محمد ابراھيم جويي جي راءِ
حضرت “اڪرم” ٻورڙائي سنڌي ادب جي هڪ محڪم شعري روايت ۽ درايت جو پختو ۽ بزرگ شاعر آهي. سندن هن بي بدل ڪاوش ۽ املھ پيشڪش تي اسان جي شعري علم جي ٽن والاقدر بزرگن ــ محترمي قبله حضرت الحاج حافظ احسن چنه صاحب، دوست مڪرم جناب احمد خان “آصف” صاحب، ۽ شعري علم و فن جي شهسوار عزيزي ميان عندالقيوم “صائب” جا تقريظي نوٽ به شروع ۾ درج آهن.
هر ادبي ۽ فني شهپاري جي وٿ جي ڪٿ بال آخر اصحاب حس و دانش جي نقد و نظر تي موقوف هجي ٿي. انهئَ اميد ۽ اعتماد سان ته دلي اخلاص ۽ محبت جي هن پيشڪش جو محل و منصب به ائين بقدر اصل مقرر فرمايو ويندو، هيءُ مجموعو بنام “اکيون پسي آئيون” سنڌي ادب ۽ شعر جي نقط نواز ڄاڻن ۽ پارکن آڏو حاضر آهي ــــ
گر قبول افتد زهي عز و شرف