ڏيئي لاٽ اُهائي
تاريخ جي تمام ڊگهي سفر ۾ غير قومي ۽ غير ملڪي حاڪمن، قومن ۽ ٽولن، ڪيئي ڀيرا سنڌ جو ظاهري بوتو، جسم ۽ مادي وجود نه رڳو لوهي زنجيرن ۾ جڪڙيو آهي، پر ان کي ڳڀا ڳڀا به ڪيو آهي، پيرن سان لتاڙيو آهي ۽ زندگيءَ جي رونقن ۽ رنگينين کان محروم ڪرڻ ۾ ڪامياب به ويا آهن ۽ سنڌ جو ظاهري بوتو تاريخ جي ڪيترن ئي دورن ۾ غلاميءَ ۽ محڪوميءَ جي اوندهه ۾ وڪوڙيل ۽ گهيريل به رهيو. پر انهيءَ پوري عرصي ۾ سنڌ جي ضمير جي لاٽَ ٻرندي رهي ان جو ذهن سفيد ڪبوتر وانگر پولارن ۾ پرواز ڪندو رهيو ۽ ان جو روح دريا خان بڻجي، شهباز وانگر عقابن سان اٽڪندو رهيو آهي. تاريخ جي انهيءَ ڊگهي سفر ۾ جيتوڻيڪ مادي هٿيارن ۽ حربن سان گڏ ذهني ۽ روحاني چالاڪين جي ذريعي سنڌ جي روح ۽ ضمير کي به مارڻ ۽ سمهارڻ جون انيڪ ڪوششون ٿيون ۽ وقتي ڪامياب به ويون، پر پوءِ به سنڌ جي روح ۽ ضمير ۾ زندگيءَ جي باک جا اڇا اجرا ڪرڻا ڦٽي پئي نڪتا آهن. اهو دائمي موت مرڻ کان صفا نابري واري، لطيف وانگر سڄي سنڌ ۾ واهو ڪندو رهيو ۽ نيٺ روح جي انهيءَ آزادي ۽ ضمير جي روشنيءَ سنڌ جي ظاهري بوتي کي به غلاميءَ جي زنجيرن مان آزاد پئي ڪرايو آهي. جيستائين مون سنڌ کي ڏٺو آهي ته اها هر دور ۾ زندهه رهي آهي. هن معنيٰ ۾ ته ان جو روح زندهه رهيو آهي، ان جي ضمير جي ڏيئي جي لاٽ ٻرندي رهي آهي. اِها روح جي زندگي، ضمير جي روشني ۽ ذهن جي آزاديءَ واري جنگ اڄ سوڌو جاري آهي ۽ ضمير ڌڻين جي ان سٿ ۾ آءٌ به هڪ ننڍڙي ساٿيءَ جي حيثيت ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيو آهيان هن دور ۾.
ڪنهن قوم جو ضمير ۽ ذهن ان وقت مري سگهي ٿو، جڏهن اِها قوم غلاميءَ جي زنجيرن کي سهاڳ جا زيور سمجهڻ لڳي. آجپي جي نعري کي پنهنجي موت ۽ نڀاڳ جي نشاني محسوس ڪري، مار کي پيار سمجهي پاڻ کي ان جو حقدار ليکي پنهنجي پيدائشي وسيلن ۽ محنت کي حاڪم جو حق سمجهي خوشيءَ سان انهن تان هٿ کڻي وڃي. آقائن، حاڪمن ۽ جابرن جي دشمنن کي پنهنجو دشمن ڪري ڳڻي، ته پوءِ سمجهڻ گهرجي ته اُن قوم جو روح مري ويو آهي ۽ ضمير جي ڏيئي جي لاٽ اجهامي ويئي آهي. هن علائقي ۾ ’ڀُٽي جي روپ ۾ جڏهن ٽڪا خان جو راڄ عروج تي پهچڻ لڳو ته ان وقت سنڌي قوم جي روش ڏسي سنڌ سڄاڻ ذهنن محسوس ڪيو ته سنڌ جو روح مرجهائجي رهيو آهي، ضمير جي ڏيئي لاٽ جهڪي ٿيڻ لڳي آهي ۽ سنڌ جو ذهن زنگجي رهيو آهي ۽ پوءِ سنڌ جي روح جي حياتي، ضمير جي روشني ۽ ذهن جي تازگي برقرار رکڻ لاءِ هڪ يُڌ شروع ٿي. سنڌ جا سڄاڻ ذهن پنهنجو طاقتور هٿيار قلم ۽ لفظ کڻي ميدان ۾ لٿا. هوڏانهن انڌار ڀَونرن جا در کلڻ ۽ بند ٿيڻ لڳا. لوهه جون ناليون باهه اوڳاڇڻ لڳيون، پر سنڌ جي روح جي مهانڊي تي نکار ايندو ويو. انهيءَ عرصي ۾ هڪ هٿرادو عدالت جڙي راس ٿي ۽ اسان مهيني ۾ ٻه ڀيرا انڌار ڀونرن مان نڪري هٿڪڙين جي موسيقيءَ ۾ انهيءَ ڪوس گهر ۾ ويٺل ڪاماڻيءَ جي اکين جي اجهامندڙ مڻيا ڏسي ايندا هئاسون. انهيءَ ڪوس گهر لاءِ انڌار ڀونري ۾ مون هي بيان لکيو هو، پر نه ڪڏهن ڪيس هليو ۽ نه وري هي بيان عدالت جي رڪارڊ تي آيو. وڪيل جي هدايتن ۽ حالتن جي اجگر جي ڪري هن بيان ۾ ڪافي ڳالهيون توهان کي نرم نظر اينديون، پر اها ڪورٽ جي نالي ۾ ڪوس گهر جي ڪري مجبوري هئي. انهن ڳالهين مان ڪي اهڙيون به آهن، جيڪي اڄ پيپلزپارٽيءَ جو هڪ ڌڙو به ڪري به رهيو آهي، پر آءٌ اڄ تائين جي تجربي جي آڌار تي هاڻي محسوس ٿو ڪريان ته اهي رٿون هن علائقي جي قومن جي مسئلن جو حل ناهن، پر پوءِ به آءٌ اڄ تائين جي تجربي جي آڌار تي هاڻي محسوس ٿو ڪريان ته اهي رٿون هن علائقي جي قومن جي مسئلن جو حل ناهن. پر پوءِ به آءٌ انهن کي هن بيان ۾ ائين رهڻ ٿو ڏيڻ چاهيان ته جيئن سوچ جي ارتقا جي خبر پوي.
هن بيان لکڻ وقت مون جي. ايم. سيد فيڊرل ڪاسترو، مولانا آزاد ۽ ڪن ٻين ليڊرن جي بيانن ۽ ليکن مان مدد ورتي آهي. ڪٿي مرڪزي خيال انهن جو ۽ لفظ پنهنجا استعمال ڪيا اٿم، يا وري ڪي جملا انهن جي ڪتابن جا ڏيئي ويو آهيان، پر اهو سڀ ڪجهه يادگيرين جي بنياد تي ڪيو اٿم. ڪتاب موجود نه هئا، پوءِ به انهن عظيم انسانن جو ٿورائتو آهيان.
هتي هڪ ڳالهه چوڻ مناسب ٿو سمجهان ته انهيءَ بيان ۾ مون لکيو آهي ته: ”جن سنڌي ماڻهن، سنڌي ماڻهن سان غداري ڪئي آهي ته انهن غدارن جو اولاد يا اهي غدار پاڻ سڀ کان پهرين پنهنجن آقائن جي تراڙ ۽ باهه جو شڪار ٿيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ مون چنيسر جو مثال ڏنو آهي، ته خلجين جي تراڙ جو شڪار سڀ کان پهرين چنيسر جو پٽ ننگر بنيو. قاضي قاضن ارغونن جو ساٿ ڏنو ته سڀ کان پهرين ارغونن جي باهه جو نشان قاضي قاضن جو اولاد ۽ گهر بنيو. اڄ جي دور ۾ ڇا ٿيو سا سڀ ڪنهن پڙهندڙ کي خبر آهي. لاکاٽ ۽ ٽوڙي جي جوڌن پوءِ جام شهادت پيتو، پر پهريون شڪار.... باقي سنڌ جي روح جي لاٽ باقي رکڻ لاءِ يُڌ جاري آهي. شال سدائين! سنڌ تنهنجي روح جي حياتيءَ جو گل سدا ٽڙندو رهي.
ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿيئي،
ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مرجهائجن. اياز
15.12.1985 عبدالواحد آريسر
حيدرآباد