ٻــه اکـــــــــر
انهن جي هڪ ٻئي پٺيان عمل ۽ پر خلوص، سخن جي ذوق، سنڌي زبان جي بنياد کي بيحد پختو ۽ مظبوط ڪري ڇڏيو آهي. شاعري جو دستور آهي ته زماني جي ماحول جي مطابق بدلجندي رهندي آهي، انڪري ۱۹-۲۰ صدي جي شاعرن به شعر و شاعري ۾ گھڻو ڪم ڪيو آهي ۽ پنهنجا شھ پارا ڏنا آهن جيئن ته گل، قاسم، بلبل گدا، سانگي، فاضل. حامد وغيره.
انهن کانپوءِ محمد بخش واصف، هدايت علي نجفي، حافظ هيات شاھ ۽ حافظ محمد احسن پنهنجا الف ــ بي وار قافين ۽ رديفن تي پنهنجا ديوان مڪمل ڪري ڇاپايا.
ان بعد گھڻي عرصي تائين خاموشي رهڻ کان پوءِ حاجي عبدالرحمان ديوان انجم، رحيم بخش قمر ديوان قمر ۽ ۱۹۸۲ ع ۾ مخدوم حضرت طالب مولىٰ جو ديوان “طالب المولىٰ” شايع ٿيا آهن، جن علم و ادب ۾ ڪافي اضافو ڪيو آهي ۽ شعر و شاعري کي فروغ ڏنو آهي.
تازو منهنجي دوست مسٽر دين محمد “اڪرم” جوڻيجو جي شعرن جو مجموعو بنام “اکيون پسي آئيون” شايع ٿي ميدان ادب اچي ويو آهي.
دين محمد اڪرم دادو ضلع جي ڳوٺ ٻورڙي جو ويٺل آهي ــ تعليم به دادو ضلع ۾ مڪمل ڪئي هئائين مگر روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ روينيو ڊپارٽمنٽ ۾ نوڪري سبب سندس عمر جو چڱو حصو ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ۾ گذريو آهي پاڻ طالب علمي کان شعر و شاعري ڪندو رهيو آهي. بزم ادب ڪوٽڙي جو صدر ٿي مشاعرن جون محفلون برپا ڪندو رهي ٿو.
حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾ بهرو وٺندو رهي ٿو. سندس اشعار ماهوار رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.
سندس ڪلامن جو مجموعو ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو آهي جنهن ۾ غزليات، قومي نغمه، رباعيات، قطعات ۽ ابيات آهن. رباعي جو بحر وزن جدا آهي ۽ ڏکيو آهي مگر ان کي نهايت قابليت سان نباهيو اٿس.
سمورو ڪلام علم عروض جي پابندي سان موزون آهي. منجھس مضمون اسلامي، قومي، اخلاقي وطن جي محبت سان نهايت دل پسند ۽ قابل داد آهي. شعرن ۾ ڪئين عجيب نڪتا، مثال، پهاڪا ۽ ورجيسون آهن. سنڌي شاعرن کي هن ڪتاب مان شعر و شاعري جا لوازمات ۽ عروضي معلومات چڱي حاصل ٿيندي.
هن ڪتاب لکڻ ۽ شايع ڪرڻ تي مسٽر دين محمد اڪرم مبارڪن جو مستحق آهي.
۱۸ مارچ ۱۹۸۳ع حافظ محمد احسن چنه
۲ جمادالثاني ۱۴۰۳ھ منظور منزل دادو