تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ٿي نہ محبت مات

هي ڪتاب ”ٿي نه محبت مات“ نامياري ليکڪ، قومپرست سياستدان ۽ سنڌ جي عاشق عبد الواحد آريسر جو عدالتي بيان آهي، جنهن مان سنڌ سان اڻ ميي محبت ۽ چاهت پئي نروار ٿئي.
هي ڪتاب روشني پبليڪيشن پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ياد رهي ته هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، ڀنڀور اشاعت گهر، حيدرآباد، 1976ع ۾ ڇپايو هو.
Title Cover of book ٿي نہ محبت مات

مسلم سربراهه ڪانفرنس

موجوده حڪمران پارٽيءَ جي پرڏيهي پاليسيءَ جي ڪارنامن مان هڪ ڪارنامون فيبروري 1974ع ۾ اسلامي سربراهه ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ آهي. موجوده دور تصوراتي نه پر سائنسي دور آهي ۽ سائنسي دور جي سڀ کان وڏي خاصيت هيءَ آهي ته هو تصور، خيال، منصوبي کان وڌيڪ نتيجن کي اهميت ڏئي ٿو. سربراهه ڪانفرنس کي به انهي نقطئه نگاهه سان ڏسڻ گهرجي يعني ان جي نتيجن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. نتيجن جي اعتبار کان هيءَ ڪانفرنس پهرين ڏينهن کان ئي روسي ۽ آمريڪي لابين جي ڪشمڪش جو شڪار ٿي وئي هئي. ڪانفرنس شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي روسي لابي رٿيل پروگرام موجب بنگلاديش جي شرڪت لاءِ زور ڀريو ۽ ٻي صورت ۾ ڪانفرنس جي بائڪاٽ جي ڌمڪي ڏني وئي.
بنگلاديش کي ان وقت تائين پاڪستان، سعودي عريبيا ۽ چين تسليم ڪو نه ڪيو هو ۽ بنگلاديش جي حيثيت ان وقت پاڪستان وٽ اها ساڳي هئي، جيڪا حيثيت عربن وٽ اسرائيل جي آهي. ان ڪري بنگلاديش جي شرڪت جو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو. روسي لابيءَ جو دٻاءُ وڌندو ڏسي مجبوراً پاڪستان بنگلاديش کي تسليم ڪري، ڪن عرب اڳواڻن کي موڪليو ته شيخ مجيب الرحمان کي وٺي اچن. جڏهن شيخ مجيب الرحمان لاهور جي ايئرپورٽ تي لٿو، ان وقت جناب ڀٽي صاحب سان گڏ پاڪ آرمي جي چيف آف اسٽاف جنرل ٽڪا خان پنهنجيءَ روايتي ورديءَ سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. اها آهي تاريخ جي بيرحم صداقت....! ڪالهه جنهن ماڻهوءَ کي جنرل ٽڪا خان جي فوج جا ٻه ميجر غدار قرار ڏئي ڦاسيءَ تي لٽڪائڻ جو فيصلو ڏئي چڪا هئا، اهو ساڳيو ٽڪا خان اڄ ان ماڻهوءَ جي استقبال لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ايئرپورٽ تي بيٺو هو. اهو منظر ڏسي مون کي هڪ محب وطن انقلابيءَ جا هي لفظ ياد آيا ته ”اڄ جيڪي طاقتون اسان کي غدار قرار ڏئي رهيون آهن، سي سڀاڻي فاتحن جي حيثيت ۾ اسان جو استقبال ڪنديون.“
بنگلاديش جي منظوري ڀٽي صاحب جي حب الوطني ۽ متحده پاڪستان سان محبت جي بنياد تي تيار ڪيل پرڏيهي پاليسي جي ٻي ناڪامي هئي. تنهن کانسواءِ هو انهن قدم کڻڻ سان پنهنجي ٻن دوستن سعودي عريبيا ۽ چين جو اعتماد وڃائي ويٺو، جن پاڪستان سان رس رهائڻ لاءِ بنگلاديش کي تسليم نه ڪيو هو. بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ واري معاملي ۾ چين کي اعتماد ۾ نه وٺڻ جو ئي نتيجو هو جو هن ڀيري چين، بنگلاديش جي گڏيل قومن جي اداري ۾ داخلا تي ويٽو استعمال ڪو نه ڪيو.
هاڻي آءٌ اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي نتيجن تي وڌيڪ ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو. سڀ کان پهريون سوال آهي ته آخر انهي ڪانفرنس جو مقصد ڇا هو؟
ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها ڪانفرنس گهرائي انهيءَ ڪري وئي هئي ته جيئن اسلامي ملڪن جي سربراهن جي زور ڀرڻ جي بهاني بنگلاديش کي تسليم ڪيو وڃي ۽ اهڙو واعدو ڀٽو صاحب شمله ۾ ڪري آيو هو، پر معمولي حالتن ۾ عوام طرفان احتجاج جي ڊپ کان بنگلاديش کي تسليم نٿي ڪري سگهيو. جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ ڀٽي صاحب جي قومي دولت سان (محبت) ۽ عوامي پئسي سان (عشق) پوريءَ ريت سمجهه ۾ اچڻ سان گڏ سندس (بي پناهه جرئتمندي) متعلق هر ڳالهه سورنهن ڇا ارڙهن آنا صحيح ثابت ٿئي ٿي.
آءٌ سمجهان ٿو ته ائين هوندو، ليڪن ٻڌايو اهو ويو هو ته هن ڪانفرنس مان وڏي ۾ وڏو ظاهري مقصد آهي، اسلامي دنيا جو اتحاد، اتفاق ۽ سامراج دشمن پاليسيءَ ۾ مضبوطي. انهيءَ مقصد جي نقطئه نظر سان هيءَ ڪانفرنس اتحاد اسلام بجاءِ انتشار اسلام ثابت ٿي آهي. سڀ کان پهرين اهو انتشار سعودي عريبيا ۽ ايران جي بادشاهن جي شرڪت جي باري ۾ پيدا ٿيو. جنهن ڪري شهنشاهه ايران ڪانفرنس ۾ شريڪ ڪو نه ٿيو.
ٻيو وڏو مظاهرو ڪانفرنس کان ٻئي ڏينهن شروع ٿيو، هڪ طرف لبيا جو ”ڪرنل قذافي“ منٽو پارڪ ۾ پنهنجي فصيح ۽ بليغ تقرير ۾ پاڪستاني صوبن جي سياست ۾ مداخلت سان (لاهور وارن کي) ڀارت دشمنيءَ جو درس ڏئي رهيو هو ته ٻئي طرف ساڳئي وقت تي صدر انور سادات (مرحوم) نئين دهلي ۾ هندوستاني وزيراعظم اندرا گانڌي کي منٿن ميڙن سان يقين ڏياري رهيو هو ته آئينده اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ هندوستان کي ضرور شريڪ ڪيو ويندو، ڇو ته هندوستان ۾ مسلمان سڀني ملڪن جي ڌار ڌار آبادي کان گهڻا رهن ٿا، تنهن ڪري هندوستان به هڪ مسلم يا اسلامي ملڪ آهي.
اسلامي اتحاد جو ٽيون مظاهرو هن ريت ٿيو جو لبيا ۽ مصر وچ ۾ هڪ وفاق اندر سموليت واري پروگرام ۾ خلل پوڻ شروع ٿيا. لبيا جي لکن باشندن وفاق جي حق ۾ لانگ مارچ ڪندي مصر ۾ داخل ٿيڻ چاهيو. مصري حڪومت انهن کي پنهنجي ملڪ ۾ بنا پاسپورٽ جي داخل ٿيڻ کان روڪيو نيٺ معاملو وڌي ويو ۽ هاڻي حالت اها آهي جو ٻنهي ملڪن جا سفارتي ناتا ختم ٿي چڪا آهن. لبيا ۽ مصر لاءِ اسلامي سربراهه ڪانفرنس ان مثال وانگر ثابت ٿي آهي ته: ”وئي سنڱن لاءِ پر ڪن ڪپائي آئي.“ مڙس هليا هئا سڀني مسلمانن کي متحد ڪرڻ پر پاڻ ۾ اهڙا وڙهيا جو ڪير ڇڏائڻ وارو ئي ڪونهي.
اسلامي اتحاد جو چوٿون مظاهرو مراڪش ۽ لبيا جي وچ ۾ شديد قسم جي اختلافن جي صورت ۾ ٿيو.
اسلامي اُخوت جو پنجون مظاهرو ٽن اسلامي ملڪن ماريطانيا، مراڪش ۽ الجزائر جي وچ ۾ اسپيني صحرا جي مسئلي تي اختلافن جي صورت ۾ ظاهر ٿيو، جنهن ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. قومي خودمختياري جي بنياد تي الجزائر اسپيني صحرا کي هڪ ڌار ملڪ جي صورت ۾ تسليم ڪري ورتو آهي ۽ هو اتي گوريلا تنظيم جي مدد ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف مراڪش ۽ ماريطانيا ان تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ چاهين ٿا. ليڪن پاڪستان جو (ذهين) وزيراعظم اڃا تائين ڪو به فيصلو نه ڪري سگهيو آهي ته قومي خود اختياري جي بنياد تي الجزائر جي موقف جي حمايت ڪري يا تاريخي حق ۽ واسطا ڇڪائيندڙ مراڪش ۽ ماريطانيا جي مدد ڪري.
وحدت اسلام جو ڇهون مظاهرو موجوده وقت ۾ لبنان جي مسئلي تان فلسطيني ۽ اردني عربن جو اختلاف آهي، جنهن وچ اوڀر جي پوري حُسن کي رت هاڻو ڪري ڇڏيو آهي.
نتيجن جي اعتبار سان معلوم اهو ٿيو ته ان ڪانفرنس کان پوءِ ايندڙ هر ڏينهن، هر هفتو، هر مهينو ۽ هر سال اسلامي ملڪن جي اختلافن ۽ انتشارن جا نشان پاڻ سان کڻي آيو آهي ۽ انهيءَ پوري عرصي ۾ (فخر ايشيا) مسلمان ملڪن جي جهيڙن کي نبيرڻ لاءِ ڪا به رٿ ۽ تجويز ڏئي نه سگهيو آهي ۽ نه وري صحيح فيصلو ڪري سگهيو آهي ته اسلامي ملڪن جي سربراهن جي ڪانفرنس جي ميزبان جي حيثيت ۾ کيس ڪهڙو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي!؟
ڪانفرنس جي انهيءَ ظاهري مقصد جي نتيجن جي اعتبار کان ناڪاميءَ جي وضاحت کان پوءِ آءٌ ڪانفرنس جي هڪ ٻئي پهلوءَ تي روشني وجهڻ چاهيان ٿو، جنهن ۾ ڪانفرنس پوريءَ ريت ڪامياب وئي آهي. ڪانفرنس جو ٻيو پهلو هو عالمي طاقتن جي مفاد وٽان استعمال ٿيڻ وارو. حقيقت هيءَ آهي ته انهيءَ ڪانفرنس جي تياريءَ پٺيان هڪ وڏي عالمي طاقت جو هٿ هو، جنهن ان ڪانفرنس مان پنهنجي مقصد جا نتيجا حاصل ڪرڻ ٿي گهريا. ان لاءِ هن پاڪستان، ايران ۽ ترڪيءَ سان گڏ سعودي عريبيا کي به استعمال ڪرڻ ٿي چاهيو. انهن مقصدن مان هڪ مقصد هو تيل تان بندش هٽائڻ ۽ ٻيو وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي خلاف گڏيل عرب محاذ کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ.....!!
مٿئين ٽنهي ملڪن انهيءَ طاقت طرفان مضبوط قسم جي يقين ڏيارڻ جي بنياد تي سعودي عرب جي شاهه فيصل مرحوم کي تيل تان بندش هٽائڻ واري اصول تي راضي ڪري ورتو هو ۽ ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ تيل تان بندش لاٿي وئي. ٿورو وقت گذرڻ کان پوءِ مرحوم شاهه فيصل کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ وري تيل تي بندش وجهڻ جي اسڪيم تيار پئي ڪئي وئي ته کيس قتل ڪرايو ويو. شاهه فيصل کي قتل ڪرائڻ کان پوءِ اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ طئي ٿيل ٻئي مقصد جي حاصلات لاءِ جدوجهد تيز ٿي وئي ۽ اهو حاصل هن ريت ٿيو جو مصر کي ڪجهه رعايتون ڏئي شام ۽ فلسطين جي گڏيل ڪاز (مقصد) تان ڦيري اسرائيل سان انفرادي ٺاهه ڪرڻ تي راضي ڪيو ويو.
انهن رعايتن ڏيڻ سان نه صرف مصر کي شام ۽ فلسطيني عربن کان ڌار ڪيو ويو پر کيس سامراج دشمن بلاڪ مان ڪڍي پوريءَ ريت آمريڪا جي گرفت ۾ آندو ويو، ڇو ته آمريڪا کي وچ اوڀر ۾ ڪنهن اهڙي ملڪ جي ضرورت هئي، جيڪو پنهنجي اثر رسوخ جي ڪري وچ اوڀر ۾ وڌندڙ روسي اثر کي روڪي سگهي. ايترا ڏينهن اهو ڪم هو پاڪستان، ايران ۽ سعودي عرب کان وٺندو پئي آيو، پر اهي ٽئي ملڪ خاطر خواهه نموني ساڻ اهو فرض پورو ڪري نه سگهيا هئا، تنهن ڪري ڪافي وقت کان آمريڪا جي نظر مصر تي هئي. ليڪن مرحوم جمال عبدالناصر جي وقت ۾ مصر جو آمريڪا جي مفادن لاءِ استعمال ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو، ۽ نه وري ناصر جي وقت ۾ مٿين ٽنهي ملڪن جي ناصر وٽ ڪا حيثيت هئي. پر سادات سڳوري جي وقت ۾ آمريڪا جو مقصد اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي ذريعي پوريءَ ريت حل ٿي ويو ۽ ان سان گڏ وچ اوڀر لاءِ پاڪستان جي حيثيت به آمريڪا وٽ ختم ٿي وئي، جنهن جو ثبوت اڄوڪين حالتن ۾ پوريءَ ريت ملي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ آمريڪا ڀٽي صاحب کي هٿيار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇو ته کيس هنِد-چينيءَ جا بچيل ۽ پراڻي ماڊل جا هٿيار (جن جو ٽوڙ ڪميونسٽ ملڪ اڳ ئي معلوم ڪري چڪا آهن)، بهرحال نيڪا ڪرڻا هئا، ۽ جنهن جي لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ ڪهڙي منڊي مناسب ٿي سگهي ٿي؟ پر جڏهن دوستان جي ائٽمي ڌماڪي جي مقابلي ۾ پاڪستان فرانس کان ائٽمي ري پروسنگ پلانٽ خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪيو ته آمريڪا هڪدم اعتراض واريو ۽ هٿيار بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. اڄ حالت هيءَ آهي جو پاڪستان سان گڏ فرانس به سفارتي سطح تي اڪيلو رهجي ويو آهي ۽ غير جانبدار، 86 ملڪن جي ڪانفرنس تيل پيدا ڪندڙ ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته ائٽمي هٿيارن جي پکيڙڻ جي جرم ۾ فرانس کي تيل جي فراهمي بند ڪئي وڃي. اهڙي قسم جي اپيل ۾ ٻين سان گڏ لبيا جو ڪرنل قذافي ۽ عيدي امين، ڀٽي صاحب جا گهرا دوست به شامل آهن.
آءٌ انهيءَ ڳالهه سان دلچسپي ڪو نه ٿو رکان ته پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ٻئي سان ائٽم جي ميدان ۾ مقابلو ڪن يا نه، پر هڪ محب وطن ايشيائيءَ جي حيثيت ۾ آءٌ هن خطي جي ڪنهن به حصي کي هيروشيما ۽ ناگاساڪي جي روپ ۾ تبديل ٿيندو ڏسڻ نٿو چاهيان، ڇو ته آءٌ هڪ اديب آهيان. اديب جي حيثيت ۾ هن خطي جي هر شهر ۽ واهڻ جو حُسن ۽ آبادي، منهنجي آتما کي ابدي قرار بخشين ٿا. اديب جي حيثيت ۾ آءٌ تعمير جو پيغمبر ۽ ريٻارو آهيان. جهڙيءَ طرح مون کي اُن هٿ کان نفرت آهي، جيڪو هڪ انسان کي زندگيءَ جي ولولي کان مرحوم ڪري ٿو؛ اهڙيءَ طرح مون کي ان حاڪم کان شديد نفرت آهي، جيڪو ڪيترين آبادين کي زندگيءَ جي حسن کان مرحوم ڪرڻ جا سانباها ڪري ٿو.
پاڪستان، آمريڪا جي توجه لائق سرپرستيءَ کان مرحوم ٿيڻ واري حالت ۾ هاڻي مڪمل طور ايران جي گود ۾ ڪري پيو آهي. هوڏانهن ايران تيل مان بيشمار دولت ميڙي آهي. ان کي هن خطي ۾ (برصغير) سيڙائڻ ٿو چاهي. ان لاءِ هن کي هندوستان ۽ افغانستان ئي موزون ملڪ نظر آيا آهن، جن جي قول ۽ اقرار تي اعتماد ڪري سگهي ٿو. ان ڪري هن پاڪستان کي ڀارت ۽ پاڪستان سان ٺاهه ڪري خشڪيءَ جا رستا کولڻ لاءِ حڪم ڪيو آهي ۽ پاڪستان هڪ وفادار غلام وانگر تيار ٿي ويو آهي. اسان پاڙيسري ملڪن سان دوستيءَ جا پرجوش حامي آهيون. 1972ع ۾ منهنجي ليڊر ملڪي استحڪام لاءِ جيڪي تجويزون ڏنيون هيون، تن ۾ پاڙيسري ملڪن سان دوستي ۽ امن جو معاهدو ڪرڻ جي تجويز سر فهرست هئي، پر جنهن دوستيءَ جي پٺيان ڪو خفيه هٿ ۽ لڪل اشارو هجي، سا دوستي ڪا ئي معنيٰ نه ٿي رکي. اهڙي قسم جي دوستي جهڙيءَ ريت ڪنهن جي حڪم سان قائم ٿيندي آهي سا اِهڙي ريت ختم ٿي ويندي آهي. مون مٿي هڪ جملو ڳالهايو آهي ته ”ايران، پنهنجي ناڻي سيڙائڻ لاءِ هندوستان ۽ افغانستان جي قول ۽ اِقرار تي اعتماد ڪري سگهي ٿو.“ اِهو جملو مون ڄاڻي واڻي ڳالهايو آهي. اُن جو مطلب آهي ته ايران، پاڪستان کي پنهنجي مطلب لاءِ استعمال ڪرڻ خاطر وقتي طرح اُن کي ڪجهه قرض ۽ اِمداد ته ڏئي سگهي ٿو، پر اُن تي اعتماد ڪري پنهنجو ناڻو سيڙائڻ لاءِ تيار ڪونهي، نه صرف ايران پر دنيا جا گهڻا ملڪ انهيءَ نتيجي تي پهتل آهن.
انهيءَ جو وڏو سبب هيءُ آهي ته پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ هڪ ئي ڪارخانو آهي، جيڪو هر وقت پيداوار ڏئي رهيو آهي ۽ اُهو ڪارخانو آهي غدار سازيءَ جو.....! هتي حاڪم پارٽي، پاڻ کانسواءِ ٻين سڀني کي غدار قرار ڏيندي آئي آهي، ويندي ايتريقدر و هتي جي هر پارٽي، هر جماعت، ۽ هر گروهه تي غداريءَ جو ٽپو لڳل آهي. هتي جي هر ماڻهوءَ تي غداريءَ جي تهمت لڳل آهي. هتي جي صوبي جي عوام ۽ سياستدانن جو جسم غداريءَ جي داغ سان داغيل آهي. هتي جو سياستدان غدار آهي، هتي جو شاعر غدار آهي، هتي جو پروفيسر غدار آهي، هتي جو شاگرد غدار آهي، هتي جو هندو غدار آهي، مسلمان غدار آهي، سنڌي غدار آهي، پٺاڻ غدار آهي ۽ بلوچ غدار آهي. اهو سڀ ڪجهه چيو ويو آهي ۽ مشهور ڪيو ويو آهي. مطلب ته هتي مخالف لاءِ ”غدار- وطن“ جو لفظ استعمال ڪرڻ ايترو ئي آسان آهي، جيئن پاڻي پيئڻ.....!!
هتي ملڪ دوستي جي سَنَد صرف هڪ ئي آهي، ۽ اُها آهي حڪمران جي شان ۾ قصيده نويسي ڪرڻ ۽ مولود پڙهڻ. انهيءَ ڪارخاني جي پيداوار مان اهو نتيجو نڪتو آهي جو هن غدارن سان ڀريل ملڪ جي مستقبل ۾ ڪو به ملڪ ويساهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اُنهن ملڪن کي انديشو لڳو پيو آهي ته ڪيڏيءَ مهل به غدار ملڪ تي قبضو ڪري اُن جو نه معلوم حشر ڇا ڪندا؟ اسان اهڙي قسم جي پاليسيءَ جا مخالف آهيون. اُن مان اڄ ڏينهن تائين نه صرف هن ملڪ کي پر پوري ايشيا جي عوام کي ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هر وقت هن خطي کي غير ملڪي طاقتن جي مفاد جي خاطر استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اسان جي قسمتن جا فيصلا ڏور ڏيهن ۾ ٿيندا رهن ٿا. هن ملڪ جي حفاظت جي ضمانت ڪڏهن آمريڪا ٿو ڏئي ته ڪڏهين چين ۽ ڪڏهن ايران....!
اسان جو شروع کان وٺي نظريو ۽ عقيدو رهيو آهي ته جنهن ملڪ کي پنهنجي حفاظت لاءِ ٻين کان واعدا ۽ وچن وٺڻا پون، جيڪو هميشه ٻين جي رحم ۽ ڪرم تي زندهه رهڻ جي دڳ تي هلايو وڃي، ان ملڪ ۽ ان کي اهڙيءَ حالت ۾ پهچائيندڙ بي ضمير حاڪمن کي زندهه ۽ باقي رهڻ جو ڪو به قانوني، سياسي ۽ اخلاقي حق ڪونهي. جنهن عمارت کي ڪرڻو آهي، اها جيترو جلد ڪري اوترو سٺو، ڇو ته ان جي جاءِ تي جلد ڪا شاندار ۽ مضبوط نئين عمارت تيار ٿي سگهي. آمريڪا جي گهيري ۾ هوندي ننڍڙو ملڪ ڪيوبا، آمريڪي ميزائيلن جي تباهه ڪاريءَ کان بي نياز سامراج جي اکين ۾ اکيون وجهي زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ ڏئي رهيو آهي. ان جون به ڪنهن ملڪ سان دوستيون هونديون، ليڪن هن ڪڏهن به ڪنهن وڏيءَ طاقت جو اهڙو جملو برداشت نه ڪيو هوندو ته ”ڪيوبا جي حفاظت منهنجو فرض آهي.“ هن ملڪ جي تاريخ ثابت ڪيو آهي ته هن کي آمريڪا، چين ۽ ايران، ۽ فوج مان ڪائي طاقت بچائي نه سگهي آهي. هن ملڪ کي صرف هتان جو عوام بچائي سگهي ٿو، ۽ اُن جي حفاظت سان گڏ کيس ترقيءَ جي عروج تي پهچائي سگهي ٿو ۽ اُهو سڀ ڪجهه اُن صورت ۾ ٿيندو، جڏهن سڀني شهرين کي محب وطن ۽ وفادار سمجهي، مختلف قومن، طبقن ۽ ماڻهن کي سندن فطري ۽ اقوام متحده جا مڃيل حق ڏنا ويندا ۽ کين ڏنڊي جي بجاءِ محبت جي زبان ۾ مخاطب ڪيو ويندو. جيڪڏهن اهڙي تبليغ ۽ پرچار ڪرڻ انصاف جي نظر ۾ ڏوهه آهي ته پوءِ بيشڪ آءٌ ڏوهاري آهيان، ان جو اقرار ٿو ڪريان.
هڪڙو الزام هيءُ به آهي ته ”مون پناهگيرن ۽ سنڌين کي ويڙهائڻ ۽ فرقيوارانه فساد جي ذريعي مهاجرن کي سنڌ مان بيدخل ڪرڻ جي تبليغ ڪئي آهي؟“
سائين منهنجا-! پناهگيرن جو مسئلو ايترو ئي پراڻو آهي، جيتري انساني تاريخ. انساني زندگيءَ جي اوائلي دؤر کان انساني قافلن جي اناج، پاڻي ۽ گاهه جي تلاش ۾ هڪ علائقي کان ٻئي علائقي، هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ، هڪ کنڊ کان ٻئي کنڊ ڏانهن لڏپلاڻ ٿيندي رهي آهي. ويران خطن، ملڪن ميدانن، صحرائن ۽ ماڙين مان انساني آبادين جون سرسبز، آباد ۽ پاڻياٺن حصن ڏانهن هجرتون، انساني تاريخ ۾ اڻ مٽ نشان جي حيثيت رکن ٿيون. آسماني ۽ قدرتي مصيبتن کان ڇوٽڪاري جي ڳولا ۾ آراين جي وچ ايشيا مان اوڀر ايشيا ڏانهن اچڻ پناهگيرن جي تاريخ جو يادگار واقعو آهي. ماڻهن جي انهيءَ لڏپلاڻ، نسلن جي ميل ميلاپ ۽ تهذيبن جي ملاوٽ ذريعي ذين تهذيبن ۽ ثقافتن کي جنم ملندو رهيو آهي. ڌار ڌار زبانن جي هڪ ٻئي تي اثر انساني ادبي ذخيري کي پائيداريءَ ۽ سوچ کي وسعت ڏني آهي. انهيءَ خيال کان پناهگيرن جي لڏپلاڻ انسانيت لاءِ ڪڏهن مفيد ثابت نه ٿي آهي. جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ وبائن منهن ڪڍيو آهي ته اتان جي ماڻهن ڀروارن ملڪن ۾ اچي سک جو ساهه پٽيو آهي. جڏهن به ڪنهن ملڪ جو حالتون ڪن انساني گروهن لاءِ ناسازگار ٿيون آهن، ته انهن گروهن اتان لڏپلاڻ پئي ڪئي آهي. جڏهن به ڪٿي ڏڪار پيا آهن ته اتان جي رهواسين اتان هجرت ڪري ٻين هنڌن تي بسيرو ڪيو آهي. ائين هر دؤر ۾ ٿيندو آيو آهي ۽ شايد ٿيندو رهندو. مهاجرن جي انهيءَ پوري سرگذشت ۾ اسان کي ٻن قسمن جا مهاجر نظر اچن ٿا.
هڪڙا اهي جيڪي بيوس، لاچار، ڏتڙيل ٿي ڪنهن ملڪ ۾ آيا آهن. اهڙي قسم جي مهاجرن، ان ملڪ جي اصلي باشندن ۽ زمين جي فرزندن کي ئي ملڪ جي هر شيءِ، وسيلي ۽ ذريعي جو مالڪ پئي سمجهيو آهي ۽ سندن فطري ۽ قدرتي حقن سان ڪنهن نعري، نظرئي يا ڌرم جي آڙ ۾ ڪا به کؤنس ڪا نه ڪئي اٿن ۽ نه وري ڪو پنهنجو احسان ئي ڄاڻايو اٿن. آهستي آهستي مقامي قومن، قبيلن جي تهذيب، ثقافت ۽ تمدن ۾ پاڻ کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيو اٿن ۽ فرزندان زمين جي سهڻي ۽ سٺي برتاءُ جا هميشه ٿورائتا پئي رهيا آهن يا ڪجهه وقت رهي جڏهن حالتون سازگار ٿيون آهن ته پنهنجي اباڻن ڪکن ڏانهن موٽي ويا آهن. رسول ڪريم صلعم هجرت کان پوءِ مديني جي اندر مڪي کان آيل مهاجرن کي انصار جي مال ملڪيت تي حق ڇڪڻ کان منع ڪري رضاڪارانه بنياد تي انصار طرفان مليل امداد ۽ حمايت تي قناعت ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي. پنهنجي سِر هو موقعي ۽ مهل تي دل ۽ زبان سان مديني جي انصار لاءِ شڪر، ۽ احسانمنديءَ جي جذبن جو اظهار عمر ساري ڪندو رهيو.
ٻي جنگ عظيم وقت ڪيترن يورپي ملڪن جا باشندا جنگ جي خونخوار ديوَ جي خوف کان ڀڄي وڃي ٻين ملڪن ۾ پناهگزين ٿيا هئا. جيئن نازي ۽ فاشي قوتن جي ڀَو کان چيڪ، پولش ۽ فرينچ ماڻهو ٻين يورپي ملڪن ڏانهن ڀڄي ويا هئا. ليڪن ٻي مهاڀاري لڙائي جي متعلق جيترو لٽريچر منهنجي نظر مان گذريو آهي، ان ۾ مون ڪٿي به ڪو نه پڙهيو آهي ته انهن پناهگيرن ٻين ملڪن ۾ وڃي پنهنجي لاءِ ڪي خاص رعايتون ۽ حق واسطا ڇڪيا هجن يا پنهنجو ڪو احسان ڄاڻايو هجي. اسپين جي خانه جنگيءَ ۾ ڪيترائي هسپانوي باشندا يورپ ۽ آمريڪا ۾ پناهه وٺڻ لاءِ مجبور ٿيا هئا، پر هنن شريف ماڻهن ڪڏهن به جمهوريت جي بقا لاءِ پنهنجي ڏنل قربانيءَ جي بنياد تي مقامي رهواسين کان ڪي رعايتون طلب ڪو نه ڪيون.
برصغير ۾ هجرت تحريڪ (جنهن جي اڳواڻي هڪ سنڌي قانوندان مرحوم جان محمد جوڻيجي ڪئي هئي) وقت افغانستان ۾ ويل هندوستاني مُهاجرن به افغان حڪومت کان ڪي خصوص حق، رعايتون ۽ جائداد جا ڪليم طلب ڪو نه ڪيا هئا. هنن رڳو رهائش ۽ امدادي سامان تي اڪتفا ڪئي هئي. جيتوڻيڪ تحريڪ هجرت برصغير جي تمام ديني عالمن جي گڏيل فتويٰ جي روشنيءَ ۾ شروع ڪئي وئي هئي ۽ پوءِ به پٺاڻن، هندوستاني مسلمان مهاجرن سان جيڪو رويو اختيار ڪيو، سو تاريخ جو الميه داستان آهي. سن 1971ع ۾ بنگال مان ڪيترا ماڻهو ساهه بچائڻ جي خوف کان هندوستان ڀڄي ويا هئا، ليڪن هنن به ڪا خاص رعايت طلب ڪا نه ڪئي. اسان جي سامهون موجوده دور جي فلسطيني مهاجرن جو مثال آهي، جيڪي وچ اوڀر جي ڪيترن ملڪن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، پر هنن ڪڏهن به هجرت جي بنياد تي حق ۽ رعايتون طلب ڪين ڪيون آهن، ۽ نه وري ڪو عرب ملڪ هنن کي مستقل طرح پاڻ وٽ آباد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هو اڄ به خيمن ۾ اقوام متحده جي راشن تي گذارو ڪري رهيا آهن.
پناهگيرن يا لڏپلاڻ ڪندڙن جو ٻيو گروهه يا قسم اهڙن ماڻهن تي مشتمل آهي، جيڪي پنهنجي ملڪ مان نڪري تلوار جي زور تي مقامي ماڻهن کي محڪوم بنائي اتي پنهنجي موروثي حڪومتن جا بنياد وجهي ويهي رهيا آهن. انهن طاقت جي زور تي نه رڳو پنهنجو پاڻ کي اعليٰ، افضل ۽ سڌريل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مقامي ماڻهن کي ٻئي درجي جي شهرين جي حيثيت ڏئي، اتي جي هر شيءِ هڙپ ڪري ويا آهن. اهڙن مهاجرن جي خلاف مقامي ماڻهن جي دل ۾ سخت ۽ شديد نفرت جا مچ ٻرندا رهيا آهن ۽ موقعو ملڻ شرط هنن اهڙين ڌرين کي ڌڪي ڌار ڪيو آهي ۽ جي ڪامياب نه ٿيا آهن ته حق ۽ ناحق جي ڪشمڪش ۾ خود ختم ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ ايراني يوناني، عرب، ارغون، ترخان، مغل، غزنوي، غوري، خلجي، انگريز وغيره؛ اسپين ۾ عرب، آمريڪا ۾ هسپانوي ۽ انگريز، هندوستان ۾ مغل ۽ فلسطين ۾ يهودي، پوئين قسم جي مهاجرن ۾ اچي وڃن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو مصر جي جمال عبدالناصر چيو هو ته: ”جڏهن آءٌ فلسطين جي سرزمين تي يهودي پناهگيرن جي حڪومت ڏسان ٿو ته منهنجي دل ۾ اهڙن پناهگيرن جي خلاف نفرت جي باهه ڀنڀٽ بنجي وڃي ٿي.“
انهيءَ تفصيل ۽ اصول جي روشنيءَ ۾ اسان کي ڏسڻو آهي ته پاڪستاني پناهگيرن جو مهاجرن جي ڪهڙي گروهه سان تعلق آهي. جيڪڏهن هنن جي ذهنيت فاتحانه ۽ رعايت يافته طبقي جي آهي ته پوءِ اهڙن ماڻهن سان نفرت ڪرڻ ۽ کين ڌڪي ڌار ڪرڻ جو جذبو حب الوطنيءَ جو شاندار مظاهرو آهي، ۽ جنهن ماڻهوءَ کي حب الوطنيءَ جي تاريخ ۾ بيغيرت ۽ غدار جي لقب سان ياد ڪيو ويندو رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهڙي لقب کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهي ته ان کي هر ڪو حق آهي ته هو هڪ محب وطن انسان کي مجرم ۽ قتل لائق سمجهي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏي. جيتريقدر مون سمجهيو آهي ته پاڪستاني مهاجرن ٽن قسمن جون دعوائون ڪيون آهن:

(1) هنن سنڌ کي هندن کان پنهنجو فتح ڪيل علائقو سمجهي اُن جي هر شيءِ کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري ان کي ماءُ جي کير وانگر حلال ۽ جلدي هضم ٿيندڙ پئي تصور ڪيو آهي. جاين، دوڪانن، واپار، نوڪرين ۽ تعليم کي پنهنجي مخصوص مفادن وٽان ترتيب ڏئي، ماڻهن کي محروم ڪرڻ تي سندرو ٻڌيو آيا آهن. هر وقت اهو ٻڌائڻ ضروري پئي سمجهيو اٿن ته سنڌي هندن جا غلام هئا ۽ اسان اچي کين نجات ڏياري آهي. 1970ع جي چونڊن وقت هڪ مهاجر مياڻي روڊ حيدرآباد ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته: ”اسان جي اچڻ کان اڳ سنڌين جون عورتون واڻين وٽ گروي رکيل هونديون هيون.“ انهيءَ مثال کانسواءِ مون وٽ هڪ واضح ثبوت آهي ته مهاجرن پاڻ کي فاتح جي حيثيت ۾ سنڌين جو حاڪم تصور ڪيو آهي.
1948ع ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو، ان وقت سنڌ جي عوام سان اسيمبليءَ ۾ واعدو ڪيو ويو ته ”ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت جي ٿيل خرچ جو معاوضو ادا ڪيو ويندو.“ ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ سنڌي نمائندن جو هڪ وفد سنڌ مسلم ليگ جي صدر سيد علي اڪبر شاهه (مرحوم) جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي وزيراعظم لياقت عليءَ سان مليو ته: ”سائين اسان اوهان کي اهو ياد ڏيارڻ آيا آهيون ته ڪراچيءَ جو معاوضو اڃا تائين سنڌ حڪومت کي نه مليو آهي.“ لياقت علي خان جواب ڏنو ته: ”ڇا جو معاوضو؟ فتح ڪيل علائقن جا به ڪي معاوضا مفتوح ماڻهن کي ڏنا ويندا آهن ڇا.....!؟“ لياقت علي، پاڪستان جي وزيراعظم سان گڏ هندوستاني مهاجرن جو نمائندو پڻ هو. انهيءَ جواب جي ذريعي هن پوري مهاجر ذهنيت جي نمائندگي ڪري ثابت ڪيو ته هندوستاني مهاجرن جي حيثيت، سنڌ ۾ فاتح واري آهي.
ان صورت ۾ منهنجو فرض آهي ته انهن فاتحن جي ان ذهنيت کان مفتوحن کي پوري طرح آگاهه ڪريان.

هنن جو چوڻ آهي ته:
”اسان اسلام جي خدمت جي جذبي تحت هتي آيا آهيون، ته جيئن اسلامي نظام حڪومت قائم ڪريون.“

آءٌ انهن جي ان دعويٰ کي صحيح ڪو نه ٿو سمجهان:

پهرين ڳالهه:
ته حضور اڪرم صلعم جن مڪي جي فتح ٿيڻ کان پوءِ فرمايو ته اڄ ڏينهن کان وٺي مذهب لاءِ هجرت جو دروازو بند آهي. انهيءَ جي بنياد تي هندوستان جي هڪ بهترين عالم 1947ع ۾ مهاجرن جي هڪ اجتماع جي سامهون تقرير ڪندي چيو هو ته:
''شاہجھان کی مسجد کے مینار جُھک کر تم سے سوال کرتے ہیں کہ ہجرت کے مقدس نام پر یہ فرار کی زندگی تم نے کہاں سے سیکھ لی؟''

اهو ئي سبب آهي جو مولانا عبيدالله سنڌيءَ پنجويهه ساله جلاوطنيءَ ۾ پاڻ کي ڪٿي به مهاجر ڪو نه سڏايو.
ٻي ڳالهه:
ته اسان کڻي مڃون ته هنن مذهب جي لاءِ هجرت ڪئي هئي، مذهب واري هجرت لاءِ شرط آهي ته ان ۾ ڪنهن به مال، ملڪيت، گهرتڙ جي ڪا به لالچ نه رکي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ مذهبي هجرت ۾ انهن شين جي تمنا ۽ خواهش رکي ته اهڙو ماڻهو مهاجرن بجاءِ منافق آهي. اهڙي صدارت مذهب جي سڀني ڪتابن ۾ موجود آهي.
هنن سڳورن ته اچڻ شرط جائيدادن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ ڪليم ڀرڻ ۾ جنبي ويا. حالانڪ مذهبي هجرت لاءِ ڪليم داخل ڪرڻ اسلامي فقه ۾ ناجائز ۽ حرام آهي. مڪي جي مهاجرن مديني ۾ ڪو به ڪليم نه ڀريو هو. حالانڪ اتي يهودين جون ڪافي جائيدادون مسلمانن جي قبضي ۾ اچي ويون هيون. (ڪتاب اُصول شاشي.)
ٽين ڳالهه: هنن هتي اچڻ کان پوءِ جاين ۽ دڪانن لاءِ احتجاج ڪيو، نوڪرين لاءِ بک هڙتالون ڪيون، اڙدو زبان لاءِ باهه ۽ رت جي راند شروع ڪري ڏنائون، پر اسلامي حڪومت ۽ اسلامي قانون لاءِ هڪڙو ڏينهن به هڙتال يا مظاهرو ڪو نه ڪيائون. انهن سڀني ڳالهين جي موجودگيءَ ۾ آءٌ هنن کي مذهب جي حفاظت لاءِ هجرت ڪندڙ نٿو مڃان ۽ منهنجو فرض آهي ته آءٌ سنڌين جي ملڪيت هنن جي قبضي مان ڇڏائڻ لاءِ جدوجهد کي تيز تر ڪريان.

(2) هو مظلوم آهن ۽ هندن جي ظلم ۽ ستم کان تنگ اچي هجرت ڪئي اٿن.

آءٌ مڃان ٿو ته ڪن جاين تي هندوستان ۾ فساد ٿيا هئا، جن ۾ انساني جانيون به ضايع ٿيون هيون، پر اهو مسئلو حل ڪرڻ هندوستان جي حڪومت جو ڪم هو نه پاڪستان حڪومت جو، ڇو ته 1940ع واري قرارداد جنهن جي بنياد تي اسان پاڪستان ۾ شموليت تي آمادهه ٿيا هئاسون، ان ۾ مهاجرن جي آبادڪاري يا انتقال آباديءَ جو ڪو به ذڪر موجود ڪو نه هو. هندوستان جي ورهاڱي واري تجويز ۾ به اقليتن جي تحفظ جو ذڪر ضرور موجود هو، ليڪن پناهگيرن جي آبادڪاريءَ جي ڪا به شق موجود ڪانه هئي. ان ڪري پاڪستان جي حڪومت مهاجرن کي وٺڻ لاءِ قانوني ۽ سياسي طرح ڪنهن به صورت ۾ ٻڌل ڪانه هئي. هندوستان جا ڪافي علائقا اهڙا هئا جتي هندو ملسم فساد ٿيا ئي ڪو نه هئا، پوءِ اتان جي مهاجرن جي اچڻ جو ڪهڙو سبب هو؟

وڏي ڳالهه ته ورهاڱي کان پوءِ جڏهن پناهگيرن جي مسئلي سنگين صورت اختيار ڪري ورتي، ان وقت مهاتما گانڌي، حسين شهيد سهرورديءَ کي جناح صاحب وٽ موڪليو ته: ”جناب صاحب کي منهنجو پيغام پهچاءِ. انهيءَ پيغام ۾ ڄاڻايل هو ته جيڪي هندو پاڪستان مان ڀڄي آيا آهن، تن کي وٺي گانڌي پاڪستان ايندو ۽ اتان وري هندوستان مان آيل مسلمانن کي وٺي هندوستان ويندو. لياقت علي ۽ نهروءَ کي انهن ماڻهن جي حفاظت لاءِ حڪومت جي پوري مشينريءَ کي استعمال ڪرڻ جي هدايت گانڌيءَ ۽ جناح طرفان ڪئي وڃي.“
سهروردي اهو پيغام کڻي جناح وٽ آيو، جنهن گانڌيءَ جي تجويز کي ٿڏي ڇڏيو ۽ سهرورديءَ کي هندوستان وڃي گانڌيءَ کي جواب ڏيڻ کان روڪي ڇڏيائين. (ڪتاب حسن شهيد سهروردي مصنف شوزش) اهڙي تجويز ۽ اهڙي اپاءُ جي هوندي به مهاجرن جو سلسلو اڃا تائين جاري رهڻ گهٽ ۾ گهٽ ماڻهن لاءِ ناقابل برداشت آهي. وڏي ڳالهه ته، هنن مقامي رهواسين جي هر مطالبي جي مخالفت ڪرڻ پنهنجو ڌرم سمجهي ورتو آهي.
سنڌي عوام جيل ۾ وڃي، جدوجهد ڪري ته ون يونٽ ٽوڙيو ۽ وري هي بک هڙتالون ڪن ته ”''ون یونٹ کو قائم رکھو۔'' سنڌي عوام گهُر ڪري ته سنڌي زبان کي قومي ۽ سرڪاري زبان جو درجو ڏنو وڃي، ته هي حضرات رستن تي ٽائر ساڙڻ شروع ڪن ته:

''سندھی کو اگر رائج کیا گیا تو پاکستان تباھ ہو جائیگا۔''

اسان مطالبو ڪريون ته سنڌي اخبارن ۽ رسالن لاءِ ڊڪليئريشن ۽ اشتهار ڏنا وڃن، ته هي اسلام جا نام نهاد محافظ چون ته: ''اگر علاقائیت کے فتنے کو بڑھنے دیا گیا تو ملک کی وحدت پارہ پارہ ہو جائیگی۔''
انهيءَ ذهنيت جي خلاف مون واقعي لکيو آهي ۽ جيڪڏهن هنن جي روش ۾ تبديلي نه آئي ته لکندو رهندس، ڇو ته سنڌ جي تاريخ طرفان اهڙو مون تي فرض عائد ٿئي ٿو. جيڪڏهن منهنجو ذهن، قلم ۽ دماغ، سنڌ ۽ سنڌي عوام ۽ ڏتڙيل ڏوٿين جي خلاف استعمال ٿيو، ان ڏينهن آءٌ پنهنجي قلم کي هميشه هميشه لاءِ ڀڃي ڇڏيندس....!!

منهنجي قلم کي ڪوئي حاڪم ٽوڙي نٿو سگهي. صرف سنڌي عوام ئي هڪ اهڙي طاقت آهي جيڪا منهنجي هٿ مان قلم ڦري سگهي ٿي. منهنجي جيءَ جي جهوناڳڙهه ۾ هر وقت ساري سنڌ پنهنجي صدين جي سورن ۽ پورن سان موجود آهي. منهنجي دماغ جي درين کي سدائين سنڌ جي تاريخ جا ورق آيل مهمان وانگر ٻاهران کڙڪائي رهيا آهن. مون هر حالت ۾ پنهنجي ديس جي انهن ٻارڙن جي ڪپهه جهڙن ڳلڙن تان ڳوڙها اگهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي، جيڪي مانيءَ ڳڀيءَ لاءِ رات لڙيءَ تائين ماءُ جي سڪل ڪک کي چنبڙي روئندا رهندا آهن. مون پنهنجي ڌرتيءَ تي ڏهاڳڻ ڀيڻ جي مٿي تي پوتي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي قلم سج کان سهڻين انهن سنڌياڻين جي حالت زار تي مرثيا لکي پنهنجو فرض پوري ڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي آهي، جن کي گهوڙن جي پڇن سان ٻڌي گهلي بغداد جي گهٽين ۾ نيلام ڪيو ويو هو. مون دريا خان جي خون- شهادت مان ڏيئا ٻاري پنهنجي من جي مندر کي منور ڪرڻ جا جتن ڪيا آهن. آءٌ تسليم ٿو ڪريان ته مون اهو جرم ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندس.
مون تي هڪ الزام هيءُ به آهي ته مون قائداعظم باباءِ قوم تي نڪته چيني ڪئي آهي؟

آءٌ انهيءَ الزام جي جواب ۾ چوڻ چاهيان ٿو ته:

1- جيئن، جناح صاحب کي باباءِ قوم سڏيو ٿو وڃي، ته اهو آخر ڪهڙي قوم جو بابو؟ نظريه پاڪستان مطابق سڀ مسلمان هڪ قوم آهن، تنهنجي معنيٰ اها نڪتي ته جناح صاحب پوري دنيا جي مسلمانن لاءِ باباءِ قوم آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته مسلمان ملڪن جو عوام اهڙي احمقانه ڳالهه مڃڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار ڪو نه ٿيندو، پر جيڪڏهن صرف پاڪستاني قوم جو باباءِ قوم آهي ته اُن صورت ۾ مسلمان قوم وارو نظريو ڦري وطني قوم وارو روپ اختيار ٿو ڪري، ان صورت ۾ سنڌين کي به وطن جي بنياد تي هڪ قوم سڏائڻ جو حق ملڻ گهرجي، ۽ سندن باباءِ قوم الڳ هئڻ گهرجي.
2- جناح صاحب، ملڪ جي باني هئڻ سان گڏ ملڪ جو گورنر جنرل به هو. ڪنهن به ملڪ جو گورنر جنرل تنقيد ۽ نڪتچينيءَ کان مٿي ۽ پاڪ نٿو ٿي سگهي. ڇو ته ملڪ جي سربراهه جي حيثيت ۾ هو هڪ سياستدان ۽ سياسي حيثيت ۾ ڌار ڌار فيصلا ڪندڙ آهي. موجوده جمهوري دؤر ۾ برسر اقتدار شخص ۽ پارٽيءَ جي فيصلن، حڪمن، ڪمن ۽ معاملن تي تنقيد دنيا جو مڃيل اُصول آهي.
3- انهن سڀني ڳالهين کان قطع نظر جناح صاحب (Father of nation) باباءِ قوم آهي، ته ڇا باباءِ قوم تي تنقيد دنيا ۾ ڪٿي به برداشت نٿي ڪئي وڃي....!!
4- مون دنيا جي تاريخ ۾ پڙهيو آهي ته باباءِ قوم تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ۽ ان حق تي ڪو به اعتراض نٿو واريو وڃي. مثال طور، هندوستاني قوم جو بابو گانڌي آهي، ليڪن ان تي هندوستاني اخبارن ۽ ڪتابن ۾ ججهي انداز ۾ تنقيد ٿيندي رهي ٿي. آمريڪا ۾ جارج واشنگٽن ۽ ابراهيم لنڪن تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي. مصر ۾ جمال عبدالناصر تي ڇوهه ڇنڊڻ جي آزادي آهي. فرانس ۾ جديد فرانس جي مرد مهاجد ڊيگال مٿان نڪته چينيءَ تي ڪنهن به فرينچ رهواسيءَ کي ڪاوڙ ڪا نه ٿي اچي. انڊونيشيا ۾ سوئيڪارنو تي نه رڳو تنقيد ٿيندي رهي، پر کيس اقتدار تان به لاٿو ويو، انهن سڀني ڳالهين جي بنياد تي مون، جناح صاحب جي شخصيت تي تنقيد ڪئي آهي. مثال طور مون چيو آهي ته هن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڪٽي سنڌي عوام جي تاريخي ورثي کان سنڌين کي محروم ڪيو.

(الف) مون لکيو آهي ته هن ڪراچي ڌار ڪرڻ وقت ايوب کهڙي جي وزارت برطرف ڪرڻ واري قدم کڻن سان جمهوري روايات جي خلاف ورزي ڪئي آهي.
(ب) مون چيو آهي ته هن ڊاڪٽر خان صاحب جي وزارت کي ختم ڪري آمرانه ذهنيت جو ثبوت ڏنو، جڏهن ته هو پاڪستان جي وفاداريءَ جو قسم کڻي چڪو هو.
(ٻ) مون اهو به چيو آهي ته مهاجرن کي واپس وٺڻ واري گانڌيءَ جي تجويز رد ڪري هن ننڍي کنڊ جي عوام کي هميشه لاءِ مصيبتن ۾ گرفتار ٿي رهڻ تي رضامنديءَ جي اظهار کان سواءِ سنڌ ۾ مهاجرن کي طاقتور بنائي، سنڌي عوام کي آزاديءَ جي فائدن کان محروم ڪرڻ واري قدم تي مُهر هڻي صحيح ڪري ڇڏي.
(پ) مون اهو به چيو آهي ته سنڌ اسيمبليءَ جي انتقال جائداد واري بل کي هن گورنر جنرل جي حيثيت ۾ غير مؤثر بنائي سنڌي مسلمانن جي جائدادن کي ڪليمن جي صورت ۾ مهاجرن وٽ منتقل ٿيڻ لاءِ راهه هموار ڪئي.
(ڀ) مون اهو به چيو آهي ته شايد دنيا جو هي واحد سياستدان آهي جنهن جيل وڃڻ کان سواءِ ملڪ حاصل ڪري ورتو! سو به مسلمانن جي پراڻي دشمن انگريز کان....!!

ليڪن انهيءَ پوري تنقيد ۾ منهنجو لهجو، معياري، شائسته ۽ سنجيدو رهيو آهي. جيڪڏهن ڪٿي منهنجي لهجي ۾ تيزي به آئي آهي ته ان ۾ غير اختلاقي ۽ غير سياسي زبان استعمال ڪا نه ڪئي اٿم. جيتوڻيڪ جناح صاحب جي وڪالت ڪندڙ اديبن، صحافين ۽ غير سياستدانن، سنڌي مشاهيرن جي خلاف هميشه بداخلاقيءَ واري زبان استعمال ڪئي. مثال طور:
هنن لطيف رحه کي عظيم شاعر مڃڻ کان انڪار ڪيو.
هنن هوش محمد شهيد کي فرينچن جو بورچي لکيو.
هنن سنڌ جي هاڪاري حاڪم ڄام ڀنڀي کي جاهل، عياش ۽ سست لکيو.
هنن عظيم محب وطن، سنڌي رهنما حيدر بخش جتوئيءَ کي ڪچيون گاريون ڏنيون.
هنن منهنجي ديس جي قومي اڳواڻ جي. ايم. سيد کي ڪافر مُلحد، دَهريو ۽ منافق سڏيو. هنن اسان کي غدار ۽ هندن جو غلام چيو. خود جناح صاحب جي موجودگيءَ ۾ لياقت علي خان سنڌين جي شاندار سڀيتا کي گڏهن ۽ اُٺن هڪلڻ وارن ڌنارن جي واهيات ثقافت چيو.

ليڪن ان جي باوجود، جوابي طرح اسان اهڙو لهجو ۽ اهڙي زبان اختيار ڪا نه ڪئي، پر ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته هتي قانوني ڪارروائي ۽ سي. آءِ. ڊيءَ جون رپورٽون يڪ طرف ٽرئفڪ وانگر آهن. هنن جي هر بي لغامي به معاف آهي پر اسان جي معياري تنقيد به ناقابل برداشت آهي. آءٌ نٿو سمجهان ته سنڌي عوام اهڙي هلت ۽ روش هاڻي گهڻي دير تائين برداشت ڪري سگهندو.