نگوين ٿي چائو
ڏکڻ ويٽنام جي ھيءَ بي مثال ھيروئن، پنھنجيءَ قوم جي محبوب ۽ محترم ھستي آھي. پنھنجي ساٿين ۾ ڪامريڊ ”نگوين ٿي چائو“ ۽ ھر تجويز ۽ تحريڪ جو مرڪزي ڪردار آھي، ته عوام ۾ ”ڀيڻ ٿي چائو“، قومي جوش ۽ جذبي جي روح روان! ويٽنام جي گھاٽن جھنگن جي پناھه گاھه ۾ ويھي، آمريڪين جي گوليبازيءَ جي خوفناڪ ڌماڪن ۾، ھوءَ اڄ به پنھنجي 1310 ڏينھن جي ڊگھي قيد جون حالتون بيان ڪندي آھي، ته سندس ساٿي سندس ڳالھيون ايڏيءَ ته دلسوزيءَ سان ٻڌندا آھن، ڄڻ ته ڪا نئين ڳالھ ٻڌي رھيا آھن.
’ٿي چائو‘ جي عمر اُن وقت 28 ورھيه ھئي- پر آمريڪي قيد سندس ڄمار کي ڪيترا ورھيه اڳتي ڌِڪي ڇڏيو آھي- ھن جي صحت تباھه ٿي چڪي آھي- چھري تي گھنج ظاھر ٿي چڪا آھن. سندس رنگ، لھسجي، سانورو ٿي چڪو آھي- اکيون وساڻل آھن- نظر جھڪي ٿي چڪي آھي. ڪارا ڀنڀا وار، جيڪي چيلھ کان ھيٺ رسندا ھئا، ھن وقت اڻڀا ۽ گرانٺ جيترا وڃي رھيا ھئا. ھڪڙي ڏينھن وجھ وٺي، پنھنجي حسين ڪارن وارن کي ڪَتري ڇڏيو، ته جيئن دشمن کيس وارن مان جھلي، وڌيڪ ايذائي نه سگھي. ٿي چائو جي من موھيندڙ صورت، ڪنھن وقت زندگيءَ سان ڀرپور ۽ صحتمنديءَ جي چمڪ سان منور ھئي پر ھاڻي ته ھوءَ اُن کي به پياري وطن تي قربان ڪري چڪي آھي، ۽ اُن ڏينھن لاءِ زندھه آھي، جڏھن ھوءَ پنھنجي وطن کي دشمن جي ناپاڪ قدمن کان آزاد ڏسي سگھي! (’ٿي چائو جو وطن، مارچ 1967ع تي آزاد ٿي چڪو آھي، ٿي چائو ضرور پنھنجي آسن کي پورو ٿيندي ڏٺو ھوندو- پر خبر نه آھي ته ھيءَ عظيم عورت ھن وقت زندھه به آھي يا نه؟‘)
ٿي چائو کي 9- فيبروري 1961ع تي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو. اُن وقت ھوءَ مڊل اسڪول جي سينيئر شاگردياڻي ھئي. ٿورا ئي ڏينھن ٿيا ھئا، جو يُوٿ ليگ جي ميمبر ٿي ھئي، ته ڪنھن غدار مائٽ جي مخبريءَ تي کيس گرفتار ڪري، ڏکڻ ويٽنام جي وچئين علائقي جي ھڪ اسپيشل يونٽ ۾ موڪليو ويو.
ابتدا ۾ ته دشمن جي ڪمينه- صفت ايجنٽن، ھن کي طرح طرح جي لالچن ۾ ڦاسائڻ چاھيو- ۽ پوءِ اُھي آھستي آھستي دوستاڻي نموني سان ھن کي نيون نيون تجويزون ٻڌائڻ ۽ ظاھر ۾ دوستاڻا مشورا ڏيڻ لڳا. ھڪڙي ڄڻي ته ھن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ کيس ھمدرديءَ جو يقين ڏيارڻ لاءِ، ان حد تائين چئي ڏنو ته:
”تنھنجي ھڪ مائٽ ئي تو بابت مخبري ڪئي، جنھنجي بنياد تي تنھنجي خلاف لڳل الزام کي تقويت حاصل آھي. ھن وقت اسان وٽ ڪنھن نه ڪنھن ثبوت جو ھئڻ لازم آھي، ته جيئن اُن بنياد تي اسان تنھنجي خلاف نالي ماتر ڪاروائي ڪري، توکي آزاد ڪري سگھون. اسان کي توسان پوري پوري ھمدردي آھي. اسان نٿا چاھيون ته توکي نقصان پھچي. تون ڇونه ٿي ھڪ ٻه غير اھم وقعا ياد ڪري، تسليم ڪرين ته تو اُنھن ۾ حصو ورتو ھو- ۽ ائين رسمي ۽ معمولي ڪاروائيءَ بعد پاڻ کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرين.“
پر انھن لفظن تي ڀنڀلجي وڃڻ بدران، ”ٿي چائو“ جو ذھن ھڪدم بيدار ٿي ويو ۽ ھوءَ محتاط ٿي ويئي- ”غير اھم واقعا؟“ ھن سوچيو ته ڪو واقعو کڻي ڪيڏو ئي غير اھم ھجي، پر دشمن جي آڏو اُن کي مڃڻ، بھرحال پنھنجيءَ جماعت سان غداري ڪرڻ جي برابر ۽ ”قومي باغي“ ھجڻ جو ثبوت آھي! جيڪڏھن آءٌ ائين ڪريان ته مون ۾ ۽ انھن قوم ۽ ملڪ جي غدارن ۾ ڪھڙو فرق وڃي رھندو، جيڪي دشمن جي ھٿن ۾ پُتلين جيان نچي، پنھنجي ئي وطن کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ سُڪ ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رھيا آھن؟“- ۽ اِھو سوچي، ھن پنھنجي عزم کي وڌيڪ اٽل بڻائي ڇڏيو.
جڏھن حڪمت عمليءَ جا ھي وسيلا ڪارگر نه ٿيا، ۽ ٿي چائوءَ جي عزم ۾ ذري برابر به لوڏو نه آيو، ته دشمنن ھن جي اکين تي پٽي ٻڌي، کيس ھڪ بيحد بدنام جيل 42- پي ۾ موڪلي ڇڏيو، جيڪو زميني دوزخ جو بدترين نمونو ھو. ھن جيل ۾ زير زمين تھخانا ۽ ڊگھا ۽ ورن وڪڙن وارا چور- رستا موجود ھئا، جيڪي آزاديءَ جي متوالن وطن- پرستن جي ھڏن سان ڀريا پيا ھئا- ۽ اھڙي طرح اکين تي پٽيون ٻڌي، کيس ھڪ زمين دوز ڪوٺڙيءَ ۾ اڇلايو ويو- ۽ کيس ھڪ ڀيرو ٻيھر سوچڻ لاءِ چئي، سڄي رات ھن کي اڪيلو ڇڏي ويا. ھوءَ ساري رات پنھنجي چؤطرف موجود ڪوٺڙين مان رڙين ۽ دانھن جا آواز ٻڌندي رھي. مصيبت جي ماريلن ۽ مظلوم حريت پسندن کي تڪليفن رسائڻ ۾ اُنھن ماڻھن ايڏو ته لطف محسوس ٿي ڪيو، جو پاڻ به انھيءَ وندر ۾ سڄي رات نه سُتا ھئا- ٿي چائو کي سوچڻ جو موقعو ڏنو ويو ھو، ۽ ھوءَ انھيءَ اذيتناڪ ماحول جي باوجود غور ڪندي رھي. البت ھن جي سوچ جو انداز نرالو ھو- ھوءَ پنھنجي پارٽيءَ ۽ ساٿين جي باري ۾ سوچيندي رھي، جن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو ھن کي تمام گھٽ موقعو مليو ھو. ۽ سيني ۾ اِھائي حسرت سانڍي، ھوءَ قيد ۾ اچي پئي ھئي. ھوءَ تصور جي دنيا ۾ پنھنجي مڱيندي جو دلڪش چھرو ڏسندي رھي- پارٽيءَ جو ھڪ سرگرم رڪن، ”لي ھونگ تو“- جنھن کيس وطن جي آزاديءَ جي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جي دعوت ڏني ھئي. سڀ کان اڳ ھن شاگردن جي ھڪ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتو، ڇوته ھن چاھيو ٿي ته شاگرد ھڪ آزاد ملڪ جي فضا ۾ تعليم حاصل ڪري سگھن، ۽ پُر امن ماحول ۾ پنھنجيون تعليمي سرگرميون جاري رکي سگھن. ھوءَ خود فطرتاً امن پسند ۽ پرسڪون طبيعت جي مالڪ ھئي. اُن ڪري منڍ ۾ ھوءَ ھنگامن کان لھرائيندي ھئي، ۽ تحريڪن ۾ حصي وٺڻ کان پاسو ڪندي ھئي. مطالعو، ھن جي محبوب وندر ھئي. پر ”لي ھونگ تو“ کي ھن جو رويو پسند نه ھو، ۽ ھن ئي ”ٿي چائو“ کي نيٺ قائل ڪري ورتو ته ھن وقت وطن جي سڏ کان منھن موڙڻ ۽ جدا رھي مطالعي ۾ وقت گذارڻ، فقط تنگ- نظر انفراديت جو ئي دليل آھي.
”ھن ظلم جي زماني ۾، امن ۽ سُڪون بابت سوچي ئي نٿو سگھجي، چائو! ڏسين نه ٿي ته اسان جي پياري وطن جي اڌ کان وڌيڪ حصي تي ظالم آمريڪي قبضو ڪري چڪا آھن، ۽ باقي اڌ سندن ھٿن مان بچائڻ لاءِ اسان کي سر تريءَ تي رکي مقابلو ڪرڻو آھي. ٻيءَ حالت ۾ ھي شھنشاھيءَ جا علمبردار، غلاميءَ جو ڳٽ، اسان جي ڳچين ۾ وڌيڪ سوگھو وجھندا، ۽ امن ۽ آزادي، ھميشہ لاءِ اسان کان رُسي وينديون. ھن وقت، سڀڪجھ ڇڏي، وطن جي بچاءَ لاءِ اُٿ، چائو! اسان کي ملڪ مان مُوذين کي ڀڄائڻو آھي. سائگان ۾ سندن ھٿ ٺوڪي حڪومت جي طاقت ٽوڙڻي آھي. اسان کي پنھنجي سرزمين مان ھن گندي معاشري جي پاڙ پٽڻي آھي، جيڪو ”ماڻھوءَ کي ماڻھوءَ جي کائڻ“ جو سبق سيکاري ٿو!“
”لي ھونگ تو“ ايڏن ته پُر اثر لفظن ۾ تقرير ڪئي، جو چائو ان جو درد دل ۾ محسوس ڪيو.
وري ھن جي ذھن تي اھو نظارو تري آيو، جڏھن ”لي ھونگ تو“ مظاھري جي اڳواڻي ڪري رھيو ھو، ۽ ”ٿي چائو“ سندس بنھ پٺيان ھئي. پوءِ پوليس سندس جلوس کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ لاءَ حملو ڪري ڏنو. ھِتان ھُتان لٺيون وسڻ لڳيون. ”لي ھونگ تو“ جي مٿي ۾ گھاءُ ٿي پيو، جنھن مان رت جو ڦوھارو وھي نڪتو. پر ھن پنھنجي رت ۾ ريٽي چھري تي عزم جي پختگي قائم رکي، ۽ پنھنجو نشان بدستور ھٿ ۾ بلند ڪري نعرا ھڻندو رھيو: ”آمريڪي ڌاڙيلن کي ڌِڪي ڪڍو!“ پوليس جي تشدد جي باوجود، جلوس جي ترتيب ۽ جوش ۾ فرق نه آيو- ۽ اُھو باقائدگيءَ ۽ ضابطي سان اڳتي وڌندو رھيو.
اُن کان پوءِ ’ٿي چائو‘ کي ’ھونگ تو‘ جي آخري ملاقات ۽ سندس اُھي آخري لفظ ياد آيا- ”جيڪا مشڪلات سامھون اچي، اُن جو بھادريءَ سان مقابلو ڪجانءِ، چائو! کڻي ڪجھ به ٿي پوي، پر تنھنجا قدم، پنھنجي رستي تان ڪنھن به صورت ۾ ٿِڙڪڻ نه کپن.“
ھن ڪيڏي نه پيار مان چائوءَ جو ھٿ دٻائيندي چيو ھو- ’۽ ھاڻي اُھو وقت اچي ويو آھي، جنھن جو ھن خدشو ظاھر ڪيو ھو- منھنجي امتحان جو وقت-! آزمائش جو وقت-! ھن خود بخود ڀڻڪيو.‘
ٻئي صبح جو کيس تھخاني مان ڪڍي، پڇا ڳاڇا لاءِ ھڪ ميجر اسپيشل ايجنٽ جي ڪمري ۾ وٺي ويا، جنھن ”يوٿ ليگ“ جي سرگرمين بابت پڇا ڳاڇا ڪئي- ٿي چائوءَ گھڙيءَ کن لاءِ ڏانھس ڪڙيءَ نظر سان ڏسندي جواب ڏنو:
”مون کي ڪابه خبر نه آھي!“
ھن جواب تي ميجر باھه ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي، رڙ ڪري، پنھنجي عملي جي خاص ماڻھن کي حڪم ڏنائين، جيڪي ستايل ڇوڪريءَ کي بي رحميءَ سان گھليندا، ايذاءَ رسانيءَ جي ڪمري ۾ وٺي ويا. ھن کي ھڪ بينچ سان ٻَڌو ويو. ھن جو وات پٽي، لوھه جو ھڪ ٽُڪر سندس ڏندن ۾ ڦاسايو ويو ته جيئن ھوءَ وات بند ڪري نه سگھي. ۽ صابڻ جو ڳار سندس وات ۾ اوتڻ لڳا- جڏھن صابڻ جو پاڻي ڏوگھيندي ھن جو پيٽ ڦوڪجي ويو، ۽ پاڻي سندس نڙيءَ مان واپس اُٽوڙجڻ لڳو، ته اُھي ظالم سندس پيٽ تي چڙھي، اُن کي زور سان دٻائڻ لڳا. پاڻي گڙ گڙ ڪري ڦوھاري وانگر ھن جي وات مان نڪتو. جيتوڻيڪ ڪافي مقدار ھن قيءَ جي ذريعي خارج ڪري ڇڏيو ھو- پر ھن اذيتناڪ سزا جو عملي طور ڪوبه نتيجو نه نڪري سگھيو، ڇوته اُن کان پوءِ به چائوءَ جو ھڪ ئي جواب ھو ته:
”مون کي ڪابه خبر نه آھي!“
اُن بعد ھن جي جسم کي بجليءَ جي اگھاڙين تارن سان ڇھيو ويو ۽ کيس بجليءَ جا تيز جھٽڪا ڏنا ويا، ۽ اُھو عمل روزانو دھرايو ويندو ھو- پھرين ته ھوءَ پيرين پنڌ ھلي، ايذاءَ رسانيءَ جي ڪمري ۾ ويندي ھئي، پر آھستي آھستي سندس حالت ان حد تائين پھچي وئي، جو کيس سھارو ڏئي وٺي ويندا ھئا، ۽ بيھوشيءَ جي حالت ۾ واپس کڻي اچي جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ اڇلائي ويندا ھئا. ھڪ مھيني تائين لڳاتار اھا ڪيفيت رھي- پر ٿي چائو جي وات مان ھڪ به لفظ به نه نڪتو. ميجر وڏيءَ مشڪلات ۾ ڦاسي پيو، ۽ حيران ھو ته ڪري ڇا؟
ڪجھ ڏينھن کان پوءِ، ميجر ھڪ بوتل کڻي. چائوءَ جي ڪمري ۾ آيو ۽ چپن تي مڪروھه مُرڪ آڻيندي چيائين:
”اُف! تنھنجو چھرو زخمن ۽ داغن سان ڀرپور آھي- ۽ ھيءُ ڏس، مون تو لاءِ ھڪ نھايت قيمتي دوا، خاص آرڊر ڏئي گھرائي آھي. ھيءَ دوا اڻلڀ آھي، ۽ وڏيءَ مشڪل سان ھٿ آئي آھي. ھيءَ وٺ، ۽ پنھنجي چھري تي ھڻندي ڪر!“
”توھان اجايو پنھنجو وقت پيا وڃايو! توھان اڃا تائين اِھو اندازو نه لڳايو آھي، ته توھان مون کي پنھنجي چالبازين سان متاثر ڪري نٿا سگھو. جيڪو ظلم مون سان ڪري رھيا آھيو، اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو ظلم ھوندو؟ ۽ جيڪڏھن ڪو آھي ته اچو، ۽ اچي آزمائي ڏسو!“ ٿي چائوءَ، ڪاوڙ ۽ نفرت جي نظرن سان گھوريندي چيو.
”آءٌ چاھيان ٿو ته جھڳڙو ختم ٿئي، ۽ اسان ھڪ ٻئي کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون. ايڏي ڊگھي ويڪري ڳالھ ئي ڪانھي. تون فقط ھڪ ٻه ڳالھيون ٻڌاءِ، ته اسان توکي ھڪدم آزاد ڪري ڇڏينداسون! ھاڻي ئي، ھن وقت! اسان توکي موزون مالي مدد ڏينداسون، توکي انگلينڊ يا آمريڪا موڪلي، اعليٰ تعليم ڏياري سگھجي ٿي. تو جھڙي لائق ڇوڪريءَ کي تعليمي امداد ڏئي، اسان کي دلي خوشي ٿيندي. پوءِ اُھو تنھنجيءَ پسند تي ڇڏيل آھي ته انگلينڊ وڃين يا آمريڪا؟“
ميجر اھڙيءَ ته خوش اخلاقيءَ جو مظاھرو ڪيو، ڄڻ ھيءُ ڪو نئون ماڻھو ھو! ۽ ٿِي چائو، عجب مان سندس منھن ڏانھن ڏسڻ لڳي- ”پنھنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪھڙيون ڪھڙيون قلابازيون کائين ٿا ھي ماڻھو! ٻين کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ ڪھڙي نه دوزخي پاليسي بڻائين ٿا-!“ ھوءَ سوچي رھي ھئي.
“ھا، ھا! شاباس!! ھاڻي توکي ڳالھ سمجھ ۾ آئي آھي!“ ميجر پنھنجي خيال ۾، سندس حوصلي افزائي ڪندي چوڻ لڳو.
”منھنجي ته سمجھ ۾ ڳالھ اچي وئي آھي! پر توئي غلط سمجھيو آھي! توھان ماڻھن مان ڀلائيءَ جي اُميد رکڻ، ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آھي- ۽ توھان جي پيشڪش کي قبول ڪرڻ، اُن کان به وڌيڪ ناداني! تنھن ڪري مون کي معاف ڪريو. آءُ جيئن آھيان، ٺيڪ آھيان!“ ٿي چائوءَ قھري نظرن سان ميجر کي گھوريندي وراڻيو.
”ھون ..... ٺيڪ آ..... ھاڻي ئي سمجھي وٺان ٿو!“ ھن ڏند ڪَرٽي چيو، ۽ اخلاق جو اُھو ھٿرادو ماسڪ سندس چھري تان لھي ويو، ۽ ھو اڳ جيان بد فطرت وحشي نظر اچڻ لڳو. ٿي چائوءَ کي ٻيھر ايذاءَ رسانيءَ جي ڪمري ۾ گھلي ويا- ۽ ھن ڀيري کيس ٻڌي ڪوڙن ھڻڻ، صابڻ جي ڳار پيارڻ، ۽ بجليءَ جي جھٽڪن ڏيڻ تي ئي اڪتفا نه ڪئي وئي، پر سندس نَنھن ۾ سُيون چُڀائيندا رھيا- سڄي رات کيس لڳاتار قسمين قسمين ايذاءَ ڏيندا رھيا، ۽ ھوءَ سُور جي شدت کان ڦٿڪندي، مٿن ڦٽڪار وجھندي رھي- نيٺ ھوءَ بيھوش ٿي ويئي. ۽ کيس گھلي واپس ڪوٺڙيءَ ۾ اُڇلائي آيا. مظلوم ڇوڪري، ڪنھن وقت پاڻيھي ئي ھوش ۾ اچي ٿي ويئي، ۽ وري بيھوش ٿِي ٿي ويئي. ھن جو سمورو جسم، پڪل ڳڙھه وانگر ڏُکي رھيو ھو. نس نس مان سيسراٽ نڪري رھيا ھئا، ۽ ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ مٿس سڪرات جي حالت طاري آھي، ۽ ڪنھن وقت به مري ويندي. موت کي ويجھو ڏسي، ھن پنھنجي جسم جي سموري سگھ گڏ ڪري، پاڻ کي ڀِت سان ٽيڪ ڏئي بيھاريو، ۽ وارن مان مان ھڪ پِنَ ڪڍي، اُن سان ڀت تي ڪجھ شعر اُڪيريا، جن جو مطلب ھيءُ ھو:
”منھنجو ڳاٽ ھميشہ اوچو رھندو،
سمنڊ جي ڪناري تي بيٺل اڏول پھاڙ جيان اوچو!
اُھو ڪڏھن به نه جھڪندو- پوءِ لھرون ڀلي ڪيڏيون به تيز ۽ طوفاني ھجن!“
”منھنجا ڪپڙا رت- ٻڏل آھن، پر اُنھن جي ھيٺان منھنجي دل ساڳيءَ طرح پاڪ ۽ صاف آھي!“
اُن کان ڪجھ ڏينھن بعد، ٿي چائوءَ کي ڪنھن ٻئي جيل ۾ موڪليو ويو- ھيءُ جيل گياون جي علائقي ۾ ھو. اُتي موجود قيدي عورتن مان ھن جي ملاقات ھڪ عورت سان ٿي، جيڪا ”ڀيڻ اين“ سڏبي ھئي، ۽ جيل اندر پارٽيءَ جي ڳجھيءَ تنظيم جي انچارج ھئي. ھڪ ڏينھن ھوءَ ”ٿي چائوءَ“ جي ويجھو اچي بيٺي ۽ چوڻ لڳي:
”اسان جي پارٽيءَ، تنھنجي ماضيءَ جو مشاھدو ڪيو آھي- آمريڪين جي قيد ۾ تنھنجو عزم اٽل ۽ استقلال داد لائق ڏٺو ويو آھي- ۽ پارٽيءَ کي اعتراف آھي ته تون ھر لحاظ کان اُن جي ميمبر ٿيڻ جي اھل آھين!“
ايڏي عرصي ۾ پھريون ڀيرو، چائوءَ جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا- ۽ ھي خوشيءَ جا ڳوڙھا ھئا. کيس پارٽيءَ ايڏو وڏو اعزاز ڏنو، جو پاڻھي ئي کيس ميمبر تسليم ڪري ڇڏيائون!
اڌ رات، 2- سيپٽمبر 1961ع- ”جمھوريه ويٽنام“ جو قومي ڏينھن ھو. وڏي وارڊ ۾ اڪثر قيدي ننڊ پيا ھئا، ۽ ھڪ ڪُنڊ ۾ اُن ئي وارڊ ۾ رھندڙ عورتن، تيل جو ھڪڙو ننڍڙو ڏيئو ٻاري رکيو ھو- اُھي ”ٿي چائو“ کي پارٽي ميمبر تسليم ڪرڻ جي باري ۾ ڪا رسم ادا ڪري رھيون ھيون. ڀت تي ”ھٿوڙي ۽ ڏاٽي“ جي تصوير لڳائي وئي ھئي، جيڪا ڪنھن پمفليٽ مان ڪاٽي وئي ھئي. ”ڀيڻ اين“ نھايت سنجيدي ۽ گنڀير آواز ۾ آھستي آھستي پارٽيءَ جي فيصلي جو اعلان ڪيو. اُن کان پوءِ، نگوين ٿي چائوءَ، نشان ڏانھن ھٿ کڻي، حلف کڻندي، ھلڪي آواز پر پُر عزم لھجي ۾ چيو:
”آءٌ سڄي زندگي پنھنجيءَ پارٽيءَ سان وفادار رھنديس ۽ آخري وقت تائين ان جي مفاد لاءِ جدوجھد ڪنديس!“
ھن جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪي رھي ھئي- اوچتو ھن جي دل ۾ آرزو پيدا ٿي، ته پنھنجن اِنھن لفظن کي ايڏي ته بلند آواز سان چوي، جو سندس آواز، ھن جي پارٽيءَ کان سواءِ اُھي سڀ آزادي- پسند ڀيڻون ۽ ڀائر ٻُڌي سگھن، جيڪي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھن!
سڄو وارڊ سانت جي ساگر ۾ گم ھو. ڏيئي جي ٽمڪندڙ جوت ۾ ڪجھ سنجيدا چھرا، خلوص جي نُور سان چمڪي رھيا ھئا. ھن پنھنجو پاڻ تي ضابطو رکندي، پنھنجي ساٿين ڏانھن ڏٺو، ۽ مُرڪي ڏنو:
”ھو نڀاڳا، مون کان اِھو چوڻ لاءِ ته آءٌ پارٽيءَ جي ميمبر آھيان- سخت سزائون ڏيندا ۽ تشدد ڪندا رھيا- مون کي اِھو ڏک ٿيندو ھو ته مون کي اھو (پارٽي ميمبرشپ) جو اعزاز حاصل ڪونه ھو- ڪنھن کي خبر ھئي ته مون تائين اھو اعزاز، زنجيرن جي جھنڪار سان، ھنن تشدد- پسند ظالمن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي، ھن ھنڌ پھچندو!“- ھن ڀِنل اکين ۽ مُرڪندڙ چَپن سان چيو.
”ڀيڻ اين“، جيل جي ڳُجھيءَ برانچ جون ڪجھ ذميداريون ”ٿي چائوءَ“ کي سونپيون، ۽ اُن مصروفيت ۾ ”ٿي چائو“ وڏي دلچسپي ڏيکاري. جيل جي آفيسرن، سندس اِن تبديليءَ کي شڪي نظرن سان تاڙي ورتو، ۽ جلد ئي سندس بدلي ڪنھن ٻئي جيل ۾ ڪئي وئي. پر چائوءَ اتي به پنھنجون سرگرميون جاري رکيون، ۽ پارٽيءَ جي ھدايتن تي عمل ڪرڻ لاءِ سرگرم رھي. ھن جي اڳواڻيءَ ۾ اَٺ بُک ھڙتالون ڪامياب رھيون، جيڪي جيلن جي حالت بھتر بڻائڻ ۾ قيدين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيون ويون ھيون. حاڪمن کي معلوم ھو ته اھو سڀ ڪجھ، ٿِي چائوءَ جي اشاري تي ٿئي ٿو. جنھن ھنڌ به کيس موڪليو ويندو ھو، اُتي ھلچل شروع ٿي ويندي ھئي، ۽ جيل آفيسرن جي ننڊ حرام ٿي ويندي ھئي.
ھڪ ڀيري، چائو ڪو ڳُجھو خط کڻي ويندي، پڪڙجي پئي- پر اُن کان اڳ، جو دشمن کي ھن جي خلاف ڪو ڏٺو وائٺو ثبوت ملي، ھن خط کي ڦاڙي ذريون ذريون ڪري ڇڏيو- انتظاميه ھن واقعي تي مٿس باھه ٿي ويئي. ھن کي ھڪ ڀيرو وري ايذاءَ رسانيءَ جي ڪمري ۾ نيئي، مٿس بيحد تشدد ڪيو ويو. ھن جي پيرن جي آڱرين ۽ ڪَنن جي پاپڙين تي بجليءَ جون اگھاڙيون تارون رکيون ويون. ھن جي جسم مان رکي رکي بجليءَ جي ڌار گذاري ويندي ھئي- اُن بعد پچڪارين وسيلي سندس ناسن ۾ صابڻ جو ڳارو وڌو ويو، ايتري قدر جو ھن جي نڪ مان رت وھڻ لڳو- جڏھن ھوءَ بيھوش ٿي ويندي ھئي ته کيس ھوش ۾ آڻي، وري جلد ئي بجليءَ جا جھٽڪا ڏنا ويندا ھئا. جڏھن ھوءَ صفا اڌ- مُئي ۽ نِستي ٿي ويندي ھئي ته کيس کڻي ڪوٺڙيءَ ۾ اُڇلايو ويندو ھو. بيھوشيءَ جي حالت ۾ ھن جي نَڪ مان رت ٺينڍيون ڪري وھندو ھو. ان ھوندي به تشدد جو ھي عمل جاري رکيو ويندو ھو. اذيتن جو تاب نه سھي، ھوءَ کين جنسي گاريون ڏيندي ھئي ۽ بار بار چوندي ھئي:
”توھان جانورن کان به پري آھيو!“
ھڪ ڏينھن ھن جا ھٿ پير ٻڌي، ڏھه ٻارھن ماڻھو کيس ڪُٽن ۽ مارڻ لڳا، ۽ ھن کي ٿُڏن سان ايترو ته ماريو ويو، جو ھن ويچاريءَ جا نَنھن ڇڄي پيا ۽ ڏند اُلڙي پيا، پر ايڏي وحشياڻي ظلم تي به دانھون ڪوڪون ڪري، دشمن جي سامھون پنھنجي ڪمزوري ظاھر ڪرڻ، ھن کي پنھنجي وقار جي خلاف محسوس ٿيو- ھن پنھنجو پاڻ تي ضبط ڪرڻ لاءِ پنھنجن ڪُلھن ۾ چَڪ ھنيا ٿي.
پنھنجي قيد جي حالتن کي بيان ڪندي، نگوين ٿي چائو، جڏھن به پنھنجي درديلي داستان جي ھن حصي تي پھچندي آھي ته ڪنھن خيال کان ڏاڍي ڏُکاري ٿي ويندي آھي- ھن جا پنھنجا لفظ آھن ته ھن نازڪ وقت ۾، پنھنجي قومي رھنمائن سان دلي عقيدن ئي ھن کي موت سان اکين اٽڪائڻ جو حوصلو بخشيو- ھوءَ لکي ٿي ته: ”منھنجو ساھه لُڪيءَ ۾ اٽڪيل ھو، ۽ ائين محسوس ٿيندو ھو ته مون تي سڪرات جون آخري گھڙيون طاري ٿي چڪيون آھن- اوچتو ئي منھنجي تصور ۾ ھوچي منھ جو مُھانڊو اُڀري آيو ٿي، ڄڻ بلڪل منھنجي ڀرسان بيھي، اٿاھه پاٻوھه مان مون ڏانھن ڏسي رھيو آھي ۽ چئي رھيو آھي: ”حوصلو! منھنجي ڌيءُ! پنھنجو ڳاٽ ھميشہ اوچو رک!“- ڪنھن معجزي جھڙي سگھ، منھنجي وڃايل طاقت بحال ڪري ڇڏي، ۽ منھنجي جسم ۾ زندگي موٽي آئي- مون کي ھوش ۾ ڏسي، ھڪ ماڻھو مون ڏانھن وڌيو، ۽ مون کي سڏڻ جي ڪوشش ڪيائين- مون پنھنجي سموري سگھ گڏ ڪري، اُن جي منھن تي ٻه ڀرپور ٿڦڙ وھائي ڪڍيا- ۽ پوءِ بيھوش ٿي ويس. ٻئي ڏينھن جڏھن مون کي ھوش آيو ته مون ڏٺو ته اکين کان سواءِ منھنجي سموري جسم تي پٽيون ٻڌل ھيون، ۽ درد جي شديد احساس کان بچڻ لاءِ، آءٌ ھڪ ڀيرو وري بيھوش ٿيڻ جي تمنا ڪري رھي ھيس ته اوچتو مون کي ”ڊونگ“ جا لفظ ياد آيا، جيڪو اسان جي ’حريت پسند‘ شھيدن مان ھڪ جري جوڌو ھو-
”جيڪڏھن پنھنجن اصولن ۽ عقيدن تي، انسان دلي طور پختو ۽ مستقل آھي، ته جسماني ايذاءَ سھپ جوڳا ٿي وڃن ٿا!“
۽ انھن لفظن جي ذھن ۾ ايندي ئي واقعي درد جو احساس ويندو رھيو.
”نگوين ٿي چائو“ کي اِن واقعي کان ڪجھ ڏينھن بعد، اُتان به بدلي ڪيو ويو- ۽ اھو سلسلو لڳاتار جاري رھيو. کيس ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ ٻئي جيل ڏانھن منتقل ڪيو ويندو ھو- ھن کي گھڻو ڪري عورتن جي سڀني جيلن جو سير ڪرايو ويو. ڪن جيلن ۾ ته ڪيترا ڀيرا وئي. ھن کي جتي به موڪليو ويندو ھو، ھوءَ پنھنجيءَ پارٽيءَ جي مقصدن ۽ متن ھيٺ وڏيءَ جدوجھد ۾ مصروف ٿي ويندي ھئي- ٻين عورتن کي جھٽ ۾ پنھنجو ھم خيال بڻائي ڇڏيندي ھئي، ۽ جيل جي آفيسرن لاءِ ڪانه ڪا مصيبت کڙي ڪري ڇڏيندي ھئي. ھڪ وقت اھڙو به آيو، جو جيل جي آفيسرن لاءَ ”نگوين ٿي چائو“ جو نالو ڏھڪاءَ جو سبب بڻجي ويو. کيس جنھن به جيل ۾ بدلي ڪري رکيو ويندو ھو، ھن جي صورت ڏسندي ئي، انچارج آفيسر اِئين ڇرڪي ويندو ھو، ڄڻ کيس بجليءَ جي تار جھٽڪو ھڻي وڌو ھجي- ”ھن کي ھتي ڇو موڪليو ويو آھي؟“ ھو اوچتو احتجاج ڪرڻ لڳندو ھو.
جيڪڏھن دشمن جو وس ھلي ھا ته ھن کي اُڦٽ ماري، ھن مان جان ڇڏائين ھا، پر حالتون ايتريون سازگار نه ھيون- ھنن چڱيءَ ريت ڄاتو ٿي ته نگوين ٿي چائوءَ جھڙيءَ ناليري ۽ مشھور ڇوڪريءَ جي موت تي وڏي مصيبت کڙي ٿي ويندي. پھرين ڳالھ ته مٿس ڪوبه الزام ثابت ٿي نه سگھيو ھو- ٻيو ته حريت پسند ھٿياربند فوجن جون سوڀون ٿي رھيون ھيون- اھڙي موقعي تي چائوءَ کي موت جي سزا ڏيڻ سان عوام بگڙي پوندا، ۽ جوش ۾ ڀرجي، مھينن جو ڪم ڏينھن ۾ ڪري ڏيکاريندا. دشمن کي خوب ڄاڻ ھئي ته ھِڪ ٿي چائوءَ کي مارڻ سان ھن وقت ھزارين ”ٿي چائو“ پيدا ٿي پونديون، ۽ وڏيءَ مصيبت کي منھن ڏيڻو پئجي ويندو. ھيڏانھن جيلن ۾ به روزانو ڦڏو منھن ڪڍيو بيٺو ھوندو ھو، جنھن به کين منجھائي وڌو ھو. نيٺ ھنن کي اُن کان سواءِ ٻي ڪا واھه ڏسڻ ۾ نه آئي، ته ”ٿي چائو“ کي آزاد ڪيو وڃي. پر آزاد ڪن ته ڪھڙي منھن سان؟ ھيءَ فولادي عزم واري ڇوڪري، پنھنجي رويي ۾ ذرو به پڇتاءُ ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئي، ۽ رڳو رسمي طرح به جھڪڻ لاءِ آمادہ نه ھئي.
۽ ھڪ ڏينھن ھڪ اسپيشل ايجنٽ، جيڪو ميجر جي عھدي تي متعين ھو، چائوءَ کي سڏائي کيس ايلاز ڪندي چيو:
”چڱو! ڀلا، اسان ھاڻي توکي پڇتاءُ ڪرڻ لاءِ به مجبور نه ٿا ڪريون- پر رڳو ايترو ڪر، جو سائيگان جي ملڪي حڪومت واري جھنڊي جي سلامي ڏي، ته توکي آزاد ڪري ڇڏيون!“
”ڇا-؟ سائيگان جي ڪٺ پتلي حڪومت جي جھنڊي کي- ڇا اُھو آمريڪا جو جھنڊو نه آھي؟“ ٿي چائو اُتاولي ٿيندي پڇيو.
”آھي ته-“ آفيسر وراڻيو.
”ته پوءِ تنھنجو مطلب آھي ته آءٌ غير ملڪي غاصبن جي جھنڊي آڏو سِر جھڪايان؟ ڪڏھن به نه! آءٌ مري وينديس پر ھن غليظ ڪپڙي جي ٽُڪر آڏو نه جھڪنديس، اھو ته بدبخت غلامن جو جھنڊو آھي، توھان ان کي ملڪي حڪومت جو جھنڊو سڏي رھيا آھيو؟ آمريڪي حڪومت ته رھي پري، مون کي ته ھن غلامن جي حڪومت کان ئي نفرت آھي!“ ٿي چائوءَ انتھائي نفرت واري انداز ۾ چيو. ميجر ڪاوڙ ۾ وٽجڻ سٽجڻ لڳو، پر مصلحت کي آڏو رکندي، ڪاوڙ کي پِي، ضبط کان ڪم وٺندي چيائين:
”چڱو اِئين به نه ڪر! ڀلا اھو ڪيئن رھندو، ته اسان سڀ جھنڊي کي ھلي سلامي ڏيون، ۽ تون به اُتي موجود ھجين- تون کڻي جھنڊي کي سلامي نه ڏجان- بس ايترو ته ڪر!“ ميجر صفا شڪسته ٿي، ھڪ ننڍڙو شرط پيش ڪيو.
”ڪڏھن به نه! توھان جي رائفلن جي گھيري ۾ ھوندي به اھو شرط منظور نه ڪنديس!“ ھن نھايت استقلال سان جواب ڏنو.
”اُف! توکي ڪابه تجويز پسند نٿي اچي. چڱو ڀلا، تون پنھنجي پيرن سان پنڌ ڪري، جھنڊي تائين نه وڃ- توکي بيمار جي حيثيت ۾ سھارو ڏئي، اتي وٺي وينداسون. تون چپ چاپ منھنجي ڪَن ۾ چئجان، ته تون ھن جھنڊي جي عزت ڪرين ٿي- ھاڻي، گھٽ ۾ گھٽ ايترو ته ڪندينءَ!“
نگوين ٿي چائوءَ، ڌِڪار مان ميجر ڏانھن ڏٺو، ۽ چپ چاپ اھڙيءَ طرح منھن ڦيرائي ڇڏيائين، ڄڻ چوندي ھجي:
”جواب جاھلان باشد خموشي!“
ھاڻي ته ميجر جي سھپ کان ڪم وڌي ويو، ۽ رڙ ڪندي چيائين: ”ھيءَ ڪھڙي مصيبت آھي؟ توھان باغي ماڻھو ايڏا ته بيوقوف ۽ ڄٽ قسم جا نٺر ٿيندا آھيو، جو اوھان وٽ مصلحت لاءِ ڪا لچڪ ئي نه آھي؟ خدا ڪو اوھان سان پھچي، باقي اسان جي ڀيڻي نه آھي. ڀلا، ڪجھ رسمي جملن چوڻ ۾ ڪھڙو حرج آھي؟ چئي ڏي، اِن ۾ ئي تنھنجي ڀلائي آھي! ڇا توکي خود اھا ڳالھ پسند نه آھي ته جيئن تيئن ڪري ھتان نڪرين ۽ ٻاھر وڃين پنھنجو من- پسند ڪم ڪرين؟“
ميجر اڃا ايترو مس چيو ته ”ٿي چائو“ جون ساٿي عورتون، جيڪي ٻاھر بيٺيون سڀ ڪجھ ٻڌي رھيون ھيون، ٽھڪ ڏئي کِلڻ لڳيون. ميجر ڏاڍو لڄي ٿيو، ۽ ڪنھن موچڙن کاڌل ڪُتي وانگر ڪَن لوڏيندو ٻاھر نڪري ويو. پنھنجي ليکي ھو پنھنجيءَ حِڪمت عمليءَ تي ڀروسو رکي آيو ھو، ۽ خيال ھئس ته ھيءَ سادي سودي ڇوڪري، نھايت سولائيءَ سان ھن جي دام ۾ ڦاسي پوندي. کيس ڪھڙي خبر ته ته سندس واسطو فولادي عزم واري جنگجو عورت سان آھي، جيڪا نه رڳو اَجيت حريت پسند اُصولن جي محافظ آھي، پر اُن لاءِ پنھنجي طريقه ڪار کي ھر اعتراض کان مٿاھون چاھي ٿي.
تشدد ۽ بدسلوڪي، نرميءَ جو ورتاءُ ۽ دلفريب وعدا- سڀ حيلا ناڪام ثابت ٿيا. نيٺ ”نگوين ٿي چائو“ جو 1310 ڏينھن جو ڊگھو قيد ختم ٿيو. ھن جي حوصلي، ثابت قدميءَ ۽ استقلال کي شڪست ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي، دشمن لاءِ، ھن کي آزاد ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه رھيو ھو- ۽ ھوءَ جيل مان ھڪ فتح منداڻي شان سان ٻاھر نڪتي. ھوءَ واقعي فاتح ھئي ۽ دشمن ھارايل! آزاديءَ بعد ٻن ڏينھن کان پوءِ ھن پارٽيءَ سان رابطو قائم رکيو، ۽ آزاد علائقن ڏانھن رواني ٿي وئي.
منزل تي پھچي، ’ٿي چائو‘ کي ھڪ بيحد ڏکوئيندڙ خبر ملي- ھن جي قيد ٿيڻ کان پنج مھينا پوءِ، ھن جي مڱيندي ”ھونگ تو“ ۽ ھن جي ساٿين کي اُن وقت گرفتار ڪيو ويو ھو، جڏھن اُھي آمريڪي سفير، فريڊرڪ اي- نولٽن کي قتل جو منصوبو ٺاھي رھيا ھئا. ”ھونگ تو“ کي پھرين ڪونڊوز جي ٻيٽ ڏانھن جلاوطن ڪيو ويو، پر گذريل آڪٽوبر ۾ کيس سائيگان جيل ۾ گھرائي، موت جي سزا ڏني وئي.
نگوين ٿي چائوءَ وٽ ”ھونگ تو“ جي ھڪ تصوير آھي- تصوير ۾ ھو ھڪ بھادر ۽ جري جوڌو لڳي رھيو آھي، جنھن جون چمڪندڙ ڪاريون اکيون، بيحد جرئت ۽ دليريءَ سان دنيا جي اکين ۾ گھُوري رھيون آھن- ۽ اُن جي ھيٺان اُھو جملو لکيل آھي، جيڪو ھن دشمن کي مخاطب ٿي، اُن وقت چيو ھو، جڏھن کيس موت جي سزا جو حڪم نامو ڏنو ويو ھو:
”بس! ڏُک فقط اِن ڳالھ جو رھجي ويو اٿم ته مون کي ايترا دستي بم نه ملي سگھيا، جن سان آءٌ سڀني آمريڪي ڌاڙيلن کي ماري، ختم ڪري سگھان ھا!“
ھن پر عزم نوجوان جا ھي لفظ، جتي ”ٿي چائو“ جي دل جو دکندڙ احساس بڻجي ويا آھن، اُتي اُنھن جو پڙاڏو، دنيا جي چئني ڪُنڊن ۾ گونجي رھيو آھي، ۽ ھر ملڪ ۽ قوم جي ماڻھن کي آزاديءَ جي جنگ جي دعوت ڏئي رھيا آھن!
•