خولان ۽ سندس ھڪ ساھيڙيءَ کي اجازت نه ملي. ھن جڏھن ماءُ ۽ ڏاڏيءَ جي آڏو اِھو مسئلو پيش ڪيو ته ٻيئي روئڻ لڳيون. ڏاڏس چيو: ”خولان! تون ڪيڏي نه پٿر دل آھين، پنھنجيءَ ڏاڏيءَ کي تڙپندو ڇڏي ھلي ويندينءَ- آءٌ ته توکان سواءِ ماني به کائي نه سگھندي آھيان!“ماءُ به روئي پٽي، کيس پنھنجي ارادي کي ملتوي ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو. پر خولان دل ۾ فيصلو ڪري ورتو ته ڇا به ٿي پوي، پر ھوءَ تربيت ضرور حاصل ڪندي، ۽ مادر وطن لاءِ سِر به ڏيئي ڇڏيندي. البت جنھن ڏينھن ڳوٺ جي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو جٿو وڃڻ وارو ھو، ھوءَ به چپ چاپ تيار ٿي وئي، ۽ ھن، جٿي جي ليڊر کي پنھنجي فيصلي کان به آگاھه ڪري ڇڏيو. آخر اِھو طئي ٿيو ته ھوءَ ٻئي رستي کان ڦري، اڳتي وڃي جٿي سان ملندي.
ڳوٺ وارن وڏي جوش ۽ خروش سان اُنھن نوجوانن کي الوداع ڪيو، جيڪي تربيت وٺڻ لاءِ وڃي رھيا ھئا. الوداع چوڻ وارن ۾ خولان به ھئي- جڏھن جٿو موڪلائي روانو ٿي ويو ته خولان الوداع چوندڙن جي ھجوم مان نڪتي، ۽ پنھنجي گھر جي پٺئين دروازي مان نڪري، ٻنين مان ٿيندي، رواني ٿي ويئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ، جڏھن ڳوٺ جا گھر ڏسڻ کان ڏور ٿي ويا ته ھوءَ ٻنين مان ٻاھر نڪري، اچي نوجوانن جي جٿي سان ملي.
اڃا ھي ڪجھ قدم اڳتي مس ھليا ته ھڪ شخص سھڪندو، سڏيندو ۽ ڊوڙندو پئي آيو. خولان جي دل ڌڙڪڻ شروع ڪيو ته ڪٿي ھن جو چاچو نه ھجي. ھن پنھنجن دوستن جي پٺيان لڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ايتري ۾ اِھو شخص ويجھو اچي ويو، ۽ خبر پئي ته اُھو ھن جو چاچو نه پر ساڻس گڏ بيٺل ڇوڪريءَ جو چاچو ھو. اُن ھن ڇوڪريءَ کي رڙ ڪري چيو! ”اڙي، ننڍڙي ڇوڪري! خدا جي نالي موٽي اچ. تنھنجو پيءُ سخت بيمار آھي. جيڪڏھن اُن کي خبر پئي ته تون ھلي وئي آھين، ته پوءِ پاڻ سوچ ته سندس ڪھڙو حال ٿيندو!“- ڇوڪري نٽائڻ لڳي ته ”آءٌ واپس نه اينديس!“ پر جٿي جي اڳواڻ ھن کي سمجايو ته ”اي ننڍڙي ڇوڪري! جڏھن تنھنجو پيءُ چاڪ ٿي وڃي، ته پوءِ ھلي اچجانءِ!“ نيٺ خدا خدا ڪري ھوءَ ڇوڪري واپس ٿي، ۽ ھيءُ قافلو ٻيھر پنھنجيءَ منزل ڏانھن راھي ٿيو. خولان کي مس مس وڃي ساھه پيو.
ھوڏانھن وري جڏھن خولان پنھنجي گھر واپس نه پھتي ته سندس چاچو کيس ڳولڻ لڳو. پر جڏھن ھوءَ رات جو دير تائين گھر نه موٽي ته ھو سخت پريشان ٿي ويو ته ڪٿي ڇوڪري گم ته نه ٿي وئي. انھن ڏينھن ۾ بگھڙن ڏاڍي تباھي مچائي ڏني ھئي، ۽ جانورن ۽ ننڍڙن ٻارڙن کي به کڻي ويندا ھئا. خولان جي ڏاڏي ويچاري روئڻ لڳي ته ڪٿي خولان کي بگھڙ نه کڻي ويا ھجن. ھن ويچاريءَ جي حالت سڀني کان وڌيڪ خراب ھئي، ڇوته ھن ننڍڙي ھوندي کان وٺي خولان جي وڏي لاڏ ڪوڏ سان پالنا ڪئي ھئي- ۽ ٻي ڳالھ ته ھن ٻڍاپڻ ۾ خولان کان سواءِ ٻيو ڪير به وٽس ويھڻ پسند نه ڪندو ھو.
ٻئي ڏينھن ھڪ ماڻھو (جيڪو پنھنجي ڀائٽيءَ کي رستي تان موٽائي آيو ھو) خولان جي ماءُ کي ٻڌايو ته ھن خولان کي اُن قافلي سان گڏ ڏٺو ھو، جيڪو تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ ويو آھي. خولان جي ماءُ ڏاڏسِ کي اُھا خبر ٻڌائي، ۽ ٻنھي کي اطمينان ٿيو ته ھوءَ خيريت سان آھي ۽ کيس بگھڙ کڻي نه ويا آھن. پر خولان جي جدائي ھن جي سھپ کان ٻاھر ھئي. ويچاري ماءُ، خولان جي چاچي کي پاڻ سان گڏ وٺي، ائين فوج جي ھيڊ ڪوارٽر پھچي وئي، جتي خولان تربيت حاصل ڪري رھي ھئي. ھن روئي پِٽي، خولان کي واپس ھلڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھوءَ رضامند نه ٿي، پر ايترو چيائين ته تربيت مڪمل ڪرڻ بعد گھر موٽي ايندي. ھن جي اَٽل عزم آڏو ماءُ کي به ماٺ ڪرڻي پئجي ويئي.
چاليھن ڏينھن جي تربيت مڪمل ڪرڻ کان پوءِ خولان جڏھن واپس آئي ته ھن جي ڏاڏيءَ موت جي بستري تي سندس اوسيئڙو پئي ڪڍيو. ھن خولان کي ڏسندي ئي چيو: ”پياري خولان! تون مون سان اڄ وعدو ڪر ته اڳتي گھر کان ٻاھر ڪيڏانھن به نه ويندينءَ!“ خولان، مرڻينگ ڏاڏيءَ سان وعدو ڪيو ته ھوءَ ھاڻي گھر کان ٻاھر نه ويندي- پر اُن کان پوءِ جي واقعن مان ظاھر ٿئي ٿو ته اِھو واحد وعدو ھو، جيڪو ھن پورو نه ڪيو ھو.
ڏاڏيءَ جي موت کان پوءِ ھن گھر ۾ چاچس ۽ ماڻس کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه ھو. ھن جو پيءُ، اٺين انقلابي فوج کي رسد پھچائيندي، جپانين جي فائرنگ جو نشانو بڻجي چڪو ھو.
ھن جي ماءُ اھوئي مناسب سمجھيو ته ھاڻي اُھو وقت اچي ويو آھي، جو خولان جي شادي ڪرائي ڇڏجي. البت ماڻس چين جي پراڻي روايت جي ابتڙ پنھنجيءَ اڪيليءَ سڪيلڌي ڌيءُ جي راءِ پڻ معلوم ڪرڻ چاھي. ھن جي نگاھه، پنھنجي پاڙيسريءَ جي نوجوان ڇوڪري کي، خولان لاءِ پسند ڪري چڪي ھئي. خولان ۽ اُھو نوجوان ٻئي ننڍپڻ ۾ گڏ کيڏندا ھئا- اُن ڪري، جڏھن ماءُ پنھنجيءَ لاڏلي ڌيءُ کان راءِ معلوم ڪئي ته ھن راضپو ظاھر ڪيو. ڳوٺ وارن کي به ان ڳالھ تي ڏاڍي خوشي حاصل ٿي، ڇو ته اھو ڇوڪرو بيحد حسين ۽ چئيوان ھو. ”خولان ۽ ھن جو جوڙ واھه جو ٺھندو!“ وڏن پوڙھن جڏھن اھا راءِ ظاھر ڪئي ته خولان جي ماءُ مُرڪي ڏنو. ڪيترن ڏينھن کان پوءِ ھن ھاري- گھر ۾ خوشيءَ جا آثار نمودار ٿيا ھئا.
اِن عرصي ۾ ھوءَ چين جي انقلابي جماعت، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي رڪنيت لاءِ درخواست ڏئي چڪي ھئي. پارٽيءَ جي عھديدارن فيصلو ڪيو ته جڏھن ھن جي عمر 18 سالن جي ٿي ويندي ته ھن کي پارٽيءَ جو ميمبر بڻايو ويندو. ڪميونسٽ پارٽي اُنھن ڏينھن ۾ انتھائي طوفاني دور مان گذري رھي ھئي. ھڪ طرف جپاني حملي آورن ۽ ٻئي طرف پنھنجي ئي وطن جي رجعت پرست عنصرن جي خلاف اُن کي ھڪ ئي وقت وڙھڻو پئي پيو. اُن ڪري اُھا نه رڳو ٻاھرين ماڻھن پر پارٽيءَ سان وابسته ماڻھن جو به خيال رکي رھي ھئي. جڏھن پارٽيءَ جي ھڪ ذميدار عھديدار کي خولان جي مڱڻي جي خبر پئي، ۽ اھو به معلوم ٿيو ته ھن نوخيز انقلابڻ جو مڱيندو ھڪ رجعت پسند شخص وٽ ملازم آھي، ۽ اُن جو پورو وفادار آھي- ته ھن خولان سان ڳالھايو ته ھڪ انقلابيءَ جي حيثيت ۾ مٿس ھڪ وڏي ذميداري آھي، اُن لاءِ ھن کي ھڪ عظيم مقصد خاطر پنھنجن ڪجھ خوشين کي قربان ڪرڻو پوندو- ۽ ھن کيس سندس مڱيندي جي پس منظر کان واقف ڪيو ۽ ٻڌايو ته اھو سَڱ پارٽيءَ جي نقطي نظر کان فائديمند نه ٿيندو. اُن تي خولان ھڪ سچيءَ انقلابڻ جيان سندس مشورو مڃيو ۽ مھرباني ادا ڪئي.
خولان پنھنجيءَ ماءُ کي چيو ته ھوءَ اُن شاديءَ ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي. ھن جي ماءُ ڏاڍي حيران ۽ پريشان ٿي وئي، ڇو ته ٻنھي طرفن کان شاديءَ جون تياريون ٿي رھيون ھيون ۽ شاديءَ ۾ فقط ٻه ڏينھن وڃي رھيا ھئا. ھن خولان تي ڏاڍو دٻاءُ وڌو ته ھوءَ پنھنجو ارادو بدلائي، پر ھوءَ پنھنجي ارادي تي اَٽل رھي. ماءُ به وڌيڪ اصرار ڪرڻ مناسب نه سمجھيو، ۽ پوءِ مڱڻو ٽوڙيو ويو ۽ شاديءَ جو مسئلو به ڊانوان ڊول ٿي ويو.
جپاني حملي آور ملڪي غدارن جي مدد سان اڳتي وڌي رھيا ھئا. انقلابي فوج، قبضي کان پوءِ جاگيردارن کان زمينون کسي، ھارين ۾ ورھائي ڇڏيون ھيون. اُن ڪري ھاري سمجھي چڪا ھئا ته سندس مستقبل تڏھن ئي روشن ۽ بھتر رھي سگھي ٿو، جڏھن انقلابي فوجن کي ڪاميابي حاصل ٿئي. انقلابين، انتقام لاءِ جيڪي آفيسر مقرر ڪيا ھئا، اُھي به ھنن سان وڏيءَ محبت ۽ ھمدرديءَ سان پيش ايندا ھئا. ويچارن ھارين اھڙن آفيسرن جو ڪڏھن تصور ئي نه ڪيو ھو. ھنن کي ته ھن وقت تائين فقط وياج خورن ۽ جاگيردارن جي پٿردل ڪاراون سان واسطو پيو ھو، جيڪي ھارين جي وات مان گرھه به کسي ويندا ھئا، ۽ جيڪڏھن سندن وس ۾ ھجي ھا ته ھارين کي ساھه کڻڻ جي حق کان به محروم ڪري ڇڏين ھا.
اِن ئي عرصي ۾ خولان، قربانيءَ ۽ ايثار جا ولولي انگيز واقعا ٻڌا، جن ھن جي دل ۾ انقلاب جي شمع کي اڃا به وڌيڪ روشن ڪري ڇڏيو. ھن کي ھڪ ڪامريڊ ٻڌايو ته:
’ھڪ پوڙھي ھاريءَ کي، جيڪو ھڪ اھم پيغام کڻي انقلابين ڏانھن پئي ويو، جاپانين گھيري ورتو. جنھن وقت ھاريءَ ڏٺو ته ھو ھينئر چوڌاري گھيري ۾ اچي ويو آھي ته ھن جپانين تي دستي بم اڇلايو- جنھن سان ھڪ زبردست ڌماڪو ٿيو. نتيجي طور رڳو اڳتي وڌندڙ جپانين جا قدم ڄمي ويا، ۽ سندن ڪيترا جوان رت ۽ مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائڻ لڳا، پر اُن سان گڏوگڏ مٽيءَ جو ھڪ ڌوڙيو ڇانئجي ويو. اُن مٽيءَ جي طوفان ۾ ھن اھم ڪاغذ ڦاڙي ڇڏيا، ۽ پوءِ ڀڄندي ڀڄندي جپانين تي فائرنگ ڪرڻ لڳو. جڏھن مٽي ھٽي ته جپاني اھو ڏسي حيران ٿي ويا ته سندن مقابلو فقط ھڪ پوڙھي ھاريءَ سان آھي- ۽ اُھو ھيستائين ھنن جا پنجويھ ماڻھو ماري چڪو آھي. ھنن مشين گنن سان مٿس گوليون وَسائڻ شروع ڪيون. گولين جي وسڪاري سان ھو ڪري پيو. ھڪ جپاني آفيسر ڊوڙندو جڏھن وٽس پھتو ته اُن وقت ريوالور ھن جي ھٿ ۾ ھو. ھن ساھه ڏيڻ کان اڳ اُن جپانيءَ تي آخري فائر ڪري، کيس به زندگيءَ کان محروم ڪري ڇڏيو. جپانين جي ڪاوڙ ۽ جوش جي حد نه رھي. ھنن اُن مرندڙ پوڙھي تي ٻيھر گولين جو وسڪارو لائي ڏنو ۽ ڇويھن ماڻھن جو بدلو اِن نموني سان ورتائون، جو اُن پوڙھي جي زخمي بدن کي به گولين سان ڇِليندا رھيا.
خولان کي جيڪو ٻيو واقعو ٻڌايو ويو، اُھو ھيءُ ھو ته جپانين ھڪ نوجوان ھاريءَ کي پڪڙيو ھو، ۽ اُن تي بيحد تشدد ڪيو ويو. پر پوءِ به ھن جپانين کي ھڪ به ڳالھ نه ٻڌائي. اُن تي ھنن سندس جسم جي ھڪ ھڪ عضوي کي ڪَٽي، ھن کي تڙپائي تڙپائي ماري ڇڏيو. پر اُھي ھن جي واتان ڪجھ به معلوم نه ڪري سگھيا. اُن کان سواءِ ٻيا به ڪيترا واقعا، چين جي بھادر ھارين جي قربانين، عزم ۽ عمل جي زندہ جاويد تصوير ھئا.
انھن ئي ڏينھن ۾ خولان کي ھدايت ڪئي وئي ته ھوءَ پنھنجيءَ ساھيڙيءَ چن سين سان گڏ ڳوٺ کي ڇڏي وڃي، ڇوته جپاني اُن ڳوٺ کان فقط ٻن ميلن جي پنڌ تي اچي پھتا ھئا. جڏھن خولان پنھنجيءَ ساھيڙيءَ کي انقلابي فوج جي ھدايت کان آگاھه ڪيو ته ھن جواب ڏنو: ’منھنجي ماءُ ڳوٺ کان ٻاھر ويل آھي، ۽ جنھن وقت به اُھا موٽي آئي، پاڻ کي ھلڻ ۾ دير نه لڳندي‘ چن سين جو پيءُ ويڳو ھو ۽ جاگيردار جو وفادار ڪارائو پڻ- البت ھن جي ماءُ سڳي ھئي. پر ظاھر آھي ته اُن جون ھمدرديون پنھنجي مڙس سان ئي وابسته ھيون. خولان جي لاءِ اُن کان سواءِ ٻي ڪا واھه ئي ڪانه ھئي ته ھوءَ چن سين جي ڳالھ مڃي وٺي، ڇوته کيس اِھائي ھدايت ڪئي ويئي ھئي ته ھوءَ کيس وٺي نڪري- ھن جو رابطو فوري طرح انقلابي ڪمان جي ڪنھن به ميمبر سان قائم ٿي نه سگھيو ته جيئن اُن کان نئين صورتحال جي روشنيءَ ۾ مشورو وٺي سگھي ھا.
ھتي ھڪ ٻي ڳالھ به ذڪر جوڳي آھي ۽ اُھا ھيءَ ته 1945ع جي بھار جي موسم ۾ انقلابي فوج جو ھڪ عھديدار محاذ تي وڙھندي زخمي ٿي پيو، ته اُن کي ھن ئي ڳوٺ ۾ موڪليو ويو ۽ خولان کي ھدايت ڪئي وئي ته ھوءَ زخمي عھديدار جي ٽھل ٽڪور ڪري. اُھا ٽھل ٽڪور آھستي آھستي محبت ۾ بدلجي وئي ۽ محبت کان پوءِ شاديءَ جو مسئلو سامھون آيو ته ٻنھي اُن ڳالھ تي اتفاق ڪري ورتو ته جيسين تائين انقلاب ڪامياب نه ٿو ٿئي، اُن وقت تائين شادي ملتوي ڪئي وڃي. جيڪڏھن مڱڻو ٿي ويو ته ڪا ڳالھ ڪانھي. مڱڻي ٿيڻ کان پوءِ اُھو عھديدار ھڪ مھينو ٻيو به ڳوٺ ۾ رھيو، ۽ پوءِ پنھنجيءَ مَڱ کان موڪلائي محاذ تي ھليو ويو. خولان ھن کان وعدو ورتو ته انقلاب جي ڪاميابيءَ کان پوءِ ٻئي ڄڻا دارالحڪومت ۾ ملندا.
ھن واقعي کي ھڪ سال گذري چڪو ھو، جڏھن خولان کي ھدايت ملي ھئي ته ھوءَ پنھنجيءَ ساھيڙيءَ سان گڏ ڳوٺ ڇڏي وڃي، ۽ سندس ساھيڙيءَ ماءُ جي غير حاضريءَ جو بھانو بڻائي، پنھنجو وڃڻ ملتوي ڪيو ھو- اصل ۾ چن سين ڳوٺ جي آسودي زندگيءَ کي الوداع چئي، محنت ۽ مشقت ۽ غير يقيني حالت ۾ زندگي گذارڻ کان گھٻرايو ٿي، ۽ ھيءَ ئي اُھا ڪمزوري ھئي، جنھن کيس ڳوٺ ڇڏڻ کان روڪي وڌو. جڏھن سندس ماءُ واپس آئي ته شايد اُن به پنھنجي ڌيءُ جي مجبوري سمجھي ورتي ھئي، ۽ اُن به نٽ نٽاءُ کان ڪم ورتو- ۽ پنھنجي مڙس کي به اُن راز کان واقف ڪري ڇڏيائين. ھن جو مڙس پنھنجيءَ زال جي وفاداريءَ کان ڏاڍو خوش ٿيو. ھن دل ئي دل ۾ سوچيو ته فائدي وٺڻ جو وقت اچي ويو آھي.
ٻئي ڏينھن جپاني فوج ڳوٺ ۾ داخل ٿي وئي ۽ ڳوٺ کي چئني طرفن کان گھيري ورتو ته جيئن ڪوبه ماڻھو ڳوٺ کان ٻاھر نڪري نه سگھي. ڳوٺاڻن کي حڪم ڏنو ويو ته اُھي ڳوٺ جي چوڪ ۾ گڏ ٿين، ڇاڪاڻ ته اُتي فصلن جي لاباري بابت ھڪ اھم اعلان ڪيو ويندو. ماڻھن لاءِ حڪم مڃڻ کان سواءِ ٻي ڪابه واھه نه ھئي. جڏھن ڳوٺاڻا چوڪ ۾ گڏ ٿيا ته ھڪ جپاني آفيسر حڪم ڏنو ته سڀئي قطار بڻائي بيھي رھن. جڏھن قطار مڪمل ٿي وئي ته فوجين ھڪدم ھنن ڏانھن رائفلون تاڻي ورتيون.
”فصل جي لاباري بابت اعلان ڪرڻ جو ھيءُ ڪھڙو طريقو آھي؟“ ھڪ پوڙھو ھاري ڀڻڪيو. شايد ڪنھن فوجيءَ ھن جي ڳالھ ٻڌي ورتي ۽ پنھنجيءَ رائفل جو ڪُنداڪ ھڻي، ھن پوڙھي کي قطار مان ڇڪي ٻاھر ڪڍيائين. اھڙيءَ طرح پنج ٻيا ماڻھو به ٻاھر ڪڍيا ويا. اُن کان پوءِ ھڪڙو آفيسر ھڪ ڊگھي تَلھڙ کڻي، ساڄي طرف کان شروع ٿيو، ۽ ھڪ ھڪ شخص کان اُن جو نالو پڇڻ لڳو. جڏھن ھو سڀني کان نالو پڇندو، ھڪ ڇوڪريءَ جي ويجھو پھتو ته اُن کان پڇيائين:
”تنھنجو نالو چن سين آھي؟“
”ڇوڪريءَ وراڻيو- ”نه، سائين! منھنجو نالو ’لي سان‘ آھي!“ آفيسر اڳتي وڌيو ۽ ھن ٻيءَ ڇوڪريءَ کان پڇيو:
”تنھنجو نالو، پڪ ئي پڪ چن سين ھوندو؟“
ھن ڇوڪريءَ ھٻڪندي وراڻيو: ”ھا، سائين منھنجو نالو چن سين .....“
”چڱو، قطار کان ٻاھر نڪري اچ!“
وري ڀر واريءَ ڇوڪريءَ کان پڇيائين:
”تنھنجو نالو خولان آھي؟“
ھن ڇوڪريءَ ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. اِن ڇوڪريءَ سان گڏ خولان جي ماءُ بيٺي ھئي، جنھن آفيسر جي ڳالھ ٻڌي ورتي ۽ سندس دل ڪنھن اڄاتي ڊپ جي ڪري ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. ھن گھريو ته پنھنجي ڌيءُ کي اُن ڳالھ کان خبردار ڪري، پر وقت ھٿن مان نڪري چڪو ھو. آفيسر ھينئر خولان جي آڏو ھو.
”ھا، ڇوڪري! تنھنجو نالو خولان آھي؟“ ھن اڃا جواب ئي نه ڏنو ته آفيسر وري ڳالھايو:
”مون توکي پڪ ئي پڪ سڃاڻي ورتو آھي، تون پڪ ئي پڪ خولان آھين. چڱو، قطار کان ٻاھر نڪري اچ! اسان کي تنھنجي ضرورت ھئي!“
ان شام جو خولان تي سخت تشدد ڪيو ويو. ھن کان ور ور ڏئي پڇيو ويو ته انقلابي فوج جو ھيڊ ڪوارٽر ڪٿي آھي؟ ڳوٺ ۾ ۽ اُن کان ٻاھر ڪھڙا ڪھڙا ڪميونسٽ آھن؟ انقلابين جو تعداد ڪيترو آھي ۽ کين سامان ڪھڙيءَ ريت پھچايو ٿو وڃي؟ پر خولان ھر سوال جي جواب ۾ وراڻيو ته ”مون کي خبر نه آھي!“
آفيسر کيس چيو: ”خولان تنھنجي عمر صرف 15 سال آھي، ڇا تون اِن عمر ۾ مرڻ پسند ڪندينءَ؟“
ھڪ گھڙيءَ لاءِ ھن جي دل ۾ ڪمزوري پيدا ٿي، پر پوءِ ھڪدم ھن پاڻ سنڀالي ورتو ۽ چيو ته :”غلاميءَ جي زندگيءَ کان آزاديءَ جو موت بھتر آھي-“
آفيسر ھڪ ڇوڪريءَ جي واتان اھا ڳالھ ٻڌي حيران ٿي ويو. اُن بعد ھن خولان کي ھڪ ٻئي آفيسر جي حوالي ڪيو. ھن آفيسر پڇا ڳاڇا دوران کيس آڇ ڪئي ته ھوءَ ھن سان ڀر واري ڳوٺ ۾ ھلِي ھلي ته ھو کيس بچائي وٺندو. خولان، ان آڇ جو مقصد سمجھي وئي- ”ھرگز نه!“ ھن جواب ڏنو، ”پنھنجي جان بچائڻ لاءِ پنھنجي آبرو ڪنھن به صورت ۾ قربان نه ڪنديس!“
آفيسر نيٺ مجبور ٿي، فيصلو ڪيو: ”خولان! سڀاڻي صبح جو تنھنجو سَر قلم ڪيو ويندو!“ اھو فيصلو ٻڌائي، آفيسر ھليو ويو.
اُن رات خولان وري پنھنجو پراڻو خواب ڏٺو ته ھارين کي جاگيردارن ۽ سندن ظالم ڪارندن کان نجات ملي وئي آھي، ۽ سڄو چين جنت بڻجي ويو آھي. ھن خواب ۾ نامعلوم نگر جو سفر ڪيو، ۽ جڏھن صبح ٿيو ته ھڪ فوجيءَ اچي کيس جاڳايو. ھن جي ٻنھي ھٿن کي مضبوط رسيءَ سان ٻڌو ويو، ۽ پوءِ فوجين جي پھري ھيٺ کيس مقتل ڏانھن آندو ويو. چوراھي تي خولان ۽ ٻين ڇھن ماڻھن کي مارڻ جو انتظام ڪيو ويو ھو- ۽ سڄي ڳوٺ جي ماڻھن کي حڪم ڏنو ويو ھو ته سڀئي اُن چوڪ ۾ گڏ ٿي، ”غدارن“ جو حشر ڏسن.
جڏھن خولان چوڪ ۾ پھتي ته ھڪ طرف اُھي ڇھ ماڻھو بيٺا ھئا، جن کي ھن سان گڏ قتل ڪيو پئي ويو. پندرھن ويھن ٻين ماڻھن کي ٻڌي، ٻئي طرف بيھاريو ويو. اُنھن سڀني جا ھٿ ٻڌل ھئا- پر ھڪ اھڙي ھستي به ھئي، جنھن جا ھٿ ٻڌل نه ھئا- اُن ھستيءَ جو نالو ھو چن سين! اُھائي ڇوڪري، جيڪا خولان جي ساھيڙي ھئي، ۽ جنھن جي ڪمزوريءَ ۽ بيوقوفيءَ خولان کي مقتل تائين پھچايو ھو. ان ڪري جپانين ھن کي آزاد ڪري ڇڏيو، ۽ اُن کان سواءِ ھن جي ماءُ ۽ ويڳي پيءُ جون خدمتون به سندس سر بخشيءَ لاءِ ڪافي ھيون. خولان کي ڏسندي ئي اُن بيوقوف ڇوڪريءَ پنھنجو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو- خولان وڏيءَ بھادريءَ سان موت جو انتظار ڪرڻ لڳي.
جلاد جي ڪُھاڙي، ھڪ انقلابيءَ جو ڪنڌ اُڏائي ڇڏيو. ڪجھ گھڙين کان پوءِ ٻئي انقلابيءَ جو ڪنڌ اُڏايو ويو. آفيسر خولان کي چيو: ”تنھنجو ستون نمبر آھي- اڃا وقت اٿئي!“ خولان انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. وري ٽئين انقلابيءَ کي زندگيءَ کان محروم ڪيو ويو. رت وھي خولان جي پيرن تائين پھچي چڪو ھو- ھن ھري ھري پنھنجو پير پري ڪري ورتو ته متان شھيد جي رَت جي بي حرمتي نه ٿئي. وري ڪجھ گھڙين کان پوءِ پنجين ۽ ڇھين ھاريءَ جو سِر قلم ڪيو ويو.
آفيسر چيو: ”خولان! ھاڻي تنھنجو وارو آھي. جيڪڏھن تون گھرين ته ھينئر به زندگي تنھنجا پير چمي سگھي ٿي!“
”نه!“ ھن اعليٰ عزم سان وراڻيو، ۽ پوءِ پاڻ ئي اڳتي وڌي، جلاد جي آڏو سِر جھڪائي بيھي رھي. جلاد ڪو ٻيو نه ھو، ھن جي پياري ساھيڙيءَ چن سين جو پيءُ ھو.
خولان ھڪ طنز ڀريءَ نگاھه سان پنھنجي ساھيڙيءَ جي پيءُ ڏانھن ڏٺو، ۽ پوءِ نظر ڦيرائي چن سين ڏانھن نھاريائين، جنھن جو ڪنڌ اڃا به جھڪيل ھو.
ھيءُ دل ڏاريندڙ منظر ڏسي، ڳوٺ وارن کان رڙ نڪري وئي، جلاد جا قدم ٿڙڪيا. جپاني آفيسر ھڪدم ھيءَ تبديلي محسوس ڪئي، ۽ سوچيو ته ڪٿي معاملو بگڙي نه وڃي. ھن رڙ ڪري جلاد کي حڪم ڏنو ته پنھنجو ڪم ڪري. جلاد بي ڌيانيءَ سان پنھنجو ڪھاڙو ھلايو ۽ خولان جو خوبصورت سِر جسم کان ڌار ٿي ويو.
ٿورن ئي ڏينھن کان پوءِ انقلابي فوج اڳتي وڌي آئي، ۽ ھن ڳوٺ تي قبضو ڪري ورتائين. ليڪن خولان جا قاتل ڳوٺ مان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. 1951ع ۾ آخرڪار جلاد ۽ جاگيردارن کي ڳولي ورتائون ۽ پوءِ کين قانون موجب سزا ڏني ويئي.
اڄ به ھن ڳوٺ ۾ خولان جو ھڪ مجسمو، اُن چوڪ ۾ بلند آھي، جتي کيس شھيد ڪيو ويو ھو. ھن کي مرڻ کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي دائمي رڪنيت جو اعزاز ڏنو ويو- ۽ عظيم انقلابي رھنما مائوزيتنگ چيو:
”چين کي خولان جي قربانيءَ ۽ بھادريءَ تي فخر آھي!“
•