شاعري

اکيون پسي آئيون

ھي ڪتاب محترم حڪيم دين محمد اڪرم جوڻيجو ٻورڙائيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي جنھن ۾ غزل، قومي نغمه، رباعيات، قطعات ۽ ابيات آهن. رباعي جو بحر وزن جدا آهي ۽ ڏکيو آهي مگر ان کي نهايت قابليت سان نباهيو اٿس. سمورو ڪلام علم عروض جي پابندي سان موزون آهي. منجھس مضمون اسلامي، قومي، اخلاقي وطن جي محبت سان نهايت دل پسند ۽ قابل داد آهي. شعرن ۾ ڪئين عجيب نڪتا، مثال، پهاڪا ۽ ورجيسون آهن. سنڌي شاعرن کي هن ڪتاب مان شعر و شاعري جا لوازمات ۽ عروضي معلومات چڱي حاصل ٿيندي.

Title Cover of book اکيون پسي آئيون

نـــعـــت

۱ مـلـي نـه ڪـنـهـن کـي هـتي رســالـت نـبـي محــمــد ؐ ڪــريم جـھڙي
نـبـي نـه ڪـنـهـن کـي مـلـي نـبـوت نـبـي محــمــدؐ ڪــريـم جــھــڙي

۲. چـڱــو مــقــدر اســانجــو آهــي خـدا جي رحمت ٿا خاص سمجھون
نـصـيـب جــڳ جــو ٿــي آ قــيـادت بــنـي محــمــد ؐ ڪــريم جــھــڙي

۳. نـبـي جــھــان ۾ گــھــڻـائــي آيــا ۽ پـنـهـنـجــي امــت هــئـي ســڀـن کــي
نـٿي ڪـا افـضـل ڪـنـهـنـجـي امـت نـبـي محــمــدؐ ڪـريم جـھڙي

۴. خــدا کــي ســڀـئــي نــبـي پــيـارا، پــيــارا الله جــو ســڀــن ســـان،
خـدا نـه ڪـنـهـن سـان ڪـئي محـبـت نـبي محـمـدؐ ڪريم جھڙي

۵. هي تارا ڪٽيون قطب ۽ زهرا قمر۽ خورشيدڪهڪشان خود
ڏســي تـه حــيران ٿــين ٿــا صورت نــبـي محــمــدؐ ڪــريم جــھــڙي

۶. ويـا بـيـهـي بـراق جــا ٿي ۽ رف رف جــي آئــي ســواري
مـلي نـه ڪـنـهـن کـي اڳـي ڪـا رفـعت نـبي محمد ؐ ڪريم جھڙي

۷. عـجـب مـلائـڪ بـه ڇـو نـه کـائـن خـدا گـھـرايـو جـتي سـان جــانــي
ڏٺـي نـه عـرشن ڪـنهـينـجـي عـظـمـت نـبـي محـمـدؐ ڪريم جھڙي

۸. خـدا ڪـئي آهـي خـاص اڪـرم وڏي اسـانـتـي اهـا نـوازش
مـڪـي آ جـنـهـن جـھـان تـي رحـمــت نـبــي ؐ ڪــريم جــھــڙي