١٨-آل سنڌ ادبي ڪانفرنس : صدارتي خطبو
حيدرآباد،سنڌ: ٣١ مئي-١ جون١٩٣٤ع
صدارتي خطبو ٣١ مئي ١٩٣٤ع
بسم الله الرحمان الرحيم
سُبۡحٰنَہٗ وَ تَعٰلٰی عَمَّا یَقُوۡلُوۡنَ عُلُوًّا کَبِیۡرًا ﴿۴۳﴾ تُسَبِّحُ لَہُ السَّمٰوٰتُ السَّبۡعُ وَ الۡاَرۡضُ وَ مَنۡ فِیۡہِنَّ ؕ وَ اِنۡ مِّنۡ شَیۡءٍ اِلَّا یُسَبِّحُ بِحَمۡدِہٖ وَلٰکِنۡ لَّا تَفۡقَہُوۡنَ تَسۡبِیۡحَہُمۡ ؕ اِنَّہٗ کَانَ حَلِیۡمًا غَفُوۡرًا ﴿۴۴﴾ (بني اسرائيل-٤٣،٤٤)
قَالَ اللھ تَعالیٰ:
یٰۤاَیُّہَا النَّبِیُّ اِنَّاۤ اَرۡسَلۡنٰکَ شَاہِدًا وَّ مُبَشِّرًا وَّ نَذِیۡرًا ﴿ۙ۴۵﴾ وَّ دَاعِیًا اِلَی اللّٰہِ بِاِذۡنِہٖ وَ سِرَاجًا مُّنِیۡرًا ﴿۴۶﴾ (الاحزاب-٤٥، ٤٦)
وَ فِی الۡاَرۡضِ اٰیٰتٌ لِّلۡمُوۡقِنِیۡنَ ﴿ۙ۲۰﴾ وَ فِیۡۤ اَنۡفُسِکُمۡ ؕ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ﴿۲۱﴾(الذٰريٰت-٢٠، ٢١)
حاضرين ڪرام!
آئون هن ڪانفرنس جي مڙني منتظمين جو عموماً، ۽ جناب مخدوم محمد زمان صاحب جو خصوصاً شڪرگذار آهيان جن مون کي اڄ اوهان صاحبن سان چئن ڳالهين ڪرڻ جو موقعو ڏنو.
جيتري قدر مون کي ياد آهي، ته پهريون ڀيرو هن ادبي ڪانفرنس جي دادو واري اجلاس جي موقعي تي مون پنهنجي موڪليل صدارتي تقرير ۾ لکيو هو ته: فلسفيانه مسئلن، يا ڳوڙهن ادبي بحثن ۽ نظرين جي وضاحت ئي بي سود آهي. گذريل ڇهن ستن سالن جي تجربي مان آئون ڪم از ڪم انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته اسان جي جلسن ۽ ڪانفرنسن جو حال بلڪل ”نشستند و گفتند و برخاستند“ وارو وڃي رهيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ڳوڙهين ڳالهين ڪرڻ مان نڪي هڙ نڪي حاصل!
[b]ڪلچر[/b]
هي اسان جون ڪانفرنسون، خرچ ۽ انتظام تڏهين سجايا چئبا جڏهن اسان پنهنجي ”علم ادب“ کي ڪا عملي ترقي ڏئي سگهنداسون. انهيءَ ڪري وڏن خيالن ۽ خوابن جي بدران بهتر ٿيندو ته پنهنجي وس آهر ٿورو ئي ٿورو پر ڪو عملي قدم کڻون، جئن اسان وري پنهنجي انهيءَ ”ادب“ کي حاصل ڪري سگهون جو اسان بلڪل وڃائي ويٺا آهيون. اڄ ڪلهه جي محاوري ۾ ادب وڃائڻ جي معني آهي ”بي تهذيب“ ٿيڻ، ڇاڪاڻ ته ”ادب“ جي اصلي معني آهي ”لطافت“، ”تهذيب“ يا ”شائستگي“. هن زماني ۾ جنهن شيءِ کي ”ڪلچر“(Culture) چيو ٿو وڃي، ان لفظ جي معني آهي ”حراثت“ يا ”تهذيب“. ”تهذيب، ”هَذب“ مان نڪتل آهي جنهن جي معني آهي ”سنوارڻ“. ماڻهوءَ کي ”مهذب“ يا ”ڪلچر وارو“ (Cultured) بنجڻ لاءِ مسلسل سوڌ سنوار جي ضرورت آهي. خود زمين جي ”ڪلچر“ جو مدار به پهريائين جهنگ ڪڍڻ، پوءِ هر ڏيڻ، پوءِ ٻج ڇٽڻ، پوءِ پاڻي ڏيڻ، پوءِ سلن جي نگهباني ڪرڻ وغيره تي آهي. ساڳيءَ طرح انسان جي ”ادب“ يا ”ڪلچر“ جو مدار به تربيت، تاديب ۽ تعليم تي آهي. جئن ٻني صاف ڪرڻ ۽ ٻج ڇٽڻ کانسواءِ فصل جي اميد اجائي آهي، تئن تربيت، تاديب ۽ تعليم کانسواءِ ”ادب“ جو پيدا ٿيڻ مشڪل آهي.
ہر کس عمل نکرد عنايت اميد داشت
دانہ نگرد ابلہ دخل، انتظار کرد!
[b]تاديب[/b]
”تاديب“ جو مقصد آهي گهڙجڻ، ۽ اصلاح واري رندي سان ڇلجي سنئون سوڌو ٿيڻ. جئن واڍو اڻ گهڙيي ڪاٺ جي ٽڪر کي واهولي، رندي ۽ روات جي مهميزن سان هڪ خوبصورت شڪل ڏئي ٿو، تئن انساني ٻار به والدين ۽ استادن جي تنبيهن ۽ زماني جي لوڏن ۽ گردشن ۾ گسڻ پيسبڻ واري ”تاديب“ بعد وڃي ڪنهن مهذب ۽ شائسته شخصيت جو مالڪ بنجي ٿو. اهي مهميزون ۽ تلخ تجربا ئي کيس ماڻهو بڻائين ٿا.
سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾
وسايم وڏ ڦڙا مٿي ماڙيءَ مينهن،
واجهائي وصال کي ٿيس تهوارون تئين،
نيَرُ منهنجي نينهن، اجاري اڇو ڪيو.
مطلب ته ”ادب“ جي واڌاري لاءِ ”علم ادب“ کي حاصل ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته تربيت، تاديب ۽تعليم بنا ”ادب“ واري منزل کي پهچڻ محال آهي.
اسان مٿي چئي آيا آهيون ته ”ذڪر“ ئي اها زرخيز زمين آهي جنهن ۾ ”شعر“ توڙي ”فڪر“ جا سلا انگورجن ٿا، ڇاڪاڻ ته ذڪر جي معني آهي ”حافظو“ يا ”يادگيري“ جنهن ۾ ”تخيل“ ۽ ”تخليق“ جو راز سمايل آهي. اها حقيقت نه صرف فرد واحد سان تعلق رکي ٿي پر جماعت، قبيلي، قوم بلڪ پوري بني نوع انسان سان لاڳو آهي. فرد واحد جي حافظي جو سرمايو سندس ذاتي يادداشت تي منحصر آهي، پر قوم جي حافظي کي سڏجي ٿو ”تاريخ“. علمِ تاريخ کي زنده رکڻ ڄڻ قوم جي حافظي کي زنده رکڻ جي برابر آهي.
[b]تاريخ ۽ علم ادب
[/b]ڪنهن قوم جي تاريخ جو گم ٿي وڃڻ ڪنهن شخص جي حافظي ختم ٿي وڃڻ جي برابر آهي. ”نسليت“ جي اعتبار سان ڪنهن به گروه جي تاريخ ان گروه جي نظرين ، جذبن ۽ احساسن ذريعي زنده رهي ٿي، پر نفسياتي توڙي ظاهري لحاظ سان اها ڳالهين ۽ ڪهاڻين، نقلن ۽ نظيرن رستي محفوظ رهي ٿي، جيڪي ان گروه ۾ رائج آهن. اهي آکاڻيون ۽ ٽوٽڪا ساڳئي وقت ”علم ادب“ جو هڪ اهم حصو آهن. انهيءَ لحاظ سان، جيڪڏهن ”علم ادب“ کي جيارڻو آهي ته پوءِ ضروري آهي ته قومي يادداشت جو اهو سرمايو هر حالت ۾ محفوظ ڪيو وڃي.
هاڻي سوال آهي ته انهيءَ ڏس ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي، ۽ ڪهڙيءَ ريت ميدان سنوارجي جئن اهڙي قسم جي ”اعليٰ ادب“ کي فروغ ملي جو حقيقي معنيٰ ۾ ”خُلق“ يا قومي مزاج جي برابر هجي، بلڪ قومي ”اخلاق“ ۽ قومي ”روح“ جو آئينو بنجي. ان لاءِ منهنجو جواب ساڳيو آهي جيڪو قرآن شريف ۾ اڳ ۾ ئي موجود آهي ته، پنهنجي تاريخي سرمائي کي ڳولي هٿ ڪري ان کي قلمبند ڪريو.
اسان مان هر هڪ لکيو پڙهيو، جنهن ۾ ذرا ڪجهه لياقت آهي، انهيءَ ڪم ۾ حصو وٺي سگهي ٿو. شايد اسان مان ڪو چوي ته، ”پر سائين! اهو ڪم ته عالمن ۽ مورخن جو آهي. اسان اهو ڪم ڪيئن ڪري سگهنداسون؟“ هيٺئين عملي اشاري مان اميد ته هن قسم جي شڪ شبهي جي تلافي ٿي سگهندي.
وتائي فقير جو نالو اوهان مان گهڻن ئي ٻڌو هوندو، پر ويٺلن مان ڪو اهڙو به آهي جنهن وتائي جا نقل، جيڪي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشهور آهن، تن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي؟ بيجا نه ٿيندو، جيڪڏهن آءٌ هن موقعي تي وتائي جا فقط ٻه نقل نموني طور بيان ڪريان، جئن معلوم ٿي سگهي ته انهن نقلن ۾ نه صرف اسان لاءِ سبق سمايل آهن پر جيڪر سڄي دنيا جي ملڪن جا ماڻهو انهن مان سبق حاصل ڪري سگهن ٿا.
چون ٿا ته هڪ ڀيري وتايو ڪنهن پاسيري پيچري سان اڪيلي سر پئي ويو ۽ سندس بوڇڻ جي پلاند ۾ هڪ ڪلدار رپيو ٻڌل هو. خيال آيس ته متان هن اڪيلي واٽ تي ڪو چور نه گڏجي وڃي، جو نه رڳو کانئس رپيو ڦري پر هڻي کيس به ڦٽي وجهي، سو ڇا ڪيائين جو رپيو ڇوڙي کڻي گس جي ڀرسان بيٺل اڪ جي پاڙ ۾ رکيائين ۽ پوءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيندي چيائين: ”اي ڌڻي منهنجا! چڱو جو هن جزا مان جند ڇڏايئي. هاڻي هٿين خالي کي ڊپ ڪونهي! نڪي هڙ ۾ ڪي هوندو، نه ڪير ڦريندو.“ ائين چئي اٿي پنڌ پيو. ڪجهه وقت گذري ويو ۽ واءُ لڳڻ سببان رپئي مٿان مٽيءَ جو تهه وري ويو. هڪ ڏينهن ڪو مسافر ساڳئي گس تان اچي لنگهيو، قضا حاجت لاءِ اچي انهيءَ اڪ جي پاڙ ۾ ويٺو. رپئي واري جاءِ تي جو پاڻيٺ پئي سو مٽي لهي ويئي ۽ هيٺان ڪلدار چمڪڻ لڳو. بنا هٻڪ جي هن يار به جهٽ ڪري کڻي هٿ ۾ کنيو. ڀانيائين ته اهو اڪيلو رپيو ڪونه هوندو پر اتي پڪ ڪو خزانو پوريل آهي، سو سنڀري وڃي مزور وٺي آيو ۽ اچي کوٽائڻ شروع ڪيائين. چوڌاري کڏون لڳي ويون ۽ اڪ پاڙن سوڌو ڪڍي کڻي ٻاهر ڪيائين، پر هئا ڪاريءَ وارا ڪک، سو ملين ڪي به ڪين. نيٺ سور پٽي ڪڪ ٿي روانا ٿيا. هڪ ٻن ڏينهن بعد وتايو به وري ساڳئي انهيءَ گس تان اچي لنگهيو. ڏسي ته مار! چوڌاري کڏون لڳيون پيون آهن ۽ اڪ پاڙ سوڌو ٻاهر پيو سڪي. اتي ٻئي هٿ مٿي کڻي چيائين ته: ”شڪر اٿئي اي منهنجا موليٰ جيڪڏهن آئون انهيءَ رپئي مان جند نه ڇڏايان ها ته مون سان به ساڳي انهيءَ اڪ واري ڪار ٿئي ها.“
دوستو! جيڪڏهن هي نقل ڪو ويهي ٺاهي ته ڪر شاعرن کي به شهه ڏيئي ڇڏي. سوچيندڙن لاءِ هن نقل ۾ ڪهڙو نه قيمتي سبق سمايل آهي! ٻيو نقل هن طرح آهي:
چون ٿا ته وتايو ڏسي ته هڪ گهورڙيو پيو گدرا وڪڻي. کيس رڳو چار پئسا ڳنڍ ۾ هئا، سي ڪڍي ڏنائينس ۽ گهورڙيئي کيس هڪ چڱو ٺاهوڪو گدرو کڻي ڏنو. وتائي ڏٺو ته گهر ۾ ماڻهو گهڻا آهن ۽ هن هڪ گدري مان پورت ئي ڪانه ٿيندي، پر هڪ پئسو به وٽس ڪونه هو، سو ويچار ڪيائين ته گهورڙئي جي آڏو گدرن جو ڍڳ لڳو پيو آهي سوال ڪريانس ته من هڪڙو کڻي ڏئي. اهو سوچي چيائينس ته: ”هڙ ۾ پئسو ڪونه اٿم جو ٻيو گدرو وٺان، پر پويان آڪهه وڏي آهي ۽ هن گدري مان ته کين ڦار ڦار به ڪانه ايندي. سو سائينءَ جي نالي تي ٿو توکي سوال ڪريان ته نام خدا انهيءَ موليٰ جي محابي هڪڙو ٻيو گدرو ڏيار!“ گهورڙيو ڪجهه ويرمِ ته ڪاوڙ وچان گهور ڪري ڏانهنس نهارڻ لڳو ۽ آخر خفا ٿي ڪُسندي مسندي هڪ اهڙو ڪنو ڦٿل گدرو هٿ ڪيائين جو ڀانيائين ته ڪوبه ڪونه وٺندو، سو کڻي وتائي فقير جي هٿن ۾ هنيائين. وتائي هي لقاءُ ڏسي، گدرو تريءَ تي رکي کڻي مٿي کنيو، ۽ ڳوڙهن ڀريل اکيون آسمان ڏي کڻندي چيائين ته ”اي الله! ماڻهن وٽ تنهنجو قدر اجهو اهو آهي! تنهنجي نانءُ ۽ نالي تي اجهو هيءُ مليو اٿم. ڏسان ٿو ته ماڻهن وٽ تنهنجي نالي کان چئن پئسن جو مان مڙيو ئي مٿي آهي.“
عزيزو! اوهان هن نقل مان شايد هڪ چرچو ڪري ڀانيو پر عقلمندن لاءِ هي نقل عقل جي موتين سان ڀريل آهي. هنن ٻن نقلن جهڙا سوين نقل سنڌ ۾ رائج آهن پر اوهان مان ڪنهن انهن کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ اسان جڏهن به وتائي جو نالو ٻڌون ته رڳو کلون ٿا ۽ بس! سچ چيو اٿن ته:
قدرِ زر زرگر بداند، قدر جوهر جوهري
اهو ڪو وڏو تاريخي مسئلو ڪونهي جنهن کي سمجهڻ ۽ لکڻ ۾ ڪا ڏکيائي ٿيندي. اهي عام مقبول نقل ۽ نظير آهن. ڇا انهن کي گڏ ڪرڻ ۽ لکڻ به ڪو مشڪل ڪم آهي؟
[b]سوانح نگاري
[/b]آئون هڪ ٻي تجويز به اوهان جي آڏو پيش ڪريان ٿو. سچ پڇو ته ڪي بهترين ڪتاب جن کي مون نهايت ئي ذوق سان پڙهڻ چاهيو آهي، سي ڪن شخصن جا پنهنجو پاڻ بابت لکيل دستاويز آهن. انهن شخصيتن ۾ وڏين توڙي ننڍين حيثيتن وارا ماڻهو شامل آهن. ڀل کڻي ڪو افلاطون هجي يا ڪو عام غريب هاري، جيڪر هو پاڻ ويهي پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي ته ان جهڙو دلچسپ بيان ٻيو ٿي نه ٿو سگهي، بشرطيڪ هو پنهنجو پاڻ سان سچو ٿئي ۽ بنا ڪنهن هٻڪ جي، ته ماڻهو کيس برو يا ڀلو چوندا، ايمانداري سان ويهي پنهنجو پاڻ بيان ڪري. محض سچائيءَ ۽ ايمانداري هن ڪم لاءِ درڪار آهن. آخرڪار ”من اَنم که من دانم“، ته پوءِ ڊپ ڪهڙو ته ماڻهو ڇا چوندا ته فلاڻو اهڙو ڪي اهڙو هو!
ٻئي طرف ائين ڀانئڻ ته آئون ڪو وڏو ماڻهو ٿي ويو آهيان ۽ متان منهنجي وڏ ماڻهپيءَ ۾ ڪو خلل پوي، اهو خود کي ٺڳڻ جي برابر آهي. حقيقت هيءَ آهي ته اسان مان گهڻن جي حالت ڄڻ هڪ اڻ ڄاول ٻارڙي جهڙي آهي. عاقل بالغ ٿيڻ ته خير، پر ڄڻ ته اڃا ڄاوا ئي ڪين آهيون. ڄاپندي ڄام ڪوبه ڪونهي. محض جسماني طور ڄمڻ ۽ وڏو ٿيڻ هڪ ڳالهه آهي ۽ ذهن جو ڄمڻ ۽ سمجهه جو سلو اڀرڻ ٻي ڳالهه آهي. ”بزرگي بعقل است نه به سال“. ڀل حياتي ختم ٿي وڃي پر جي سمجهه جو سلو نه اسريو ته ڪنهن به شيءِ جي حقيقت جي خبر ئي ڪانه پوندي. شاهه صاحب چوي ٿو ته:
”ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، اِبر جي اوصاف کي.“
هاڻي جيڪڏهن ”سئيءَ جي وصفن“ کي سمجهڻ لاءِ به ٻيهر ڄاپڻ جي ضرورت آهي، ته هن ڪائنات کي سمجهڻ لاءِ ته سوين، هزارين حياتيون کپن!
انهيءَ لاءِ ڪم از ڪم ايترو ٿي سگهي ٿو ته هرشخص پنهنجي حياتي جي حڪايتن کي لکي، ته من ٻين لاءِ اهي ڪارآمد ٿي سگهن. اهڙي طرح هر شخص ٻين سون هزارين حياتين جي تجربي مان سبق حاصل ڪري سگهي ٿو. غور ڪريو ته هڪ ٻار لاءِ اها ڪهڙي نه دلچسپ ڪهاڻي ٿيندي ته اڪثر ٻارڙا ڇا ڪندا، ۽ ڪن خاص موقعن تي ڪيئن اٿندا وهندا آهن. خود عاقل بالغ لاءِ به پنهنجي ٻاروتڻ جي ڪهاڻي ۾ ڪيترو نه سبق سمايل آهي. من پنهنجي ننڍڙائي محسوس ڪري! حقيقت ۾ انسان جيترو پنهنجي ننڍڙائي محسوس ڪندو اوترو خدا جي وڏائي کان آگاهه ٿيندو. ڇا اسان مان هر هڪ پنهنجي ڪهاڻي نه ٿو لکي سگهي؟
ڪرڻو صرف هي آهي ته واندڪائي ۾ قلم کڻي، نهايت ئي سچائي سان پنهنجو ٻاروتڻ ياد ڪري، ويهي ان جو بيان لکون ته اسان ان وقت ڇا هئاسين؟ اسان جو اٿڻ ويهڻ ڪهڙي نموني سان هو؟ اسان کي ڇا ڇا وڻندو هو ۽ ڇا ڇا نه وڻندو هو؟ اسان کي ڪنهن سان پيار هو ۽ ڪنهن سان نفرت هئي؟ مطلب ته بنا ڪنهن اڊڪي جي، ته ماڻهو اسان کي ڇا ڪري سمجهندا، اسين نهايت ايمانداريءَ سان ويهي پنهنجي ٻاروتڻ جي ڪهاڻي لکون. منهنجي استدعا آهي ته اوهان مان هر هڪ اها ڪوشش ڪري. جي اسان جي سڀني پڙهيلن نهايت سچائيءَ سان پنهنجي سوانح لکڻ شروع ڪئي ته آئون اوهان کي خاطري ٿو ڏيان ته اسان مان ڪيترائي فقط انهيءَ سوانح لکڻ سان مصنفن جي صف ۾ شمار ٿيندا، ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪن جا قلمي داستان اهڙا ته معياري ڪتاب بنجي پون جو انهن جهڙا ڪي ورلي ليکيا ويا هجن. سينٽ آگسٽين (St.Augustine)، روسو (Rousseau)، گوئٽي (Goethe)، گانڌي مڙني ائين ڪيو ۽ ٻيا به سو اهڙا نڪرندا: ڪن مصورن پنهنجون تصويرون ڪڍيون ۽ سَوَن وري پنهنجون سوانح عمريون لکيون.
[b]صداقت جو معيار
[/b]پر آئون اوهان کي خاطري ٿو ڏيان ته اسان جي سوانح ۾ ٻاروتڻ وارا باب فطري جذبن ۽ احساسن سان لبريز هئڻ سببان پڙهڻ ۾ نهايت دلپذير ٿيندا. البته ايترو سو ضروري آهي ته تحرير ۾ سچائي ۽ محض سچائي جو معيار برقرار رکيو وڃي. ڇو ته ”صداقت“ نه صرف ”سوانح نگاري“، پر ”شاعري“ توڙي ”علم ادب“ جو روح آهي. ”ڪوڙ“ ۽ ”علم ادب“ جو پاڻ ۾ کوڙو ئي نه ٿو لڳي: اهي ٻئي متضاد شيون آهن. محض ”حق“ ئي ”علم“ ۽ ”ادب“ ٻنهي جي ”واٽ“ توڙي ”منزل مقصود“ آهي. بلڪ: ”سرِ دين صدقِ مقال، اَکلِ حلال.“
صداقت، تاريخ جو روح آهي ۽ انهيءَ ”صدق“ کانسواءِ ”فن لطيف“ (Art) جي ايجاد به امرِ محال آهي ۽ ”علم ادب“ جو اسرڻ به ناممڪن آهي. افسوس جو هن پوئين دؤر ۾ ”قوميت“ (Nationalism) جي تنگ نظريي ۽ ”قومي حڪومتن“ جي قيام جيڪي رجحانات پيدا ڪيا آهن تن تاريخي حقيقتن کي محض ”قوميت“ جي عارضي ۽ محدود مطلبن خاطر مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ انهن حرڪتن سببان ”فنونِ لطيفه“ توڙي اعليٰ ”علم ادب“ جون بلڪل جڙون ڪٽجي ويون آهن.
[b]“شعائرالله”
[/b]اسلام ۾ ”تاريخي تحقيق“ ديني فرضن ۾ شامل آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخي نشان ”شعائرالله“ مان آهن جن کي ڳولڻ ۽ برقرار رکڻ هر مسلمان جو فرض آهي. ڀل ته يورپ وارا سندن ”رنگ“، ”نسل“ ۽ ”قوميت“ وارن مخصوص نظرين جي پرورش خاطر، تاريخي حقيقتن کي لڪائڻ ۽ من گهڙت قصن کي رائج ڪرڻ ۾ هڪٻئي سان هوڏون هڻن. اهو شغل کين ئي نيبهه هجي!پر حقيقت کي لڪائڻ حماقت آهي ڇاڪاڻ ته اها هميشه لاءِ لڪي ڪانه سگهندي. عارضي طور ڀلي کڻي ڪو ڪوڙ هُلائي، پر آخرڪار سچ پڌرو ٿي پوندو. مثال طور ڏسو ته يورپ وارن پاڻ کي نج ”آريائي نسل“ مان ثابت ڪرڻ لاءِ انساني نوع ۽ نسل بابت ڪهڙا نه عجيب ۽ غريب نظريا گهڙيا ۽ ڪئَن نه تاريخ تي پردي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي! پر فقط ملڪن، ماڻهن ۽ شهرن جي نالن، مثلا ”ايران“، افغانستان جي”آريانا“، بلوچستان جي ”آري“، قديم ايران جي شهر ”اردبيل“، سنڌ جي بندر ”ديبل“ وغيره قديم نالن لارڊ ڪرزن (Curzon) ۽ ٻين جي دليلن ۽ دعوائن جي قلعي کولي وڌي ۽ ثابت ڪيو ته موجوده ايران، افغانستان، بلوچستان وارو خطو ئي آرين جو قديم ماڳ آهي. قديم شهر ۽ کنڊرات ته ڇڏيو، پر فقط اسم ۽ نالا به وڏا تاريخي نشان آهن ۽ تاريخي حقيقت تي شاهد آهن. هر هڪ نالو هڪ تاريخي حقيقت جو حامل ۽ محافظ آهي، ۽ ان کي بدلائڻ ڄڻ تاريخي حقيقت کي مٽائڻ جي برابر آهي. انهيءَ هوندي به عجب جي ڳالهه آهي جو محض ڪن شخصن يا جماعتن جي خوشنودي خاطر يا ”قوميت“ جي تنگ نظريي جي زير اثر تاريخي نشان توڙي نالا مٽايا ٿا وڃن. ”فريئر هال“ کي ”لياقت هال“ سڏڻ، ”رام باغ “ کي ”آرام باغ“ بنائڻ يا ميونسپل گارڊن کي ”داس گارڊن“ چوڻ ڄڻ تاريخي حقيقتن سان راند ڪرڻ آهي. فطرت طرفان اهڙي حرڪت ڪڏهين به معاف ٿي نه ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته اهو گناهه خود ”حق“ ۽ ”روح اقدس“ جي خلاف آهي. مسلمانن جي شايان شان ناهي جو نالا ڦيرائن ۽ تاريخ جا نشان ميسارين. تاريخ جا نشان، خدا جا نشان آهن ۽ انهيءَ ڪري آثار صناديد مٽائڻ ڪفر آهي.
ساڳيءَ طرح شخصِ واحد جي سوانح جا سچا نشان نهايت اهم حقيقتن جا رازدان آهن، جن جي محافظت سان ئي سوانح نگاري جو حق ادا ٿي سگهي ٿو. جڙتو ڳالهيون ۽ مصنوعي اضافا جي اسين ڀانيون ٿا ته اسان جي حياتين جي بابن کي رنگين بنائين ٿا، سي درحقيقت ان کي هڪ ڪوري قصي ۾ تبديل ڪن ٿا. ٻئي طرف انساني ڪوتاهين ۽ خطائن جا سچا بيان هزارين اکين ۾ ڳوڙها آڻيندا. اسين پنهنجن ڪن سچن واقعن بيان ڪرڻ سان پنهنجي وقعت وڃائي نه ٿا سگهون. اهي سچا بيان وري به اهو ئي ثابت ڪندا ته ماڻهو ايترو بلند به ٿي سگهي ٿو جو خود کي وساري ويهي! ”وڃائي وجود، تهان پوءِ تڪبير چئو“ وارو شرط جيتري قدر عبادت سان لاڳو آهي اوترو ئي تحرير سان به لاڳو سمجهڻ کپي.
مطلب ته وسيع معنيٰ ۾ تاريخي جستجو ذريعي جنهن ۾ سوانح نگاري، قبائلي ۽ قومي تاريخ توڙي جماعت ۽ گروهه جا ڪارناما اچي وڃن ٿا، علم ادب لاءِ ايترو ته گهڻو مواد گڏ ٿيندو جو جلدن جا جلد ڀرجي ويندا ۽ هڪ نه پر ڪيئي مطبع ان کي صاف ڪرڻ ۽ شايع ڪرائڻ ۾ مشغول رهندا.
آخر ۾ وري به منهنجي استدعا آهي ته ٻيءَ ڪانفرنس کان اڳ اسان ڪم از ڪم انهن ٻن تجويزن تي عمل ڪريون، جن کي اسين مٿي بيان ڪري آيا آهيون. وڏن خيالن ۽ خوابن جي بجاءِ جيڪڏهن اسان انهن ٻن آسان تجويزن تي عمل ڪيو، ته به مون کي يقين آهي ته اسان مان ڪيترائي مصنف بنجي پوندا ۽ سندن قلمي ڪارناما اهڙو ته قيمتي مواد مهيا ڪري وجهندا جو وڏن فيلسوفن توڙي سائنسدانن جي مطالعي لاءِ مفيد ثابت ٿيندا.
ڌڻي تعاليٰ اسان کي عملي قدم کڻڻ جي توفيق ڏئي.
سنڌ يونيورسٽي،حيدرآباد سنڌ
31 مئي، 1958ع