عدالتي بيان
اُن دؤر جي عدالت اِنساني تاريخ ۾ گهڻو ڪري هميشه بادشاهن حاڪمن ۽ اميرن جي سريت ٿي رهي آهي. تاريخ جي هر دؤر ۾ عدالت سان اِنسانن جا تصور هميشه معصوميت سان ڀَرپور پئي رهيا آهن. ليڪن مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جڏهن به ڪنهن مظلوم ماڻهوءَ عدالت جي خوبصورت جسم کي هٿ لائي ڏٺو آهي ته اها معصوم ڪنيا جي بدران عوام لاءِ هڪ طوائف ثابت ٿي آهي. عدالت جي انهيءَ روپ ڏسڻ جي باوجود تاريخ جي ڊگهي سفر ۾ هر محب وطن انقلابيءَ يا مظلوم ماڻهوءَ کي ان جي ڪٽهڙي ۾ پنهنجيءَ مرضيءَ سان يا زوريءَ ملزم جي روپ ۾ بيهڻو پيو آهي. گويا، حق ۽ باطل جي تاريخي جنگ ۾، ظلم ۽ انصاف جي ڊگهي ويڙهه ۾، آزادي ۽ غلاميءَ جي آڻ کٽ ٽَڪر ۾، رجعت ۽ پسندي ۽ انقلاب جي فيصله ڪن تَصادم ۾، عدالت هڪ گذر گاهه هڪ لنگهه، هڪ لڪ ۽ هڪ گهيڙ پئي رهي آهي، جتان گذرڻ هر حق پرست لاءِ لازمي ٿيو پوي.
مون جنهن وقت، پنهنجي مظلوم عوام ۽ ڏتڙيل قوم جي حقنجي حاصلات لاءِ جدوجهد جو آغاز ڪيو، اُن وقت به منهنجي ذهن ۾، عدالتجي اِها سرگذشت، پوري تاريخي پس منَظرَ سان موجود هئي. پوءِ به هڪ ڳالهه جي تمنا منهنجي دل ۾ شدت سان موجود پئي رهي ته جنهن وقت آءٌ رينجرن ۾ جڪڙجي عدالت ۾ آندو وڃان، اُن وقت منهنجي باري ۾ فيصلو ڪرڻ وارو ڪوڌاريو هجي؛ ۽ جڏهن مان عدالت جي خوبصورت دوشيزه کي طوائف جي روپ ۾ ڏسان ته اُن جي لڄ لٽيندڙ منهنجي سادي ۽ سٻاجهي قوم جا فرد نه هجن؛ ڇو ته مون کي پنهنجي قوم جي هر فرد سان پيار آهي، هَر ماڻهوءَ لاءِ منهنجي مَنِ ۾ ماکيءَ جون لارون آهن؛ هر ڏوٿيءَ لاءِ منهنجي ڏيل جي ڏيهه ۾ چاهت جا چاڻا آهن، ۽ آءٌ انگريز شاعر شيڪسپيئر جي هن مقولي جو پيروڪار رهيو آهيان ته:
”اَي اِيگلستان! آءٌ تنهنجي غدارن سان به محبت ڪريان ٿو.“
خود سنڌي عوام جي لافاني رهبر ۽ رهنما جي پيغام ۾ به مون کي اِهو ئي پيغام مليل آهي:
”جيهاڪي تيها، مارو مون مڃيا!
ليڪن مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته منهنجي اِها خواهش ۽ تمنا به پوري نه ٿي سگهي. يعني منهنجي متعلق، منهنجي ڪاز (مقصد) جي متعلق، منهنجي نصب العين متعلق، ۽ سنڌي عوام جي تاريخي جدوجهد جي باري ۾ فتويٰ ڏيڻ، فيصلي ڪرڻ، ۽ سنڌي عوام جي خواهشن ۽ تمنائن کي صحيح يا غلط قرار ڏيڻ يا بيڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪي قابل احترام اِنسان، منهنجي سامهون آيا آهن. سي اُنهيءَ سادي سودي، اٻوجهه ۽ پنهنجي ديس ۾ ڌارئي بنايل، سنڌي قوم جا فرد آهن. ها، تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن قوم جي وجود کي ميسارڻ، مٽائڻ ۽ صفحئه هستيءَ تان نابود ڪرڻ لاءِ اُنهيءَ قوم جي فَردن کان فيصلا ڏياريا ويندا آهن.
تاريخ جي ڊگهي سفر ۾ عدالت جيڪي فيصلا ڏنا آهن، تن کي وقتي طرح ته ساراهيو ويو؛ ۽ اُنهن جي اِنصاف پسندانه معقوليت جي واکاڻ جا ڍڪ ڀريا ويا هئا. اهڙن فيصلن جي خلاف آواز بلند ڪندڙن کي توهين عدالت جا ڏوهي قرار ڏئي ماريو ويو، ۽ سزائون ڏنيون ويون. پر انساني شعور جي بالغ نظري ۽ تاريخ جي بيرحم وَهڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته اِهڙا فيصلا خود انسانيت جي توهين، ديانتداريءَ جي بي عزتي ۽ اِنصاف جي ڪومل ڳَل تي ڀرپور چماٽ مثل هئا. ۽ اهڙا فيصلا ڪندڙ جَج، مصنف، عالم ۽ پادري، اڄ ويهين صديءَ ۾ لعنت جي ڦاسيءَ تي هميشه لاءِ ٽنگيا پيا آهن، ۽ عدالت جي وجود تي ڪوڙهه جو داغ ثابت ٿي چڪا آهن.
تاريخ ۾ مون کي شهنشاهي دور جي اندر اهڙا ڪافي جج، منصف، مفتي ۽ عالم سمجهن، جن جا قلم، بادشاهن جي بي لغام خواهشن جي راهه ۾ رڪاوٽ بنجڻ بدران اُنهن جي خواهشن جو پورائو ڪندا رهيا آهن. ويندي ايتريقدر جو پاڪستان جي مشهور اولياءُ بهاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جو جانشين، تغلقن جي دور ۾ ملتان جو قاضي القضات (چيف جسٽس) هو؛ تنهن به فيروزشاهه تغلق جي خوانخوار ۽ سفاڪ حڪمرانيءَ تي جواز جي مهر هڻي ڇڏي هئي. مون وٽ هتي جيل ۾ گهربل مواد ناهي، پر اڳ جي مطالعي جي آڌار تي آءٌ چئي سگهان ٿو ته دهليءَ جي حڪمرانن هٿان سنڌ کي تباهه ڪرائڻ وقت تغلق دربار ۾ هڪ ٻيو شخص ”محمد عثمان مروندي“ به موجود هو، جنهن کي اڄ ڪلهه جي دور ۾ لعل شهباز ۽ ’سنڌ ڌڻي‘ ڪوٺيو پيو وڃي، ان مثال ڏيڻ مان، مقصد صوفياء ڪرام جي توهين ۽ سندن مرتبي کان اِنڪار ڪونهي.
اِنسانيت جي ڊگهي سفر ۾ رڳو صوفين سڳورن جو حلقو آهي، جن جي عظمت جي محرابن ۾ منهنجي پيشاني سجدا ڪرڻ لاءِ هر وقت آتي ۽ آماده رهندي آهي. وقت جي جانر ۽ خود غرض حڪمرانن جي خواهش ۽ خوشي پوري ڪرڻ لاءِ جڏهن اهڙي عظيم الشان جماعت جا فرد به تيار ٿي پون ته پوءِ ٻئي ڪنهن جي ڪهڙي مجال آهي.
برصغير جي مشهور مفڪر مولانا ابوالڪلام ’آزاد‘ لکيو آهي:
”ايشيا ۾ مذهب هميشه سياست جي اثر هيٺ رهيو آهي. ڪيترن حق پرستن جي سياسي قتل تي مذهب جي سفيد چادر وجهي اَصلي سببن کي لڪايو ويو آهي، ۽ سچائيءَ جي علمبردار اِنسانن جي قتل ۾ بادشاهه جي تلوار سان گڏ، مفتي، قاضي ۽ عالم جو قلم پوري ريت شريڪ رهيو آهي.“
مولانا جي انهيءَ راءِ تي صرف ايترو اضافو ڪندس ته مفتيءَ جو قلم نه رڳو ايشيا ۾ بادشاهه جي تلوار جي تابع رهيو آهي، پر يورپ ۾ به صداقت جي علمبردار اِنسانن جي رت ۾ ٻڏل رهيو آهي.
جج جي قلم جي ڪارستاني کان نه پيغمبر بچيا آهن ۽ نه وري سياستدان ۽ سائنسدان. جج جي قلم ئي مسيح، کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو. يوسف کي يارهن سال جيل جي حوالي ڪرايو سقراط، کي زهر جو پيالو پياريو، ۽ ابراهيم کي آڙاهه ۾ اُڇلايو.
اَڄ مسيح جي صليب، يوسف، جو قيد خانو، ابراهيم جو آڙاهه، ۽ سقراط جو پيالو، انساني جدوجهد جون علامتون بنجي، عالمي اَدب ۾ بنيادي جاءِ والاري چڪا آهن.
حڪمران ٽولن، جڏهن به دليل جي ميدان ۾ شڪست کاڌي آهي، تڏهن جلادِ جي تلوار ۽ جج جي قلم کي ميدان ۾ آندو اٿن. اِهي هٿيار اُن وقت به استعمال ٿيندا رهيا ٿي، جڏهن انساني شعور ٻارڙن وانگر بانبڙاٽيون پائي رهيو هو؛ ۽ اَڄ به استعمال ٿيندا رهن ٿا، جڏهن ته اِنساني عقل ۽ شعور، مريخ ديوتا کي فتح ڪري ورتو آهي.
سن 276ع ۾ ايران جي بدترين ظالمانه ۽ غاصبانه شهنشاهي نظام مان غريب عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هڪ عظيم الشان مفڪر عوام دوست تحريڪ جي شروعات ڪئي هئي؛ ۽ هڪ اهڙو فڪر ۽ فلسفو دنيا جي اڳيان رکيو هئائين، جنهن مان نوي سيڪڙو عوام خوشحاليءَ سان همڪار ٿي سگهيو ٿي. وقت جي حاڪم ٽولي، مذهبي مهندارن کان فتويٰ وٺي، اُن اِنسان جي جيئري کل لهرائي ڇڏي. اِهو انسان تاريخ ۾ حڪيم مانيءَ جي نالي سان مشهور آهي، ۽ اُن جي فلاسافيءَ تي باقاعدي تحقيقاتي اِدارا ڪم ڪري رهيا آهن. ”ماني،“ اڄ علم ۽ فڪر جي دنيا ۾ پنهنجي حياتيءَ کان وڌيڪ زنده آهي، ۽ اِنساني قافلي لاءِ روشنيءَ جو مينار بنجي ويو. ۽ اُن جي خلاف فتويٰ ڏيندڙ فتويٰ نويسيءَ سميت تاريخ جي اِهڙي اُونداهي غار ۾ گم ٿي چڪا آهن، جتي جي خبر ڪنهن کي به ڪانهي.
سن 41ع ۾ اسپين جي اَديب سينيڪا لکيو:
”پيدائشي ذريعن جي حاڪمن جي هٿ ۾ منتقلي ڪائنات جي فطري حسن کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي.“
پيداواري ذريعن جي نجي هٿن ۾ مُنتقلي ڌار ڳالهه آهي، حاڪمن جي هٿ ۾ هجڻ نرالي ڳالهه آهي، رياستي ۾ قبضي هجڻ جدا ڳالهه، ۽ قومي ملڪيت ۾ وٺي باقاعدي رٿابندي ذريعي عوام جي مفاد وٺان استعمال بنهه نرلاي ڳالهه آهي. پوئين ڳالهه هن دور جي سخت ضرورت آهي. بادشاهيءَ ۽ جاگيرداري دؤر ۾ پيداوار جو هر ذريعو حڪومت وقت جي ملڪيت هوندو هو. سينيڪا انهيءَ متعلق لکيو آهي:
”ماڻهن پنهنجي بچاءَ لاءِ حاڪم پيدا ڪيا، ليڪن حاڪمن اِنسانن کي زندگيءَ جي ذريعن کان محروم ڪرڻ شروع ڪري، بيشمار براين، بدڪردارين، ننڍ وڏاين ۽ ظلمن جي زنجير ۾ اِنسانذات کي جڪڙي ڇڏيو آهي.“
اِيتري لکڻ جي جرم ۾ وقت جي پادرين، رومي شهنشاهه نيروءَ جي حڪم تي سينيڪا، لاءِ آپگهات جي سزا تجويز ڪئي. جنهن سزا کي هن باضمير اِنسان خوشيءَ سان قبولي، آپگهات ڪري، پنهنجي ضمير ۽ فڪر کي موت کان بچائي ورتو. جيڪڏهن هو بادشاهه جي آڻ مڃي ها ته پڪ سان سندس جسم ته بچي پوي ها پر سينيڪا جي بوتي ۾ اِبن الوقت پادري هجي ها ۽ تاريخ جو مست هاٿي کيس بيابان ۾ چيڀاٽي اُڇلائي ڇڏي ها؛ ۽ اَڄ دنيا جون لائبريريون، سينيڪا جي ڪتابن کان خالي هجن ها!
چوڏهين صديءَ عيسويءَ ۾ يورپ اندر هڪ شخص، ”جان پال“ ڏتڙيل، لاچار، بيوس ۽ مظلوم عوام جي عزت خوشحالي ۽ زندگيءَ جي مسرتن مان لطف آندوز ٿيڻ جو پروگرام کڻي ميدان ڪارزار ۾ نڪتو. هن جي هر گفتي، هر جملي ۽ هرسٽ، غاصب، ڦورو ۽ پرمار حاڪمن ۽ اُنهن جي چمچن جي عشرت ڪدن ۾ باهه لڳائي ڇڏي. هن جي پروگرام ۾ غريب ماڻهن، پنهنجي قسمت بيدار ٿيندي ڏٺي. نتيجي طور حاڪمن، وقت جي عدالت کان هن جي جيئري جلائڻ جي سزا منظور ڪرائي، کيس جيئرو جلايو ويو.
موجوده جيڪو سلوا ڪيا جنهن تي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سرخ ڦريرو ڦڙڪي رهيو آهي؛ جنهن جيڪو سلوا ڪيا، جي هر گهر ۽ گهٽيءَ کي نازي، درندن ساڙي ناس ڪري ڇڏيو هو؛ ۽ جنهن چيڪو سلوا ڪيا. 20 صديءَ ۾ جيولس فيوچڪ، کي جنم ڏنو، جيڪو نازين جي ڦاسيءَ جي تختي تي به ”مادر وطن زندهه باد“ جا نعرا هڻي پنهنجي سرزمين جي آزاديءَ لاءِ قربان ٿي ويو. اُنهيءَ چيڪو سلوا ڪيا، ۾ حاڪمن، شهزادن، جاگيردارن، سردارن ۽ مفت خورن جي ظلم ۽ جبر جي خلاف احتجاج، للڪار ۽ نفرت جو طوفان بنجي هڪ شخص ”جان همس“ نروار ٿيو هو، جنهن کي رومي عيسائين جيئرو ساڙائي ڇڏيو. اِهو واقعو سن 1415ع ۾ ٿيو هو ۽ اَڄ ڇهن صدين گذرڻ کان پوءِ چيڪ عوام، اُن رهنما کي ”غريبن جي محبت جو شهيد“ قرار ڏنو آهي.
جرمني، جنهن کي آڄ جو ٻار ٻار، هٽلر جي ڪري ڄاڻي سڃاڻي ٿو. ها اِنهي ساڳي ”نٽشي ۽ هيگال“ جي جرمني، ”فيڊرڪ“ ۽ ”سمارڪ“ جي جرمني، ”ڪارل مارڪس“ ۽ ”اِينگلز“ جي جرمنيءَ ۾ به عدالت جي ڪارستانين جا بيشمار داستان موجود آهن. اِتي هڪ پادريءَ موئنزر، نوابن، نوابزدان رئيسن ۽ سَرن جي خلاف هارين جي مسلح بغاوت جي اڳواڻي ڪئي. هارين جي شڪست کان پوءِ موئنزر کي گرفتار ڪري عدالت ۾ آندو ويو. عدالت سڳوريءَ سندس عضوا وڍڻ کان پوءِ پينهين سرمون بنائڻ جي فتويٰ ڏني. اهڙي طريقي سان پنهنجي وقت جي هن لافاني انِسان جا عضوا وڍيا ويا، ۽ پوءِ کيس سرمون بنايو ويو.
فرانسيسي، ڪليسا ”جوان آف آرڪ“ کي جيئري ساڙائي ڇڏي ٿي، ليڪن اڳتي هلي، ڪليسا کي ”جوان آف آرڪ“ جي عظمت جي اڳيان جهڪڻو پيو.
اهو سمورو داستان مون قديم ۽ دقيانوسي مغرب جي باري ۾ بيان ڪيو آهي. ليڪن جديد مغرب جنهن کي علم، تهذيب، فن ۽ روشنيءَ جو مينار ڪوٺيو ٿو وڃي، ۽ اسان جو پورو عدالتي نظام اُتان جو ئي نقل آهي، اُتي به غريب لاءِ انصاف ايترو ئي مهانگو آهي، جيترو اَڇوت لاءِ برهمڻ جي ڇوڪريءَ سان شادي-!
آمريڪا، ۾ شيدين جي رهنما مارٽن لوٿر جونيئر کي پورو هڪ سال بس ۾ ڪارن لاءِ ويهڻ جي جاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ هڙتال ڪرڻي پئي. آمريڪي حاڪمن ويٽنام ۾ چاليهه لک اِنسان قتل ڪرايا، ليڪن آمريڪي جج خاموش رهيا. فرانس الجزائر ۾ پندرهن لک اِنسان مارايا، پر فرانسيسي عدالتون ۽ جج ڏسندا رهيا. انگريزن، ڪينيا ۾ هزارين ماڻهو مؤت جي واديءَ ۾ هميشه هميشه لاءِ سمهاري ڇڏيا، پر برطانوي ججن جي ڪنن ۾ ڪپهه رهي. ها، انهيءَ برطانيه ۾ جليا نوالا باغ، جي اندر سوين اِنسان قتل ڪندڙ ”جنرل ڊائر“ کي وڏيءَ پارٽيءَ ۾ سوني تلوار جو اعزاز ڏنو ويو، ۽ اُتي جا جج پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿي، سندن سرزمين جي بگهڙ صفت خوني درندي جي عزت افزائيءَ تي تاڙيون وڄائيندا رهيا.
دنيا جا اُهي ملڪ جتي سون ورنيءَ ڌرتيءَ تي يورپي ملڪن جي فاتحن، سپاهين ۽ فوجين، فرزندانِ زمين کي ڪٺو، ڪيترن نوورنين کي رنڙ بنايو، ڪيترن آبهم ٻارڙن جي مٿي تان پيءَ جي ڇانوَ ڦري ورتي، ڪيترن پيئن کان سندن ڳڀرو، پٽ جدا ڪيا ۽ ڪيترن مائرن کان سندن اکين جي روشني ڦري ورتي؛ ماڻهن جي جسمن تان ڪپڙا، وات مان مانيءَ جو گرهه ۽ زمين مان پيدا ٿيندڙ اَناج لٽيو ويو ۽ زمين جي اِنچ اِنچ کي بارود جي دونهن سان بدبودار بنايو ويو، اِتي جي هر انڌيءَ ماءُ، هر بيحال بيوهه، هر جهور پوڙهي پيءُ، ۽ هر يتيم ٻار جي آهن ۽ دانهن جي ڪنهن دادرسي ڪئي؟ ڪنهن اُنهن جا ڳوڙها اُگهيا ۽ ڪنهن انهن کي آٿت ڏنو؟ فضائن ۾ ڀٽڪندڙ اُهي آهون ۽ دانهون، ڇا انهن ججن کي معاف ڪري ڇڏينديون يا پنهنجي آتشين گهيري ۾ نه وٺنديون، جيڪي انصاف جي مقدس مسند تي ويهي فرزندان زمين کي سزائون ڏيندا رهيا آهن ۽ جن جي فيصلن اِنساني اُمنگن جي ڦلواريءَ تي بلڊوزر گهمايا آهن؟ يورپ ۽ آمريڪا جا جج ڪنن مغربي عورت کي مڙس کان جدائيءَ جو سرٽيفڪيٽ اِنهيءَ بنياد تي ڏيئي، دنيا ۾ پنهنجيءَ اِنصاف پسندي جي ڌاڪ ٿا ڄمائين ته: ”ان عورت کي سندس مڙس بنا اجازت چمي ڏني هئي.“ ليڪن جنرل ميڪارٿر لاءِ ڪا به سزا تجويز نه ٿا ڪن، جنهن جي زير، ڪمان آمريڪي فوجي زناباالجبر جي ذريعي پنجاهه، هزار جپاني ڪنوارين کي پيٽ سان ٿا بنائين! مغرب جا جج ڪنهن ماڻهوءَ کي جس بيحا، ۾ رکندڙ پوليس آفيسر کي فوري طور ڊسمس ڪرڻ، پنهنجي روايتي انصاف پسنديءَ جو مظاهرو سمجهن ٿا، ليڪن اُنهن ملڪن جي فاتحن، سؤ سالن تائين برصغير جي عوام کي، پنج سؤ سال آفريڪا جي عوام کي ۽ ڏيڍ سؤ سال هند چينيءَ جي قومن کي جس بيجا ۾ رکيو اُنهن حاڪمن جي ڪردار جي باري ۾ جج صاحبن جي وات ۾ مڱ پئجي ويا هئا، جيڪي اڃا تائين نه نڪتا آهن، اِنصاف ۽ عدل جي باري ۾ مغرب جي عدالت جو تاريخي جائزو پيش ڪرڻ کان پوءِ هاڻي آءٌ مشرق جي عدالت جي باري ۾ ڪجهه گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو.
* مشرق، جنهن کي پيغمبرن جو گهوارو چئي سگهجي ٿو. مشرق، سورج ديوتا جي سرزمين؛ مشرق، تهذيب ۽ تمدن اَمن ۽ انسانيت، گيت ۽ سنگيت، فن ۽ فلسفي جي سر زمين رهي آهي؛ جتي آدم کان وٺي حضرت محمد صلعم تائين پيغمبرن، ۽ ڪرشن کان وٺي مهاوير (جين) تائين رشين جي ذريعي عدل ۽ انصاف، سچ ۽ سونهن جي تبليغ ٿيندي رهي آهي. دنيا جي اهڙي خطي ۾ به عدالتون، عام طرح ٽن مذهبن جي قانون ۽ روايت جي ماتحت رهيون آهن. اسلام، هندو ڌرم ۽ ٻڌرم.
هندو ڌرم جي عدالتن جو پورو نظام ۽ سرشتو ويدن ۽ منو شاستر جي تعليم جي ڪري پنڊتن ۽ مذهبي پورهيتن جي هٿ ۾ هوندو هو. جن ۾ صرف اُتم جاتي جي فردن جي عزت ۽ مرتبي جي حفاظت ڪئي ويندي هئي. ننڍي جاتي ۽ نيچ طبقي جي انسان جي نه عزت هئي، نه حفاظت. ڪِريل طبقن جي انسانن جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ خاطر جنهن به انسان جدوجهد ۽ جاکوڙ جي شروعات ڪئي ٿي ته اُن کي ٽهڪندڙ تيل جي ڪڙاهين ۾ وجهي ساڙيو ويندو هو. راجا کي خدا جو اوتار سمجهي، سندس ذات کي هر نقطه چينيءَ کان مٿانهون، مقدس ۽ پوتر سمجهيو ويندو هو. هندو ڌرم جي پنڊتن، برهمڻن ۽ پروهتن جي انهيءَ غلط، رياڪاريءَ سان ڀرپور ۽ انسانيت جي توهين تي مبني روش جي ردعمل ۾ ٻُڌ ڌرم، جو آغاز ٿيو. ان ڌرم جا جاتين ۽ فرقن جي اونچ نيچ جي خلافرٻارن، مؤثر تعليم هئي. مهاتما ٻڌ، خود هڪ شهزادو هو، جنهن بادشاهن جي درٻارن، حرمسرائن ۽ ديوان خانن جي اندر جنم وٺندڙ هزارها الف ليليٰ داستانن جو ويجهڙائيءَ سان مطالعو ڪيو هو. هن راڻين جي اَبروءَ جي اشاري سان ٻانهين ۽ غلامن جا سر قلم ٿيندي ڏٺا هئا. هن پنهنجي پتاجيءَ جي فوجن ۽ سپاهين جي يلغارن سان اِنساني زندگيءَ جو خاتمو، کيتن جي ويراني، ڳوٺن جي تباهي ۽ شهرن جي اُجڙجڻ جو معائنو ڪيو هو. شهنشاهه جي حڪم تي ڪهڙيءَ ريت جو تشين جون پوٿيون، پنڊتن جا شاستر، وزيرن جون تدبيرون ۽ درٻارين جي دانائي گڏ ٿي، ڪنهن ملڪ، صوبي، شهر ۽ رياست جي تباهيءَ لاءِ جواز جي سند ثابت ڪنديون هيون، سا ڳالهه به نوجوان شهزادي جي اکين اڳيان روز مرهه پنهنجي پوري فريب ڪاريءَ سان گذرندي رهندي هئي.
مهاتما ٻڌ کي عام طرح تارڪ دنيا ۽ سياسي سڏيو ويو آهي. جنهن جي فڪر، فلسفي ۽ نظريي ۾ دنيا، دولت، گهر ٻار، شادي ۽ شاهيءَ جو ڪو به تصور ڪو نه آهي. اِنهي ڪري دنيا وارن هن کي هڪ منفي پروگرام رکندڙ لاتعلق صوفي پئي سمجهيو آهي. هن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ٻڌ جي فلسفي ۾ دنياداري ۽ حڪومت جو تصور اَنوکي نوعيت جو آهي، جيڪو وقت جي هالو چالو رسمن ۽ رواجن جي بنهه ئي اُبتڙ آهي ۽ مهاتما ٻڌ، جي پوري عظمت اِنهي نرالائپ ۾ ئي پوشيده آهي.
سندس هڪ پوئلڳ مهاراجا اشوڪ پوري برصغير تي اڌ صدي حڪومت ڪئي. پر انهيءَ اڌ صديءَ ۾ هن جنگ صرف هڪ وڙهي جنهن کان پوءِ جنگ کان توبهه ڪري ڇڏيائين.
هن دانا ۽ راز ۽ حڪيم انسان سمجهي ورتو هو ته ڪائنات ۾ بگاڙ، ڇو آهي؟ دنيا جو حسن دونهاٽيل ڇو آهي؟ اِنساني زندگي ڏکن جي چِکيا ڇو آهي؟ ماڻهوءَ جو من مونجهاري جي آڳ ۾ ڇو جلندو رهي ٿو؟ اِنسان جي چهري تان اِطمينان ۽ مسرت جون ريکائون ڇو ماتهي صدائون بنجي ويون آهن؟ هن ڄاتو ٿي ته انهيءَ پوري درد جي ڪٿا جو واحد ۽ اَڪيلو سبب، مايا جو موهه ۽ زندگيءَ جون بي لغام خواهشون آهن، جن کي ذاتي ملڪيت جي حصول جو شوق ئي وڌائيندو آيو آهي. اِنهيءَ شوق ملڪيت جي تحفظ لاءِ پٽيلن، مُکين، اربابن رئيسن، راجائن، پرڌان منترين ۽ سيناپتن کي جنم ڏيئي، اِنسان کي کيترين، ويشن ۽ شودرن ۾ تقسيم ڪري، پنڊتن، پروهتن ٻانڀڻن، ٻاون ۽ برهمڻن جي بالادستيءَ ۽ تقدس جي ظالمانه نظام جي هڪ مضبوط زنجير سان اِنساني معاشري جي جسم کي سوگهو ڪري ڇڏيو آهي.
هن انهيءَ پوري سرشتي ۽ سسٽم کي ڊاهڻ لاءِ ’تياڳ‘ وارو اصول پيش ڪيو. مسيح جي پيدائش کان اڍائي سؤ سال اڳ جي هندوستاني سماج لاءِ اِنساني مساوات تي مبني اِهو نظريو ترقي پسندانه هو، جنهن، وقت جي حاڪمن ۽ مذهبي مهندارن جي رنڌڻي ۾ رولو وجهي ڇڏيو، ۽ هنن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن ٻڌازم هتي زور ورتو ته غريبن، مسڪينن ۽ ڏتڙيل اِنسانن جي رت سان تعمير ٿيل قصر شاهي زمين بوس ٿي ويندا، ۽ مذهبي مهندارن جي هڪ هٽيءَ جو ڪوٽ جُهرڻ ۽ ڀُرڻ لڳندو. تن ٻڌازم جي سلي کي وڌي وڻ ٿيڻ کان اڳي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجون سموريون قوتون ۽ طاقتون اِستعمال ڪيون. اُنهن قوتن ۽ طاقتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻوڌين، مهاتما ٻڌ جي اُصولن کان روگرداني ڪندي، حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون ۽ ڪاوشون تيز ڪري ڇڏيون. نتيجي ۾ هڪ ٻوڌي شهنشاهه اَشوڪُ، پوري برصغير جو حڪمران بنجي ويو. اُنهيءَ ٻوڌي حڪمران جو دؤر رعيت لاءِ هندوستان جي اُتهاس ۾ سونهري دؤر ڪري ليکيو وڃي ٿو. اُن کان پوءِ سنڌ ۾ ٻوڌين جي حڪومت قائم ٿي، جنهن جي آخري حاڪم راءِ سهاسيءَ جي موت تي برهمڻ گهراڻي جي پهرئين حڪمران، چچ جي ڏينهن ۾ برهمڻن، ٻوڌين جو خاتمو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. برصغير مان جيئن ئي ٻوڌي حڪمران ختم ٿيا، تيئن ئي پنڊتن جي فتويٰ بازين ۽ فيصلن جي بنياد تي حاڪم ڌرين، ٻُوڌين جو قتلام شروع ڪري ڏنو. نتيجي ۾ ٻوڌي ڀڪشو، ڀڄي وڃي ڀر وارن ملڪن ۾ لِڪا. هيءَ حيرت انگيز ڳالهه آهي ته جنهن ملڪ ۾ ٻُڌ پنهنجي پيغام جي شروعات ڪئي، اُن ۾ اڄ ٻوڌي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس وڃي بچيا آهن. اُن جو واحد سبب هندو ڌرم جي پڊتن ۽ برهمڻن جي تنگ نظري ۽ انصاف ڪشي ئي آهي. اِهو سڀ ڪم هنن عدل، انصاف، قانون ۽ اِيشور جي مرضيءَ جي نالي ۾ ڪيو، هندوستاني تاريخ ۾ ٻڌ ازم جي قانون جي نالي ۾ مذهبي اڳواڻن هٿان تباهي شرمناڪ حادثو آهي.
ٻوڌين جي آخري رياست تبت سن 1951ع ۾ چيني ڪميونزم جي ديو جو گرهه بنجي ويئي. اهڙيءَ ريت پوري فلسفي ۽ فڪر کي پنڊتن جي حڪم سان راجائن ۽ راڻن ختم ڪرڻ جون شرمناڪ ڪوششون ڪيون. ليڪن ٻڌ، اڄ انساني تاريخ جو لازوال هيرو آهي. هن جي منهن تي اها ئي سدا حيات طيانيت آهي. هن جي آتما، اڄ به هر انسانيت دوست انسان جي دل ۾ گردش ڪري ٿي. هو اڄ به امن ۽ انسانيت جي حلقن ۾ پنهنجو بسيرو ڪريو ويٺو آهي، ۽ اُن جا مخالف، دشمن ۽ ويري وقت جي چکيا تي چڙهي هميشه لاءِ وقت جي ويرانن ۾ جل ڦوٽي وانگر گم ٿي ويا آهن.
هندو ڌرم جي پنڊتن جا فيصلا، انساني، عقل جي جسم تي ڪوڙهه جي داغ وانگر هوندا هئا. هنن جي فتويٰ موجب مور مارڻ ته گناهه هو، ليڪن خوبصورت دشيزائن کي ڪاليءَ جي چرنن ۾ ڪُهي اُنهن جي رت کي ڪالي ديويءَ جي بت تي ڇڻڪارن، برڪت ۽ ثواب جو ڪم هو. ڳئونءَ جي ڇيڻي جي عبادت ڪرائيندا هئا، ليڪن هڪ اِنسان جي ڪنن ۾ ان ڪري شيهو ڀرائي ڇڏيندا هئا، جو اُن بدبخت انسان، ويدَ جو ڪو اشلوڪ ٻُڌي ورتو هو....!
ڪجهه سال اڳ هندوستاني صوبي اُتر پرديش جي اسيمبليءَ ۾ اُنهن پنڊتن جي فيصلن ۽ فلسفي تي مبني ڪتاب ’رامائڻ‘ جا پنا ڦاڙي پيرن هيٺان لتاڙيا ويا ته اُهي هن صديءَ ۾ انسانيت لاءِ شرم ناڪ آهن. جنهن ڪتاب کي اڄ جو هندوستاني سياستدان پنهنجي ملڪ ۾ تهذيب لاءِ شرمناڪ سمجهي ٿو، اُن ڪتاب جا خالق ڪنهن وقت هن ديش جا بااثر منصف هئا، ۽ انهن جي فيصلي کان انڪار ڪندڙ يا انهن جي فيصلن تي ٽوڪبازي ڪندڙ کي توهين عدالت جو مرتڪب قرار ڏيئي، هاٿيءَ جي پيرن هيٺان اُڇلائي چچريو ويندو هو.
اسلام، انساني آزاديءَ ۽ مساوات جو اُهو آفاقي نغمو هو، جيڪو انقلابِ فرانس کان سوين سال اڳ بحرِ احمر جي ڪناري تي هڪ ويران سر زمين جي پهاڙ جي غار ۾ تخليق ٿيو- ۽ ان جي مڌر ڌُن مختصر عرصي ۾ صحراءِ عرب کان ديوار چين تائين ڪائنات جي دل ۾ سحر انگيز ارتعاش پيدا ڪري ڇڏيو ۽ جنهن جي پيغمبر صلعم اعلان ڪيو ته:
”اسلام جي عدالت ۾ جيڪڏهن فاطمه بنت محمد به مجرم بنجي آئي ته ان جو هٿ وڍيو ويندو.“ ۽ جنهن نظام جي هڪ بي ريا محافظ، انصاف جي تقاضا کي مدنظر رکي، پنهنجي نوجوان پُٽ کي دُرا هڻائي مارائي ڇڏيو هو. انهيءَ نظام جي پيروڪارن جڏهن قبائلي سادي زندگيءَ مان نڪري جاگيرداري دُور ۾ قدم رکيو، تڏهن اسلام جو عدالتي نظام به پوريءَ ريت حاڪمن ۽ خليفن جي کيسي جي گهڙي ۽ هٿ جي ڇڙي بنجي ويو- ۽ مفتيءَ جو قلم، بادشاهه، خليفي ۽ امير المؤمنين جي اشاري تي ائين هلڻ لڳو، جيئن ملڪه زبيدهه جي تاڙيءَ جي آواز تي کدڙا غلام ڊوڙڻ لڳندا هئا.
اسلامي عدالتي نظام ۾ شخصي ۽ شاهي مداخلت جو سڀ کان پهريون نشان ۽ شڪار آلِ رسول ٿيو. يزيد جي ڊڪٽيٽرشپ، معاشري ۾ براين ۽ بدڪردارين جو ڄار پکيڙي، اخلاقيءَ بي راهه روي ۽ افراتفري پيدا ڪري ڇڏي هئي، ۽ مسلمان معاشري کي ”رومن امپائر“ جي نقش قدم تي هلائڻ جي رٿابنديءَ ۾ مصروف ٿي ويو. اهڙي جبر ۽ جفا جي سيلاب کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ امام حسين، حق ۽ صداقت جو آواز بلند ڪيو. حسين جي ذاتي ۽ نسبي عظمت ايتري ته بلنديءَ تي پهتل هئي، جو يزيد لاءِ سنئون سڌو حُسين تي قدم کڻڻ مسئلو بنجي ويو. ان ڪري، هن اسلامي عدالتن جي ججن ڏانهن رجوع ڪيو. وقت جي حاڪم جي اشاري جي دير هئي. مفتين جي قلمن جو گهوڙو ڊوڙڻ لڳو، هڪ ٻن نه پر پورن ستر قاضين فتويٰ ڏني ته ”حسين، کي قتل ڪرڻ نه صرف جائز آهي، پر ثواب جو ڪم آهي!“ انهن عالمن هڪ حديث به ٺاهي ورتي، جنهن جا لفظ اوهان جي ڄاڻ لاءِ آءٌ نقل ڪري رهيو آهيان.
اِذَ ابويعَ لِخليفُتنُ فاقُلُوا آخر هُماه
(”يعني جنهن وقت خلافت جا ٻه دعويدار پيدا ٿي پون، ته پوءِ ان کي قتل ڪريو، جنهن دير سان دعويٰ ڪئي هجي.“)
عالمن جي انهيءَ فتويٰ جي بنياد تي حسين عليه السلام سان جيڪو ڪجهه وهيو واپريو، سو انساني تاريخ جو انتهائي دکدائڪ واقعو آهي- ۽ اڄ ڏينهن تائين انسانيت ان جي ماتم کان فارغ نه ٿي آهي. حسين، جي قتل ڪرڻ لاءِ فتويٰ ڏيندڙ قاضي سڳورا پاڻ کي ايتريقدر متقي ۽ پرهيزگار سمجهندا هئا، اهو هنن هڪ دفعي امام ابو حنيفه کان پڇيو ته ”بي گناهه ماڪوڙيءَ کي مارڻ ڪيڏو گناهه آهي؟“ امام ابو حنيفه جواب ڏنو ته: ”توهان جي بيشرميءَ ۽ ديده دليريءَ تي مون کي شرم ٿو اچي. اوهان جنهن وقت حسينءَ کي قتل ڪرايو، ان وقت اوهان کي ڪو به گناهه جو احساس ڪو نه ٿيو، ۽ اڄ هڪ ماڪوڙيءَ مارڻ جي گناهه جو بار اوهان کي پريشان ڪري رهيو آهي...!“
اسلام جي قانون ۾ زنا جي سزا ڪنواري لاءِ هڪ سو دُرا ۽ پرڻيل لاءِ سنگساري آهي. اِهو اسلام جو هڪ ناقابل تبديل قانون آهي، جنهن کي قرآن ۾ وضاحت ۽ صراحت سان بيان ڪيو ويو آهي. ان قانون جي هوندي، حسين جي شهادت کان ڪجهه عرصو پوءِ مديني جي باغين کي سزا ڏيڻ لاءِ يزيد جون شامي فوجون مديني شريف ۾ داخل ٿيون. تن بي انداز، خونريزي ۽ ڦُرلٽ کان سواءِ فوجي درندن هَوس کان مغلوب ٿي پيغمبر اسلام جي آخري آرامگاهه واري شهر ۾ وحشين وانگر زنا ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ هزار عورتون زنا باالجبر (ريپ) سان حامله بنجي ويون. اُن واقعي تي واحد اسلامي حڪومت جا قاضي ۽ مفتي نه صرف خاموش رهيا، پر انهن مان ڪيترا انهيءَ عيش عام ۾ شامل رهيا آهن. اُهو واقعو سڀني اسلامي تاريخن ۾ موجود آهي، ڪنهن خاص ڪتاب جي حوالي ڏيڻ جي ضرورت نٿو سمجهان.
بني اُميه جي ئي دؤر ۾ هڪ جليل القدر اصحابيءَ رسول عبدالله بن زبير، مشهور ظالم ۽ سفاڪ گورنر حجاج بن يوسف جي ظلمن کان تنگ ٿي ڪعبة الله ۾ پناهه ورتي. ڪعبي لاءِ قرآن ۾ چيل آهي ته
”مَنُ دَخَلـﮧ ڪَانَ آمِناًه،“
يعني:
”جيڪو ڪعبت الله ۾ داخل ٿيو پوءِ اهو ڪيڏو ئي مجرم ڇو نه هجي تنهن کي امن ڏيو!“
اسلامي حڪومت جي ججن فتويٰ ڏني ته: ”وقت جي حاڪم کي ملڪي سياست ۽ تدبير عمليءَ ماتحت هر قدم کڻڻ جي اجازت مليل آهي.“ نتيجي طور حجاج، ڪعبت الله تي منجنيقن سان گولاباري ڪرائي، جنهن ۾ ڪعبت الله جي هڪ ديوار ڪري پيئي. عبدالله بن زبير، کي قتل ڪري، ٽي ڏينهن پورا سندس لاش کي چؤواٽي تي لٽڪايو ويو. ۽ اُهي ساڳيون ئي منحنيقون اڳتي هلي، ديول بندر جي مندرن کي ڊاهڻ ۾ ڪتب آنديون ويون.
هڪ ظالم ۽ خود غرض حڪمران کي پنهنجي حڪومت ۽ اقتدار جي سلسلي ۾ نه ڪعبي جي پرواهه هوندي آهي. ۽ نه وري مندر جي. بلڪل اهڙي اهڙي ريت پيسي ۽ عهدي جي غلام منصف، جج، قاضي، مفتي ۽ پنڊت لاءِ ڏوهي ۽ بي ڏوهي ڪابه حيثيت نه ٿا رکون. هن وٽ حاڪم جي رضا لاءِ قاتل کي باعزت بري ڪرڻ ۽ اِهنسا جي پرستار کي موت جي سزا ڏيڻ پنهنجي دانشمندي جو معراج آهي. اِهو ساڳيو حال حجاج جي وقت جي مڙني قانوندانن جو هو. انساني، اخلاقي ۽ اسلامي نقطئه نظر موجب قتل جو مستحق حجاج بن يوسف هو، نه عبدالله بن زبير....!
حجاج، هڪ لک اٺاويهه هزار انسان پنهنجي هٿ سان قتل ڪرايا هئا. تنهن ڪري قُصاص ۾ هڪ لک اٺاويهه هزار ڀيرا کيس ڦاسي ڏيڻ کپندي هئي، ليڪن ”قانون هميشه حاڪم جي هٿ جو رانديڪو هوندو آهي، جيڪو کيس ڪو به نقصان نٿو پهچائي سگهي.“
قانون جي انهيءَ ڪردار تي هڪ گمنام مفڪر چيو آهي:
”قانون ڪوريئڙي جو ڄار آهي. جنهن ۾ مڇر ڦاسي پوي ٿو. ليڪن ڍڳو اُن کي ٽوڙي هليو وڃي ٿو. يعني، قانون ڪمزور جي بيوسيءَ تي ئي حرڪت ۾ اچي سگهي ٿو!“
هڪ ٻئي دانشور جو چوڻ آهي ته:
”قلم بادشاهه جي هٿ ۾ موت جو مرثيو، جج جي هٿ ۾ مظلوم جي مٿي لاءِ پٿر جو گولو ۽ شاعر جي هٿ ۾ زندگيءَ جو گيت هوندو آهي.“
قانون (مظلوم جي مٿي لاءِ پٿر جو گولو) جيڪو ابتدائي دؤر کان وٺي اڄ تائين انساني ميڄالن سان ليٿڙجي پنهنجي صورت ئي بدلائي چڪو آهي. اسلامي قانون موجب ٻن سڳين ڀينرن سان هڪ ئي وقت نه نڪاح جائز آهي ۽ نه وري فڪ (FUCK) جيڪڏهن ڪو حيوان صفت انسان اهڙي فعل جو ارتڪاب ڪري ٿو ته اهو زاني آهي. ۽ سندس سزا سنگساري آهي، ليڪن بني اُميه، جي دؤر ۾ جڏهن اروڙ جي ڪَپَ تي شام ويلي ٻرندڙ ڏيئا، آخري ڀڙڪو کائي وسامي ويا.
عربي گهوڙن سرزمين سنڌ جي سيني کي هَلر وانگر ڳاهي وڃي ملتان وٽ دنگ ڪيو ۽ سنڌوءَ جي سرسبز ڪنارن تي انساني خون سهاڳڻ جي سينڌ ۾ پيل سينڌور وانگر جرڪي رهيو هو. اُن وقت سنڌ جي حاڪم جون، ٻه راجڪماريون، چؤکنڀو ٻڌجي عرب حڪمران ”وليد بن عبدالملڪ“ جي دربار ۾ پيش ڪيون وڃن ٿيون. رسين کلڻ سان راجڪماريون اُٿي ويٺيون ته ڄڻ وِڄ وراڪو ڏنو. وليد، تاب نه سهي ٻنهي کي پنهنجي حَرم ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته ٿَڪ لاهڻ کان پوءِ هڪڙيءَ کي اڄ رات ۽ ٻيءَ کي سُڀان رات استعمال ڪندس....! پوري درٻار مان ڪنهن قاضي، مفتي، عالم ۽ قانون ساز وليد جي انهيءَ فيصلي جي مخالفت ڪا نه ڪئي. ڇو ته مخالفت واريءَ صورت ۾ وليد جي تلوار جو کيس کاڄ بنجڻو پوي ها. ۽ اهڙي سزا لاءِ ته صرف سقراط ئي تيار ٿي سگهيو ٿي. نه حاڪمن جون پليٽون چٽيندڙ قاضي يا مفتي. جن پنهنجون دليون حرام خوريءَ جون عادي بنائي ڇڏيون هيون. اهڙن ئي قاضين مفتين، عالمن، فاضلن، قانوندانن ۽ ججن لاءِ لطيف چيو آهي:
سَڌِ ڙيا شرابن جون ڪوهه پچارون ڪن،
جُه ڪات ڪلالن ڪڍيا، ته موٽيو پوءِ وڃن،
پِڪُون سي پين، سِرَ جنين جا سَٽَ ۾! (شاهه)
اسلامي فقهه جو هڪ وڏو عالم ۽ فقيهه، قاضي آبُو يوسف هارون رشيد جي حڪومت ۾ چيف جسٽس هو. جنهن جو ڪم ئي هو، هارون رشيد جي لاءِ عورتن سان همبستريءَ کي جائز قرار ڏيڻ. پوءِ اها عورت ڀلي کڻي ڪنهن جي نڪاح ۾ هجي، طلاق جي عدت ۾ يا محرمات شرعيءَ مان هجي. انهيءَ جج صاحب جا واقعا تمام تفصيل سان مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪتاب نالي ”تذڪري“ ۾ موجود آهن.
اسلامي فقهه جي هڪ ٻئي وڏي امام مالڪ بن اُنس کي هڪ مسئلي جي اختلاف تان وقت جي مفتين، حاڪم وقت کان سخت سزا ڏياري.
اصلي مسئلو هيءُ هو ته حاڪم، ڪنهن غريب جي خوبصورت زال تي عاشق ٿي پيو. بادشاهه جي خواهش پوري ڪرڻ خاطر اُن غريب کي چيو ويو ته: ”تون پنهنجي زال کي طلاق ڏي.“ پر هن انڪار ڪيو، جنهن تي کيس خوب مار ڏياري. طلاق جي دستاويز تي صحيح ڪرائي وئي. سڀني قاضين ۽ مفتين اهڙي طريقي سان طلاق کي جائز قرار ڏنو ۽ حاڪم ان عورت سان شادي ڪئي.
اها خبر جڏهن هن خدا ترس ۽ فقير مُنش امام مالڪ کي پئي ته هن هڪم اعلان ڪيو. طلاقُ المڪروهه غيرُ واَقُع يعني (زبردستيءَ سان طلاق ملي نٿي سگهي.)
شهوت جي غلبي سان مغلوب حاڪم لاءِ هڪ بي نوا فقير جو اهڙو اعلان ناقابل برداشت هو. تنهن امير جي اطاعت جي انحرافيءَ جي ڏوهه ۾ کيس سخت سزائون ڏنيون. انهن مان هر سزا جي پرواني تي قاضيءَ ۽ مفتيءَ جي مُهر سان صحيح ٿيل هوندي هئي.
هارون رشيد جي دؤر ۾ هڪ سنڌي خاندان ايران مان ٿيندي بغداد پهتو هو. جنهن پنهنجي علم ۽ دانشمنديءَ جي ڪري بغداد ۾ وڏو مرتبو ۽ مان حاصل ڪيو ۽ عباسي حڪومت جي وزارت عُظميٰ جي رتبي کي رسيو، ليڪن اوچتو هارون رشيد ڏمرجي سواءِ هڪ پوڙهي عورت جي پوري خاندان کي بي گناهه قتل ڪرائي ڇڏيو.
هارون رشيد، جي انهيءَ ظلم ۽ بربريت، خونخواري ۽ خونريزي سفاڪي ۽ درندگي ۽ نسل ڪش پاليسيءَ تي ساري بغداد جا عالم، قاضي، مفتي، حڪيم ۽ فلاسفر خاموش تماشائي ٿي ڏسندا رهيا، رت وهندو رهيو. لاش سڙندا رهيا. زندگيءَ جو سدا بهار گلاب بادشاهه جي ڏمر جي ديوَ جي پيرن هيٺان چچربو رهيو. قرآن جي پوري تعليم ۽ فلاسافي اهڙي نسوري ناحق تي دانهون ڪندي رهي. ليڪن قاضين جي حُجرن، عالمن جي حُجرن ۾، مدرسن جي ايوانن ۽ مسجدن جي منبرن تي هارون رشيد کي محافظ دِين و ملت، امير المؤمنين جا خطاب ملندا رهيا ۽ سندس شان ۾ قصيدا پڙهبا رهيا. اُهو مقتول ۽ مظلوم خاندان تاريخ ۾ برمڪيءَ جي نالي سان مشهور آهي. يحييٰ برمڪي ۽ جعفر برمڪي جي واسطي سان هر علمي ماڻهو ان کان واقف آهي.
عباسين جي دور جي حڪمران مامون رشيد جي ڏينهن ۾ هڪ شخص احمد بن حنبل نج مذهبي معاملي ۾ وقت جي بادشاهه جي نظرياتي مخالفت ڪئي. بادشاهه سڳوري قاضين کان احمد بن حنبل جي باري ۾ فتويٰ طلب ڪرڻ کان اڳ وڏي مناظري جو بندوبست ڪرايو. جنهن ۾ احمد بن حنبل، سرڪاري ملن کي شڪست ڏني. ليڪن طاقت ڪڏهن به دليل کي تسليم نه ڪندي آهي. هو صرف پاڻ کان وڏي طاقت جي ئي آڏو جهڪڻ سکي آهي. تنهن ڪري احمد بن حنبل جي ڳالهه مڃڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو. سو ان کي سڌو ڪرڻ لاءِ قاضين کان فيصلو ورتو ويو. قاضين چيو ته هن کي تعذير ملڻ گهرجي. باقي تعذير جي نوعيت ۽ حد جو فيصلو امير المؤمنين تي ڇڏيل آهي. انهيءَ فتويٰ جي فيصلي ملڻ شرط جلاد گهرائي احمد بن حنبل جي پٺيءَ تي دُرا هڻايا ويا. هو عزم ۽ استقامت جو پيڪر دُرا کائيندي بيهوش ٿي ويو. پر پنهنجي نظر ئي ۽ موقف تان ڪين هٽيو. نيٺ کيس اُونداهيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ (جنهن کي موجوده جيل جو بند وارڊ چئي سگهجي ٿو.) بند ڪيو ويو. روزانو صبح جو سندس مٿي تي اٽي جا پنوڙا ٺاهي ان ۾ ٽهڪندڙ تيل وڌو ويندو هو ۽ پوءِ کانئس سندس نظريئي جي باري ۾ پڇيو ويندو هو. آخرڪار احمد بن حنبل جيل ۾ ئي اهڙيون سختيون سهندي مري ويو پر آڻ نه مڃيائين.
ٿي تنِنين سين ڏيٺ موٽڻ جنين مِهڻو
آءٌ اعتراف ٿو ڪريان ته اڄ ڏينهن تائين آءٌ حڪمرانن جي انهيءَ فطرت کي سمجهي نه سگهيو آهيان ته هو اهو ڪيئن سمجهي ويٺا آهن ته انساني ارادي جي هماليه کي طاقت ۽ تشدد ذريعي پستيءَ ڏانهن موڙي سگهي ٿو. انساني دل جي سمنڊ کي جلاد جي تلوار سان خشڪ ڪري سگهجي ٿو. انساني مقصد جي آسمان ۾ گوليءَ ذريعي ٽُنگ ڪري سگهجي ٿو ۽ انساني دماغ جي وسيع صحرا کي جيل جي ديوارن ۾ گهُٽي ۽ روڪي سگهجي ٿو. ڇا هنن تاريخ جي هر دؤر ۾ ڏٺو ناهي ته دراوڙ جي قلم آرين جي ڀالي کي شڪست ڏني آهي. چنگيز جي يلغارن جي اثرن کي ابن تيمير، جي فڪر واچوڙي وانگر اڏائي ڇڏيو آهي. سڪندر جي طوفان لاءِ سنڌي عوام جو حوصلو موت جو پيغام بنجي ويو آهي. انگريز سامراج جي بم ۽ بندوق کي مهاتما گانڌي جي بک هڙتال مرڻ هار ڪري ڇڏيو. نازين جي يلغار کي جيولس فيوچڪ جي صاقت ڀڄائي ڇڏيو آهي. زار جي توب کي روس جي مزدور جي هٿوڙي ناڪارهه بنايو آهي. ارغونن، ترخانن مغلن جي ڪٽڪن تي لطيف جي شاعريءَ ابدي سوڀ ماڻي آهي. مون تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو آهي ته طاقت استعمال ڪندڙ حاڪم ۽ ڊڪٽيٽر، زندگيءَ جي جنگاهه ۾ پوري قوت ۽ شوڪت سميت سچائيءَ کان شڪست کاڌي آهي. مون چنگيز کي وقت جي ڦاسيءَ گهاٽ تي ٽنگيل ڏٺو آهي. مون سڪندر کي سڪندي ڏٺو آهي. مون سيزر کي خودڪشي ڪندي ڏٺو آهي. مون حجاج بن يوسف کي ڪُتي وانگر ڦَٽ چٽيندي ڏٺو آهي. مون ميسولينيءَ جي لاش کي روم جي بازارن اندر انساني پيرن جي تُڏن ۾ ڏٺو آهي. مون هٽلر کي تيزاب ۾ جلندي ۽ فرانڪو کي ڇڙيون هڻندي ڏٺو آهي. انهيءَ ڪري مون کي ظالمانه طاقت جي شڪست ۽ هار جو ايترو ئي يقين آهي، جيترو دنيا وارن کي رات جي ختم ٿيڻ جو....!
مامو الرشيد پنهنجي پر ۾ ابن حنبل کي ختم ڪري ڇڏيو، پر حنبل حق ۽ باطل جي جنگ ۾ هميشه لاءِ ڪامياب ٿي ويو. اڄ هڪ حڪومت سعودي عرب جو پورو نظام احمد بن حمبل جي فڪر جي روشنيءَ ۾ هلي رهيو آهي، ۽ مامونءَ جو پورو نظام ۽ تشدد صرف تاريخ جي ڪتابن ۾ مَک جي وِٺِ وانگر هجي ويو آهي. بني عباس جي حڪومت ۾ عدالتي نظام جي اهڙيءَ ريت مٽي پليت ٿيندي ڏسي حق ۽ صداقت جي علمبردار عالمن، جج قاضي ٿيڻ کان ئي توبهه ڪري ڇڏي، جيئن ته فقهه جنفيءَ جو مشهور امام ’ابو حنيفه‘ جيڪو سنڌي هو. تنهن کي وقِت جي حڪمران قاضي القضات ’چيف جسٽس‘ جو عهدو آڇيو، پر امام صاحب، شاهي حڪومت ۽ عدالتي نظام کان پوريءَ ريت واقف هيو.
تنهن معذرت ڪندي جوابڏنو ته ’اوهان جي دؤر حڪومت ۾ پاڻ کي اهڙي عهدي جي لائق ئي نٿو سمجهان.‘ خليفي صاحب چيو ’تون ڪوڙ ٿو هڻين.‘ امام صاحب جواب ڏنو ته: ”تنهنجي خيال ۾ جڏهن مان ڪوڙو آهيان، ته پوءِ هڪ ڪوڙو ماڻهو، ڪهڙيءَ ريت عدالت جي ڪرسي تي ويهي سگهي ٿو.“ ابو حنيفه، جي انهيءَ جواب کان مشتعل ٿي بادشاهه سلامت کيس عمر ڀر لاءِ قيد ڪرائي ڇڏيو. نتيجي طور سندس جنازو به جيل مان نڪتو.
موجوده دور جي مسلم دنيا ۾ اڪثر مسلمان، ابو حنيفه جي فڪر ۽ فلسفي تي مبني نظام ”فقه حنفي“ تي عمل ڪن ٿا ۽ دنيا جي مؤرخن هڪ بهترين قانونساز جي حيثيت ۾ کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سندس ڪيترن ئي ڪتابن مان هڪ ڪتاب ’فقه اڪبر‘ دنيا جي چند مشهور ڪتابن مان هڪ آهي.
علم، فڪر، دانش، طب، رياضي، موسيقي ۽ حڪمت جي روشن ستاري ’ابونصر فارابي‘ جي نالي ۽ ڪارنامن کان اڄ علمي ...... هر شخص واقف آهي. نه رڳو مشرقي عالمن پر مغربي مفڪرن ۽ مستشرقين کيس ارسطوءَ کان پوءِ حڪمت، فلسفي ۽ منطق جو اَبو سڏيو آهي. انسانيت جي اهڙي (متاع عظيم) کي به محمود غزنويءَ مارائڻ جو منصوبو ٺاهي، کيس پنهنجي درٻار ۾ گهرايو هو، ڇو ته محمود غزنويءَ جي پگهاردار قاضين فتويٰ ڏني هئي، ابونصر فارابيءَ کي وقت کان اڳ ۾ خبر پئجي وئي. تنهن ڪري هن ڀڄي جان بچائي ۽ باقي عمر غزنويءَ جي شڪاري ڪتن (فوجي سپاهين) کان روپوش رهي گمناميءَ جي زندگيءَ ۾ گذاري ويو. (ڪتاب حڪماءِ عالم.)
برصغير ۾ اسلامي فتوحات کان پوءِ ننڍي کنڊ جي عوام کي اسلام جي نظام، عدل سان شايد ڪجهه خوبصورت اميدون وابسته ڪرڻيون پيون هجن پر اسلامي قاضين ۽ مفتين مان اڪثريت جي روين، فيصلن ۽ فتوائن مان هتان جي عوام کي جلد ئي محسوس ٿيو هوندو ته چندر گپت موريه، وڪرماجيت ۽ پرٿوي راڄ جي سرڪاري ججن ۽ محمد شاهه تغلق، علاؤ الدين خلجي، بابر، همايون، اڪبر ۽ اورنگزيب جي پگهاردار منصفن ۽ مفتين جي فيصلن ۽ ضمير فروشيءَ ۾ ڪو به فرق ڪونهي. هندستان جي هاڪاري بادشاهه محمد شاهه تغلق، جي انڌيرنگريءَ واري رواج جو پورو رڪارڊ آفريقي سيلاني ”ابن بطوطه“ پنهنجي سفرماني ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. اهو بادشاهه پنهنجي پوري سفاڪيءَ ۽ خونخواريءَ سان گڏ انتها درجي جو پيٽوڙو هئو ۽ ٺٽي ۾ گهڻو پلو کائڻ سبب ڦاٽي مئو. انهيءَ بادشاهه ڪيترا دفعا سنڌ تي حملا ڪيا ۽ هتي جي معصوم ۽ اٻوجهه عوام جي خون سان هولي ملهائيندو رهيو.
”سنڌ سيڪريٽريٽ بلڊنگ“ تي انهيءَ بادشاهه جو نالو رکڻ سراسر غلامانه ذهنيت ۽ شهنشاهيت پرستيءَ جو ثبوت آهي. ان ڪري نئين سنڌ جو عوام نٿو چاهي ته سندن ڪاروبار هلائيندڙن جي مٿي تي اهو غلاميءَ ۽ بدترين شخصيت پرستي جو ڇٽ باقي رهي.
مشهور مغل بادشاهه اڪبر جي حڪومت جي چيف جسٽس جو نالو مخدوم عبدالنبي هو. ان ڪيترا عالم، درويش ۽ صوفي سڳورا پنهنجي فتوائن جي ذريعي قتل ڪرايا. جن ۾ هڪ تارڪ دنيا فقير ’شيخ علائي‘ به هو. جنهن پنهنجن مريدن ۾ رواج وڌو هو ته جيڪو جيترو ڪمائي سو سڀني ۾ برابر ورهايو وڃي ۽ ڪو به مرد، عورت محنت ڪرڻ کان سواءِ نه ويهي.
مخدوم عبدالنبيءَ جو قلم حق پرست انسانن جي خلاف جلاد جي تلوار وانگر هلندو رهيو ۽ هو دولت گڏ ڪري قبرن ۾ پوري اِهو مشهور ڪرائيندو هو ته اِهي قبرون سندس ابن ڏاڏن جون آهن. برصغير جي وڏي اسلامي حڪومت جي انهيءَ چيف جسٽس زڪوات کان بچڻ لاءِ عجيب قسم جو منطق ٺاهيو هو. اسلامي قانون موجب زڪوات اهڙيءَ ريت سان لاڳو ٿئي ٿي، جيڪا صاحب مال وٽ هڪ سال پورو رهي هجي. مخدوم عبدالنبي، ڇا ڪندو هو جو سال جا يارنهن مهينا پنهنجي زال کي تحفي طور ڏئي ڇڏيندو هو. اها ڀاڳ ڀري سال جا باقي رهيل ڏينهن پورا ڪري پوءِ وري پنهنجي مجازي خدا، کي ڏئي ڇڏيندي هئي. اهڙيءَ ريت ڪنهن هڪ وٽ به دولت کي پورو سال نه گذرندو هو ۽ نتيجي طور ٻئي ڄڻا زڪوات ڏيڻ کان بچي پوندا هئا. اهڙي زهريلي نانگ کان هندوستاني عوام جي جان ٻن سنڌي فلاسفرن ۽ دانشورن ابو الفضل ۽ فيضي، آزاد ڪرائي. اهي ٻئي نوجوانيءَ ۾ مخدوم عبدالنبيءَ جي فتوائن جا ڏنگيل هئا، ۽ جان بچائڻ خاطر ڪيترا ڏينهن پنهنجي والد محترم ’شيخ مبارڪ سيوهاڻي‘ سان گڏ روپوش رهيا هئا.
(ڪتاب دربار اڪبري ۽ تذڪره ابو الڪلام).
ڏهين صدي هجريءَ ۾ ڪابل مان هڪ ظالم ۽ جابر شخص شاهه بيگ ارغون سنڌ ۾ سما، گهراڻي جي آخري حڪمران ڄام فيروز کي شڪست ڏئي پوريءَ سنڌ کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ بلڪل جڪڙي ڇڏيو. جيتوڻيڪ وقت جو حڪمران طبقو پنهنجي نااهليءَ سبب شڪست کائي ويو. ليڪن سنڌ جي بهادر عوام ۽ دلير انسانن سنڌوءَ جي ڪنارن، سنڌ جي ٻيلن، ٿر جي ڀٽن، ماٿرين ۽ پهاڙين ۾ سنڌ جي آزاديءَ ۽ بقا جي جنگ آخري وقت تائين وڙهي.
هنن جي وڄَ وانگر چمڪندڙ ڪهاڙي هڪ رات به اغونن کي آرام جي ننڊ سمهڻ نه ڏنو. اهو دور حاڪمن جي ظلم ۽ منهنجي سدا سهاڳڻ ڌرتيءَ جي سرويچ ۽ مانجهي مٿيرن جي مقابلي جو انتهائي يادگار دور آهي، جنهن کي ياد ڪندي ڪوٽن ۾ قابو هئڻ جي باوجود منهنجو ڪنڌ فخر سان ائين بلند ٿي ويندو آهي. جيئن آزاديءَ جي جشن وقت قومي جهنڊو بلند ٿي ويندو آهي. ارغونن جي ٽيهن سالن جي دور حڪومت ۾ هن ڌرتيءَ جي پنڀئي ڏاڙهيءَ واري انسان جي ڪهاڙيءَ جو رت هڪ ڏينهن لاءِ به ڪين سڪو. اُنهيءَ ويڙهه هلندي سکر جي ڀرسان روهڙيءَ وٽ سنڌ جي قبيلي ڌاريجي ارغونن جي فوج تي حملو ڪيو. خونريز ويڙهه کان پوءِ پوري قبيلي مان صرف 47 مرد بچيا. سي گرفتار ٿي شاهه بيگ ارغون جي آڏو پيش ڪيا ويا. شاهه بيگ، سنڌ جي هڪ وڏي عالم، فاضل ۽ شاعر قاضي قاضن، کان انهن غيرتمند ۽ وطن دوستن انسانن جي باري ۾ فتويٰ ورتي.
تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ ستم ظريفي ان وقت ٿيندي آهي، جڏهن غيرتمندن جي خلاف بي غيرت، وطن دوستن خلاف، وطن دشمن ۽ وفادارن خلاف غدار، دليرن خلاف بزدل، ڀاڙي ۽ وڪاڻل گهوڙا فيصلا ڏيڻ شروع ڪندا آهن. قاضي قاضن جنهن جي علم، فضل، بزرگي ۽ شاعريءَ جي ديوار کي ارغونن جي دولت جي سُري کائي ڇڏيو هو. تنهن انهن انسانن جي خلاف جيڪا فتويٰ ڏني سا سنڌي تاريخ جي سڀني ڪتابن ۾ موجود آهي. هتي آءٌ يوسف ميرڪ، جي مظهر شاهجهانيءَ تا پنهنجي يادگيريءَ جي بنياد تي قاضي صاحب جي فتويٰ جا لفظ لکي رهيو آهيان.
عاليجاه! زمين اين ولايت سيلابست و خار بسيار.
درين زمين مي رَ ويد بيل خارڪني هميشه در دست بايد گرفت.
اِها فتويٰ ملڻ شرط سڀني کي مارائي سندن لاشا اُونداهي کوهه ۾ اُڇلائي ڇڏيا. اڄ سنڌي ادب ۾ قاضي قاضن جو نالو گار جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. جيتوڻيڪ هو سنڌي زبان جو لطيف کان به آڳاٽو شاعر هو.
ارغونن جي دؤر جو هڪ ٻيو واقعو آهي، جنهن نه صرف حاڪمن جي وحشانيت جي حد ڪري ڏيکاري آهي، پر انصاف جي ڪرسين تي ويٺل ججن جي سنگدلي ۽ ڪٺورتا جي انتها ڪري ڇڏي آهي. اهو قصو مخدوم بلاول جي شهادت جو آهي.
ان واقعي جو پس منظر هيءُ آهي ته ارغونن جي حملي وقت سنڌ جي ٻن اوليائن، بزرگن، پنهنجي وطن جي بچاءَ جي جنگ ۾ ڀرپور حصو ورتو. انهن مان هڪ هو سيد حيدر سن وارو، سنڌ جي موجوده قومي رهنما جي. ايم. سيد جو تيرهين پيڙهيءَ ۾ ڏاڏو ۽ ٻيو هو مخدوم بلاول سمون باغبان وارو.
ارغونن جي قبضي کي مضبوط بنائڻ شرط مولوين جي تعذير موجب سيد حيدر کي ڪڇ ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو. باقي وقتي حالتن پٽاندر مخدوم بلاول تي في الحال قدم کڻي نه سگهيا، پر انهيءَ جو اهو مطلب هرگز نه هو ته ڪو هنن مخدوم صاحب کي معاف ڪري ڇڏيو هو. ارغوني فتحن جو سلسلو جاري هو. ان وقت مخدوم صاحب جي اپيل تي رڻمل سوڍو، سارنگ سهتو، سنڌ جي لافاني شخص ۽ عظيم محب وطن دولهه دريا خان جا فرزند موٽڻ ۽ محمود، وطن دوست سنڌين جا جٿا وٺي ٽلٽي ئي جي ميدان ۾ گڏ ٿيا ۽ پٺاڻ فوجن سان مُڙساڻيون چوٽون کاڌيون. اُن وقت ارغونن قاضي قاضن کي مخدوم بلاول وٽ صلح لاءِ موڪليو هو. مخدوم صاحب، قاضي قاضن جهڙي غدار ماڻهوءَ کي چوائي موڪليو ته: ’آءٌ تو جهڙي مادر وطن جي غدار جو منهن ڏسڻ به پنهنجي لاءِ باعث شرم سمجهان ٿو.‘
ٽلٽيءَ جي بازار مان گذرندي قاضي قاضن ڏانهن ماڻهن پٿر ٿڪون ۽ پادر اڇلايا. اها اهڙي ڳالهه هئي، جنهن کي قاضي قاضن جا طرفدار ۽ حڪومت جا دلال ڪڏهن به وساري نٿي سگهيا. هنن جي دلين ۾ مخدوم صاحب کان انتقام وٺڻ جو بدبودار پاڻي اُٻڙڪه ڏئي رهيو هو.
شاهه بيگ ارغون جي موت کان پوءِ جڏهن ان جو پٽ مرزا شاهه حسن ملڪ جو مالڪ ۽ ولايت جو والي بڻيو. ان وقت قاضي قاضن واري پارٽيءَ مخدوم صاحب کي سزا ڏيارڻ جو فيصلو ڪيو. ان لاءِ هنن هڪ موچيءَ کي رشوت ڏئي، مخدوم جي جُتيءَ ۾ قرآن شريف جي آيت جو ٽڪرو سبرائي ڇڏيو. مُلن سوچيل سمجهيل سازش تحت مخدوم صاحب کي عدالت ۾ گهرائي چيو ته: ”تون دين کان ڦري ويو آهين ۽ قرآن جي آيتن کي جُوتي ۾ استعمال ٿو ڪرين،“ پر هن وقت جي ولي الله انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪيو. شاهديءَ ۾ رشوت خور موچيءَ کي گهرائي جوتو کولايو ويو، جنهن مان قرآن جي آيت نڪري آئي. ٺٽي جي قاضين فتويٰ ڏني ته: ”مخدوم صاحب کي جيئري گهاڻي ۾ پيڙايو وڃي.“ فتويٰ ملڻ شرط سنڌ جي هن نمڪ حلال ۽ سپوت فرزند کي گهاڻي ۾ پيڙايو ويو.
مخدوم صاحب گهاڻي ۾ پيڙجي وطن دوستي، قوم پرستي آزادي ۽ مادر وطن سان وفاداريءَ جو لازوال سبق سنڌ جي تاريخ جي ورقن تي پنهنجي مقدس رت سان لکي ويو. اڄ نه اُهي جج رهيا آهن ۽ نه انهن جون فتوائون، نه اهي حاڪم بچيا آهن ۽ نه انهن جو نسل. ليڪن جيستائين هن ڪائنات جي وَسعت ۾ سون ورني سنڌ جو وجود آهي، جيستائين هن ڌرتيءَ تي چيٽ جون چانڊوڪيون ۽ انهن ۾ چڪور جون اڏامون آهن. جيستائين هن ڀُونءِ جي پٽن تي انساني دلين ۾ گهاءُ وجهندڙ وهوندا ورندا رهندا، جيستائين ڇيل ڇٻيليءَ سنڌ جي ٻنين ۽ ميدانن ۾ زندگي هرڻيءَ وانگر ڇال ڏيندي رهندي. جيستائين وطن چاين جي معصوم مُرڪن ۾ اڻ لکا سَپنا ليئا پائيندا رهندا ۽ جيستائين هن منهنجي مَهان ديش جي مٽيءَ جي خوشبوءِ سان مست ٿي شاعر جي قلم مان ڪيڏارا، آسوءَ جي اُوهيري وانگر اڀرندا رهندا، ان وقت تائين مخدوم بلاول زندهه رهندو ۽ هر جابر جو موت مخدوم بلاول جو نئون جنم آهي ۽ هر ڌارئي جو ڌڪجڻ مخدوم بلاول جو نئون جياپو آهي ۽ هر دؤر جي سنڌي محب وطن جو اهو ئي نعرو آ ته:
مون جنگ وطن لاءِ جوٽي آ، مخدوم بلاول موٽي آ،
مغليه دؤر ۾ ٻه واقعا اهڙا ٿي گذريا آهن، جن جي وجود مغليه انصاف جي فرشتي جي چهري تي دانگي گهُمائي ڇڏي آهي. انهن واقعن مان پهريون واقعو هن ئي سرزمين تي ٿيو آهي، جنهن جو تعلق شاهه عنايت شهيد سان آهي.
شاهه عنايت شهيد مغلن جي بدترين جاگيرداري نظام جي خلاف عملي ۽ نظرياتي بغاوت ڪئي. هن پنهنجي مريدن ۽ دوستن کي اجتماعي هارپي تي عمل ڪرڻ جو سبق ڏنو. نجي ۽ ذاتي جائداد ۾ صرف استعمال جون شيون، مثال طور گهر، کاڌي پيتي جا ٿانوَ ۽ سواري جا جانور رهڻ ڏنا، باقي زمينون آڏاڻا، کڏيون وغيره سڀ گڏيل ملڪيت ۾ داخل ڪرايائين، پنهنجي مريدن جو لباس گيڙو، مقرر ڪرايائين، بادشاهن، جاگيردارن، نوابن، وڏيرن ۽ اربابن کي ڍل ڏيڻ بند ڪرايائين. اهي خاصيتون ۽ خوبيون هيون جن کي ڏسي موجود سنڌ جي وڏي تاريخدان سيد حسام الدين راشديءَ شاهه عنايت شهيد کي سنڌ جو پهريون سوشلسٽ قرار ڏنو آهي.
شاهه عنايت جي انهيءَ طريقي مغل امپائر، ڪلهوڙن ۽ تَر جي زميندارن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. نتيجي ۾ مغلن، ڪلهوڙن ۽ پليجن جي لوڌن شاهه عنايت جي مختصر گلشن تي سوئرن وانگر حملو ڪيو. فقيرن جي مختصر جماعت پنهنجي ايمان ۽ ضمير جي طاقت سان ڪيترا ڏينهن مقابلو ڪيو. عوام دشمن قوتون ۽ ڀاڙيا! سپاهي ڊگهي جنگ مان بيزار ٿي پيا تن وڌيڪ وڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نيٺ پاڻ ۾ سازش ڪري شاهه عنايت کي قرآن تي وَچن ڏئي فيصلي لاءِ ٺٽي گهرايو ويو. ٺٽي ۾ مغل گورنر اعظم خان، مُلن کان شاهه عنايت جي باري ۾ ڪفر جي فتويٰ وٺي قرآن جي وَچن تان ڦري شاهه عنايت کي شهيد ڪرايو. تاريخ سنڌ ۾ آهي ته شهادت وقت هيءُ بيت شاهه عنايت جي زبان تي هو.
سر در قدم يار فدا شد چه بَجا شُد،
اين بار گران بود ادا شد چه بجا شُد.
(ڪتاب منشور الوصيعت سيد حسام الدين راشدي)
ٻيو واقعو مست المست، صوفي لاڪوفي، مذهب، انسانيت جي عظيم مبلغ سرمد جي باري ۾ آهي. سرمد، اورنگزيب طرفان شاهجهان کي نظربند ڪرڻ، وڏي عالم ۽ اديب شهزادي دارا شڪوهه کي قتل ڪرائي سندس بيگمن کي بيعزتو ڪرڻ واري قدم تي پنهنجي مخصوص مجذوبانه انداز ۾ سخت احتجاج ڪيو. اورنگزيب مخصوص مسلمان بادشاهن وانگر سرمد جي تنقيد سهي نه سگهيو ۽ دهليءَ جي قاضي القضات مُلان عبدالقويءَ کان سرمد جي ڪفر جي فتويٰ حاصل ڪري کيس بيدرديءَ سان قتل ڪرائي ڇڏيو. اورنگزيب جي باري ۾ تاريخدانن لکيو آهي ته سرمد جي قتل کان پوءِ کيس هڪ رات به دهليءَ ۾ ترسڻ نصيب ڪو نه ٿيو. (ڪتاب سرمد شهيد).
سرمد جي عظمت ۽ بقاءَ لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي ته ايشيا جي سڀ کان وڏي مؤرخ، عالم، مفڪر، هندوستان جي وزير تعليم، انڊين نيشڻل ڪانگريس جي صدر، ڪرپس، ايٽلي، ديول ۽ مائونٽ بيٽن کان پنهنجي عظمت مڃائيندڙ مولانا ابو الڪلام ’آزاد‘، جنهن جي وفات تي ممتاز برطانوي فلاسفر رسل چيو هو ته ’سقراط کان پوءِ دنيا جي ٻئي نمبر انسان جو موت ٿيو آهي، ۽ اڄ آءٌ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهيان. انهيءَ ابو الڪلام آزاد وصيعت ڪئي هئي ته مون کي سرمد جي پيرن کان دفن ڪيو وڃي، ۽ هو اڄ سرمد جي پيراندين ۾ ابدي آرام ڪري رهيو آهي.‘
مون کي احساس آهي ته مون تمام گهڻو وقت ورتو آهي.ليڪن مون کي عدالت جي سرگذشت ڏاڪي به ڏاڪي بيان انهي ڪري ڪرڻي پيئي جيئن دنيا ۾ مجرمن ۽ منصفن ٻنهي جو ڪردار ۽ حيثيت واضح طور اڀري اچي. عدالت جي ماضيءَ جي سرگذشت کي ڏسي 1960ع ۾ ڪلڪتي جي عدالت ۾ مولانا آزاد چيو هو ته:
”دنيا جون سڀ کان وڏيون ناانصافيون ميدان جنگ کان پوءِ عدالت جي ڪٽهڙن ۾ ٿيون آهن.“
عدالت جي باري ۾ مٿيان ريمارڪ (Remark) صرف سياسي ۽ مذهبي مجرمن جي حد تائين آهن. ڇو ته ڪائنات جي حسن ۽ نکار لاءِ اڄ تائين پوري جدوجهد ۽ جاکوڙ جا ميدان ۽ ذريعا اهي ئي رهيا آهن. عدالت جي سرگذشت ۽ رام ڪهاڻي بيان ڪندي مون ڄاڻي واڻي هن دور جي عدالت کي نظر انداز ڪيو آهي. نه ته هن دور ۾ به مون کي آفريڪا جي جهنگلن، وچ اوڀر جي ريگستانن، برصغير جي ميدانن، هنڌ چينيءَ جي ٻيلن ۽ لاطيني آمريڪا جي کيتن ۾ بيشمار حريت پسند جج جي قلم سان ڪٺل نظر آيا آهن. اڄ جي هر باباءِ قوم کي ڪلهه جي عدالت غدار قرار ڏئي، سزا جو مستحق ٺهرايو آهي ۽ جيل جا ڦاٽڪ انهن عظيم انسانن کي ڪوراڙ بلا وانگر ڳڙڪائڻ لاءِ اَٺ ئي پهر کليل رهيا آهن.
جارج واشنگٽن، گانڌي، مارڪس، لينن، سعدزا غلول پاشا، ڪمال اتاترڪ، جمال ناصر، سوئيڪارنو، بن باالله، نهرو، لوممبا، نڪروما، ايملڪار ڪبرال، هوچي منهه، مائو زيتنگ، فيڊل ڪاسترو ۽ مجيب الرحمان مان ڪهڙو آهي.جنهن جي جسم تي جج جي قلم جا نشان نه لڳا هجن ۽ جيڪو عدالت جي ڪٽهڙي ۾ مجرم جي حيثيت سان نه بيٺو هجي ۽ ان سان گڏوگڏ هيءَ به حقيقت آهي ته جنهن عدالت ڪالهه انهن کي غدار قرار ڏنو هو، اڄ انهيءَ ساڳيءَ عدالت ۾ جج جي ڪرسيءُ مٿان انهن انسانن جون تصويرون جج جي قلم جي بيوسيءَ ۽ تاريخ جي بيرحم صداقت تي ٽهڪ ڏئي رهيون آهن.
عدالت جي اهڙي ماحول ۾ ڪي ڪي ماڻهو آهن، جيڪي مرڪن ٿا ۽ جن جا فيصلا ۽ فتوائون تاريخ ۾ روشنيءَ جي منارن جي حيثيت رکن ٿيون. نازي، جرمنيءَ جي هڪڙي خصوصي عدالت (Special Tribunal) بلغاريه جي ڪميونسٽ پارٽي جي رهنما ’دي متروف‘ کي هٽلر جي سخت دٻاءُ جي باوجود آزاد ڪري ڇڏيو. ان فيصلي کان پوءِ هٽلر طرفان انهن ججن تي جيڪي گذريو تنهن جو تصور هر ڪو ڪري سگهي ٿو، پر اهي جج اڄ به اردوءَ جي شاعر فيض جي زباني چئي سگهن ٿا.
ہم پہ جو گذری وہ گذری مگر شب ہجران،
ہمارے، اشک تیری عاقبت سنوار چلے۔
هوءَ سامهون سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عظيم الشان عمارت پنهنجي تاريخي روايتن سان ڪَرُ کنيو بيٺي آ. انهيءَ عمارت ۾ وقت جي گورنر جنرل جي فيصلي کي انصاف جي ساگر ۾ ٻوڙيو ويو هو، ۽ عدالت جو مان مٿانهون ڪيو ويو هو. منهنجو اشارو پاڪستان جي گورنر جنرل ’غلام محمد طرفان اسيمبلي ختم ڪرڻ واري قدم کي، مولوي تميز الدين، پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ ڏانهن آهي.‘ آءٌ جڏهن به ان عمارت جي ڀرسان لنگهندو آهيان، ۽ مون کي هاءِ ڪورٽ جو اهو تاريخ ساز فيصلو ياد ايندو آهي. ان وقت منهنجي دل ان منصف جي عظمت ۽ ديانت جي قدمن ۾ عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ لڳندي آهي ۽ بي اختيار سنڌي شعرن جون ٻه ڌار ڌار سٽون منهنجي ذهن ۾ هُرڻ لڳنديون آهن.
مٽيءَ لڌو مان، سائي ٿي ڪک سنڌ جي.
۽ ٻي سٽ آهي:
سدا سهاڳڻ سنڌڙي، کريو نه تنهنجو کير.
هر دؤر ۾ هڪ جج ۽ منصف لاءِ غير جانبداريءَ جي وصف لازمي قرار ڏني وئي آهي ۽ حقيقت ۾ اها ئي وصف عدالت جي وقار جي ضمانت آهي، پر جڏهن هڪ طرف بااختيار جابرانه اقتدار هجي ۽ ٻئي طرف بي اختيار سچ. هڪ طرف بي انداز دولت هجي ۽ ٻئي طرف بي پناهه سڃائي، هڪ طرف چند خوشحال گهراڻا هجن ۽ ٻئي طرف بکين ڏکين ۽ اگهاڙن ۽ ڏتڙيلن جو انبوهه، هڪ طرف گوليءَ جي گونجار هجي ۽ ٻئي طرف زندگيءَ جي بيک. هڪ طرف صدين کان آقائن جي ظلم ۽ جبر جو گهاڻو هجي ۽ ٻئي طرف پيڙهين جون پيڙهيون آزاديءَ ۽ انصاف جي حاصلات جي ڇڪتاڻ ۾ فنا، ته اهڙيءَ حالت ۾ ڪنهن منصف قاضي ۽ جج جو غير جانبدار رهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو آهي.
خاص ڪري اهڙيءَ صورت ۾ جڏهن نوڪري، عزت، پيسو ۽ آسائش، حق جي بجاءِ حاڪمن جي خوشنوديءَ ذريعي حاصل ٿيندي هجي، ملڪ جا خوشحال طبقا، آقائن جي پاران مليل غلاميءَ جي لعنت جي سندن تي فخر ڪندا هجن. حڪمران ڌريون اهڙيون حالتون پيدا ڪري جج کان غير جانبداريءَ وارو احساس ڦري وٺنديون آهن ۽ جڏهن به ڪو جج انهيءَ احساس ۽ حق تان ائين دستبردار ٿيو، جيئن بازاري عورت عصمت تان دستبردار ٿيندي آهي، ته پوءِ ان وقت هڪ جج ۽ فوجي سولجر ۾ ڪو به فرق باقي نٿو رهي. اهڙيءَ حالت ۾ انصاف ان دولتمند عورت وانگر بنجي ويندو آهي، جيڪا صرف دولت سان ئي شادي ڪرڻ چاهي. انصاف جي انهيءَ روپ اختيار ڪرڻ کان پوءِ مجرم کي انصاف گهر مان سواءِ حسرت، مايوسي ۽ سزا جي ٻي ڪا به شيءِ ملي نٿي سگهي. عدالت جو وجود ۽ دارومدار مجرم ۽ منصف جي موجودگيءَ تي آهي. سچ ۽ حق جي ڇڪتاڻ ۾ جيتري انصاف جي ڪرسي اهم آهي، اترو ئي مجرمن جو ڪٽهڙو. ان ڪٽهڙي ۾ اڄ تائين حاضر ٿيندڙ هر شخص جي دعويٰ اها پئي رهي آهي ته هو حق ۽ سچ جو پرستار آهي ۽ ٻئي طرف انصاف جي ڪرسيءَ تي ويهندڙ هر فرد جي اها دعويٰ رهي آهي ته هو پاڻ انصاف ۽ صداقت جو علمبردار آهي. سچائيءَ جي پرستار قافلي جي ڊگهي قطار ۾ مون به پاڻ کي شامل پئي سمجهيو آهي. ان ڪري منهنجي حصي ۾ مجرمن جو ڪٽهڙو ۽ اوهان جي حصي ۾ انصاف جي ڪرسي آئي آهي. وقت جيڪو ڪڏهن ڏاند گاڏيءَ جي رفتار سان رڙهندو هو، سو ميزائل جي تير رفتار سان ڊوڙي رهيو آهي. تنهن ڪري ان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي پنهنجي ڪم کي جلدي اڪلايون.
وقت جو وهڪرو هزارها فيصلن سان گڏ هن فيصلي کي به پنهنجي گرفت ۾ وٺڻ لاءِ منتظر آهي. ان لاءِ اوهان کي منصف واري حيثيت ۾ ۽ مون کي ملزم واري حيثيت ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.