ڏاڪڻ
منھنجو تعلق حيفا سان آھي، پر مون کي پنھنجو جنم- ھنڌ ڏاڍو گھٽ ياد آھي. منھنجي ذھن ۾ اُھا جاءِ محفوظ آھي، جتي مان ھڪ ننڍڙي ٻارڙيءَ جي حيثيت سان کيڏندي ھيس. جڏھن مان چئن سالن جي ھيس، جو مون کي حيفا کان نيو ويو. 21 سالن کان پوءِ، 29 آگسٽ 1969ع تي مون ٻيھر حيفا ڏٺو- جڏھن مان ۽ ڪامريڊ سليم ھڪ سامراجي جھاز تي قبضو ڪري فلسطين آياسين، جيئن دشمن جي قبضي ھيٺ آيل ملڪ سان عقيدت جو اظھار ڪري سگھون، ۽ پنھنجي ڌرتيءَ تي اھو به واضح ڪري سگھون، ته اسان پنھنجي اباڻي وطن کي وساريو ناھي. افسوس اھو آھي ته، ڪمزور اسرائيلي دشمن اسان کي آمريڪي ۽ فرانسيسي جھازن جي دستن ۾ وڪوڙي، اسان جي ڌرتي تي لاٿو.
حيفا بابت مونکي پنھنجن وڏن، دوستن ۽ ڪتابن ذريعي ئي ڄاڻ حاصل ٿي ھئي، مون پولار مان ئي پنھنجي ڌرتيءَ جي رنگ کي محسوس ڪيو، ۽ پنھنجي اباڻي ڌرتيءَ بابت خيال مرتب ڪيم. حيفا کي جبلن جي عافيت، سمنڊن جو ميلاپ ۽ ميدانن جي وسعت نصيب ٿيل آھي. پر مونکي اتان جي ھوا ۾ ساھ کڻڻ جو اختيار حاصل ڪونھي. يورپي يھودي ۽ سندن ساٿي، ھٿيارن جي زور تي انھيءَ ڌرتيءَ تي قابض آھن. اسان کي جلاوطن ڪيو ويو آھي، ۽ ھو غاصب ھوندي به مالڪ آھن! اھي منھنجي شھر ۾ انھيءَ ڪري ٿا رھن ته، اڳ ۾ ته ھو يھودي آھن، ۽ ٻيو ته طاقت به ھنن وٽ آھي. جڏھن ته اسين، فلسطيني عرب ھٿين خالي آھيون، پر صحرائن جا پٽ، اسان جا سپوت، انھيءَ عزم سان جيئن ٿا ته اسان به قوت حاصل ڪنداسين ۽ آزادي به.
مونکي پنھنجي خاندان ۽ سڀني فلسطينين جيان حيفا پسند آھي. شروع شروع ۾ حيفا لاءِ منھنجو عشق جذباتي سطح جو ھو- جيئن خوابن جھڙي ڌرتيءَ لاءِ ٻار جا جذبا ھوندا آھن. پر جيئن جيئن مان وڏي ٿيندي ويس، تيئن پاڻ بابت سوچ ۽ علم وڌندو ويو. مونکي خبر پئي ته، منھنجون ته تاريخي پاڙون آھن، ۽ اسان جي جدوجھد سان ڀرپور تاريخ آھي؛ ۽ منھنجي قوم ٻين قومن کان وڌيڪ نه، ته سندن برابريءَ جھڙي حيثيت رکندڙ ضرور آھي. مونکي اھو يقين پڻ ٿيو ته منھنجي طبقي جا ماڻھو ۽ ڪارڪن، استحصال جا شڪار ماڻھو ئي سڄي قوم کي قدامت جي پستيءَ مان ڪڍي، جبر کان آزاد ڪرائي سگھن ٿا. مونکي اسڪول ۾ جو ڪجھ پڙھايو ويو ھو ته، اسانجي ڪابه تاريخ ناھي، ۽ فلسطيني ڪائي قوم ناھي. علم جي جستجو مونکي انھيءَ حد تائين آندو، جتي خبر پيم ته ھٿ ٺوڪين مؤرخن ڪيئن اسانجي ڪردار ۽ اسانجي ذڪر لائق ڪارنامن کان انڪار ڪيو آھي.
مون کي خبر ھئي ته مونکي تاريخ ۾ اھم ڪردار ادا ڪرڻو آھي. مان پنھنجي عوام، ۽ پاڻ پنھنجي ذات جي آزاديءَ لاءِ انقلابي بڻجي ويس. مان دراصل 1930ع جي ھڪ فلسطيني انقلابيءَ ازدين ڪسم کان ڏاڍي متاثر ھيس- جنھن عرب سرزمين تي سڀ کان اڳ، منظم طريقي سان مزدورن ۽ ھارين جي انقلاب کي عملي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. انھيءَ سلسلي ۾ ھو ھڪ ڊگھي عرصي تائين لڪل سرگرمين ۾ مصروف رھيو. 1935ع ۾ ماڻھن جي لڳاتار غداري ۽ مقصد کان غفلت کي ڏسندي ھن ھٿياربند جدوجھد شروع ڪئي. اھا جدوجھد برطانوي سامراج، يھودين ۽ عرب قدامت پسنديءَ جي خلاف ھئي. انقلابين ۾ مزدور، ھاري ۽ ترقي پسند ماڻھو شامل ھئا. انھيءَ بغاوت جو سبب برطانوي سامراج پاران يھودين ۽ رجعت پسند عربن جي مدد سان فلسطينين کي محڪوم ڪرڻ جي ڪوشش ھئي. 1936ع ۽ 1939ع جي وچ ۾ فلسطين تي يھودين جو قبضو ٿي ويو. جڏھن ته مؤرخ انھيءَ کي 1946ع ۽ 1948ع وارو وقت چون ٿا. 1936ع ۾ ھارين جي ھڙتال اپريل کان آڪٽوبر تائين ھلي. مقصد اھو ھو ته، فلسطين ۽ عرب سڃاڻپ جي مرحلن کي مضبوط ڪري، جمھوريت جي واڌاري لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي. ۽ فلسطين ۾ ايندڙ يھودين ۽ برطانوي پٺوئن کي ڌِڪي ڪڍيو وڃي. پر نتيجو اھو نڪتو، جيڪو سامراجين گھريو ٿي. رائل ڪميشن 1937ع ۾ قائم ٿي، جنھن فلسطين جي ورھاڱي جو منصوبو پيش ڪيو، جيڪو تسليم ڪيو ويو. تنھن ڪري انقلابي تحريڪ ويتر زور وٺي ويئي. پر فلسطيني غدارن ھٿان، جن جي پٺ ڀرائي عرب حڪومت جا معتمدين ۽ برطانوي يھودي ڪري رھيا ھئا، ھن تحريڪ کي دٻايو ويو ۽ ڪسم کي شھيد ڪيو ويو. اھو يقين ته ٿي ويو ھو ته، انقلاب بھرحال ھن علائقي جو مقدر آھي، پر دشمن انقلاب جي روشنيءَ کي في الحال ته ختم ڪري ڇڏيو، ۽ ڪسم جي ڪردار تي گند ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي. فلسطين جي آزاديءَ جو پاپولر فرنٽ ڪسم جي شھادت کان پوءِ وجود ۾ آيو. ھن جي نسل انقلاب جي شروعات ڪئي ھئي، ۽ منھنجي پيڙھي انقلاب کي مڪمل ڪندي.
مون 1936ع ۾رستخير جي ڪھاڻي اڪثر ڪتابن ۾ پڙھي. پر مان ذاتي تجربن جي حوالي سان 1948ع کان پنھنجي ديس واسين جي تلخ زندگيءَ کان واقف آھيان. مون 13 اپريل 1948ع تي، پنھنجي چوٿين جنم ڏينھن کان فقط چار ڏينھن پوءِ حيفا کي الوداع چيو. منھنجو جنم- ڏينھن نه ملھايو ويو، جو 9 اپريل تي فلسطين ۾ يوم- ماتم ھو. ھاڻي مان 29 سالن جي آھيان، پر مون اڄ تائين پنھنجو ڪوبه جنم- ڏينھن نه ملھايو آھي- ۽ انھيءَ ڏينھن تائين نه ملھائينديس، جيسين وري حيفا واپس نه وران. ڇو ته حيفا کي مون پنھنجي مرضيءَ سان نه ڇڏيو ھو. اھو فيصلو منھنجي خاندان نه، پر انھن ماڻھن ڪيو ھو، جن جا ھٿ اسان جي نسل جي رت سان رنڱيل آھن.
منھنجي خاندان جا يھودي پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا ھئا. اسان اسٽين ٽون اسٽريٽ ۾ رھندا ھئاسين، جتان يھودي ھيڊ ڪوارٽر ويجھو ھو. اھو علائقو حيفا جي فيشن ايبل علائقن ۾ شمار ٿيندو ھو. منھنجي يھودي ٻارن سان ڄاڻ سڃاڻ ھئي. منھنجي سڀ کان سٺي سھيلي تمارا يھودڻ ھئي، پر اسان منجھ ڪوبه فرق نه ھوندو ھو. مونکي عرب ۽ يھوديءَ جي فرق جي ڄاڻ نه ھئي. منھنجي ۽ تمارا جي لاڳاپن ۾ تبديليءَ جو موڙ ته 29 نومبر 1947ع تي آيو جڏھن گڏيل قومن فلسطين کي ورھائي، مون کي ۽ تمارا کي ڌار ڌار ڪري ڇڏيو. تمارا جي حصي ۾ 56 سيڪڙو علائقو آيو. (جڏھن ته يھودين پنھنجو آدمشاريءَ جي حساب سان فقط 8 سيڪڙو علائقي جي گھُر ڪئي ھئي.) مون مان اھا اميد ڪئي ويئي ھئي ته، مان انھيءَ فيصلي کي قبول ڪري وٺنديس ۽ تمارا جي نسل وارن کي واڌايون ڏينديس. مونکي پنھنجي انسانيت کان انڪار، ۽ يھودين جي اخلاقي- قانوني حيثيت کي مڃڻ ۽ پاڻ کي پنھنجي ئي گھر ۾، ۽ پنھنجيءَ ئي ڌرتيءَ تي پناھگير سمجھڻ لاءِ چيو ٿي ويو. عالمي يھوديت، آمريڪي سامراجيت ۽ سندس پٺوئن، مون لاءِ جلاوطنيءَ جي زندگيءَ کي مقدر بڻايو. وري سندن اھو مطالبو ته، اسان سندن اھو فيصلو قبول به ڪيون، جيئن سندن مطالبو حقيقي لڳي، ۽ سندس ھجرت ڪرڻ وارا ھڪ وار اچي آباد ٿين ته معاملو باقائدي طئي ٿي وڃي.
گڏيل قومن پاران فلسطين کي ورھائڻ جي منصوبي جي اعلان تي ٽي ڏينھن عام ھڙتال ٿي. پر اھا ھڙتال قطعي بي اثر ھئي. عرب قومي تحريڪ قطعي ختم ٿي چڪي ھئي. روايتي ادارا مضبوط ٿي چڪا ھئا. ڪارڪنن ۽ ھارين جون نيون تنظيمون ايترو مضبوط نه ٿيون ھيون جو قومي آزاديءَ جي عظيم ڪم ۽ مقصد جون ضرورتون پوريون ڪري سگھن. عجيب افراتفريءَ جي حالت ھئي. عرب يھودين کي ماري رھيا ھئا. يھودي عربن تي حملا ڪري رھيا ھئا. جيتوڻيڪ يھودين جي جارحيت منظم ۽ بامقصد ھئي، جڏھن ته عربن جي جارحيت انفرادي ۽ غير منظم ھئي. يھودين وٽ وڙھڻ وارا به ھئا ته ھٿيار به. ھنن جي ھٿيار بند فوج به ھئي ته جنگ جي نفسياتي طريقن کان به واقف ھئا. تنھنڪري يھودي اسان کان حيفا ڦُرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. عربن جو ڪمانڊر سرجان گلپ پاشا، جنھن جو تعلق اردن سان ھو، پنھنجي حيفا رجميٽ کي حيفا خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جيڪو حڪم برطانوي منصوبي سان ھڪ جھڙائي رکندڙ ھو، ۽ حيفا کي خالي ڪرڻ ۽ يھودين فتح کي مڪمل ڪرڻ ڏانھن قدم ھو.
تنظيم ھئڻ ۽ بچاءَ جي سمجھ ھئڻ سبب يھودين کي اندازو ٿيو ته گھٽ وقت، محنت ۽ ماڻھن جي سيڙپ سان ھو پنھنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي سگھن ٿا. حيفا جا 80 ھزار عرب پنھنجي سِر کي مقدم سمجھي، حيفا خالي ڪري آيا. اھا نيڪالي 9 اپريل يعني منھنجي جنم- ڏينھن کان شروع ٿي. يھودين ديرياسين جي ماڻھن جو وحشياڻو قتل عام ڪيو. اھو ھڪ اھڙو جرم ھو، جنھن يھودين جي بي رحميءَ کي واضح ڪيو، ۽ عربن کي چپ چپات ۾ شھر کان نڪرڻ تي مجبور ڪيو.
حيفا جي ڌرتيءَ تي 254 ماڻھن جي قتل، ۽ سوين عربن جي زخمي ھئڻ جو نذرانو ڏنو ويو. سندن خيال ھو ته اڃا ٻين ماڻھن جو قتل پڻ ٿيندو. سڄي شھر ۾ ڊپ ۽ ھراس ڦھليل ھو. ٻن ڏينھن کانپوءِ اھو ھراس منھنجي اڳيان به اچي بيٺو. مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو موت ڏٺو. مون کي ياد ناھي ته منھنجي سامھون مرڻ وارو يھودي ھيو يا عرب. مون کي فقط بم جو ٺڪاءُ ۽ مرڻ واري جي پيٽ مان بم لڳڻ سبب رت نڪرڻ ياد آھي. مان ڏاڪڻ ھيٺان لڪي ويس، ۽ گھٽيءَ ۾ پيل لاش کي گھوريندي رھيس. مان اھو سوچي ڊڄي رھي ھيس ته ڇا منھنجي پيءُ جو مقدر به اھو موت آھي!
خوف ۽ ھراس جي انھيءَ ماحول منھنجي خاندان کي به پنھنجا ڪک ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. اسان سڀ اَٺ ھئاسين. 13 اپريل 1948ع تي اسان سڀ سور ڏانھن روانا ٿياسين. مون کي ڪنھن نه ٻڌايو ته اسان ڇو وڃي رھيا آھيون، ۽ نه منھنجي سمجھ ۾ آيو. امان ڀاڙي جي ھڪ گاڏيءَ ۾ اسان کي ۽ ڪجھ سامان کي وجھي، بي ھوشيءَ جي حالت ۾ کڻي روانو ڪيو. ٿورو اڳتي وڌياسين ته خبر پئي ته اسان مان ھڪ گھٽ آھي. رڙيون واڪا ٿيا. اِھا مان ھيس، جنھنجي ڪنھن کي خبر نٿي پئي. گھڻي دير کان پوءِ منھنجي ٻن وڏين ڀينرن مون کي ھڪ وڏي دٻي پويان لڪل ڏسي ورتو، ۽ پٽاٽن جي ٿيلھي جيان ڳچيءَ کان کڻي امڙ جي سامھون پيش ڪيائون. مان ڏاڍي ڪاوڙيل ھيس، ۽ مون کي اڃا به سمجھ ۾ نٿي آيو ته اسان حيفا ڇڏي، سور ڇو ٿا وڃون. منھنجي پيءُ اسان سڀني کي ڳوڙھن ڀريل اکين سان الله واھي چيو، ۽ پاڻ اُتي ترسي پيو. مون کي ياد آھي، منھنجي اکين ۾ بس ھڪ شيءِ ھئي. پنھنجي گھر جي ڏاڪڻ.
مان ڪيترن مھينن تائين بابي سان نه مليس. جڏھن ھو سور آيو ته ڏاڍو لٿل ھو. ھو ڪنھن به قيمت تي حيفا کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه ھو. پر حيفا تي يھودين جي قبضي کان ھڪدم پوءِ 22 اپريل تي بابي کي حيفا ۽ ڌنڌي، ٻنھي کي ڇڏڻو پيو. پوءِ ھن اھو به ڏٺو ته يھودي اسان جي گھر ۾ داخل ٿي رھيا آھن. پوءِ ھن ڏٺو ته اسان جي گھر جو فرنيچر کنيو پيو وڃي، پوءِ بابي کي مصر موڪليو ويو.
ٽي چار مھينا مصر ۽ ٻين ھنڌن تي خوار ٿيڻ کان پوءِ، ڏاڍي مشڪل سان بابو پئسي پئسي جو محتاج ٿي اچي نيٺ سور پھتو. ٽيھن سالن تائين ڏينھن رات اسٽور ڪيپر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ وارو شخص ھاڻي پئسي پئسي جو محتاج ھو. ھو انھيءَ ڳالھ سبب به ڏکارو ھو، ته کيس لبنان جي شھرت نه ملي ھئي. ھو 1966 تائين يعني مرڻ گھڙيءَ تائين لبنان ۾ جلاوطن جي حيثيت سان رھيو. 18 سالن تائين ھو حيفا واپس ورڻ جي خوابن سان زندھ رھيو. پنھنجي پيءُ جي ڌيءُ جي حيثيت سان، پنھنجي پيءُ جي خواب کي تعبير ڏيڻ چاھيان ٿي. مان پنھنجي پيءُ ۽ قوم جي خوابن کي نابود ٿيڻ نه ڏينديس. جيڪڏھن مان فلسطين وڃڻ، ۽ فلسطين ۾ رھڻ تائين زندھ نه رھيس ته منھنجو اولاد يقينن اھو زمانو ڏسندو.
اولھ جا مؤرخ ۽ محقق اھو ٿا لکن ته، يھودي ميئر جي انھيءَ اعلان جي باوجود، ته ٻنھي نسلن جا ماڻھو مٺ محبت سان رھندا، عربن حيفا مان لَڏڻ شروع ڪيو! جيڪڏھن ميئر جو اعلان سچي نيت وارو ھجي ھا ته ڇا ھو انھيءَ وڳوڙ کي روڪي سگھي ھا، جيڪو شروع ٿي چڪو ھو. ڇا يھودين جو قبضي جو جنون گھٽ ٿي سگھي ھا، ۽ ڇا عربن کي نقصان رسائڻ جي ڪريل حرڪتن ۾ گھٽتائي اچي سگھي ھا؟ جيڪڏھن اھو ممڪن ھو ته پوءِ منھنجي ڀائرن جو قتل ڇو ٿيو، منھنجي ڀينرن جي لڄ ڇو لوئي وئي؟ جيڪڏھن اھو ممڪن ھو ته پوءِ ”معصوم برطانوي“ حاڪمن سوين ننڍيون ٻيڙيون ڇو ڏنيون، ته حيفا کان سور تائين فلسطينين کي نيو وڃي؟ جيڪڏھن اسان پنھنجي مرضيءَ سان گھر ڇڏي ويا ھئاسين، ته پوءِ آخر ڪھڙي مجبوري ھئي، جنھن جي ڪري يھودين اسان جي ملڪيتن ۽ ھر ذڪر لائق شيءِ تي قبضو ڪري ورتو؟ ھي اُھي سوال آھن، جن جا جواب ھر عزت لائق يھودي ۽ انھيءَ مؤرخ کي تلاش ڪرڻا پوندا، جن کي پنھنجي لفظن جي عزت جو اعتبار آھي.
اھو به چيو وڃي ٿو ته عربن جو مقصد حيفا تي ٻيھر قبضو ڪرڻ ھو. يھودين کي کڻي سمنڊ ۾ اڇليو وڃي، ۽ انھيءَ مقصد لاءِ عرب ملڪن ويھ ھزار ماڻھن جي ھڪ فوج به تيار ڪئي. پر اھي فوجون نه باقاعدہ تربيت حاصل ڪيل ھيون، ۽ نه انھن وٽ جديد ھٿيار ھئا. جڏھن ته سندن مقابلي ۾ سٺ ھزار تربيت حاصل ڪيل يھودي ھئا. عربن جي ڪائي مرڪزي قيادت ۽ ڪائي اخلاقي تحريڪ نه ھئي، جيڪڏھن ڪو ڪارنامو ٿي وڃي ھا ته، اھو اجتماعي نه، پر انفرادي عمل ھجي ھا. ھنن چواڻيءَ، عرب فوجون ته مئل سماجي ڍانچي جي قرباني ڏيڻ جيان ھيون، جيڪي جديد تربيت حاصل ڪيل دشمن جي مقابلي ۾ ڌڪجي وڃن ھا. اڃا به سمجھيو ٿي ويو ته ھو کٽي وڃن ھا.
(2)
لبنان اچڻ کان پوءِ، جڏھن به مان ڪنھن وڻ مان نارنگي پٽيندي ھيس، تڏھن امان دڙڪا ڏيندي ھئي. مان تنگ ٿي پڇندي ھيس، ”امان تون جھلين ڇو ٿي؟ اڳي ته ائين نه چوندي ھئينءَ!“ ۽ امان ڳوڙھا اگھندي چوندي ھئي، ”پُٽ تون حيفا ۾ ناھين. ھي باغ تنھنجو ناھي، ھاڻي تون ٻئي ملڪ ۾ آھين.“ انھيءَ کان اڳ جو مان اندر ڊوڙي وڃي ڳوڙھا اگھان، ھوءَ منھنجو منھن پنھنجي ھٿن ۾ جھلي، اعتماد سان چوندي ھئي، ”ھاڻي تون اھي نارنگيون نه پٽيندينءَ، جن تي اسان جو حق ناھي.“ مان ننڍپڻ جي معصوميت سان اقرار ۾ ڪنڌ لوڏيندي ھيس، پھريون ڀيرو منھنجي لاءِ جلاوطنيءَ جو احساس اڳيان اچي بيٺو ھو.
چئن سالن جي عمر ۾ منھنجي سامھون حق ۽ ناحق، زندگي ۽ موت جھڙا سوال اچي بيٺا. مان جيڪا گڏيل قومن جي ڏنل راشن ڪارڊ تي مانيءَ جي حقدار ھيس، ۽ ھڪ ڪمري ۾ اٺن ماڻھن جي خاندان ۾ دٻيل دٻيل ساھ جي اجازت ۾، اندر ئي اندر يھودين جي غير انساني رويي جو زھر پنھنجي زبان تي محسوس ڪري رھي ھيس. منھنجي اندر جي دنيا ۾ تباھيءَ سبب منھنجي طبيعت ۾ طوفان جھڙو جوش ھو، مان پنھنجي خاندان سا گڏ مايوسين جي ڏينھن کي زندگي سمجھڻ لاءِ مجبور ھيس.
1948ع جي سياري جي ھڪڙي ئي ياد ڪافي آھي. مان پنھنجي ڀينرن نول، رفيه ۽ راھاب سان گڏ، گڏيل قومن جي امدادي مرڪز مان راشن وٺڻ ويس، منھنجي ڀينرن کي تنگ ڪيو ويو. امان سخت ناراض ٿي. ھتي اسان بين الاقوامي خيرات تي زندہ ھئاسين، جڏھن ته يھودي، فلسطين ۾ اسانجي محنت جو ڦل کائي رھيا ھئا! منھنجا مغربي دوست ٻڌائين ٿا ته، يھودي چون ٿا ته، جڏھن ھنن فلسطين تي قبضو ڪيو، تڏھن فلسطين ويران صحرا ھو، جتي فقط مڇر ئي ھئا. ھنن اُن کي جھومندڙ فصلن ۽ سون اُپائيندڙ واديءَ ۾ تبديل ڪيو آھي. ھو اِھو به چون ٿا ته يھودي ته امن ٿا چاھين- جڏھن ته عرب خانه بدوش لڳاتار حملا ۽ چوريون ڪندا رھن ٿا، ۽ فلسطين جي علائقي ۾ باھيون ڏيندا رھن ٿا.
1948ع ۾ خزان جي موسم ۾ مونکي شرارتن کان بچائڻ لاءِ شيخ مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو. مون ۾ ڇوڪرن جيان کيڏڻ ۽ جارحيت جون خاصيتون ھيون، مان ڇوڪرن سان کيڏندي ۽ وڙھندي ھيس. منھنجي استاد زينه، چُست پوڙھي عورت ھئي، جنھن کي ٻارن سان بيحد پيار ھو، جنھن پنھنجي سڄي ڄمار ٻارن جي تربيت لاءِ وقف ڪري ڇڏي ھئي. پر ٻارن کي سندس ڊگھيون ڊگھيون تقريرون نه وڻنديون ھيون.
اسانجو اسڪول ۾ پڙھڻ جو ڪوبه پروگرام نه ھو. اھو ته بس وقت گذارڻ جو بھانو ھو. پر زينه ته سنجيدگيءَ سان مونکي قرآن پڙھائڻ جو منصوبو به ٺاھيو. ابجد سيکارڻ کان سواءِ ئي ھن پنجن کان ڇھن سالن جي ٻارن کي قرآن جا ڪجھ حصا ياد ڪرڻ لاءِ چيو. مون ياد به ڪيا. شيخ اسڪول مان ڪاميابي حاصل ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه ھو. ھر پاس ٿيڻ واري کي عوام جي سامھون قرآن جا حصا قراَت سان ٻڌائڻا پوندا ھئا. مان حضرت يوسف جو قصو مزي سان پڙھندي ھيس، ته ڪيئن ھو مصر ڏانھن ويو، ۽ ڪيئن فرعون مٿس پنھنجا حڪم مڙھيا ۽ سزائون تجويز ڪيون.
1959ع جي سرءُ جي مند ۾ فلسطينين لاءِ قائم ڪيل چرچز اسڪول جي پھرين ڪلاس ۾ منھنجي داخلا ٿي. انھيءَ سال گرمين ۾، مون پنھنجي ڀينرن کي قرآن پڙھندي ڌيان سان ٻڌو- ۽ جيئن جيئن مان قرآن ٻڌندي ھيس، تيئن اُن جي خيالن ۾ تصوير ٺاھيندي ويندي ھيس. مان رفيه سان ساڻ ساڻ ھوندي ھيس. جيئن ھوءَ ڪندي ھئي، مان به تيئن ئي ڪندي ھيس. جيڪو کيس ياد ھو، اھو مونکي به ياد ھو. ھوءَ اسڪول ۾ چوٿين درجي ۾ ھئي، ۽ مان سندس ڪلاس ۾ وڃڻ چاھيندي ھيس. مان انھيءَ ڪلاس ۾ داخلا جو ضد انھيءَ ڪري به ڪيو، جو پھريان ٻه ڪلاس شامياني ھيٺان زمين تي ھلندا ھئا. پر استاد مونکي پھرين ڪلاس ۾ ئي داخل ڪيو. مون ڪاوڙ منجھان رڙيون ڪيون، ”منھنجو امتحان وٺو، پوءِ ڏسو.“ مان چوٿين گريڊ جي عربي بنان ڪنھن غلطيءَ جي پڙھي ويندي ھيس. پوءِ استاد مون کان حسابن جو امتحان ورتو. اھو به پاس ٿيڻ جھڙو مون کي ايندو ھو. پر انگريزي منھنجي ناڪاميءَ جو سبب بڻجي وئي. مون کي انگريزيءَ جا بنيادي اکر ۽ چند اھي لفظ ايندا ھئا، جيڪي منھنجي ڀيڻ کي ايندا ھئا. جڏھن استاد بورڊ تي ”o “ لکيو، ته مون انھيءَ کي عربيءَ جا پنج سمجھيو. استاد کِلڻ لڳا، ۽ چيائون، ”تون واقعي ذھين ڇوڪري آھين، پر اڃا تنھنجو علم ٻئي گريڊ جي برابر ناھي. اسان تنھنجي ذھانت سبب توکي گريڊ ھڪ ۾ داخل ڪيون ٿا.“ ھڪ پاسي ته مون کي پنھنجي ٿورڙي سوڀ تي سرھائي ٿي، ۽ ٻئي پاسي ڪاوڙ ته مون کي وري ساڳي ڌرتيءَ واري ڪلاس ۾ ويھڻو پوندو. بھرحال ھاڻي مان ھڪ سنجيدہ شاگردياڻي ھيس، جيڪا عربيءَ کانسواءِ انگريزي، حساب، راند ۽ ڳائڻ سکي رھي ھيس. ھاڻي مان سليٽ تي لکڻ به ڄاڻندي ھيس. امان پنھنجي ڦاٽل پراڻن ڪپڙن کي ڪاٽي، مون لاءِ ھڪ اسڪول بيگ ٺاھي ھئي، ۽ مان پنھنجي انھيءَ سرمائي تي خوشيءَ مان نه ماپندي ھيس.
اسڪول جي انھن شروعاتي ٻن سالن ۾، مان جلاوطنيءَ جي زندگيءَ جي ھيراڪ ٿي ويس. انھن ٻن سالن ۾ فقط ھڪ مظاھرو ٿيو، جنھن ۾ فلسطين جي ياد جا ڦَٽ وري اُکلي پيا. جيتوڻيڪ ھاڻي مون کي فلسطين جي قصي جي باقاعدي ڄاڻ ھئي. پر مون کي ائين لڳو، ڄڻ 15 مئي 1951ع جو مظاھرو منھنجي پڙھائيءَ ۾ ھٿ چراند ھو. اسڪول کان موڪل ملي ويئي، پر مون انھيءَ سلسلي ۾ ڪو خاص حصو نه ورتو. مون پنھنجي ماءُ کان مظاھري جو مطلب ۽ مقصد پڇيو ڇوته مون کي احساس ھو ته پاڻ جيڏن ٻارن ۾ مان اڪيلي ڇوڪري ھيس، جيڪا مظاھري ۾ شامل نه ھئي. امان چيو، ”توکي پنھنجي ڀينرن سان گڏ، فلسطين تي يھودين جي ظالماڻي قبضي خلاف مظاھري ۾ شامل ٿيڻ گھربو ھو.“ مون اھو ته مڃيو، ته مظاھرو ٺيڪ ھو، پر اھو به چيم ته اسڪول جو ڪم انھيءَ کان وڌيڪ اھم ھو. امان کي منھنجي ڳالھين مان غداريءَ جي بوءِ آئي، ۽ ھن مون غداريءَ جي ٽِن اھم ڏينھن جي ياد ڏياري، جنھن کي رکڻ ھر فلسطيني عورت ۽ مرد لاءِ جزوي زندگي ھئڻ گھرجي. پھريون، اعلان بالفور 2 نومبر 1917ع، ٻيو 1947ع تي فلسطين جو ورھاڱو، ٽيون 15 مئي 1948ع تي اسرائيل جو وجود ۾ اچڻ. تڏھن کان اھي ٽيئي تاريخون منھنجي زندگيءَ ۾ اھميت رکن ٿيون.
1952ع منھنجي زندگيءَ ۾ ھڪ نئون موڙ ثابت ٿيو. جيتوڻيڪ مان ان وقت فقط ٽن سالن جي ھيس، پر حالتن جي جبر ۽ جلاوطني جي اذيتن مون کي سياسي ڄاڻ بخشي ھئي. پھرين مون کي پنھنجي ڀاءُ سياست ۾ آندو. مون کي پنھنجي ڀاءُ محمد ۽ بابي جو ان وقت جو سياسي بحث ياد آھي. اُن وقت محمد جي عمر 17 سال ھئي، ۽ ھو سڄي خاندان کي ٻڌائي رھيو ھو ته ڪيئن نوجوانن جي ھڪ ننڍڙي فوج مصر جي بدنام حڪمران شاھ فاروق جو تختو اونڌو ڪيو ھو. بابو انھيءَ انقلاب جي مخالفن مان ھو، ۽ چئي رھيو ھو ته فوجين جي اھا جماعت بلڪل اڻ تجربيڪار آھي. کين نه سياست جي ڄاڻ آھي، نه ملڪي انتظام جي- ۽ ھُنن ، انھيءَ شخص جو تختو اونڌو ڪيو آھي، جنھن 1948ع ۾ فلسطين جي بچاءَ جي جنگ وڙھي ھئي. محمد جي ڪاوڙ وڌي ويئي. ھن بابي کي ياد ڏياريو ته بادشاھ ته برطانوي سامراج جو پٺو ھو. جنھن فلسطين ۾ جنگ ھارائي ھئي، ۽ چئن سالن تائين فلسطين کي ٻيھر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوبه خيال نه ڪيو ھئائين. تنھن کان علاوه بادشاھ سندس خاندان ۽ ڇاڙتا ته مصر جي دولت سان عوام کان وڌيڪ دلچسپي رکن ٿا! سڄو خاندان خوش ھو ته، محمد کي بابا کان به وڌيڪ سياسي ساڃاھ آھي. محمد مصري رسالي ”اليوسف“ مان ڪيترا ٽڪرا ڪٽي، پنھنجي ڪمري جي ڀتين تي ھڻي ڇڏيا ھئا. ھن اھي سڀ بابي کي پڙھي ٻڌايا، ۽ بابي ڏاڍي خوشيءَ منجھان پٽ کي ايڏي معلومات گڏ ڪرڻ تي مبارڪ ڏني، ۽ انقلاب جي رستي تي قائم رھڻ جون دعائون پڻ. ھاڻي ته محمد اسان لاءِ سياسي مبصر ۽ مبلغ ٿي ويو ھو. خاص طور تي ڇوڪرين ته ھن مان گھڻو ڪجھ پِرايو. ٻيو ته ھو آمريڪن يونيورسٽيءَ ۾ پڙھي رھيو ھو، ۽ اسڪالر کڻندو ھو. اُتي ھن پنھنجا لاڳاپا عرب يوٿ موومينٽ سان پيدا ڪيا. جنھن ڪري ھن کي معلومات ۽ تنظيمي صلاحيت حاصل ڪرڻ جو موقعو به مليو.
1952ع جي سرءُ جي مُند ۾، مون پنھنجي فلسطينين لاءِ قائم ڪيل اسڪول ۾ داخلا ورتي، اھو مون لاءِ فيصلن جو سال ھو. ايندڙ ٽن- چئن سالن ۾ منھنجا سياسي خيال قطعي فيصلن تي پھچي ويا، ۽ مان سياسي طور تي پنھنجي راھ ٺاھي سگھيس. ان کان پوءِ ڪيترن واقعن منھنجي سياسي شعور کي جِلا بخشي، سخت طوفان، برف جو وسڪارو ۽ مھاجر ڪيمپن لاءِ چندو گڏ ڪرڻ وغيرہ.
1952ع جون خوشگوار گرميون، ڊسمبر ۾ سخت سيءَ ۾ بدلجي ويون. طوفان آيو، ۽ اھو شاميانو اُڏائي ويو جنھن ۾ اسان 70 ڇوڪريون ويھي پڙھنديون ھيوسين. ڪجھ زخمي ٿيون، باقي روشنيءَ کان ڊڄي ڊوڙڻ لڳيون. چوڌاري ڳَڙي ۾ ٻارڙين جا ڳوڙھا ۽ مٽي ھڪ ٿي ويا ھئا. اُن وقت، جڏھن سڀ ڇوڪريون پناھ جي ڳولا ۾ ڊپ وچان رڙيون ڪنديون ڊوڙي رھيون ھيون، مان خاموش بيٺي ھيس؛ جو ھي منظر ته اسان جي اباڻي ڌرتيءَ جي برباديءَ جو نقشو ورجائي رھيو ھو- انھيءَ واقعي جون مقامي طور تي ڪيتريون ئي لونءَ ڪانڊاريندڙ ڪھاڻيون شايع ٿيون- پر مغربي عيسائي خيرات جي آخر ڪا حد ھئي يا نه! شاميانو ٻيھر ھنيو ويو، جو ٻيو ڪو وسيلو نه ھو.
اُن وقت مون لاءِ شامياني جو ڪوبه مطلب نه ھو. مونتي ھاڻي اھو واضح ٿيو آھي ته ھزارين ماڻھو شاميانن ۾ رھڻ لاءِ ان ڪري مجبور آھن، جو زندھ رھڻ به ھنن لاءِ مسئلو آھي. 53ع جي شروع ۾ سخت سيءُ پيو. لبنان ۽ گليلي جي جبلن تي برف ڄمي ويئي، سڄي شھر ۾ برف جا ٽُڪر ۽ برف جي تِرڪڻ ھئي. مون کي ڏاڍو زڪام ٿي پيو، پر گھر ۾ ڪابه دوا نه ھئي، ۽ مونکي پنھنجا ڇڳل سينڊل پائي اسڪول وڃڻو پوندو ھو. فيبروريءَ جي ھڪ سخت شام جو ته مون کي ٻه فوٽ برف تان لنگھي گھر پھچڻ جي ڪوشش ڪرڻي پيئي. سرديءَ سبب منھنجي حالت خراب ھئي. مان رئندي رڙھندي گھر ۾ گھڙيس. ”بس، ھاڻي مون کي نوان سينڊل ۽ نوان جوراب گھرجن، جورابن کان سواءِ سينڊل گرمين ۾ پائبا آھن، لبنان جي سيءَ ۾ نه.“ امان مون کي ڏکاري نظرن سان ڏسندي رھي. پوءِ ڌيرج سان چيائين. ”جان! تون سمجھين ٿي، مونکي خبر ڪانھي ته تنھنجن ننڍڙن پيرن کي جورابن جي ضرورت آھي.“ اھو ٻڌي مونکي اڃا به ڪاوڙ لڳي، چيم، ”جيڪڏھن توھان کي خبر ھئي ته پوءِ سينڊل ۽ جوراب ڇونه وٺي ڏنوَ؟“ ھاڻي امان کي به ڪاوڙ لڳي، رڙ ڪري چيائين، ”ڇا اِھو گھٽ آھي ته، ٻين وٽ ته کائڻ لاءِ به ڪجھ نه ھوندو آ. ڪجھ سمجھيئي ليليٰ! ٻڌاءِ، ٻڌاءِ نه! مون ڪاوڙ مان چيو، ”نه – نه سمجھيم. آخر انھن وٽ سينڊل، کاڌو، گھر..... اھو سڀ ڪجھ آخر ڇو ناھي..... ڇو ناھي......“
امان چيو، ”انھن جي پيءُ- ماءُ وٽ ايترا پيسا ڪونھن، جيترا اسان وٽ آھن.سندن گھر گھاٽ فلسطين ۾ آھن، ۽ ھتي لبنان ۾ ھو واندا آھن، ڏس ليليٰ! اھي فلسطيني، جن جا مائٽ عرب ۾ ڪٿي به ناھن، تن لاءِ رھڻ لاءِ سواءِ خدا جي کُليل ڌرتيءَ جي ٻيو ڪجھ به ناھي. جيڪڏھن سَور ۾ اسانجا مائٽ نه ھجن ھا ته اسان ڪٿي رھون ھا. کُليل آسمان ھيٺان، انھن ٻارڙن جيان، جن جي مٿان شاميانو اُڏي ويو. جيڪڏھن مون وٽ سونَ جا ڪنگڻ جيڪي وڪڻي مان توکي کاڌو کارائيندي رھي آھيان، نه ھجن ھا ته ٻڌاءِ اسان ڪٿي ھجون ھا؟ اتي ئي نه، جتي اسان جا ٻيا ڀائر ڀينر آھن. اسان ڇا ۾ ھنن کان وڌيڪ آھيون، جيڪڏھن يھودي مون کي اغوا ڪري وڃن ھا ته، تنھنجو، تنھنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جو ڇا ٿئي ھا؟ توھان حيفا مان سلامتيءَ سان نڪري اچو ھا يا يھودين جي ظلمن جو شڪار ٿيو ھا؟ ڇا توکي کي خبر ناھي، ته يھودين ڪھڙي نموني اسان جي ساٿين کي ماريو؟ ۽ جيڪي بچي نڪتا، سي بُک ۽ سيءَ سبب اجل جو شڪار ٿي ويا. منھنجي ڌيءَ! مان توکي ڊيڄارڻ لاءِ ھزارين ٻيا داستان ٻڌائي سگھان ٿي. پر منھنجي مٺي! ڇڙو اِھو خيال ڪر ته، تون پرائي ڌرتيءَ تي آھين، ۽ تنھنجي پنھنجي ڌرتي ڌارين جي قبضي ۾ آھي. اسان ...... انھيءَ کي بچائڻ لاءِ ڏاڍو وڙھياسين ...... پر شڪست اسان جو مقدر ھئي، ۽ نيٺ اسان کي پنھنجي ئي ملڪ مان ڪڍيو ويو، تون؛ منھنجي مٺي، منھنجي ليليٰ پنھنجي ڌرتيءَ کي نه وسارجانءِ. تون ..... تنھنجيون ڀينر ...... تنھنجا ڀائر...... توھان کي پنھنجو سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ جي عزم سان ميدان ۾ لھڻو پوندو!“
مون کي ائين ٿي لڳو، ڄڻ مان ڪنھن ٻئي جي داستان ۾ گم ٿي ويئي ھيس. مان انھيءَ داستان کان متاثر ضرور ٿيس، پر مون کي تِرَ برابر به اھو احساس نه ھو ته، مان پاڻ انھيءَ داستان جو حصو آھيان، يا ٿي سگھان ٿي. نيٺ 1953ع جي بھار جي مُند مون کي اھو احساس ڏياريو ته، مان انھيءَ داستان جو حصو آھيان. منھنجي عمر 9 سال ھئي، ۽ مان پاڻ کي ڪلاس جي سڀ کان وڌيڪ تيز ڇوڪري ڀائيندي ھيس. منھنجي خود پرستيءَ جو اھو بُـت، منھنجي ڪلاس جي ڇوڪريءَ سميرا ڀڳو. ھوءَ ڪلاس ۾ پھريون نمبر آئي، مون کي ڏاڍو ساڙ ٿيو. منھنجو وس پڄي ھا ته مان کيس ماري وجھان ھا. ظاھري طور مون سندس ڏاڍي بي عزتي ڪئي، پر ھڪ لڱان ڪلاس ۾ اسان جي ويڙھ به چڱي ٿي. اسان ھڪ ٻئي جون چوٽيون پٽي رھيون ھيوسين جو ڪلاس ٽيچر اچي ويو. ھو حيران ٿي ويو ته ڪلاس جون سڀ کان ذھين ڇوڪريون پاڻ ۾ وڙھي رھيون آھن! اِنھيءَ استاد جي سامھان اسان وڙھڻ بند ڪري ڇڏيو، پر پوءِ ٻاھر اسان جي ويڙھ شروع ٿي ويئي. جڏھن استاد کي خبر پئي ته، ھو مون کي ڌار ڪمري ۾ وٺي ويو، ۽ جيڪي ڪجھ ھن چيو، سو مان ڪڏھن به وساري نه سگھنديس. استاد چيو، ”غريب ھارين جا ٻار به تنھنجي خاندان ۽ تو جيان ذھين ٿي سگھن ٿا- ۽ اھي ٻار ئي ته اصل فلسطيني آھن. ليليٰ پٽ! انھن فلسطين خوشيءَ سان نه ڇڏيو آھي، انھن اميرن جيان، جيڪي اڄ قاھرہ ۽ بيروت جي عظيم الشان محلن ۾ رھن ٿا. ھن کي ته ظالم يھودين زوريءَ ڌڪي ڪڍيو آھي- ليليٰ! اھي ئي اصل فلسطيني آھن. انھن جي عزت ڪر. انھن سان پيار ڪر.“
انھيءَ ليڪچر کان پوءِ استاد سميرا کي اندر گھرايو. اسان ٻنھي کي ھٿ ملائڻ لاءِ چيو. پوءِ استاد چيو، ”وڃ سميرا! ليليٰ کي پنھنجي ڪيمپ ۽ پنھنجي ساٿين سان ملائي اچ.“ ۽ ھاڻي مان سميرا سان گڏ ھيس.
ڪيمپ ڏسي مون کي لڳو، ڄڻ مان ته محل ۾ ٿي رھيس. ۽ ھاڻ مون کي پڇتاءُ اميرن جي رويي ۽ سڀني براين جو شدت سان احساس ٿيو. اتي ئي طبقاتي تضاد منھنجي ذھن جو حصو بڻيا، ۽ جيئن جيئن مان وڏي ٿيندي ويس، تيئن سماجي ننڍ وڏائي کان نفرت شعور جو حصو بڻبي ويئي. مون کي احساس ٿيو ته اسان جا دُک دور ٿي سگھن ٿا، جيڪڏھن سوشلزم اچي وڃي. پر منھنجا استاد، سميرا ۽ منھنجي ڪلاس جي ھڪ سھيلي عامرہ جو خيال ھو ته پھرين حقيقي آزادي ۽ سچي انسانيت جو دور اچي، پوءِ سوشلزم جي ڳالھ ڪري سگھجي ٿي.
مونکي ھنن، ڪجھ ڪلاڪن اندر اُھو ڪجھ سيکاري ڇڏيو، جيڪو مان ھزارين ڪتاب پڙھي به نٿي سِکي سگھيس. مون فلسطينين جي انھيءَ ڪيمپ ۾ بک، بي عزتي، مرض، لاچاري، اگھڙا پير، ڦوڪيل پيٽ ۽ دٻجي ويل اکين وارا ٻار ڏٺا. منھن جھڪايل، چٻيءَ چيلھ وارا پِيئر، سُڪل ڇاتين واريون مائون ۽ پولار ۾ بي مقصد گھوريندڙ انسان ڏٺا. جن جو نه ماضي آسرو ھو، نه مستقبل سندن پناھ! ھتي مون کي غربت ۽ بک جو اصل مطلب معلوم ٿيو. مون کي پنھنجون ھڏيون گوشت کان ڌار ٿيندي محسوس ٿيون. مان سڄي ڪيمپ ۾ گھميس، ماڻھن سان مليس، ۽ گھر وريس ته حقيقت منھنجي رت ۾ شامل ٿي چڪي ھئي. اٽڪل ست لک مھاجر انھن ڪيمپن ۾ رھيل ھئا. ڪجھ ويجھن علائقن ۾ محنت مزوري ڪري روزي ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا، ۽ باقي سڀ بک جي راڪاس اڳيان بيوس پيا ھوندا ھئا. ھو گڏيل قومن جي زباني خيرات جي شرم جھڙي عمل تي زندھ رھڻ تي مجبور ھئا. کين خبر ھئي ته عزت جي ماني عرب فلسطين انقلاب کان سواءِ ممڪن ناھي.
ھاڻي مون کي پاڻ ۾ پنھنجي ساٿين بابت وڌيڪ اعتماد محسوس ٿيو. بريام جي شام ڪيترا ٻار ھڪ ھفتي جي موڪل جي تياري ڪري رھيا ھئا. گھڻا ٻار لباس ۽ سوکڙين بابت ڳالھائي رھيا ھئا، جيڪي انھيءَ ڏڻ جي موقعي تي کين ملڻ جي اميد ھئي. اتي ئي ھڪ خاموش ۽ اداس ڇوڪري ويٺي ھئي. سندس ڪپڙا ڏاڍا ميرا ھئا، ۽ ھوءِ بلڪل اڪيلي ويٺي ھئي. منھنجي سڃاڻو نه ھئي، تنھنڪري مان کانئس پڇي نٿي سگھيس ته، ھوءَ اڪيلي ڇا ويٺي ڪري، ۽ اداس ڇو آھي؟ اسانجو استاد نبيل انھيءَ ڇوڪريءَ جي مصيبت بابت ڄاڻندو ھو. انھيءَ ٻڌايو ته اسانجو ڏڻ آھي. اسان سڀ سوکڙيون وصول ڪنداسين، ۽ اِھا ڪيڏي نه غلط حرڪت ٿيندي جو اسان پنھنجي خوشين ۾ ٻين کي شريڪ نه ڪيون. اِھو ٻڌي مون کي ڏاڍو جوش آيو. مونکي لڳو، ڄڻ وقت اچي ويو آھي آھي، جو سَور ۾ موجود حڪومت جي آفيسن ۽ گڏيل قومن جي آفيسن تي پٿرن جو وسڪارو لائي ڏجي. استاد جا اھي لفظ منھنجي دماغ تي ھٿوڙن جيان وسڻ لڳا ...... ”جيڪڏھن انھيءَ ڇوڪريءَ کي نوان ڪپڙا نه مليا ته، توھان جي خوشي به بي بنياد ۽ بيڪار ھوندي. مان اڪيلو ھن لاءِ لباس خريد ڪري نٿو سگھان. توھان سڀني کي ھن لاءِ ڪجھ نه ڪجھ آڻڻو پوندو.“ ٻارن ھڪ ٻئي ڏانھن ڏٺو. ھو انھيءَ اپيل تي حيران ھئا ته ڇا ڪن- پر مان حيران نه، مطمئن ھيس. مون کي خبر ھئي ته، مھاجرن جي ڪيمپن جو مطلب ڇا آھي، ۽ غربت اُتي ڪيئن ٿي راڄ ڪري. مون اٿي بيھي ڏاڍي جوش سان اعلان ڪيو، ”ھي آھي منھنجي سڄي ھفتي جي خرچي، پنج پياسٽر.“ منھنجو اِھو چوڻ ھو، جو سڀني ٻارن پنھنجي خرچي ڪڍي ٻاھر ڪئي، ۽ اسان خوشيءَ جي ڳوڙھن سان ڀِڄندا، حُسنه لاءِ نئون لباس خريد ڪري آياسين.
مونکي پنھنجي استاد نبيل سان ڏاڍي عقيدت ھئي. مونکي ھن جي ھمت ۽ مضبوط اخلاقي ڪردار ڏاڍو سٺو لڳندو ھو. ھو به مونکي پنھنجي ننڍي ڀيڻ جيان سمجھندو ھو. 15 مئي 1953ع جڏھن اسرائيل جي قائم ٿيڻ جي پنجين سالگرھ ھئي، اسان ڏک ۽ ڪاوڙ جي اظھار طور ھڪ جلوس ڪڍيو، جنھنجي اڳواڻي استاد نبيل ڪري رھيو ھو. جلوس جا نعرا ھئا، ”عرب فلسطين زندھ باد، فلسطين اسانجو آ، اسان فلسطين واپس وينداسين.“
ھزارين فلسطيني پوڙھا، جوان ۽ ٻار گڏ ٿي ويا، ۽ شھر جي وچ ۾ استاد نبيل جي جھنڊي ھيٺان بيھي قسم کنيائون ته ھو فلسطين کي آزاد ڪرائيندا. استاد نبيل چئي رھيو ھو، ”اسانجي وڏن کان فلسطين جي ڌرتي ڦري ويئي ھئي، پر اسان جي ايندڙ پيڙھي فلسطين کي آزاد ڪرائي پوءِ سُک جو ساھ کڻندي.“ تقرير کان پوءِ نبيل سڀني کي سامھان ڏکڻ ڏانھن منھن ڪري عھد ڪرڻ ۽ فلسطين واپس ورڻ جو عزم ڪرڻ لاءِ چيو، جو انھيءَ پاسي اھا ڌرتي ھئي، جنھن کي آزاد ڪرائڻو ھو. مونکي انقلاب جي ذائقي جي ڄاڻ ٿي ويئي ھئي. مون پنھنجي ٻليءَ سارا کان به انقلاب جو سبق سکيو ھو، جو ھوءَ به مون جيان ڪاري ھئي، ۽ اسان سدائين گڏ رھنديون ھيوسين. مان ھن لاءِ ھنڌ ۽ ڪپڙا ٺاھيندي ھيس، کيس وھنجاريندي ھيس ۽ سندس وارن ۾ برش ڦيرائيندي ھيس. سارا منھنجو ٻچڙو ھئي. جڏھن ھن ٻچا ڪيا، تڏھن مون دائيءَ جيان ڪم ڪيو. مونکي سندس ٻچا به ڏاڍا وڻندا ھئا. جڏھن انھن ٻچن مان ھڪ مري ويو ته، مون باقائدي ان جو جنازو تيار ڪيو، دفن ڪيو، ۽ روز مان انھيءَ جي قبر تي وڃي دعا ڪندي ھيس. پوءِ ھڪ ڏينھن مون ڏٺو ته ھڪ چوزو، انھيءَ ٻچي جي قبر تي رکيل گلن کي کائي رھيو آھي. مون پنھنجي ننڍپڻ جي ڪاوڙ ۾ انھيءَ چوزي کي جھلي، منڍيءَ کان مروڙي ڇڏيو. ھاڻي امان ضد ڪيو ته، يا ته ٻليءَ جا ٻچا ڪنھن کي ڏئي ڇڏجن، يا ڦِٽي ڪري ڇڏجن. مان ڏاڍي عذاب ۾ ھيس. امڙ جو چيو به موٽائي نٿي سگھيس. نيٺ مون اھڙا گھر ڳولي لڌا، جيڪي انھن ٻچن کي پيار سان رکن. ائين اِھو جھيڙو پورو ٿيو- پر اڃا معاملو ختم نه ٿيو. منھنجي ٻليءَ کي وري پيٽ ٿي پيو. امان فيصلو ڪري ڇڏيو ھو ته، ھوءَ گھر کي ويم گھر ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏيندي. امان مون کان لڪائي ٻليءَ کي ٻوريءَ ۾ بند ڪيو، ۽ مامي کي چيو ته، شھر کان ٻاھر ڦٽي ڪري اچي. مونکي خبر پئي ته ڏاڍو رُنس رڙيس، پر منھنجي ڪنھن نه ٻڌي- ۽ ايندڙ سال تائين مون وٽ ڪابه ٻلي نه ھئي.
1954ع جي سياري ۾ مان ڏھن سالن جي ٿي ويس. اسڪول کان موٽندي مونکي پنھنجي ٻلي سارا نظر اچي ويئي. ھوءَ ھڪ ڊٺل عمارت ۾ ڏاڍي شان سان ويٺي ھئي. مون جيئن ئي سارا کي ڏٺو، مون کان ته ساھ کڻڻ ئي وسري ويو. مان ھن ڏانھن ڊوڙيس، چڱيءَ طرح يقين نه ھيم ته پڪ سارا ئي آھي. پر نه، ھوءَ سارا ئي ھئي. اسان وڇڙيل ڏاڍي پيار سان ملياسين. سڄو گھر سارا کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ھر ڪنھن سارا کي ھنج ۾ کڻي پيار ڪيو. ڇنڇر ڏينھن استاد چيو ته، ڪو مضمون اھڙي واقعي تي لکو، جيڪو توھان کي زندگيءَ ۾ پيش آيو ھجي. مون سارا وارو قصو لکيو، ۽ آخر ۾ لکيم ته جيئن سارا پنھنجي گھر موٽي آئي آھي، تيئن اسان به ھڪ ڏينھن پنھنجي وطن ورنداسين. منھنجو استاد، جيڪو پاڻ به فلسطيني ھو، مون ۾ فلسطين کي واپس وٺڻ لاءِ معجزي جھڙي رويي بجاءِ سائنسي رويي جي تلقين ڪئي، پر اھا ڳالھ اڃا منھنجي شعور جو حصو بڻجي نه سگھي ھئي.
(3)
انقلاب جي ڀنڀٽ کي سرد ڪرڻ، عرب جي ڪاري سون تي پنھنجا ڏند تيز ڪرڻ، ۽ پنھنجي دفاعي معاملن کي بھتر بڻائڻ خاطر، اسرائيل جي خالق ۽ محافظ، امريڪا 1950ع جي شروع ۾ ئي، ھن علائقي ۾ نيٽو سرگرميون شروع ڪري ڏنيون. ڊلز، مارچ 1953ع ۾ وچ اوڀر جو دورو ڪيو. آمريڪا پاڻ ميڪارٿزم جو شڪار ھئي. ڊلز جو منصوبو اِھو ھو ته، اسان کي ڪميونسٽن کان بچائڻ لاءِ، آزاد دنيا جا آزاد رھاڪو، سڄي دنيا کان چورائي سگھي. تنھن ڪري ھڪ طرف نيٽو جون سرگرميون ھيون، ته ٻئي طرف عرب- اسرائيل تنازعي کي ختم ڪرائڻ لاءِ اھڙيون ڪوششون، جيڪي مغربي سامراجي تسلط کي سڄي علائقي ۾ برقرار رکي سگھن.
ڊلز جي انھيءَ ڪوشش جو جواب اسان جي نسل پاران انڪار جي صورت ۾ ھو. سڀئي طبقا انھيءَ ڳالھ لاءِ تيار ھئا ته، ڊلز منصوبي کي ناڪام بڻايو وڃي. بيروت يونيورسٽيءَ کي مرڪز ڪيو ويو. عرب يوٿ موومينٽ جي نالي سان آزاديءَ جي جدوجھد جي شروعات نوجوانن ڪئي. اِھي نوجوان، ھٿياربند فوجن جي تنظيمي قطار ٽوڙي اڳتي وڌيا، ۽ سامراجيت مردہ باد جا نعرا ھڻندا، ڊلز ڏانھن وڌيا. ھاڻي ته ھر قسم جي قوت حرڪت ۾ اچي ويئي. ڪيترائي شاگرد پڪڙيا ويا، ۽ سوين شاگرد گھوڙن جي ھيٺان چيڀاٽيا ويا. منھنجو ڀاءُ محمد مظاھري ۾ شامل ھو. گھر اچڻ سان ھن سڄو احوال ٻڌايو.
سڄي ملڪ ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت ڇانئجي ويئي. اسانجي پنھنجي سپاھين، پنھنجن نوجوانن کي چيڀاٽيو ھو. ڦٽ تي لوڻ جو ڪم وري بيروت يونيورسٽيءَ ۾ حسن ابواسماعيل جي قتل ڏنو. ھاڻي ماڻھن کي آمريڪي اشتراڪ ۽ بغداد پيڪٽ جو مطلب سمجھ ۾ اچي ويو. ھو ته اسان کي وڌيڪ سوگھو ڪرڻ لاءِ بغداد پيڪٽ جي صورت ۾ اسان مٿان ڪوريئڙي وارو ڄار اُڻي رھيا ھئا. حسن جو قتل ته اڃا به افسوس جھڙو ھو، جو ھڪ ته اھو بيروت يونيورسٽيءَ جي سامھون ڪيو ويو، ٻيو ته يونيورسٽي انتظاميه فقط احتجاج رجسٽر ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. ھاڻي ماڻھن اڳيان مغربي جمھوري ادارن جي اصليت به واضح ٿيڻ شروع ٿي ويئي.
پنجاھ واري ڏھاڪي جو اِھو ڊرامو پنھنجي عروج تي ته، سوئيز جنگ، يعني 1956ع ۾ وڃي پھتو. برطانيه ۽ فرانس اسرائيل جي سھڪار سان مصر تي انڪري ڪاھ ڪئي جو، ناصر کي لاھي، عربن تي ھڪ بظاھر امن منصوبو مڙھيو وڃي.
25 مئي 1950ع جو اُھو اعلان، جنھن ۾ ٽن وڏين طاقتن، برطانيه، فرانس ۽ آمريڪا، وچ اوڀر جي ملڪن جي سياسي ۽ علاقائي آزاديءَ جي ضمانت ڏني ھئي؛ ۽ اھو اعلان به ڪيو ھو ته، جيڪڏھن ڪنھن تي ڪائي آفت، حملو، مصيبت آئي ته ان جي مدد به ڪئي ويندي. انھيءَ اعلان جي خلاف ورزي ته ٻه وڏيون طاقتون برطانيه ۽ فرانس سڌو سنئون ڪري رھيون ھيون، جڏھن ته آمريڪا وري اسرائيل جي حوالي سان.
انھن ڳالھين سبب سمورا عرب ملڪ، آمريڪي ڪڪڙ جي کنڀن ھيٺان لِڪڻ وارا چوزا نه ٿي سگھيا، پر واضح تفرقو پوڻ لڳو. ناصر ڏانھن لاڙو رکندڙ قومي خودمختياري ۽ نيشنلزم ۽ نوري جي بغداد ڏانھن لاڙو رکندڙ انقلاب دشمن قرار ڏنا ويا.
اسان سڀ ڊلز، ايڪ، ميڪميلن، بن گوريان ۽ موشي دايان جا ٿورائتا آھيون جو، سندن سازش ڪارڻ ئي اسان سياسي طور تي سجاڳ ٿياسين. ھن جي ٻه طرفي ۽ ٻه اکيائيءَ وارين پاليسين اسان کي سماجي بنياد جي ڳولا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو- ھاڻي عربن کي پنھنجي اندرين دشمنن ۽ دوستن ۾ فرق ڪرڻ جو ھنر به اچي ويو ھو، ۽ پنھنجي ٻاھرين دوستن ۽ دشمنن سان سلوڪ ڪرڻ به سکي ويا ھئا.
––––––––––