اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ
اعليٰ تعليم جيئن ته مهانگي هجي ٿي ۽ هر فرد افورڊ نٿو ڪري سگھي، پر حقيقت ۾ انسان ذات جي مجموعي ترقي ۽ واڌاري ۾ جيئن ته اعليٰ تعليم يافته فرد ئي ڪردار ادا ڪن ٿا، جنهنڪري مجموعي طور تي اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارن جو ڪردار سڀ کان اهم هجي ٿو، جتان پڙهي نڪرندڙ گريجوئيٽ ئي اڳتي هلي ڪنهن به قوم جي سياست، سماجيات ۽ سائنسي فڪر جا وارث ٿين ٿا. انڪري بهتر اعليٰ تعليم ئي ڪنهن قوم جي ترقي جو سبب بڻجي ٿي. پر اها به حقيقت آهي ته اعليٰ تعليم نه هر شخص لاءِ آهي ۽ نه ئي وري هر ڪو افورڊ ڪري سگھي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته اڪثريتي ملڪن ۾ بنيادي تعليم ته مفت ۾ ڏني وڃي ٿي پر اعليٰ تعليم جاري رکڻ لاءِ ڪافي شرط رکيا وڃن ٿا، جن ۾ بنيادي تعليم ۾ سٺا گريڊ هجڻ سان گڏ، ڪجهه ٽيسٽون رکيون وڃن ٿيون. جن کي پاس ڪري ئي ڪو به شاگرد اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگھي ٿو. ترقي يافته ملڪن مطابق ته جيڪڏهن ڪو ايترو ذهين ناهي ته اسڪول ليول دوران يعني مئٽرڪ يا انٽرميڊئيٽ ليول تي ئي ڪو سٺو هنر سکي وٺي ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ پاڻ ڪمائڻ جهڙو ٿي پئي. ائين جي ڪو ذهين آهي ته اهو اعليٰ تعليم جاري رکي سگھي ٿو، جنهن لاءِ سٺن گريڊن توڙي فيس وغيره جو شرط هجي ٿو. پر جي ماڻهو ذهين به آهي پر سندس دلچسپي ڪتابن کان ويندي هُنر ۾ آهي ته کيس سندس دلچسپي مطابق اهو هنر سکڻ گھرجي، ائين هو پنهنجو ذهن بهتر نموني استعمال ڪري اعليٰ پائي جو ڪاريگر به ٿي سگھي ٿو. پر ذهين هوندي به شرط آهي ته فيس وغيره افورڊ ڪري سگھي ٿو ته اهو بيشڪ تعليم جاري رکي سگھي ٿو پر جي ان جي اسڪول ليول تي سٺي رزلٽ هجي، پر جي ان جي ابتڙ ڪو اسڪول ليول تي سٺو تعليمي رڪارڊ رکي ٿو پر اعليٰ تعليم جو خرچ ڀري نٿو سگھي ته ان لاءِ ضروري آهي ته ان کي ڪا مدد ملي جنهن لاءِ اسڪالرشپ سڀ کان اهم سپورٽ بڻجي ٿي. جنهن سان ڪو به سوچيندڙ ذهن تعليم کان محروم نه رهي ۽ ڪو به افورڊ ڪندڙ شاگرد ڪا مثبت موٽ نه ملڻ ڪري تعليم جاري رکڻ مان دلچسپي ختم نه ڪري ڇڏي. انهن ٻنهي لاءِ اسڪالرشپ نهايت اهم هجي ٿي. جنهن لاءِ ذميوار ملڪ توڙي تعليمي ادارا اسڪالرشپ مهيا ڪندا رهن ٿا. ته جيئن دنيا لاءِ سٺا هنرمند توڙي انجنيئر، ڊاڪٽر، سماجي سائنسدا، مختف فيلڊس ۾ سٺا اسڪالر ۽ سائنسدان پيدا ٿيندا رهن ۽ دنيا جي گولي لاءِ بهتري جو سبب بڻجندا رهن.
هيٺ اسڪالرشپ جي اهميت ۽ حاصل ڪرڻ جوطريقيڪار ڏنل آهي.
اسڪالرشپ ڇا آهي؟
اسڪالرشپ جنهن کي سنڌي ۾ وظيفو چئجي ٿو، وظيفو پئسن جي صورت ۾ ڪنهن به هونهار يا ضرورتمند شاگرد کي سندس تعليم جاري رکڻ لاءِ مختلف فردن، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين يا آزاد ريسرچ ادارن، عوامي ڀلائي ۾ يقين رکندڙ حڪومتن توڙي مختلف خانگي تنظيمن طرفان ڏنو وڃي ٿو.
اسڪالرشپ جا فائدا:
اسڪالرشپ مان ڪيترن ئي قسمن جا فائدا ڳڻائي سگھجن ٿا، جن ۾ سڀ کان اهم فائدو هي آهن.
• مهانگي فيس جي ڪري ڪوبه هونهار شاگرد اعليٰ تعليم پرائڻ کان محروم نه رهجي وڃي.
• ڪوبه ضرورتمند شاگرد جيڪو تعليم جو خرچ برداشت ڪرڻ جي قوت نه رکندو هجي ، اهو تعليم جاري رکي سگھي.
• اسڪالرشپ ملڻ ڪري شاگرد کي پيسن نه هجڻ جي ڳڻتي نه ٿي رهي، جنهنڪري بغير ڪنهن پريشاني جي شاگرد پنهنجي پڙهائي تي وڌيڪ ڌيان ڏيئي ٿو ۽ سٺن گريڊن ۾ ڊگري پاس ڪرڻ سان گڏوگڏ ريسرچ جي ميدان ۾ انساني ڀلائي خاطر ڪا اهم ايجاد يا نظريو به تخليق ڪري سگھي ٿو.
• اسڪالرشپ جي ڪري طبقاتي فرق ختم ٿئي ٿو ۽ ڪو به ضرورتمند شاگرد دنيا جي ڪنهن به اهم ۽ اعليٰ تعليمي اداري مان تعليم حاصل ڪري سگھي ٿو.
• اسڪالرشپ هجڻ ڪري ريسرچ جي ميدان ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سوچيندڙ ۽ تخليقي دماغن کي گڏ ڪري عالمي ريسرچ انسٽيٽيوٽس توڙي بهتر يونيورسٽين جي اهم پروفيسرن جي نگراني ۾ ڪم ڪرايو وڃي ٿو، جنهن سان دنيا جي مجموعي ڀلائي خاطر سائنسدان اهم تخليقون ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا.
• اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ شاگرد ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي طور به سماج سڌارڪ جو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ وڌيڪ مائل هجي ٿو، جنهنڪري سوسائٽي ۾ گڏيل ڀلائي ۽ سهڪار ڪرڻ جي قوت وڌي ٿي.
• اسڪالرشپ دنيا کي گڏيل سوچ ۽ فڪر ڏيئي ٿي، جنهن ۾ بغير رنگ، نسل ۽ ٻوليءَ جي دنيا جا هونهار شاگرد چونڊيا وڃن ٿا. جيڪي پنهنجي طور تي دنيا جي گولي تي سفارتڪار جي حيثيت رکن ٿا.
اسڪالرشپ جي اهميت:
اسڪالرشپ ڪنهن به شاگرد ۾ خوداعتمادي پيدا ڪري ٿي، جنهن سان هو وڌيڪ بهتر نموني سان تعليم جاري رکي ٿو. اسڪالرشپ شاگرد توڙي سندس خاندان ۽ ملڪ جي دل ۾ محبت ۽ پنهنجائپ پيدا ڪري ٿي، جنهن سان مختلف قومن جي وچ ۾ همدردي ۽ پنهنجائپ سان گڏ هڪٻئي سان تعلقات قائم ڪرڻ ۽ واپار ڪرڻ جا رستا کلن ٿا. هڪٻئي جي بهتر پاليسين مان فائدو حاصل ڪري سگھجي ٿو. عالمي ليول تي موقعا پيدا ٿين ٿا، دنيا هڪٻئي جي ويجهو ٿئي ٿي، ٻولين جا فرق ختم ٿين ٿا، مختلف سماج ويجها ٿين ٿا، سفارتڪاري ٿئي ٿي ۽ مجموعي طور دنيا ۾ امن، ڀائيچاري جا امڪان وڌن ٿا، ترقي ۽ واڌارو اچي ٿو.
اسڪالرشپ ڪيئن حاصل ڪجي؟
انسان لاءِ سڀ کان اهم تعليم آهي، جيڪا انسان کي سمجهه عطا ڪري ٿي، کيس ڄاڻ سان گڏ عقلمند بڻائي ٿي ۽ جيڪڏهن تعليم پنهنجي ملڪ کان ٻاهر پرائجي ته زندگيءَ جو سڀ کان يادگار تجربو به بڻجي وڃي ٿي. ڪنهن به شاگرد لاءِ بهترين تعليم سان گڏ هن خوبصورت دنيا کي ڏسڻ جو سبب به بڻجي ٿي. هر ذميوار والدين ۽ هونهار شاگرد جي خواهش هجي ٿي، ته کيس ٻاهر وڃي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي. پر جيئن ته دنيا جي بهترين يونيورسٽين يا ٻين ملڪن ۾ وڃي تعليم حاصل ڪرڻ آسان نه آهي ۽ ڪافي خرچ گھربل هجي ٿو، جنهنڪري ڪو دؤر هو جو ڪجهه سرندي وارن ماڻهن جا ٻار ٻاهران پڙهي ايندا هئا.
اسان جي ملڪ جي آزادي کان پهرين ٻاهران پڙهي آيل سنڌين جو مثال وٺنداسين ته آڱرن تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ئي انگلينڊ، جرمني، ايران يا ڪجهه ٻين ملڪن مان پڙهي آيا هوندا، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سال 2000ع تائين به ڪجهه سرندي وارن يا وري ملڪ ڇڏي ٻاهر آباد ٿيندڙ فيملين سميت ڪجهه سئو ماڻهو ئي ملندا، جيڪي پاڪستان گورنمينٽ جي خرچ تي يا ٻي ڪا مخصوص اسڪالرشپ حاصل ڪري ٻاهران تعليم حاصل ڪري آيا هوندا.
پر سال 2000ع کان پوءِ ذهين ۽ حقدار شاگرد لاءِ انيڪ موقعا پيدا ٿيا آهن، جن لاءِ نه صرف پنهنجي ملڪ پاڪستان پر ترقي يافته ملڪن توڙي دنيا جي بهترين يونيورسٽين، ڪامياب تنظيمن ۽ فردن طرفان سماجي ڀلائي، برابري لاءِ ۽ ذهين شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ ۽ مجموعي طور هن دنيا جي ڀلائي لاءِ مختلف اسڪالرشپس ڏنيون وڃن پيون. پر اها به حقيقت آهي ته اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ آسان نه آهي، جيئن ته اسڪالرشپون ٿوري تعداد ۾ هجن ٿيون ۽ اميدوار تمام گھڻا ۽ مختلف ملڪن طرفان اسڪالرشپ ڏيڻ لاءِ مختلف شرط به رکيل هجن ٿا. پر گھربل مهارت سان گڏ، ارادي جي پختگي ۽ مسلسل ڪوشش ڪرڻ سان اسڪالرشپ حاصل ڪري سگھجي ٿي.
اسڪالرشپ چاهي ڪنهن ملڪ طرفان هجي، يا اداري يا وري ڪنهن فرد طرفان. ان جا مختلف قسم هجن ٿا، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
اسڪالرشپ جا قسم:
• ميرٽ جي بنياد تي ملندڙ اسڪالرشپ
• ضرورت جي بنياد تي ملندڙ اسڪالرشپ
• مخصوص شاگردن يا علائقن لاءِ ملندڙ اسڪالرشپ
• مخصوص مضمون ۾ ملندڙ اسڪالرشپ
• مخصوص يونيورسٽي طرفان ملندڙ اسڪالرشپ
• مخصوص پروفيسر طرفان ملندڙ اسڪالرشپ
• مخصوص پراجيڪٽ تحت ملندڙ اسڪالرشپ
اسڪالرشپ مهيا ڪندڙ:
• مختلف ملڪن جي حڪومت طرفان
• مختلف تنظيمن جي طرفان جيئن اقوام متحده
• بين الاقوامي ادارن طرفان
• مشهور ماڻهن طرفان
• مختلف يونيورسٽين طرفان
• مختلف پروفيسرن طرفان
• مختلف چٽاڀيٽي جي امتحان ۾ پاس ٿيڻ ڪري
اسڪالرشپ ڳولڻ جو طريقيڪار:
اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي تعليمي ڪواليفڪيشن مطابق سڀ کان پهرين دنيا جي مختلف ملندڙ اسڪالرشپ اسڪيمن تي نظر رکڻ گھرجي ۽ انهن لاءِ گھربل شيون پوريون ڪري رکڻ گھرجن، ان لاءِ مختلف ملڪن جي تعليم جي وزارت جي ويب سائيٽ، سندن سفارتخاني جي ويب سائيٽ، مختلف فلاحي تنظيمن جي ويب سائيٽ يا وري سندن ايندڙ اشتهارن تي نظر رکڻ گھرجي، ويندي پنهنجي پسند جي يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي به نظر رکڻي پوندي يا وري ڪنهن خاص پروفيسر سان رابطو ڪرڻ گھرجي، جنهن وٽ فنڊنگ هجي. ائين وري مختلف آن لائين ڊيٽابيس تي وقتاَ به وقت جاچ ڪرڻ کان ويندي مختلف ريسرچ ۽ اسڪالرشپ گروپس تي به پڇا ڪندو رهڻ گھرجي.
مثال طور، جيئن آمريڪا لاءِ فل برائيٽ اسڪالرشپ آهي، يا وري انگلينڊ طرفان هر سال ايندڙ ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ يا وري ٻين مختلف ملڪن جيئن چائنا، آسٽريا ۽ جرمني جي حڪومت طرفان ساليانو ملندڙ اسڪالرشپ تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. جنهن لاءِ سڀ کان اهم طريقو پنهنجي پسند جي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ان اسڪالرشپ جي گھربل معلومات لاءِ انهن جي ويب سائيٽ تي نظر رکڻ گهرجي ۽ ضروري ڪاغذات تيار ڪري ڇڏڻ گھرجن ته اعلان ٿيڻ شرط اپلاءِ ڪري سگھجي.
اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏيڻ جو طريقيڪار:
اڪثر بين الاقوامي سطح تي اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏيڻ جو طريقو آن لائين هجي ٿو، جتي درخواست فارم ڀري ۽ گھربل ڪاغذ اٽيچ ڪري سگھجن ٿا. پر ان کان علاوه ٻين ملڪن جي حڪومتن وچ ۾ ايڪسچينج پروگرام تحت يا لوڪل گورنمينٽ يا پاڪستان هاير ايجوڪيشن جي تعاون سان هلندڙ اسڪالرشپ پراجيڪٽ ۾ آن لائِن درخواست سان گڏ گھربل ڪاغذ پوسٽ به ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي.
اسڪالرشپ لاءِ قابليت جو شرط:
ڪنهن به اسڪالرشپ لاءِ قابليت جو شرط اسڪالرشپ جي نوعيت مطابق هوندو آهي. جيئن ڪي اسڪالرشپس مختلف خطي جي شاگردن لاءِ هونديون آهن، جيئن انڊر ڊولپنگ ملڪ، ڪي وري ڪنهن به شاگرد جي پراڻي ڊگري جي پرسنٽيج، سندس عمر، فيلڊ ، ڪنهن به ٻوليءَ جي اچڻ يا ان جي مهارت ، جِي آر اِي جي اسڪور ۽ گھربل پروپوزل جي معياري جو به شرط هوندو آهي.
اپلاءِ ڪرڻ جو وقت:
اڪثر بين الاقوامي يونيورسٽين ۾ داخلائن جو سلسلو سال ۾ ٻه کان ٽي دفعا ٿئي ٿو، پر سيپٽمبر مهيني ۾ شروع ٿيندڙ سيشن وڌيڪ اهم هجي ٿو، جو بين الاقوامي طور تي سيپٽمبر ۾ داخلائن جو گڏيل سلسلو شروع ٿئي ٿو ۽ ڪاليج جا رزلٽ به تازا اچن ٿا، تنهنڪري اڪثر ملندڙ اسڪالرشپون جنوري مهيني ۾ انائونس ٿين ٿيون، جن ۾ درخواست ڏيڻ جو وقت ڊسمبر جنوري کان اپريل مئي تائين هجي ٿو ۽ جون ۾ رزلٽ انائونس ٿئي ۽ انرولمينٽ جولاءِ جي آخر ۾ يا آگسٽ ۾ ۽ سيپٽمبر ۾ ڪلاس هلايا وڃن ٿا. اهڙي طرح سال جو ٻيو سيشن فيبروري ۾ ٿئي ٿو جنهن لاءِ درخواست فارم آڪٽوبر کان نومبر تائين گھرايا وڃن ٿا ۽ ڪلاس جنوري جي آخر ۾ يا فيبروري ۾ شروع ڪيا وڃن ٿا. پر اسڪالرشپس خاص طور سيپٽمبر واري سيشن ۾ انائونس ٿين ٿيون. ان ڪري ڪوشش ڪري ماڻهو داخلا سيپٽمبر واري سيشن ۾ وٺي، جيڪو بين الاقوامي طور تي نئين سال جي داخلا جو وقت سمجهيو وڃي ٿو. ۽ ان ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا به آهن. پر داخلا ۽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي لاءِ ضروري آهي، ته مسلسل اپلاءِ ڪجي ۽ مختلف ملڪن توڙي يونيورسٽين ۾ داخلا جي لاءِ شيڊول ۽ اسڪالرشپ ملڻ جا وقت نوٽ ڪري رکجن ۽ اڳواٽ گھربل شيون پوريون ڪري رکڻ گھرجن ته ڪاميابي يقيني ٿي وڃي ٿي.
داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ گھربل ڪاغذ:
داخلا پي ايڇ ڊي يا ايم فل ۾ وٺڻي آهي ته ضروري ڊگري سرٽيفڪيٽن ۽ ٽرانسڪرپٽن سان گڏ، پنهنجي فيلڊ ۾ ڪن به ٻن پروفيسرس يا ذميوار ماڻهن جو ليٽر ۽ ريسرچ پروپوزل هجڻ گھرجي. پر جي داخلا بيچلر ڊگري پروگرام ۾ آهي ته ريسرچ پروپوزل جي ضرورت نه آهي، ڪجهه ملڪن جي يونيورسٽين ۾ داخلا يا اسڪالرشپ ملڻ لاءِ گھربل ڪاغذن سان گڏ انگريزي ٻولي جي مهارت لاءِ سرٽيفڪيٽ يعني IELTS يا TOEFL گھربل هوندو آهي، يا ان سان گڏ ڏيهي توڙي بين الاقوامي GRE جو پاس هجڻ به ضروري هوندو آهي، پر اهڙي قسم جون اسڪالرشپس ڪجهه ملڪن يا مخصوص اسڪالرشپس لاءِ هونديون آهن، جيڪي به ڪري ڇڏجن ته وڌيڪ ڪارائتو ثابت ٿيندو. پر انهن جي نه هجڻ ڪري به موقعا انيڪ هجن ٿا.
اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري هدايتون
• ڪوشش ڪري پنهنجي فيلڊ جي مطابق مختلف ملڪن خاص طور جن ملڪن طرفان اسڪالرشپون اينديون رهن ٿيون انهن جي ڪجهه بهترين يونيورسٽين جو انتخاب ڪري ڇڏڻ گھرجي.
• انهن يونيورسٽين ۾ ڪجهه پروفيسرس جيڪي پنهنجي فيلڊ جا هجن انهن سان به اِي ميل تي رابطي ۾ اچي کين پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪري ڇڏڻ گھرجي.
• ڪوشش ڪجي ته پنهنجو گھربل ريسرچ پروپوزل به تيار ڪري ڇڏڻ گھرجي. جنهن ۾ مختلف يونيورسٽين يا پروفيسرس جي گھرج مطابق ڪجهه تبديلي آڻي سگھجي ٿي.
• ائين جڏهن به ان ملڪ جي حڪومت طرفان اسڪالرشپ انائونس ٿئي ته يڪدم ضروري درخواست فارم ۽ گھربل ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏڻ گھرجن.
• نه صرف حڪومت طرفان پر جي ان يونيورسٽي طرفان يا ان يونيورسٽي ۾ موجود ڪنهن پروفيسر طرفان به اسڪالرشپ جو اعلان ٿئي ته ان ۾ به درخواست ڏيڻ گھرجي.
• مٿين ڳالهين تي عمل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته شاگرد کي اهڙن ملڪن ۾ موجود يونيورسٽين جي لسٽ ٺاهڻ گھرجي، پوءِ ان يونيورسٽي جي گھرجن پٽاندڙ ضروري ڪاغذ اڳواٽ ئي تيار ڪري ڇڏڻ گھرجن.
• حقيقت ۾ هي پراسس لڳاتار ڪرڻ جو آهي، ڪي چند خوشنصيب ئي هجن ٿا، جن کي پهريون دفعو ئي اپلاءِ ڪرڻ سان اسڪالرشپ ملي وڃي ٿي، نه ته اڪثريت کي ڪيئي دفعا، ڪيئي سال لڳاتار ڪوشش ڪرڻ جي نتيجي ۾ اهڙا موقعا ملن ٿا.
• ان ڪري ضروري آهي ته اهڙيون اهم اسڪارشپون جيڪي هر سال ڪنهن ملڪ جي طرفان يا ڪنهن يونيورسٽي يا پنهنجي ئي ملڪ جي طرفان ٻاهر پڙهڻ لاءِ هجن، انهن لاءِ گھربل شين جي اڳواٽ ئي خبر هجي. ان ڪري ضروري آهي ته ماڻهو سموريون گھرجون پوريون ڪري ڇڏي ۽ آسانيءَ سان وقت اچڻ تي بغير ڪنهن پريشاني جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.
• هميشه درخواست ڏيڻ وقت ضروري تعليمي سرٽيفڪيٽن سان گڏ پاسپورٽ ۽ تصويرن ۽ پروپوزل جو هجڻ ضروري هجي ٿو. اهي به تيار هجڻ گھرجن.
• آخر ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن سمورن ويب سائيٽس ۽ سوشل نيٽورڪنگ گروپس تي سدائين نظر هجي ته جيئن ڪٿي تاريخ نڪري نه وڃي.
• اپلاءِ ڪرڻ ۾ مشڪلاتن جي صورت ۾ پنهنجي استادن يا سينئر دوستن سان مشورو ڪرڻ گھرجي.
• ائين به ٿي سگھي ٿو ته بغير اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جي به دنيا جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ڇڏجي ۽ جي ڪا پنهنجي ملڪ طرفان يا ڪنهن فلاحي اداري طرفان ڪا اسڪالرشپ اچي ته ان ۾ فائدو ٿي سگھي ٿو، جو اڪثر اهڙيون اسڪالرشپس به اينديون آهن جيڪي ڪنهن به ضرورت مند شاگرد لاءِ جيڪو پرڏيهه جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هجي يا وري وڃڻ جي تياري ۾ هجي يا داخلا جي صورت ۾ پيسن جي کوٽ هجيس ته ان لاءِ هن قسم جي اسڪالرشپ ڪافي ڪارائتي ٿئي ٿي.
• اڪثر ائين به ٿئي ٿو ته ڪجهه هونهار ۽ باهمت شاگرد پنهنجي مدد پاڻ تحت دنيا جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي نڪري وڃن ٿا ۽ ڪجهه مهينن جا پيسا ساڻ ڪري پهرين سيمسٽر جي فيس جمع ڪرائي ڌارئي ملڪ ۾ پهچي وڃن ٿا، پوءِ ڪجهه شاگردن کي ڪا نه ڪا اسڪالرشپ ملي وڃي ٿي يا وري ڪو پارٽ ٽائيم ڪم ملي وڃي ٿو.
اسڪالرشپ ۽ داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ اهم امتحان:
دنيا جي مختلف ملڪن جي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ شرط مختلف ٿي سگھن ٿا، پر داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪواليفڪيشن ۽ فنائنس سان گڏ مختلف ٻولين مان ڪنهن به هڪ جي مهارت جو سرٽيفيڪٽ هجڻ لازمي هجي ٿو. خاص طور انگريز ملڪن ۾ انگريزي ٻولي جا ٻه وڏا امتحان IELTS ۽ TOEFL ۾ گھربل رزلٽ هجڻ لازمي آهن. البته ڪنهن به يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ GRE جو پاس هجڻ لازمي نه ٿو هجي. پر اسڪالرشپ جي لازمي انگريزي جي ڪنهن به هڪ سرٽيفڪيٽ سان گڏ GRE جو سٺو اسڪور هجڻ اهم سمجهيو وڃي ٿو. دنيا جي ڪجهه اهم اسڪالرشپس ۾ خاص طور انگريز ملڪن نيوزيلينڊ، آسٽريا، آمريڪا، ڪيناڊا ، انگلينڊ کان ويندي يونائيٽڊ نيشن طرفان ملندڙ اسڪالرشپس توڙي مختلف ملڪن طرفان ملندڙ اهم ريسرچ فنڊنگس ۾ هي شرط هجن ٿا، انڪري هنن سرٽيفڪيٽس جي اهميت تمام گهڻي آهي، پر ائين به نه آهي، انگريزي کان سواءِ به يا GRE کان سواءِ به ڪافي اسڪالرشپس ملن ٿيون ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جي يونيورسٽين ۾ داخلائون به ٿي وڃن ٿيون. پر هنن سرٽيفڪيٽس هجڻ ڪري وڌيڪ بهتر موقعا به ملي سگھن ٿا، جنهنڪري هنن تي ڌيان ڏيڻ گھرجي ۽ تياري ڪري پاس ڪرڻ سان ماڻهو لاءِ ڪافي موقعا نڪري اچن ٿا.