آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اسان زندھہ رھنداسين (آتم ڪٿا)

فلسطين جي انقلابي عورت ليليٰ خالد جي آتم ڪھاڻي.
ڪشور ناهيد پاران اردوءَ ۾ ڪيل ترجمي جو سنڌيڪارزيب سنڌي آهي. ڪتاب 1983ع ۾ سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو.
ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ شاھنواز سومرو صاحب جي محنتن جو ثمر آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3018
  • 1087
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اسان زندھہ رھنداسين (آتم ڪٿا)

آمريڪا ۾ فلسطين

(1)

عربن کي سندن سڄڻ ۽ دشمن جذباتي ماڻھو چوندا ھئا. مان فلسطيني عرب ھئڻ جي ناتي جذباتي ھئڻ کي منطقي سمجھان ٿي، ڇوته مون کان منھنجي ڌرتي ڦُري وئي آھي، ۽ منھنجي حال توڙي مستقبل ٻنھي کان انڪار ڪيو ويو آھي. پر مان جذباتيت ھٿان پاڻ وڃائڻ لاءِ تيار ناھيان، ڇوته منھنجي اندر جو يقين مون کي پنھنجي ڌرتيءَ کي آزاد ڪرائڻ جي جدوجھد ڏانھن وٺي وڃي رھيو آھي. دشمن جي بي انتھا قوت جي باوجود مان نظرياتي ۽ حربي قوتن تي يقين رکندي، عوام ۾ تحرڪ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينديس. مون پنھنجي ڪم تي جذبي جي نه منخق جي اڳواڻي قبول ڪئي آھي، ۽ منھنجي پارٽي پاپولر فرنٽ به ڪم کان اڳ ان جي ضرورت تي ويچار ڪندي آھي.
اسان ذاتي مفاد لاءِ نه، پر گڏيل مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ کي نصب العين سمجھيو آھي، جو اسان جي عمل جو مقصد دشمن کي وائکو ڪرڻ ۽ موجودہ حقيقت جو روپ بدلائڻ آھي، جن کي موشي دايان اڻ ٽر ٿو سمجھي. اسان دشمن کي تباھ ڪرڻ لاءِ قوت گڏ نٿا ڪيون، جو اسان وٽ ايتري قوت ۽ ھٿيار نه آھن. اسان ته دشمن جي دل ۾ ڊپ ۽ عوام جي دلين ۾ انقلاب جي احساس کي اڀاريندا آھيون. صيھونين، صيھونيت زدہ اولھائين معاشري جي عام راءِ کي متاثر ڪيو آھي، ھو بزدل ماڻھن جي وچ ۾ پنھنجي بھادريءَ جو راڳ ٿا ڳائين. جڏھن ته اسان اولھ جي ٻَوڙن ڪنن ۾ رڙيون ڪري پنھنجي عوام لاءِ انقلاب ۽ فلسطين جي قائم ٿيڻ جي ضرورت جا لفظ داخل ٿا ڪيون. ڊاڪٽر جارج حباش (سيڪريٽري جنرل پاپولر فرنٽ) ھڪ دفعي چيو ھو، ”22 سالن تائين ڪيمپن ۾ رھي، اسان ڪنھن کي پنھنجو حال ڀائي نه ڄاڻي، پنھنجي انقلاب لاءِ پاڻ ئي ارادو ڪيو آھي. ڪھڙي شيءِ اسان جي انقلاب کي اڳتي وڌائي ٿي، ڪھڙي تحفظ ٿي ڏئي، ڪھڙي واڌارو ٿي ڪري، اھو فيصلو اسان کي ڪرڻو آھي، اسان جي انقلاب جو مقصد انصاف آھي، اسان جي گھرگھاٽ جي واپسي، اسان جي ملڪ جي واپسي، ۽ اسان جي ٻارن لاءِ پناھ گاھ جو احساس.“ 12( جون- 1970ع)
مون کي ڄاڻ ڪانھي ته منھجي ڌرتيءَ تي قابض ۽ جارح مونتي جارحيت جو ڪيس ھلائي سگھندا؟ جيڪڏھن ھو اخلاقيات جي توقع ٿا ڪن، ته اخلاقيات جي اھا تقاضا آھي، ته ھٿين خالي انسانن مٿان جڏھن دل گھُري، بم وسايا وڃن! 29- آگست 69ع تي منھنجو انقلابي قدم فلسطينين جي انسانيت جو اعلان ھو. اولھ جي صيھونيت پرست پاليسين خلاف احتجاج.
مان روم وڃڻ واري جھاز کي دمشق ڏانھن ڦيرائڻ جي رٿا کي ذھن ۾ رکي بي حجاب ٿي سنگر سوئنگ مشين ڪمپنيءَ جي وچ اوڀر واري ايجنٽ سان ڳالھائي رھي ھيس. مون وڳوڙي حالتن ۾ ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي ڪم جي سِکيا ورتي ھئي. پر بدلجندڙ انساني صورت سان منھن ڏيڻ جي سِکيا مون کي نه ھئي، ته بيڪار ڳالھائيندڙن سان ڪيئن منھن ڏجي. ھو ڳالھائيندو ئي رھيو ٿي، ۽ مان پنھنجي سيٽ تي پاسا ورائي رھي ھيس. مون کي لڳي رھيو ھو ڄڻ جھاز تي موجودہ ھر شخص کي منھنجي رٿا جي ڄاڻ ھجي.
بيروت کان روم وڃڻ واري ساڳئي جھاز منھنجي ڀرسان ھڪ نھايت نيڪ ۽ اخلاق وارو آمريڪي ويٺو ھو، جنھن کي نيويارڪ وڃڻو ھو. مون کي خبر ھئي ته آمريڪي ٻين سياحن جيان زمين تي ھر شيءِ بابت مزي سان ڳالھائڻ چاھيندا آھن. پر مون کي اھا ڄاڻ نه ھئي، ته ڪو ھو انتھائي ذاتي سوال به ھڪ ٻئي پٺيان ڪندا رھندا آھن. سندس پھريون سوال ھو، ”توھان ڪيڏانھن ٿيون وڃو؟“ مون ٺھ پھ وراڻيو، ”مان روم ٿي وڃان.“
ٻيو سوال ھو، ”روم ڇو ٿي وڃين؟“
مان ھڪ کن لاءِ جواب سوچڻ لاءِ ترسيس، ۽ پوءِ چيم،”مان پنھنجي مڱيندي سان ملڻ ٿي وڃان، جيڪو مون سان ملڻ لاءِ لنڊن کان اچي رھيو آھي.“ مون کي ھڪدم احساس ٿيو ته مون ڪوڙ ڳالھايو آھي. جيڪڏھن ھو اھو چوي ته روم ۾ مون سان ملجانءِ، ته ڇا چونديس. مون ھڪدم ان جو جواب به سوچي ورتو، ۽ سندس پڇڻ بنا ڏاڍيان چيم، ”اھو به ٿي سگھي ٿو ته ھو ھوائي اڏي تي اچي، ۽ مون کان اڳ پھچي، مون کي اچرج ۾ وجھي ڇڏي.“ پوءِ مون کانئس پڇيو، ”توھان ڪيڏانھن ٿا وڃو؟“
”نيويارڪ.“ مسٽر ھولڊن آرام سان چيو، پر اڃا ھو ڳالھ پوري ڪرڻ جي موڊ ۾ نه ھو. چيائين، ”ھڪ عرب ڇوڪري اڪيلي پنھنجي مڱيندي سان ملڻ روم وڃي، ۽ ساڻس شادي ڪري، ڪجھ عجيب ٿو لڳي.“
مون اعتماد سان چيو، ”اسان ننڍپڻ کان ھڪ ٻئي کي سڃاڻون ٿا، اسان جو مڱڻو ٿئي به ڪي سال ٿي ويا آھن. تنھن کان سواءِ اسان ماڊرن عرب آھيون، دقيانوسي نه.“
ھاڻي ھو مطمئن ٿي پنھنجو قصو ٻڌائڻ لڳو، ته ڪيئن کيس ۽ سندس زال کي ڀڄڻو پيو، ڇوته سندس زال جي ماءُ- پيءُ کي ھو پسند نه ھو. مون کِلي کيس يقين ڏياريو ته مان پنھنجي مڱيندي سان ڀڄي نه وڃي رھي ھيس. ايتري ۾ ايئر ھوسٽس اعلان ڪيو ته، ”جھاز ۾ ھڪ نئون شادي ٿيل جوڙو آيو آھي. انھن وٽ ھڪ وڏو ڪيڪُ آھي، ھو اسان سڀني سان گڏجي ڪيڪُ کائڻ گھرن ٿا. ڇا توھان ڪيڪُ کائيندا؟“ مون مسٽر ھولڊن ۽ ٻين مسافرن سان گڏجي چيو، ”ھا، ضرور کائينداسين.“ انھيءَ خوشيءَ جي موڊ سان مسٽر ھولڊن ھڪ وار وري مون کي چيو، ”توھان ٻنھي جي شادي ڪيئن ٿي سگھي ٿي، ڇوته تنھنجو مڱيندو اڃا ته شاگرد آھي.“
مون چيو، ”اسان ’نودولتيا‘ ناھيون، پر پيڙھين کان رئيس آھيون. روزگار اسان لاءِ ڪو مسئلو ناھي.“
ھوائي اڏي تي لھي، ڪسٽم وغيره سان منھن ڏئي، منھنجي لاءِ ھڪ پورٽر کان جان ڇڏائڻ مسئلو ٿي پيو. نيٺ ھن سڌو سنئون سوال ڪيو، ”اڄ رات توھان سان ڪٿي ملاقات ٿي سگھي ٿي؟“
مون سختيءَ سان چيو، ”معاف ڪجو، مان مصروف آھيان.“ پر وري روم ۾ بس ۾ سفر ڪندي، وري ساڳيو سوال! وري ھڪ ٻيو بيوقوف شخص. حد ته اھا ٿي جو وري ھڪ ٻئي شخص ڀرسان اچي، بنا ڪجھ چوڻ جي مون کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ ٿي گھريو، جو مون رڙ ڪئي، ”پنھنجا ھٿ پري ڪر، نه ته بس ھيٺ ڌِڪو ڏيندي سانءِ.“ منھنجي ڪاوڙ ڏسي ھو ڊڄي ويو، ۽ وري ڪا حرڪت نه ڪيائين.
مان ٻه ڏينھن روم ۾ رھيس. انھيءَ وچ ۾ رکي رکي روم جو سير ڪرائڻ جون دعوتون ڏاڍي شدّ مدّ سان ملنديون رھيون، پر مان نرميءَ سان انڪار ڪندي رھيس. مان اڪيلي روم جي گھٽين ۾ گھمندي رھيس. مون کي ڪابه شيءِ خريد ڪرڻ جو شوق نه ھو. مون فقط روم جي قديم آثارن ۽ فلم ڏسڻ کي پسند ٿي ڪيو، ۽ ھلندي ھلندي پنھنجي منصوبي کي من ۾ ورجائيندي ٿي رھيس.
29 آگسٽ تي صبح جو مان ھوٽل مان حساب ڪتاب ڪري نڪتيس ۽ فو ميڪفر ھوائي اڏي لاءِ بس ۾ وڃي ويٺيس. اھو ھوائي اڏو روم جي ٻھراڙيءَ ۾ ھو. جھاز اڌ ڪلاڪ ليٽ ھو. منھنجو ساٿي، جنھن کي فوٽوءَ تي سڃاڻڻو ھوم، پروگرام موجب اچي پھتو، ۽ اسان پنھنجن مخصوص اشارن جي ڏي وٺ ڪئي. ھن جو نالو سليم عيساوي ھو، ھو حيفا جو رھاڪو فلسطيني ھو، جنھن جي پالنا شام ۾ ٿي ھئي. سليم خاموشيءَ سان منھنجي ڀرسان ويٺو رھيو، ۽ اسان ڄاڻي ھڪ ٻئي کي نه سڃاڻڻ ۽ نا واقف ھئڻ جون علامتون ظاھر ڪرڻ لڳاسين.
سڀ ڪجھ بلڪل مناسب ۽ شيڊول مطابق ٿي رھيو ھو، جو اوچتو اسان جي رٿابنديءَ کي لوڏو آيو. اسان کان ڪجھ پر ڀرو ھڪ ٻارڙي ويٺي ھئي. وڻندڙ ڪپڙا پھريل ھئس، جن تي ڀرت سان ”دوستي ڪيو“ لکيل ھوس. کيس ڏسي، مون کي پنھنجو ننڍپڻ ياد اچي ويو. مون کي اھو احساس پڻ ٿيڻ لڳو ته انھيءَ ٻارڙيءَ ته منھنجو ڪو ڏوھ ناھي ڪيو، منھنجي قوم کي ڪو نقصان ناھي رسايو. ھن تي ظلم ڇالاءِ؟ ڇوته جھاز اغوا ڪرڻ کان پوءِ ممڪن آ ته اسرائيلي اينٽي ڪرافٽ توبن وسيلي جھاز تباھ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪن...... ھاڻي فلسطين جي سڄي جدوجھد ۽ فلسطيني ٻارڙن جون مجبوريون منھنجي اڳيان ڦِرڻ لڳيون. مون پنھنجي جلاوطنيءَ جي پھرين ڏينھن کان وٺي اڄ تائين بي وس، بکين ۽ اگھاڙن پيرن وارن انسانن جا قافلا پنھنجي تصور ۾ ھلندي محسوس ڪيا. بيگن ڪيمپ جا ٻه دفعا مھاجر ٿيل ٻار، عمان ويجھو عجيب بيوسيءَ مان چئي رھيا ھئا، ”آخر اسان به انساني نسل جو حصو آھيون.“
انھيءَ ڏيک سان منھنجي مَن کي ڏَڍُ مليو، ۽ مان پنھنجو پاڻ کي چيو، ”مون ۽ منھنجي ديس واسين ڪھڙو ڏوھ ڪيو ھو، جو ھي ڪشالا اسان جي قسمت ۾ لکيا ويا آھن.“ جواب ھو، ”ڪوئي ڏوھ نه!“ ”ته پوءِ اڳتي وڌ، پوئتي موٽڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.“ منھنجي ٻارن منھنجي اندر مان چيو.
707 بوئنگ ۾ ھڪ ٻئي مسئلي اوچتو ڪَرُ کنيو. ھڪ ٽيھاڪو ورھين جو نوجوان مون ڏانھن وڌي آيو ۽ ڏاڍي خوش دليءَ سان چيائين، ”ھيلو.“ ”ھيلو.“ مون سوچ ۾ ٻڏل اداس لھجي ۾ چيو. مان ان وقت رڪارڊ وروجو، جو ڪتاب ”منھنجو دوست چي“ (چي گويرا) پڙھي رھي ھيس، ۽ انھيءَ شخص مون سان ڳالھائڻ، ۽ اِھو ڄاڻڻ ٿي گھريو، ته مان ڪير آھيان، ڪٿان آئي آھيان، ۽ ڪيڏانھن ٿي وڃان؟ ھاڻي مان شاديءَ وارو سڄو قصو ورجائي نٿي سگھيس. چيم، ”تون پاڻ اندازو ڪر.“
ھن سوچي چيو، ”يوناني..... ھسپانوي..... اطالوي.....“
مون کانئس پڇيو، ”تون ڪٿان آيو آھين؟“
ھن چيو، ”مان شڪاگو جو رھاڪو آھيان.“ ۽ وري پنھنجا سوال شروع ڪري ڏنائين، ”تون ڏکڻ آمريڪا جي رھاڪو ته ناھين.....“ اھو ڄاڻڻ کان پوءِ، ته ھو ڪٿان جو رھاڪو آھي، سوچيم، جيڪڏھن مان پاڻ کي ڏکڻ آمريڪا جي رھاڪو چئي ڇڏيان ته ڪھڙو فرق پوندو- ۽ مون چئي به ڇڏيو.
”برازيل.“ ھو اھو چئي ٻه وکون وڌيڪ مون ڏانھن سُري آيو. مون گھٻرائجي چيو، ” تون منھنجي ويجھو ڇو ٿو اچين؟“
”تون بوليويا جي آھين نه؟“ ”ھا“ مون جواب ڏنو، ”پر تو ڪيئن سمجھيو؟“
”اھو تنھنجي ھٿ ۾ جھليل ڪتاب ٻڌايو.“ ھن چيو.
”ته ڇا توکي به چي وڻندو آھي؟“
”ھا سٺو ماڻھو ھو.“
”پر تون ڪيڏانھن ٿو وڃين؟“
”مان پنھنجي ماءُ سان ملڻ ايٿنز وڃي رھيو آھيان. مان گذريل پندرھن سالن کان ساڻس نه مليو آھيان، مون کي يقين آھي ته ھوءَ ھوائي اڏي تي مون کان اڳ ئي انتظار ۾ ھوندي.“
”بيوقوف! تون ھن جھاز وسيلي نه وڃ، ڇوته ھي جھاز ايٿنز نه پيو وڃي.“ منھنجي واتان اھو نڪرندي اٽڪي ويو. مان وري ”منھنجو دوست چي“ پڙھڻ ۾ مصروف ٿي ويس.
جھاز کي اڏامندي اڃا ويھ منٽ مس ٿيا ھئا، جو ايئر ھوسٽيس فرسٽ ڪلاس جي پنجن ئي مسافرن جي خدمت چاڪري شروع ڪري ڏني. نه مان ۽ نه سليم ڪجھ کائڻ لاءِ تيار ھئاسين. ايئر ھوسٽيس ڏاڍي حساس ھئي. چيائين، ”جو ڪجھ گھرجي، ٻڌايو.“ مون ڪافيءَ جو آرڊر ڏنو ۽ سليم بيئر جو- پر ھن جي وَر وَر پڇڻ سبب اسان پريشان ٿي رھيا ھئاسين. مون بھانو ڪيو، ته منھنجي پيٽ ۾ سور آھي، ۽ ڪمبل گھريم. ڪمبل پنھنجي ھنج ۾ کڻي رکيم، جيئن پنھنجي پرس مان ھينڊ گرنيڊ ڪڍي سگھان. پستول ڪڍي مون پنھنجي پينٽ جي مٿئين حصي ۾ اھڙي نموني رکيو، جيئن ڏسڻ ۾ نه اچي. سليم ھڪ اسپرين جي گوريءَ لاءِ چيو. مون کي ڊپ ورائي ويو ته ايئر ھوسٽيس فرسٽ ڪلاس جي ٻن مسافرن جي بيمار ٿيڻ تي پريشان ٿيندي، ۽ اھو ڊپ به ھوم ته ڇا واقعي سليم جي مٿي ۾ سُور ته نه پئجي ويو آھي! پر جڏھن سليم گوري وٺي پينٽ جي کيسن ۾ وجھي ڇڏي، تڏھن مون ٿڌو ساھ کنيو. جيئن ئي فرسٽ ڪلاس جو ھڪ مسافر لائونج کان موٽيو، مون سليم کي اشارو ڏنو ته ھو ڪاڪ پٽ ڏانھن وڃي، ڇوته ساڳي پَل ھڪ ٻئي ايئر ھوسٽيس جھاز اڏائيندڙن لاءِ لنچ کڻي، ڪاڪ پٽ جو دروازو کولي رھي ھئي. سليم موقعو تاڙي ورتو، ۽ ٽَپ ڏيئي سندس اڳيان وڃي پھتو. ايئر ھوسٽيس رڙ ڪئي، ”اوھ- نه!“ ۽ ٽري وڃي پري ڪري. گوڙ جو آواز ڏاڍو ٿيو، پر زخمي ڪوبه نه ٿيو. مان سليم جي ڪڍ ھيس. ايئر ھوسٽيس کي تنبيھ ڪيم ته رستو نه روڪي. ھن ڏڪندي ڏڪندي رستو ڏنو. سليم ايڏو ويڪرو ھو، جو مان اڳيان ڏسي به نٿي سگھيس. البت مون سليم کي اھو چوندي ٻڌو ته، ”جھاز کي چي گويرا ڪمانڊو يونٽ، پي- ايف- ايل- پي سان لاڳاپيل، اغوا ڪيو آھي- ۽ ھاڻي جھاز جي نئين ڪپتان جو نالو شاديه ابو غزالا آھي.“
انھيءَ وچ ۾ منھنجو پستول سُري اچي، پينت جي وچ تي پھتو. مان اھو کڻڻ لاءِ جھڪيس ته جھاز جي عملي جا ڊپ وچان ڪاراٽيل چھرا مون کي نظر آيا. مون کي ھڪ پقل لاءِ اھو سڀ ڪجھ ڀوڳ جھڙو لڳو. مون من ئي من ۾ کلي ڏنو. پستول سنڀالي رکيم، ۽ ڪاڪ پٽ ۾ ھينڊ گرنيڊ ڦيرائيندي داخل ٿيس، ۽ اعلان ڪيم ته، ”مان نئين ڪپتان آھيان.“ جھاز جو عملو مون کي ڏسي حيران ٿي ويو. مون پنھنجي صلاحيتن جي ڀرپور اظھار خاطر ھينڊ گرنيڊ جي سيفٽي پِن، انھي واردات جي تحفي طور پاڻ کان اڳ واري ڪپتان ڪارٽر کي ڏني. ھن ڏاڍي عزت سان انڪار ڪيو، ۽ مون پن سندس پيرن تي ڪيرائيندي تقرير ڪئي، ”جيڪڏھن تو منھنجو حڪم نه مڃيو، ته پوءِ جھاز ۽ مسافرن جي ذميواري تنھنجي مٿان ٿيندي- ۽ ھا، تون انگريزي سمجھين ٿو يا نه؟ ٻڌ! تون بس منھنجي ھدايتن تي عمل ڪر- بيوقوفيءَ وارا سوال نه ڪجانءِ، اِھو ئي تولاءِ چڱو ٿيندو.“ جيتوڻيڪ مون کي ڄاڻ ھئي ته جھاز ۾ پوڻن چئن ڪلاڪن تائين ھلڻ جو تيل موجود آھي، پوءِ به انجنيئر تي رعب وجھن لاءِ چيم، ”توھان وٽ ڪيتري وقت لاءِ تيل آھي؟“ ”ٻن ڪلاڪن لاءِ.“ انجنيئر چيو.
”ڪوڙا! دغاباز، مون کي به بوئنگ بابت پوري ڄاڻ آھي. ھاڻي جيڪڏھن تو ڪوڙ ڳالھايو ته منڍي ڀڃي رکندي سانءِ.“ پائلٽ منھنجي ڪاوڙ گھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پر مان ڪاوڙ ۾ ڪٿي ھيس، مان ته بيحد خوش ھيس. پائلٽ جھاز جي عملي کي نئين ڪپتان جا حڪم مڃڻ جون ھدايتون ڏنيون. ھاڻي مون کي اندازو ٿيو ته ڪپتان سھڪار ڪري رھيو آھي. مون ھن کي ريڊيو روم ملائڻ لاءِ چيو، جيئن مان اطالوي عوام آڏو وضاحت ڪري سگھان. ڪپتان چيو، ”اسان اڃا گھڻو پري آھيون.“ پر مون کيس ڪوشش ڪرڻ لاءِ چيو، پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو. مون ايئر ھوسٽيس کي اسان جو سامان کڻي اچڻ لاءِ چيو، ۽ چيومانس ته فرسٽ ڪلاس جي سڀني مسافرن کي ٽورسٽ ڪلاس ۾ موڪلي ڇڏيو. پوءِ انٽر ڪام تي مسافرن اڳيان ھي سنيھو پڙھيو، ”مان توھان جو ڌيان چاھيان ٿي. مھرباني ڪري پنھنجا حفاظتي بيلٽ ٻڌي ڇڏيو. توھان سان توھان جي نئين ڪپتان مخاطب آھي. پي- ايف- ايل- پي جي چي گويرا ڪمانڊو يونٽ، ٽي- ڊبليو- اي جي ھن اڏام تي پنھنجو انتظام سنڀالي ورتو آھي. سمورن مسافرن کي ھدايت ٿي ڪجي ته ھيٺين حڪمن جي پابندي ڪن.
1. پنھنجي سيٽن تي خاموش ويٺا رھو.
2. پنھنجي حفاظت لاءِ پنھنجا ھٿ، پنھنجي مَٿي جي پٺيان رکو.
3. اٿڻ جي ڪوشش نه ڪيو، نه ته ٻين مسافرن جي جان به اوھان خطري ۾ وجھي ڇڏيندا.
4. اسان اوھان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

”توھان ۾ ھڪ اھڙو مسافر به آھي، جيڪو فلسطيني ٻارن، عورتن ۽ مردن لاءِ پريشانين جو سبب بڻيو آھي. اسان اُن کي فلسطيني انقلابي عدالت آڏو پيش ڪرڻ چاھيون ٿا، باقي توھين سڀ اسان جي فلسطيني تنظيم جا مھمان آھيو. توھان سڀني کي مذھب ۽ قوميت جي تعصب کان مٿڀرو، اھا اجازت ھوندي ته جھاز جي حفاظت سان لھڻ کان پوءِ، جيڏانھن چاھيو، ۽ جيئن چاھيو، وڃي سگھو ٿا. اسان جي منزل ھڪ دوست ملڪ آھي، ۽ توھان جي ميزباني به دوست ڪندا.“
مون جيئن ئي اھو پيغام پڙھي پورو ڪيو، تڏھن محسوس ڪيم ته جھاز اسان جي مطلب واري رستي کان ٻي پاسي پيو وڃي. مون ڪاوڙ مان ڪپتان کي چيو ته شرارتن کان پاسو ڪري. جيڪڏھن ھو چاھي ٿو ته جھاز ۽ مسافر حفاظت سان منزل تي پھچي وڃن ته ھڪدم جھاز کي صحيح رستي تي وٺي ھلي- ھاڻي سليم مون کي ياد ڏياريو ته، پندرھن منٽ گذري ويا آھن، جو مون مسافرن کي ھٿ پويان رکڻ لاءِ چيو ھو. مون ھڪدم ھدايت ڪئي ته ھو آرام سان ويھن؛ چاھين ته شيمپئن به پي سگھن ٿا. مون کانئن تڪليف جي معافي به گھري. ايتري ۾ ھڪ ايئر ھوسٽيس اچي ٻڌايو ته گھڻا مسافر انگريزي نٿا ڄاڻن، جنھن ڪري کين ڄاڻ ڪونھي ته مون ڇا چيو آھي. ايئر ھوسٽيس منھنجو سنيھو فرانسيسي ۾ ترجمو ڪرڻ جي حامي ڀري. مون سنيھو ٻيھر پڙھيو، ۽ مسافرن کي يقين ڏياريم ته، اسان کي بس ھڪڙي ئي مسافر جي ضرورت آھي.
ھڪ اسرائيلي عرب صالح المصلم به جھاز ۾ سوار ھو؛ اُن سوچيو ھوندو ته اسان کيس پڪڙي مارڻ ٿا گھرون. جو ھو ڏاڍو ڊڄي رھيو ھو. اسان جي چونڊيل، دھشت پسنديءَ جي ترڪيب جو نتيجو اھو نڪتو، جو عام مسافرن جو ڊپ ختم ٿي ويو، ۽ ماڻھن اسان سان تعاون ڪيو. اسان مسافرن آڏو وضاحت ڪئي، ته اسان کي ڪنھن مسافر سان دشمني ڪانھي- پر اسان وچ اوڀر ۾ آمريڪي ھٿ چراند کان سخت نفرت ڪريون ٿا. پوءِ اسان اھو اعلان ڪيو ته ڪنھن دوست ملڪ ۾ پھچي اسان جھاز تباھ ڪنداسين. اھو اعلان اسان دمشق پھچڻ کان فقط ھڪ ڪلاڪ اڳ ڪيو.
انھيءَ وچ ۾ مون ريڊيو ڪنٽرول وسيلي زمين سان ڳانڍاپو پيدا ڪيو، ۽ يوناني انقلابين ۽ ڏکڻ يورپ جي ماڻھن کي سِڪ جا سنيھا ڏنم. مون اعلان ڪيو ته يوناني ڪرنل، اسان جي انقلابين کي آزاد ڪن.
ھر ڳالھ ٺيڪ ٿي رھي ھئي. اسان وڃي مصري آبزرويشن ٽاور جي حدن ۾ پھتاسين. مون ڪنٽرولر کي پنھنجي سڃاڻپ عربي ڳالھائي ڪرائي، ۽ چيم ته مصري عوام کي اسان پاران انقلاب جون واڌايون ڏئي. مون چيو، ”مان ليڊا وڃي رھي آھيان.“ ھُن کِلي چيو، ”ليڊا وڃي ڇا ڪندينءِ؟“ چيم، ”مان اباڻو وطن ڏسنديس.“
”ڇا توکي يقين آھي ته ڏسي سگھندينءَ؟“ ھن پڇيو.
”ھا، مون کي پَڪ آھي.“ مون چيو تڏھن ھن مون کي خطرن جي ڄاڻ ڏيڻ ٿي گھُري، پر مون بٽڻ بند ڪري ڇڏيو.
ڪجھ منٽن کان پوءِ مان فلسطين جو ساحل ڌُنڌ ۾ ويڙھيل ڏسي سگھيس ٿي. جيئن جيئن مان اباڻي ڌرتي جي ويجھو پوندي ٿي ويس، تيئن محسوس ٿي ڪيم ته منھنجي عشق ۽ مون ۾ گڏيل مقابلو آھي، ھڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ جو. مان پنھنجي محبوبا ڏانھن اڏرندي ٿي ويس.... ۽ پوءِ مون کي پنھنجو حق ياد آيو، ۽ مون پائلٽ کي ھيٺ لھڻ لاءِ چيو، ۽ مون قبضي ھيٺ آيل فلسطين ۾ موجود پنھنجي ساٿي جلاوطنن کي مخاطب ٿي سنيھو ڏيندي چيو، ته اسان پنھنجي ڌرتيءَ ڏانھن جلد ورنداسين. مون کين ثابت قدم رھڻ جي تلقين ڪئي، ۽ اسرائيلي قلعي کي چُور چور ڪرڻ جو اظھار به ڪيم. مون عربيءَ ۾ ليڊا ٽاور کي ٻڌايو ته اسان جو جھاز لھڻ وارو آھي، پر ھن کي سمجھ ۾ نه آيو. پائلٽ مون کي چيو ته اسان کي ڪليئرنس جو انتظار ڪرڻ گھرجي. پر مون چيو، ”ھيءَ منھنجي ڌرتي آھي. ھتي لھڻ لاءِ اسرائيلي ڳِجھن کان اجازت وٺڻ مون لاءِ ضروري ناھي.“ پوءِ مون ٽاور سان انگريزيءَ ۾ ڳالھائيندي چيو، ”اسان وري پھچي ويا آھيون. شاديه ابو غزاله، وري زندگيءَ ۾ اچي وئي آھي. لکين شاديه ھتي وَر وَر ڪري اينديون، ۽ پنھنجي ڌرتي واپس وٺنديون.“ اسرائيلي ٽاور ڊپ کان ڪنبڻ لڳو ھوندو، جڏھن مون چيو ته، اسان جھاز کي ھوائي اڏي تي تباھ ڪنداسين.... گھڙي پل ۾ ئي ٽي اسرائيلي ميراج جھاز فضا ۾ اڀريا ۽ اسان کي ڌرتيءَ تي لھڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪيائون. مون انٽر ڪام کي اھڙي نموني آن ڪيو، جيئن مسافر به سڀ ڪجھ ٻڌي سگھن. مون ھڪ وار وري اعلان ڪيو ته پائلٽ ۽ اسرائيلي، جھاز ۽ مسافرن جي حفاظت جا ذميوار آھن. جيڪڏھن اسان جي حڪمن جو پورائو ڪيائون ته اسان کين ڪوبه نقصان نه رسائينداسين.
ساٿي پائلٽ چيو ته جيڪڏھن کيس اسرائيلين سان ڳالھائڻ جي موڪل ڏني وڃي ته ھو کين سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندو. مون کيس اجازت ڏني. ھن چيو، ”پاپولر فرنٽ آزاد عرب فلسطيني ماڻھن ھينڊ گرنيڊ سان جھاز کي تباھ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي، جيڪڏھن توھان جي ميراج جھازن رستو نه ڏنو.“ ھيل تائين اسرائيلي ٽاور اسان کي ٽي- ڊبليو- اي 840 چئي ڳالھائي رھيو ھو. مون کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ کيس چپ رھڻ لاءِ چيم. بٽڻ بند ڪندي مون چيو، ”جيسين پاپولر فرنٽ عرب فلسطين ڪري نه ڳالھائيندا، مان توھان جي ڪابه ڳالھ نه ٻڌنديس.“
گھڙي کن ۾ ھن جو لھجو بدلجي ويو، ۽ ھاڻي اسان حيفا جي ويجھو پھچي ويا ھئاسين. پائلٽ پڇيو، ”ھاڻي مان ڇا ڪيان؟“ مون چيو، ”اسان کي اباڻي ڌرتيءَ مٿان 70 منٽ چڪر ھڻڻو آھي.“
ھاڻي منھنجي سامھون بابي جو چھرو اُڀريو، ۽ چيائين، ”اسان ڪڏھن گھر اينداسين؟“ مان خاموش ٿي ويس. مون فلسطين جي ساوڪ ۽ پھاڙن کي ڏٺو. ھيٺ تل ابيب ڏسڻ ۾ آيو ٿي. منھنجي دل ڀرجي آئي، ۽ مون روئي ڏنو. ”بابا! اسان پنھنجي وطن ضرور ورنداسين، ۽ پنھنجي وڃايل عزت وري حاصل ڪنداسين. “ پوءِ ھڪدم احساس ٿيم ته مشن تي ذاتي احساس حاوي پوندا ٿا وڃن. پائلٽ کي چيم، ”لبنان ھلو، جتي منھنجا ديس واسي مھاجر طور پيا رھن.“ اسرائيلي جھاز اسان جو پيڇو ڪندا رھيا، پر لبناني سرحد وٽ ھو غائب ٿي ويا.
پائلٽ چيو، ”اسان کي بيروت ۾ لھڻ لاءِ ڪليئرنس لاءِ چوڻ گھرجي.“
مون چيو، ”ھي عرب ملڪ آھي.“ اسان بيروت مٿان چڪر ھڻڻ کان پوءِ پائلٽ کي دمشق ھلڻ جو حڪم ڏنو.
ھن اعتراض ڪيو، ”اھو ھوائي اڏو 707 بوئنگ لاءِ قطعي مناسب ناھي.، مون وري ڪاوڙ مان چيو، ”تنھنجي خيال ۾ اسان ايترو غير ترقي يافته آھيون، جو تنھنجي ھن واھيات جھاز کي لاھي نه سگھنداسين؟ “ پائلٽ ڪوبه جواب نه ڏنو. مون مائڪروفون وٺي، مسافرن سان آخري دفعو ڳالھايو، ”جھاز لھندي ئي خالي ڪري ڇڏيو. خدا ڪري، شام ۾ اوھان جو وقت سٺو گذري. مون کي يقين آھي ته اسان سٺي لينڊنگ ڪنداسين. “
پيٽرول جي بتي ڳاڙھو نشان ڏيکاري رھي ھئي. ڪپتان ڪليئرنس ورتو، ۽ جھاز لھڻ لڳو. مون وري چيو، ”جھاز حفاظت سان لاٿو وڃي. ڇوته جيڪڏھن مان ڪريس ته ھينڊ گرنيڊ به ڪري، ڦاٽي پوندو- ۽ ھڪ سٺي سفر جي پڇاڙي خراب ٿي ويندي.“ ڏاڍي آرام سان جھاز لٿو، ۽ ٽن منٽن اندر خالي به ٿي ويو. مون ۽ سليم، ماڻھن کي آرام سان سامان لاھڻ لاءِ چيو به، پر ماڻھو ڊپ وچان پيرين اگھاڙا وٺي ڀڳا. حد ته اھا ٿي جو جھازي به پنھنجا يونيفارم اتي ڇڏي ھليا ويا. جيئن ئي ڪيپٽن ڪارٽر ٻاھر آيو، مون کيس سيليوٽ ڪيو، ۽ سھڪار جا ٿورا مڃيم. ھن مون کي حيرانيءَ سان ڏٺو، ۽ پوءِ چيو، ”توھانجي مھرباني!“
مون جھاز جانچي ڏٺو. سمورا مسافر ھليا ويا ھئا. سليم ڪاڪ پٽ کي تارن سان ملايو، ۽ فيوز لڳايو. مون ايمرجنسيءَ جي ٽٽل دريءَ کان ٻاھر ٽپو ڏنو. سليم منھنجي پٺيان آيو، ۽ ڪلھن تي اچي لڳو. پر جھاز ۾ ڌماڪو نه ٿيو. سليم جي ذاتي دليري ھئي، جو ھو وري جھاز ۾ ويو. وري ھر شيءِ کي جانچي، فيوز ھنيائين. ھاڻي شامي فوج به اچي ويئي ھئي، مون ھنن جو ڌيان ھٽايو. ”ھن پاسي اسرائيلي فوجي ويا اَٿوَ، وڃو انھن کي پڪڙيو.“ سليم اڃا جھاز ۾ ھو. مون کي سندس سلامتيءَ جي ڳڻتي ھئي، مان سندس بھادريءَ ۽ بي غرض جذبي جوقدر ڪندي ھيس. مان پاڻ اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رھيس. ھڪدم سليم ٻاھر آيو، ۽ ڏاڍي اعتماد سان ھٿ لوڏيائين. جھاز ۾ اڃا ٺڪاءُ نه ٿيو ھو. سليم جھاز جي پَرن مٿان گوليون ھنيون. پر جھاز ۾ تيل ھيو ئي ڪونه، جنھن ڪري گولين سان به ٺڪاءُ نه ٿيو. نيٺ جڏھن باھ ڏٺيسين، تڏھن ھڪدم اسان ويھ فوٽ پري ٿي وياسين. مسافر ھاڻي اڌ ميل کن پري وڃي چڪا ھئا، ۽ جھاز کي باھ منجھ ڏسي رھيا ھئا. ٺڪاءَ جو آواز ٻڌي شامي فوجين پوئتي مُنھن ورايو، منظر ڏسي حيران ٿي ويا. ھو اڃا به وڌيڪ حيران ٿيا، جڏھن مان ۽ سليم ھٿيارن سوڌو وڃي وٽن پيش پياسين. الھدف جو فوٽو گرافر، جنھن کي فرنٽ وارن پيراشوٽ وسيلي ھن واقعي جي فلم ڪَڍڻ لاءِ لاٿو ھو، اھو سڄو منظر ڏسي ايڏو جوش ۾ اچي ويو ھو، جو فلم ڪڍڻ وقت ھو ڪئميرا جو لينز لاھڻ به وساري ويٺو ھو.
اسان جا شامي ميزبان اسان کي ايئر ٽرمينل تائين وٺي آيا، ۽ مون مسافرن اڳيان مختصر تقرير ڪئي: ”دوستو! اڏام واري وقت ۾ اوھان جي سھڪار ۽ مھربانيءَ لاءِ اوھان جا ٿورا! مان، ڪيپٽن شاديه ابو غزالا آھيان، پر اھو منھنجو نالو ناھي. منھنجو نالو خالدہ آھي. شاديه اھا لافاني عورت ھئي، جنھن لکيو، ’ھمت وارن کي ماڻھو وساريندا ناھن، پر انھن جا قصا ۽ ڪھاڻيون عوام جي ميراث ھونديون آھن.‘ ھي اُھو فلسفو آھي جنھن کي مورخ ۽ تجويز ڪندڙ سمجھي نه سگھندا. شاديه کي وساري نه سگھبو، جو پاپولر فرنٽ ۽ انقلابين جي نئين ٽھيءَ لاءِ ھن راھون ڏنيون. مان توھان کي ٻڌائڻ ٿي چاھيان ته، شاديه، نابلوس جي علائقي جي ھڪ عرب عورت ھئي. ھوءَ ماسترياڻي ھئي، ۽ پاپولر فرنٽ جي ڳُجھين سرگرمين جي اھم ڪارڪن ھئي. 21 نومبر 1968ع تي ھوءَ پنھنجي جي گھر ۾ ھڪ ڌماڪي سان مري وئي، ڇوته ان وقت ھوءَ فرنٽ لاءِ ھينڊ گرنيڊ ٺاھي رھي ھئي. مون 840 اُڏام تي سندس نالو ان ڪري اختيار ڪيو، جيئن عورتن، ٻارن، ٻُڍن ۽ مَردن تي ٿيل اسرائيلي ظلمن جو داستان اوھان کي ٻڌائي سگھان. جڏھن ته ھو اسان جي ظلمن جا ھٿ ٺوڪيا داستان روز اوھان کي ٻڌائي رھيا آھن. اسان ٽي ڊبليو اي جو رستو ان ڪري بدلايو ته، پھريون ته اھا ھڪ وڏي آمريڪي ھوائي ڪمپني آھي، ٻيو ته اھائي ھوائي ڪمپني اسرائيلين کي سھوليتون ڏيئي رھي آھي. آمريڪا،اسرائيل کي سڀ کان وڌيڪ امداد ڏني آھي، جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ ھٿيار پڻ شامل آھن. اسرائيل کي ٽيڪس جي معافيءَ سان آمريڪي ڊالر پڻ ملي رھيا آھن، ۽ عالمي ڪانفرنسن ۾ آمريڪا اسرائيل جي پٺ ڀرائي به ڪري رھيو آھي. اسان آمريڪا جي خلاف ان ڪري آھيون جو اھو ھڪ سامراجي ملڪ آھي. ۽ اسان جو يونٽ، چي گويرا ڪمانڊوز ان ڪري ٿو سڏائي، جو اسان چي گويرا جي قتل جي آمريڪي سازش تي لعنت وجھي رھيا آھيون؛ ۽ اسان چي کي ٽئين دنيا ۽ انقلاب جو نمائندو ٿا سمجھون. اسان جھاز حيفا ان ڪري وٺي ويا ھئاسين، جو مان ۽ سليم، ٻئي حيفا جا رھاڪو آھيو.، ۽ اسان 1948ع ۾ اُتان لوڌيا ويا ھئاسين، اسان توھان کي تل ابيب ان ڪري وٺي ويا ھئاسين، جو اسان اسرائيلين کي ٻڌائڻ ٿي گھريو ته جڏھن عرب جارحيت اختيار ڪن ته توھان لاءِ بچاءَ جي ڪابه واٽ نه بچندي. اسان توھان کي دمشق ان ڪري وٺي آياسين ته عربن جي سرزمين جو جو ھي حصو دل واري حيثيت رکي ٿو، ۽ شامي ماڻھو ڏاڍا مھمان نواز ۽ سٺا آھن. اسان کي يقين آھي ته توھان جو دمشق جو وقت سٺو گذرندو. اسان کي اھا به اميد آھي ته، واپس وڃي توھان پنھنجن دوستن کي ٻڌائيندا ته ھو اسرائيل، وچ اوڀر جي جنگين ۾ نه وڃن. مھرباني ڪري پنھنجي پاڙيسرين کي ٻڌائيندا ته اسان به توھان جيان امن پسند، ۽ حفاظت سان پنھنجي ملڪ ۾ رھڻ جا خواھش مند آھيون. آمريڪين کي وڃي ٻڌايو، ته کين جنگ پسند ناھي، ۽ ھو ٻين جي استحصال جا مخالف آھن، ته ھو پنھنجي حڪومت کي اسرائيل جي مدد ڪرڻ کان روڪين. پنھنجي حڪومت کي اھو پڻ ٻڌايو ته، اسرائيل اچڻ جو مطلب اھو به آھي ته، اوھان اسان جي حقن، انقلاب ۽ امن جو رستو روڪي رھيا آھيو- مظلومن سان محبت ڪرڻ وارن کي اسان جو سلام.“
29 آگسٽ 69ع تي شام جو ڇھين وڳي جو وقت ھو. مون جيئن ئي تقرير ختم ڪئي، ڏٺم، منھنجو يوناني دوست ھڏڪيون ڀري روئي رھِو ھو، ۽ ھڪ آمريڪي عورت کيس دلاسو ڏيئي رھي ھئي. مون کي ڄاڻ ڪانھي ته ھن فقط مون کي سفر جي ساٿيءَ طور ياد رکيو ھو يا نه. مان ۽ سليم مسافرن سان ملڻ ۽ مٺائي ورھائڻ لڳاسين. ٻه پوڙھيون عورتون ھڪ ٻئي کي آٿت ڏيئي رھيون ھيون، ” شُڪر ڪر جيئرا ته آھيون.“
شامي حڪومت مسافرن جي ڪسٽم کان تلاشي ڪرائي، کين ھوٽل ۾ وٺي وئي. ڇھن اسرائيلين کان سواءِ، سڀني کي آزاد ڪيو ويو. ھڪ آمريڪي عورت کي گوڏي جي ھڏي ٽٽڻ ڪري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. 3 سيپٽمبر تي چئن اسرائيلين کي آزاد ڪيو ويو، باقي ٻن کي شامي فوج جي ٻن پائلٽن جي عيوضي ۾ آزاد ڪيو ويو. مون کي ۽ سليم کي پوليس ھيڊ ڪوارٽر موڪليو ويو.
جيتوڻيڪ اسان ھوائي اڏي تي شامي ماڻھن جي تاڙين جي آجيان سان لٿا ھئاسين، ۽ شامي آفيسر به ڏاڍي محبت سان مليا ھئا. پر ھاڻي ھڪ مٿي ڦريل ڪرنل پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڏني:
”توھان ڇا ٿا سمجھو، توھان ڇا آھيو؟“
”توھان جيان سپاھي.“ مون چيو.
”نه!“ ھن ڪاوڙ مان چيو، ”توھان دھشت پسند تنظيم آھيو.“
آھيون..... مان انقلابي سڏائڻ واري عرب ملڪ ۾ آھيان يا اسرائيل ۾!“ مون ڪاوڙ مان چيو.
ڪرنل کي منھنجو لھجو چڱو نه لڳو. چيائين، ”تنھنجو ايڪشن فدائين جيان ناھي، اھا دھشت پسندي آھي.“
”سائين! مون کي جيڪو حڪم مليو آھي، مون اھو پورو ڪيو آھي. جيڪڏھن توھان اسان جي انقلابي تنظيم جي ڪارڪردگيءَ واري عمل تي بحث ڪرڻ ڪرڻ ٿا چاھيو ته، اھو پوليس ٿاڻي ۾ ته نٿو ٿي سگھي.“ مون وت کان ٻاھر ٿيندي چيو.
پر ھن منھنجي ڳالھ ٻڌي- اڻ ٻڌي ڪري چيو، ”تنھنجي سکيا ڪٿي ٿي آھي؟“
”مان وڌيڪ ڪنھن به سوال جو جواب نه ڏينديس. مان پنھنجو ۽ پنھنجي پارٽيءَ جو نالو ٻڌائي چڪي آھيان.“ مون چيو.
ڪرنل اسان کي اونداھين ڪوٺڙين ۾ بند ڪرڻ ۽ ٻه ٻه سوڙيون ڏيڻ جو حڪم ڪيو. رات جو اٽڪل يارھين وڳي اسان کي جانچ لاءِ ٻي ماڙ تي آندو ويو. مون پنھنجو نالو خالده ڄاڻايو ھو، ۽ ھنن کي قطعي پڪ ھئي ته اھو نالو غلط آھي. انچارج آفيسر ڪجھ وڌيڪ چالاڪ ۽ ھوشيار ھو. ھن پنھنجي اسسٽنٽ کي اسان لاءِ کاڌو آڻڻ لاءِ چيو، ۽ ٻڌائڻ لڳو ته ھو پاڻ فلسطيني انقلابي تنظيم سان ڪيترو لاڳاپيل آھي. مون دخل اندازي ڪندي چيو، ”ڪرنل جا ته اھڙا خيال نه آھن.“
”ڪير ڪرنل؟“ ھن پڇيو.
”اھا ڄاڻ ته توکي ھئڻ گھرجي.“ مون آرام سان چيو.
اسسٽنٽ ماني کڻي آيو، پر مون کائڻ کان انڪار ڪندي چيو: ”جيسين مون کي آزاد نٿو ڪيو وڃي، مان کاڌو نه کائينديس.“
”چڱو، جيڪڏھن توکي آزاد ڪيو وڃي ته تون ڪيڏانھن ويندينءَ؟“ ھن پڇيو.
”پنھنجي ملڪ فلسطين.“
آفيسر ٻيون به گھڻيون ڳالھيون پڇيون، پر منھنجو ھڪڙو ئي جواب ھو، ”ڪوبه تبصرو نه.“ رات جو دير سان مون غسلخاني وڃڻ لاءِ چيو. مون سان گڏ ھڪ پوليس جو ماڻھو ھليو، حڪم موجب کيس اڳ ۾ منھنجي تلاشي وٺڻي ھئي. مون کيس چيو، ”جيڪڏھن تو منھنجي جسم کي ھٿ لاتو ته مان گوڙ ڪندي سانءِ. چونديس ھن منھنجي عزت تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن حڪم جي پرواھ نه ڪئي. مون کي منھنجي سيلَ ۾ وٺي آيو. مون چوڪيدار کي سگريٽ آڻي ڏيڻ لاءِ چيو. ھن انڪار ڪيو. مون ھڪ سگريٽ کي احتياط سان استعمال ڪري سڄي رات ڪاٽي. مان نه ته ننڊ ڪري ٿي سگھيس، ۽ نه ڪنھن سان ڳالھائي ٿي سگھيس. سڄي رات مون گارڊ کي چڪر ھڻڻ تي مجبور ڪيو. خبر ناھي، صبح جو ھو ٿڪل ھو يا نه- پر مون اھو عمل چئن راتين تائين جاري رکيو.
31 آگسٽ جي صبح تي مون لاءِ نيرن سيل ۾ آندي ويئي. مون انڪار ڪندي ڪاوڙ مان چيو ته مان بُک ھڙتال تي آھيان- مون ٽن ڏينھن کان کاڌو نه کاڌو ھو، ۽ سگريٽ پي رھي ھيس. مان اڪيلي بور به ڏاڍي ٿي رھي ھيس، پر مون کي ڄاڻ ھئي ته منھنجا ڪامريڊ، منھنجي انھيءَ ڪاميابيءَ تي ڏاڍا جشن ملھائي رھيا ھئا. منجھند جو مون، وچ ۾ لڳل پارٽيشن کي مروڙي، ايتري جڳھ پيدا ڪري ورتي ھئي، جو اسان ٻئي آھستي ڳالھائي سگھون. مون ھن کي ھوائي اڏي تي ڀڳل عورت جو قصو ٻڌايو. ھو اھو ٻڌي ڏاڍو کليو. گارڊ کِلڻ جو آواز ٻڌي سمجھيو، شايد مان چري ٿي پيئي آھيان. ھو ڊوڙندو آيو، پر مون کي باقائدي ھوش ۾ ڏسي گھٻرائجي ويو، ۽ سوارخ ڏسي ھوشيار ٿي ويو. ھن مون کي دھشت پسند چئي، خراب نتيجن جي ڌمڪي ڏني. مون سوارخ وڌيڪ ويڪرو ڪري چيو، ”وڃ، ٻڌاءِ وڃي پنھنجي آقائن کي!“
انھيءَ شام جو ھڪ ٻيو ڪرنل اسان سان ملڻ آيو. ھو سادا ڪپڙا پھريل ھو، ۽ پاڻ کان اڳ واري ڪرنل کان سٺي طبيعت جو لڳي رھيو ھو. ھن پنھنجي سڃاڻپ ڪرائيندي چيو ته مان شامي ايئر فورس الناصر شعبي ۾ فلسطيني پائلٽ آھيان، ۽ ”اذاني“ آھي. مان ھاڻي ئي محاذ کان موٽيو آھيان، ۽ تولاءِ مجاھدن پاران سِڪ جو سنيھو کڻي آيو آھيان.
مون چيو، ”جيڪڏھن اسان کي انقلابي ٿا چئو ته پوءِ اسان کي جيل ۾ ڇو رکيو اٿوَ.“
”تو آخر بُک ھڙتال ڇالاءِ ڪئي آھي؟“ ھن منھنجي سوال جو جواب ڏيڻ بنا، ٻيو سوال ڪيو.
”ان ڪري جو مون سان مجرمن وارو سلوڪ پيو ڪيو وڃي، ۽ مان آفيسرن جي حقارت جھڙي رويي تي سخت احتجاج ٿي ڪيان.“
”ھن چيو، ”ڪجھ پئسن يا ڪنھن ٻي شيءِ جي ضرورت ھجي ته ٻڌاءِ.“
مون فخر سان چيو، ”مون وٽ پئسا به آھن، ۽ ٻيو به سڀ ڪجھ. مون کي ھن غسلخاني جھڙي جيل مان آزاد ڪرايو.“
ھو ڪو جواب ڏيڻ بنا ھليو ويو.
پھرين سيپٽمبر تي مون کي ڏاڍي ڪمزوري محسوس ٿي، ۽ مان ڏاڍي ٿَڪل به ھيس، پيٽ، مٿي ۽ جسم ۾ سُور؛ مون کي بي حال ڪري ڇڏيو ھو. مون کي ڦيريون اچي رھيون ھيون. پر مون ماني کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انھيءَ شام مان غسلخاني ڏانھن ويندي بيھوش ٿي ويس، ۽ مون کي ھوش ۾ آڻڻ لاءِ ھنن کي ڪجھ وقت لڳو. شامي آفيسر ڏاڍا منجھيل ھئا. ھنن ڊاڪٽر کي سڏايو، ۽ ھن مون کي ڏھي کائڻ، ڪافي پيئڻ يا ٻيو ڪجھ به ٿورو گھڻو کائڻ لاءِ چيو. مان انڪار ڪري ھلي آيس. تنھن کان پوءِ مون کي ايترو ياد آھي ته نرس منھنجو منھن ڌوئي رھي ھئي، ۽ سليم مون کي اسپتال جي ايمبولينس ۾ وٺي وڃي رھيو ھو. مان ٻين سيپٽمبر جي صبح تائين چڱيءَ طرح ھوش ۾ نه آئي ھيس. پر مان مطمئن ھيس. انھيءَ مطمئن ھئڻ جي احساس ئي ھوش ۾ اچڻ کان پوءِ مون کان لکرايو، ”اسان کي سخت ٿيڻ گھرجي، پر پنھنجي اندر جي نرميءَ کي ضايع ٿيڻ نه ڏجي.“
ڪيڏو سٺو جملو ھو. پر انقلاب جي نرمي ۽ روايت اڃا به خوبصورت شيءِ آھي. مون کي ڄاڻ ڪانھي ته مون انھيءَ شيءِ کي اثرائتي نموني استعمال ڪيو آھي يا نه. ٻين کي منھنجي ڪم تي تبصرو ڪرڻ جو حق آھي. جيتوڻيڪ سرمايادار ملڪن منھنجي ڪم کي دھشت گردي سڏي مون کي سخت ترين سزا ڏيڻ جي سفارش ڪئي ھئي.
منھنجي زندگيءَ جي اھا معجزي جھڙي گھڙي ھئي، جڏھن پسٽل جي گھوڙي تي آڱر رکي، دشمن کي پنھنجي حڪم مڃڻ لاءِ مجبور ڪيو. مان سڄي ڄمار دشمن تي ھٿيار کڻڻ لاءِ سوچيندي رھي ھيس. اھو دشمن جنھن منھنجي ڌرتي ڦُري آھي.
”او فلسطين! منھنجا عشق، منھنجي محبت، مان تنھنجي دشمنن خلاف بغاوت ڪنديس. مان پنھنجي بدن جي حصن مان بم ٺاھينديس، ۽ پنھنجي روح جي تارن مان تولاءِ لباس جوڙينديس. مان پنھنجي ۽ پنھنجي ڀينرن جي قوت سان، پنھنجي وجود کي بمن ۾ منتقل ڪري پنھنجا پھاڙ ۽ ڌرتي آزاد ڪرائينداسين.“
اوھ! مون کي لڳي ٿو، مان پاڻ کي وساريندي ٿي وڃان. مان ته ڪنھن شاعر جيان لکندي ٿي وڃان. شاعرن جا ڪارناما، ھٿيارن کان وڌيڪ ڪارائتا ھوندا آھن.
”او خدا! اسان جي اُڃ ڪڏھن اُجھامندي! مان ڪڏھن پنھنجي گھر وينديس، ۽ زندگيءَ جو ڀرپور لطف حاصل ڪنديس.... مان حيفا ۾ رھڻ ٿي چاھيان، ھتي منھنجو ساھ ٿو ٻوساٽجي.“
مون سي- آئي- اي جي منھن تي جيڪا چماٽ ھنئي ھئي، ان تي مان ۽ سليم خوش ھئاسين ته اسان ھيڏي ساري طاقت جي منھن تي چماٽ ھنئي آھي. ھاڻي آمريڪا چاھي ته پنھنجا سمورا ھٿيار اسرائيل کي ڏيئي ڇڏي. پر پوءِ به اسان زندھ رھنداسين.
مون کي اھو پَل ياد آھي، جڏھن مان پائلٽ جي ڪيبن ۾ گھڙي ھيس. ڪيپٽن مون کي ڏسي ڪيئن ڏڪي ويو ھو. ڪيئن حڪم مڃڻ وارا جملا سندس واتان نڪتا ھئا، ”حاضر سائين! جيئن توھان چوندا، تيئن ڪندس. ٻڌايو مان ڇا ڪيان؟“
ھو منھنجو ڪم ڏسي حيران ٿي ويو ھو. مون کي پڪ آھي ته ھن دل ئي دل ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل تي ھزار ڀيرا لعنت وڌي ھوندي. ڪيڏو عجيب موقعو ھوندو آھي، جڏھن ھر ايئر ٽاور کي مجبور ڪجي ته ھو اسان جو نعرو نشر ڪري، ”پاپولر فرنٽ- آزاد عرب فلسطين.“
پائلٽ سڀ کان اڳ اسان جو نعرو ھنيو ھو. ھن اھو ڏڪندڙ آواز ۾ ادا ڪيو ھو. ھو ھڪ وچولي درجي جي آمريڪي گھراڻي جو فرد ھو، جنھن کي دنيا جي ھر شيءِ کان وڌيڪ پاڻ سان پيار ڪرڻ سيکاريو ويندو آھي. مون کي يقين آھي ته خود غرضي، آمريڪي خاصيت آھي. منھنجو خيال ھو ته پائلٽ جي ذھن ۾ ڪٿي به اھو خيال نه ھوندو ته ھو پاڻ آمريڪا خاطر قربان ڪري ڇڏيندو.
مون لاءِ اھا گھڙي ڪيڏي شانائتي ھئي، جڏھن مان دشمن جي جھاز ۾ اباڻي ڌرتيءَ مٿان لنگھيس. او منھنجا خدا! اُھا ڪيڏي نه خوبصورت ڌرتي آھي. منھنجو ته دشمن ھٿان پنھنجي ڌرتيءَ تي مري وڃڻ لاءِ مَن گھري رھيو ھو. جيئن مان تا حيات پنھنجي ڌرتيءَ جي ذرڙن ۾ ملي وڃان. پر منھنجي انقلابي شرافت، مون کي ذاتي خواھش کي قربان ڪري، انھن ٻارڙن کي تحفظ ڏيڻ تي مجبور ڪيو، جن منھنجي قوم سان ڪائي غداري يا منھنجي قوم خلاف ڪو ڏوھ نه ڪيو ھو.
3- سيپٽمبر تي اسان کي خبر پئي ته شام وارن چئن اسرائيلين کي آزاد ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن ته مان ۽ سليم اڃا قيد ۾ ھئاسين. مون ڪاوڙ مان ڏاڍو ڳالھايو. نرسن مون کي خاموش ڪرائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، ۽ چيو ته جيڪڏھن تون آزادي چاھين ٿي ته ڪجھ کاءُ. مون کاڌي لاءِ وعدو ڪيو، پر جيڪڏھن ھو مون کي ريڊيو ۽ اخبار آڻي ڏين. ھنن مون کي ريڊيو آڻي ڏنو، ۽ مون سڀ کان اڳ پائلٽ واتان جھاز جي اغوا جو قصو ٻڌو. ڪجھ دير کان پوءِ شامي فوجن جو ڪمانڊر انچيف جنرل مصطفيٰ طلس منھنجي ڪمري ۾ آيو، ۽ منھنجي ڪارنامي کي انتھائي چريائپ چئي، مون تي يو- اي- آر جي ايجنٽ جو الزام مڙھيو. ھن اھو به چيو ته جھاز اغوا ڪري دمشق آڻڻ جو منھنجو مقصد اھو ھو ته جيئن شامي حڪومت بدنام ٿئي، ۽ مصري حڪومت ۽ صدر ناصر کي پروپيگنڊا لاءِ مواد ملي وڃي.
مون ھنن کي سمجھايو، ته فرنٽ خود مختيار ادارو آھي، ۽ اسان ڪنھن کان حڪم نه وٺندا آھيون- جڏھن مون ھنن کان اسرائيلين جي آزاديءَ بابت پڇيو، ته ھن چيو، ”تون شام جي قيدي نه، مھمان آھين.“
”مان ڪنھن به ملڪ يا شخص جي مھمان ٿيڻ نٿي چاھيان. مون کي پنھنجي وطن ڏانھن ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو وڃي.“ ساڳي وقت مون اھو به چيو ته ممڪن ھجي ته صدر عطلس سان مون کي ملايو وڃي. پر ھن ٻڌايو ته صدر عطلس مصر ويل آھي، نڄاڻ ڪڏھن واپس اچي.
جنرل جي وڃڻ کان پوءِ مون کي ۽ سليم کي ھڪ اھڙي گھر نيو ويو، جتي چار ماڻھو ٻيا به ھئا. اسان کي اھو تجربو ٿي ويو ھو ته اسان جيترو ڪاوڙ مان ڳالھايو ٿي، شامين اوتري ئي نرمي ٿي ڪئي. اسان ايندي ئي پڇيو ته اسان کي ڪيترن ڏينھن لاءِ ھتي ترسايو ويندو، ۽ ڇا لاءِ؟ ڪوئي جواب نه مليو پر انھيءَ رات ئي ڏھين وڳي ڌاري ڪرنل علي زارا (حافظ الاسد جي حڪومت ۾ وزير داخلا آھي) ٻن سيگا ڪمانڊوز سان گڏ آيو. سيگا شامين جي مزاحمتي فوج جو نالو آھي. ايندڙ چئن ڪلاڪن تائين اسان مزاحمتي تحريڪ، فتح جي ڪردار، فلسطين نيشنل ڪانگريس، سوشلزم جي صورت ۽ ٻين ڳالھين تي بحث ڪيو. جيتوڻيڪ ڪجھ ڳالھين تي اسان جو اتفاق ٿيو، پر اسان اھو محسوس ڪيو ته شام جي موجودہ حڪومت، سائنسي سوشلزم بجاءِ بائين ڌر جي باٿزم تي يقين رکي ٿي.
4 سيپٽمبر تي اسان ڏاڍا فيشن ايبل ۽ با عزت ٿي ويا ھئاسين. رئيس خاندان جون چار عورتون مون سان ملڻ آيون، گل پيش ڪيائون. انھن ٽن پاڻ کي لبناني، شامي فلسطيني عورتن جي انجمن جي عيوضي چيو، ۽ چوٿينءَ پاڻ کي فتح جي عيوضي چيو. مون ھنن ڏانھن ڌِڪار مان ڏسندي چيو، ”ھڪ انقلابي مشن مڪمل ڪرڻ واري لاءِ ڇا گلن جو تحفو آڻبو آھي؟“ ھو منھنجو رد عمل ڏسي پريشان ٿي ويون. انھن مان ھڪ ته فرنٽ جي ڪارڪردگيءَ تي تنقيد ڪندي چيو ته ھن مشن جو مطلب ته الا قصيٰ کي باھ ڏيڻ واري حادثي کي پٺيءَ ڀر ڦٽي ڪرڻ ھو.
مون کين سمجھايو ته اسان جي جھاز اغوا ڪرڻ کان فقط ھڪ ھفتو اڳ الا قصيٰ وارو حادثو ٿيو ھو. ۽ انھيءَ جو اسان جي مشن سان ڪو تعلق نه ھو. پوءِ مون چيو، ته اسان ته مذھبي اتحاد جي ڳالھ ئي نٿا ڪيون. اسان ته سامراج دشمن پليٽ فارم تي سڀني کي گڏ ڪرڻ ٿا گھرون. منھنجي مھمانن کي منھنجي اھا ڳالھ نه وڻي، ۽ ھنن چيو ته انقلاب جو اھو نئون فلسفو ڪنھن ٺوس نتيجي جو ڪارڻ نه بڻبو. ھو چارئي ڪاوڙ مان ٻاھر نڪري ويون.
4 سيپٽمبر جي شام مون لاءِ اداسيون کڻي آئي. انھيءَ شام ھڪ عظيم انقلابي ھوچي منھ گذاري ويو. مون کي لڳو، ڄڻ منھنجو ھڪ حصو مري ويو ھجي. منھنجي من ۾ چي گويرا جي موت جو ڦَٽ اکلي پيو. مان سڄي رات انھيءَ عظيم شخص جا ڪارناما ياد ڪندي رھيس، اھو سوچيندي رھيس ته فلسطيني انھيءَ کان ڇا ٿا سکي سگھن. ٻئي صبح تي اٿي مون ھڪ نظم لکيو.

(1)

ايندڙ پنج ھفتا، يعني 5 سيپٽمبر کان 11 آڪٽوبر تائين مون کي ۽ سليم کي مختلف مھمان خانن ۾ رکيو ويو. شامي مون کان يا سليم کان ڊنل نه ھئا، پر ھو فرنٽ ۽ ان جي دليريءَ وارن ڪارنامن کان ڊنل ھئا. کين ياد ھوندو ته 1967ع ۾ جڏھن ھنن ڊاڪٽر جارج حباش کي قيد ڪيو ھو، تڏھن فرنٽ وارن ڪئين شامي پھريدارن سوڌو ڊاڪٽر حباش کي اغوا ڪري ورتو ھو. شامين کي وري اھڙي ورجاءَ جو خطرو ھو. پر اسان جو باندي ھئڻ ھڪ اھڙي حڪومت کي آئينو ڏيکاري رھيو ھو، جنھن پاڻ کي سڏايو ته انقلابي ٿي، پر عمل رجعت پسندن وارا ھئس. ھونءَ به شامي حڪومت ھاڻي اسان سان مھمانن جھڙو سلوڪ ڪري رھي ھئي.
ھو اسان کي ھوائي اڏي تي وٺي ويا ۽ بوئنگ 707 جون تصويرون ڪڍڻ جي اجازت ڏنائون. پوءِ ھنن اسان جي شڪست جو سڀ کان نفرت لائق نشان بلو وان پيلس به ڏيکاريو، جتان 1936ع ۾ عرب اڳواڻ عام ھڙتال ختم ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪئي ھئي. ھي اُھو عمل ھو، جنھن فلسطينين جي تقدير تي مھر ھڻي ڇڏي ھئي، ۽ برطانوي ۽ صيھوني قوتن کي موقعو ڏنو ھو ته ھو پنھنجي علائقي مان انقلابين کي صاف ڪري ڇڏين.
11- آڪٽوبر تي مان ۽ سليم ان وقت جي شامي وزير دفاع سان ملياسين. (ھاڻي اُھو صدر حافظ الاسد آھي.) اسان 45 ڏينھن قيد ۾ گھاريا ھئا. مون پنھنجي دمشق ۾ رھڻ کي نقصان قرار ڏنو. جڏھن مون چيو، اسان کي شامي باٿي قيدي ڇو ڪيو ويو آھي، ته وزير دفاع وضاحت ڪئي، ته شام تي سخت دٻاءُ آھي، ته يا اسان توھان تي ڪيس ھلايون، يا انھيءَ ملڪ جي حوالي ڪري ڇڏيون، جنھن جي خلاف توھان اھو جرم ڪيو آھي. ھن ٻنھي دٻاون کي سٺو نه سڏيندي، لڪل لفظن ۾ اسان جي تعريف ڪندي چيو ته، اھو ڪم شامي انقلاب کي نقصان پھچائڻ لاءِ مصري انٽيليجنس جو ٿو لڳي. تنھن تي مون ڪاوڙ مان چيو، ”يتيم عرب انٽيليجنس کي ايتري توفيق ڪٿي آھي، جو اھڙي مشن لاءِ سوچي به سگھي.“
ھاڻي حافظ الاسد پڇيو، ”آخر توھان شام ۾ ڇو آيا آھيو؟“
مون چيو، ”پھرين ڳالھ ته اسان جو پيٽرول ختم ٿي رھيو ھو. ٻي ڳالھ ته اسان مصر ۾ لھون ھا يا شام ۾- انھيءَ سان ڪھڙو فرق ٿي پيو؟ آخر ٻيئي ترقي پسند عرب رياستون آھن.“ پر وزير دفاع کي منھنجو لفظ ”ترقي پسند“ نه وڻيو.
مون کيس ياد ڏياريو ته ڪرنل زارا اسان کي صدر سان ملائڻ جو وعدو ڪيو ھو. تنھن تي حافظ الاسد چيو، ”خالده، تون وڃڻ چاھين ته آزاد آھين.“ مان ۽ سليم اھو ٻڌي منٽن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿي وياسين. ھاڻي اسد چيو ته ڪجھ ڏينھن وڌيڪ ترسو ته چڱو. پر اسان ٿورا مڃيندي چيو، ”45 ڏينھن ڪافي آھن. ٻيھر ته اوھان سان فلسطين جي جنگ جي ميدان تي ملاقات ٿيندي.
سليم شام جي علائقي ھُمس ۾ پنھنجي پيءُ ماءُ سان ملڻ لاءِ ھليو ويو. مان لبنان واپس ھلي آيس. خبر پيم ته منھنجي ڀاءُ وليد کي لبناني پوليس ماريو آھي، جو مان جھاز اغوا ڪرڻ ۾ شامل ھيس. پوءِ مان عمان ھلي آيس، ۽ وحدت ڪيمپ ۾ پنھنجو ڪم شروع ڪري ڏنم.
------------------------