شاعري

اکيون پسي آئيون

ھي ڪتاب محترم حڪيم دين محمد اڪرم جوڻيجو ٻورڙائيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي جنھن ۾ غزل، قومي نغمه، رباعيات، قطعات ۽ ابيات آهن. رباعي جو بحر وزن جدا آهي ۽ ڏکيو آهي مگر ان کي نهايت قابليت سان نباهيو اٿس. سمورو ڪلام علم عروض جي پابندي سان موزون آهي. منجھس مضمون اسلامي، قومي، اخلاقي وطن جي محبت سان نهايت دل پسند ۽ قابل داد آهي. شعرن ۾ ڪئين عجيب نڪتا، مثال، پهاڪا ۽ ورجيسون آهن. سنڌي شاعرن کي هن ڪتاب مان شعر و شاعري جا لوازمات ۽ عروضي معلومات چڱي حاصل ٿيندي.

Title Cover of book اکيون پسي آئيون

مــظــلـــوم

مـظـلـوم جي دنـيا ۾ ته ڪا ذات نـاهي
مـــظـلـــوم جـــتي آھــه ســـو مـظـلــوم آهــي

ان سـان تـه اسـانـجـو ٿـيو مـطلب نه ڪوئي
ڪـارو هـجــي تــوڙي ڀــورو ئــي ڇــاهـي

مـظلـوم تـي جي ظلم ٿوڪاٿي به ٿـئي پيو
ظـالم سـو سـڀـن کـي پـيو ڄـڻ تـه ٿــو ڳــاهــي

صديـن کـان ٿـو مـظـلوم سهي ظلم ستم جو
خـاموش زبان ان سان ڀلا ڪنهنجو ڇاهي

هـر دور ۾ مـظـلـوم مــري ٿــو بي ڪفن ٿي
مـظـلــوم جــھـان ۾ ٿــيـو لاچــار تــه آهـــي

سـچ آھ جـو ظالم جي زبان مان پيو نڪري
سـو ڪـوڙ هـجـي يار ڏونگر جيڏو چاهي

مـظـلـوم جـو مذهب نـه “اڪـرم” ٿيو جهان ۾
ڪـهـڙي بـه هـجـي فـرقي جو مظلوم سو آهي