حالتن جو اثر انسان جي شعور جو تعين ڪندو آهي ۽ شخصيت جي تعمير پڻ. ان ڳالهه کي مدنظر رکندي مان هن ٿريءَ ماڻهوءَ جي شعور جي وسعت، اعليٰ تدبر ۽ اڻ ٿڪ جاکوڙ جهڙن وصفن لاءِ سندس انهن پيش آيل ۽ درپيش حالتن بابت سوچيندو، معلومات گڏ ڪندو ۽ کوجنا ڪندو رهان ٿو، جن شعور جي وسعت، سوچ جي گهرائي ۽ شخصيت جي تعمير ۾ سندس مدد ڪئي. جنهن هن جهڙي غريب جي پٽ کي، سنڌ جي روايتن جي ابتڙ، سنڌي قوم جي اڳواڻي ڪرڻ جو موقعو ڏنو. .... نه مان ڪڏهن به انهن حالتن جو عيني شاهد نٿو ٿي سگهان جن جو هن جي گرد گهيرو رهيو. جن سان الجهندي، اٽڪندي، ٽڪرائجندي سندس شخصيت جي تعمير ٿي. ها! مون کي جيڪڏهن ڪجهه اشارا مليا ته اهي آهن: سنڌ جي ميداني علائقن جو ڇيهه، واريءَ جي ڀٽِن جي شروعات، ٿري گاهه ٻوٽن جي ساوڪ ۽ هڳاءُ.... ميرانجهڙي مٽيءَ تي ٽڙيل پکڙيل پِکا ۽ پنهوار.... مينهن جو اوسيئڙو، رڻ ۽ رات! جهڙ جي سمنڊ جي ڪاهه، واريءَ ۾ جذب ٿيندڙ بي نشان مينهن جي وسڪار گجگوڙ، کنوڻين جا کيل.... وڄ جيئن چمڪاٽ ڪندڙ ڀٽائيءَ جي رسالي جي لفظن ۾ عالمِ انسانيءَ جي گهڻائيءَ جي هٿراڌو پيدا ڪيل بيوسي ۽ مجبوري، جنهن هيٺ قبضي ڪيل سنڌي قوم جي غلاميءَ کان آزاديءَ جي دل ڏاريندڙ رڙ آه. جنهن ۾ آريسر جي آواز جو پڙاڏو به شامل آهي.
کر ڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين،
کاهوڙين آهي، اوسيئڙو ڪنهن پنڌ جو. (شاهه)