تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ٿي نہ محبت مات

هي ڪتاب ”ٿي نه محبت مات“ نامياري ليکڪ، قومپرست سياستدان ۽ سنڌ جي عاشق عبد الواحد آريسر جو عدالتي بيان آهي، جنهن مان سنڌ سان اڻ ميي محبت ۽ چاهت پئي نروار ٿئي.
هي ڪتاب روشني پبليڪيشن پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ياد رهي ته هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، ڀنڀور اشاعت گهر، حيدرآباد، 1976ع ۾ ڇپايو هو.
Title Cover of book ٿي نہ محبت مات

حرف آخر

آخر ۾ آءٌ ايترو عرض ڪندس ته هتي جي آفيسر کي صرف غلاميءَ جو ئي تجربو آهي. ان کي صرف غلامي، محڪوميت ۽ فرمانبرداريءَ جي لذت معلوم آهي.
اها غلامي هنن تي يونانين، ايرانين، عربن، مغلن، غزنوين، غورين، خلجين، ارغونن، ترخانن ۽ انگريزن طرفان هڪ طرف ۽ ٻئي طرف ميرن، پيرن، وڏيرن ۽ مقامي سامراجي دلالن طرفان مسلط ڪئي پئي وئي آهي. هر دؤر جي حاڪمن هتان جي اڪثر عالمن، فاضلن، قاضين، مفتين کي نوڪريون، عهدا ۽ منصب ڏئي وطن دوست انسانن جي خلاف فيصلا پئي ڪرايا آهن. هتان جي آفيسر ۽ منصف جو قلم، قاضي قاضن کان وٺي اڄ تائين وطن پرست انسانن جي ڳچيءَ تي تيز ڌار بنجي تلوار وانگر وهندو رهيو آهي. سنڌ جي تاريخ غير ملڪي حاڪمن جي هاڃن سان گڏ مقامي منصف جي ستم رانين جي ماتم کان فارغ نه ٿي آهي. ان سان گڏ هيءَ به حقيقت آهي ته جن به وطن فروش وڏن ماڻهن ڌارين جي خوشي ۽ پنهنجي ذاتي مفاد خاطر پنهنجي قوم تي ظلم ڪرائڻ جي شروعات ڪئي آهي ته سڀ کان پهريائين انهن ئي مفاد پرستن جو اولاد ڌارين جي تلوار جو کاڄ ۽ ظلم جو نشان بنيو آهي. چنيسر ڪرسيءَ خاطر خلجين جي مصيبت، سنڌ تي وٺي آيو، ليڪن خلجين جي تلوار جو نشان عام سنڌين کان پهرين خود چنيسر جو پٽ نگر بنيو. قاضي قاضن، ارغونن کي سنڌ ۾ وٺي آيو، ليڪن ارغونن جي تيليءَ جو پهريون ڀڙڪو قاضي قاضن جو گهر ٿيو ۽ هو پنهنجي غداريءَ ۽ وطن فروشيءَ جو مزو چڱڻ لاءِ چريو ٿي ٺٽي جي گهٽين ۾ پنهنجا ٻار ٻچا ڳوليندو رهيو. اڄ به جيڪي ماڻهو قاضي قاضن جي ۽ چنيسر جي رستي تي هلي سنڌي وطن دوستن جي زندگيءَ سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، تن جي آندل مصيبت جو پهريون شڪار به سندن ئي اولاد ٿيندو. اهو تاريخ جو فيصلو آهي....!
ڪاش-! منهنجي وطن جي آفيسر ۽ منصف کي وطن دوستي ۽ آزاديءَ جو مزو ۽ لذت معلوم ٿئي. ڪاش! هن کي انهيءَ سرور جو پتو پوي ته آزاديءَ جي شرابُ جو ڍُڪ انسان کي زندگيءَ جي ڪيڏي بلنديءَ تي پهچائي ٿو، ته هو يقيناً غلامي جي ڪرسيءَ کي لت هڻي سوا ڪروڙ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ پنهنجي ايندڙ نسلن جي مفاد خاطر اڄ مون سان گڏ مجرمن جي ڪٽهڙي ۾ بيهڻ کي پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز ۽ وقار سمجهن ها.
آءٌ يقين سان چوان ٿو ته منهنجي خلاف جيڪو به فيصلو ۽ سزا تجويز ڪئي ويندي ان کي ٻڌندي مون کي ”ايترو به خوف نه ٿيندو، جيترو سزا لکندي وقت منصف کي ٿيندو ۽ مون کي قوم جي اهڙن فرزندن تي ڪو به افسوس ڪو نه ٿيندو جيڪي منهنجي خلاف فيصلو ڏيندا ڇو ته مون کي خبر آهي ته اهي هڪ اهڙي سسٽم ۾ جڪڙيل آهن، جتي رهي هو ان کان مختلف فيصلو ڪري ئي نٿا سگهن.“ (ابو الڪلام قول فيصل).
آءٌ هڪ انقلابيءَ جي هن قول تي پنهنجي صفائيءَ کي ختم ٿو ڪريان. ”ديس واسيو-! جڏهن ڪائي شام ڪنهن دوشيزهه جي اُڏامندڙ رئي وانگر آزاديءَ جو جهنڊو کولي، ان وقت آسمان ڏانهن ڏسجو، ستارن جي محفل ۾ آءٌ توهان کي مرڪندو نظر ايندس.!“


عبدالواحد آريسر
قيدي ڊي. پي. آر
بي ڪلاس، سينٽرل جيل ڪراچي وارڊ نمبر 13
15 سيپٽمبر 1976ع