سامي سفر ھليا
آفيس ۾ چانهن جي وقت سڀ جھازي ويٺا ھئاسين. ڳالھ پئي ھلي مسافر جھازن(passenger Ships) جي ته انهن تي مال بردار (Cargo) جھازن کان پگھار وڌيڪ آھي پر پئسينجر جھاز تي ڪم جو دٻاءُ تمام گھڻو رھي ٿو. وقت تي بندرگاھ ۾ پھچڻ ۽ وقت تي لنگر کڻڻ جو شيڊول قائم رکڻ لاءِ انجنيئر توڙي نيويگيٽر آفيسر کي خبردار رھڻو پوي ٿو. انجڻ جي معمولي ائبنارمل آواز تي به ان کي کولي جاچڻو پوي ٿو ۽ منجھس شڪي پرزو ٺاھڻو پوي ٿو يا بدلائڻو پوي ٿو. ان ڪري بندرگاھ ۾ به جيڪو وقت ملي ٿو اھو انجڻين جي سار سنڀال ۾ لڳيو وڃي، انه ھوندي به ھر وقت ذھني ڇڪتاڻ رھي ٿي ته متان جھاز سمنڊ تي خراب نه ٿي پوي.
ڪارگو جھاز تي جھازيءَ کي ايڏو خبردار نٿو رھڻو پوي. ھلڪا ڦلڪا مشينري نقص ھو درگذر ڪريو ڇڏي. چي جڏھن خرابي ٿيندي تڏھن ڏٺو ويندو ۽ پوءِ سمنڊ تي ڪلاڪ بدران ٻه ڪلاڪ لڳي ويا ته به مڙيئي خير آھي.
ڪجھ دير بعد پوءِ ڳالھ اچي نڪتي حاجين جي جھازن جي. اسان جي ننڍي کنڊ جا حاجي ڪي صديون پيرين پنڌ يا اٺن گڏھن تي ھند سنڌ لتاڙي مڪران جو ڪنارو ڏئي ايران لتاڙي ڪويت پھتا ٿي، جتان پوءِ عربستان جا وارياسا رڻ پٽ جھاڳي مڪي مديني پھتا ٿي. ڪي ايران جي ھاڻوڪي بندرگاھ بندر عباس تائين پھچي پوءِ ھرمز جو سوڙھو سامونڊي ڳچي سمنڊ ٻيڙين رستي لتاڙي عمان، دبئي، ابو ڌابيءَ مان ٿي يا وري يمن کان ٿي عربستان پھتا ٿي. مڪي مديني تائين پھچڻ ۾ مھينا به لڳي ويا ٿي. رستي تي ڪيترا بيمارين، جانورن ۽ زھريلي جيتن جڻين جو شڪار ٿي ويا ٿي. منزل تي پھچڻ بعد ڪي وطن وريا ٿي ته ڪي واپسيءَ جي مسافريءَ جون مصيبتون سوچي ڀلي پٽ تي ئي رھي پيا ٿيا.
ويھين صديءَ جي ٻي چوٿي کان انگريزن جي سرپرستيءَ ۾ حاجين لاءِ باقاعدي جھاز ھلڻ لڳا، جيڪي شروعاتي ته اھڙا تهڙا ئي ھئا. ان بعد ويھين صديءَ جي ٽي ۽ چوٿين چوٿيءَ جي اڌ (1990ع) تائين حاجين جا جھاز جيڪي اسان ڏٺا يا جيڪي اسان ھلايا اھي به ڪي خاص رومانٽڪ نه ھئا. سڀ ۾ وڏو جھاز سفينئه حجاج ھو، جيڪو ٻي وڏي جنگ ۾ جرمن فوج جا سپاھي ڍوئيندو ھو. جرمنن جنگ ھارائي. ٻين جھازن سان گڏ اھو جھاز به انگريزن کي مليو تن پاڪستان تي ٿڌو ٿورو ڪرڻ لاءِ ورھاٽي وقت پئن اسلامڪ شپنگ ڪمپنيءَ کي وڪڻي ڏنو، جيڪو جھاز 1980ع تائين ته اسان جو ڪلاس ميٽ ۽ دوست چيف انجنيئر آصف غيور ھلائيندو رھيو.74ــ1973 ڌاري اھو جھاز وڏي مرمت (Dry Docking) لاءِ ھانگ ڪانگ آيو ھو، جتي منهنجو جھاز رنگامٽي ۽ روھڙي جي ڪئپٽن عالم شيخ جو جھاز چناب (يا شايد سرفراز رفيقي) پڻ سامان (Cargo) کڻڻ يا لاھڻ لاءِ آيو ھو. اسان ٻئي گڏجي آصف غيور سان ملڻ سندس حاجين جي جھاز سفينئه حجاج تي وياسين. ھو انهن ڏينهن ۾ ان جھاز جو سيڪنڊ انجنيئر ھو (يعني جھاز جي چيف انجنيئر کانپوءِ ٻئي نمبر تي سينئر انجنيئر ھو.) 1932ع جي ٺھيل ھن جھاز ۽ سيڪنڊ انجنيئر جي رھائش جو ڪمرو ڏسي خوف ٿي لڳو. يعني جھاز ھلائيندڙ ايڏي سينئر آفيسر جي رھائش اھا ھئي ته ٻين جي ڇا ھوندي ۽ ويچارا حاجي جنهن ڊيڪ ڪلاس (جنهن کي عام طرح ديڳ) سڏجي ٿو، اھو ڇا ھوندو. لوھ جا وڏا ڀانڊا جيڪي ٻين جھازن تي سامان رکڻ لاءِ (Holds) ھوندا آھن، اتي حاجين کي سارڊين مڇين وانگر سٿيو ويندو ھو. سون ھزارن جي حسابن سان حاجي چڙھندا ھئا. غربت ڪري ھنن کان ٽڪيٽ جا معمولي پئسا ورتا ويندا ھئا. پوءِ ظاھر آھي کين ماني به قيدين جھڙي ڦنگي دال ۽ ڊڳڙ ملندا ھئا. پر سچ ته ان کي ايمان جي سلامتي چئو يا پيرين پنڌ جي سفر کان وري به بهتر سفر سمجھي ھو ھميشه خوش گذاريندا ھئا. بحراحمر (ڳاڙھي سمنڊ) جي اونهاري جي گرمي (جنهن ۾ اڄ جا ماڊرن ايئرڪنڊيشنڊ جھاز به Uneasy محسوس ڪن ٿا) ھجي يا جھاز جي لوڏن ۾ سندن اٻڙاڪ ۽ الٽيون ـ ھو صلواتون ۽ درود پڙھندا ويندا ھئا. کاڌي پيتي ۽ Sanitation جي اڻ صحتمند حالتن ۾ ڪيترا موت جو شڪار ٿي ويندا ھئا ۽ ھرڪو سر جو آھو کڻي مائٽن مٽن کان موڪلائي ھن سفر تي نڪرندو ھو. پويان ڇڏيل عزيزن دوستن کي سفر جي سھنج جي دعا گھرڻ لاءِ چئي روانا ٿيندا ھئا.
اھو ئي حال حاجين جي ٻين جھازن، سفينئه عرب ۽ شمس جھڙن جھازن جو ھو. پر ھڪ ڳالھ آھي ته آدمشماري گھٽ ھجڻ ڪري يا شايد سفر جي ھنن ڏاکڙن ڪري حج تي ايترا حاجي نه ھوندا ھئا، جيترا اڄڪلھ گڏ ٿين ٿا. سفر سو تمام ڏکيو سمجھيو ويندو ھو پر ھڪ دفعو ڀلي پٽ تي پھچڻ بعد سڀ سک ٿي ويندو ھو. جلد موٽڻ جي به پابندي يا سختي نه ھوندي ھئي. سعودي عرب جا بندرگاھ ھاڻ يورپ وانگر ماڊرن ٿي ويا آھن. جھاز بندرگاھ جي ويجھو پھچڻ سان مڪاني پائليٽ بندرگاھ جي لانچ ۾ پھچيو وڃي ۽ جھاز کي يڪدم اندر بندرگاهه ۾ وٺيو اچي ۽ ڌڪي سان ٻڌڻ سان سامان لھڻ ۽ چڙھڻ جو ڪم شروع ٿيو وڃي نه ته ستر واري ڏھاڪي تائين نائجيريا، سوڊان ۽ ٻين ڪيترن ملڪن وانگر سعودي عرب جي بندرگاھن جو به اھو حال ھوندو ھو جو ھر ھڪ جھاز ٻه ٻه ٽي ٽي مھينا بندرگاهه کان ٻاھر ۽ پوءِ اندر بيٺو ھوندو ھو، جيسين سامان لھڻ ۽ چڙھڻ جو وارو اچي. نه ھئا بندرگاهه ماڊرن ۽ نه سامان لاھڻ چاڙھڻ جون اُڇت ڪم ڪندڙ ڪرينون ۽ نه وري سامان ڍوئڻ جون ٽرڪون ۽ ٽرالر. سواءِ مون جھڙن چند جھازين جي (جن جو جھاز ڪڏھن جدي نه ويو) ھر جھازيءَ ڪيترا عمرا ۽ حج ڪيا. ڪارگو جھاز تي ڪم ڪندڙن تي حج ۽ عمرا ڪيا ٿي پر حاجين جي پئسينجر جھاز وارن به آخري ٽرپ ۾ حج ڪري ورتو ٿي. انهن ڏينهن جا اھي حاجين وارا مسافر جھاز کڻي آرامدهه نه ھئا پر تڏھن به جھازين حاجين جي ڊيڪ ڪلاس کي ڏسي پاڻ کي خوشنصيب سمجھيو ٿي ۽ جدي ۾ توڙي مڪي يا مديني ۾ نه ايڏي مھانگائي ھئي ۽ نه ايڏو رھائش جو مسئلو ھو.
ھاڻي ته پاڻيءَ جا اھي سڀ جھاز کپي، سڙي ويا آھن. انهن پراڻن جھازن مان جھاز ھلائيندڙ عملي جي به جان ڇٽي چڪي آھي. حج تي ويندڙ حاجين کي به سعودي حڪومت ٽيھ چاليھ ڏينهن کان مٿي نٿي رھڻ ڏئي. ھاڻي ھوائي جھاز ھلن ٿا. احرام پائي ھتي قدم رکو ته چند ڪلاڪن ۾ جدي پھچيو وڃجي. ڇا جا پيدل پنڌ ۽ سفر جا خطرا، ڇا جا سامونڊي لوڏا ۽ الٽيون جن ۾ ھفتي ڏيڍ بعد جڏھن مسافر جدي جي بندرگاهه تي پھچندو ھو ته سڪي ڪنڊا ٿي ويندو ھو. شايد سفر جي اڄوڪين سھوليتن ۽ ھوائي جھازن جي عام ھجڻ ڪري يا ءُ ۽ ملائيشيا، انڊونيشيا، برونائي، لبيا، ٽيونيشيا، موراڪو جھڙن ڏورانهن ملڪن جي امير ٿيڻ ڪري انهن پري جي پنڌ وارن ھنڌن تان به ايترا ماڻھو اچن ٿا جيترو ويجھڙائيءَ کان ۽ پوءِ ظاھر آھي سعودي حڪومت جي باوجود دلي ڪوششن جي آيل حجاج لاءِ اھي سھوليتون ۽ سھنج مھيا ٿي نٿا سگھن جيڪي ھجڻ کپن ۽ اڄ جي حاجيءَ کي ڀلي پٽ تي پھچڻ بعد ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ سفر ۾، رھائش ۾، مقرر وقت کان وڌيڪ رھڻ ۾ اھا سھوليت ۽ آساني نٿي ملي. جيڪا اڳ ۾ ھئي.
پنهنجي ساٿي انجنيئر گوھر رحمان جنهن سان منهنجو گذريل ٽيھن سالن کان جھازي دنيا ۾ ساٿ رھيو آھي ۽ ڪيترائي دفعا ساڳي ساڳي جھاز تي Sail ڪيو اٿئون، تنهن کي ٻين دوستن جي اٿڻ بعد ٻڌايم ته آئون ھن سال حج تي وڃڻ جو ارادو رکان ٿو. بلڪ پھريون دفعو ويندس.
”ماشاءَالله. پر ڇا تنهنجو جھاز ڪڏھن به جدي نه ويو؟“ ھن تعجب مان پڇيو.
”ڪڏھن به نه ويو، بس عجيب اتفاق آھي. ھر ڪو ٻڌي تعجب ٿو کائي“.
مون ٻڌايو مانس.
”بهرحال خوشيءَ جي ڳالھ آھي.“ ھن وراڻيو.
گوھر کي چيم ته اسان غلطي ڪئي جو حج تي ھن عمر ۾ وڃي رھيا آھيون، جڏھن سٺ جي ويجھو اچي پھتا آھيون. اھا ھمت ۽ انرجي نه رھي آھي، اٽ از اي ليٽ ايوننگ آف آور لائيف، حج جو فرض جوانيءَ ۾ پورو ڪرڻ کپي. يا وڌ ۾ وڌ چاليھ پنجيتاليھ سالن جي ڄمار اندر.
”ڇو ڀلا؟“ گوھر پڇيو.
”ان ڪري جو جتي اڄڪلھ حج جو سفر آسان ٿي پيو آھي، اتي حج ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آھي ـ رھائش ۽ گھڻي حجاج ڪري“. مون گذريل سال جي سڃاڻن حاجين جي ٻڌل ڳالھين جي آڌار تي پنهنجي ھڪ اڻ ڄاتي خوف جو اظھار ڪيو.
”نه“ گوھر مون کي دلجاءِ ڏيندي ھمت ڏياري، ”مولا سڀني جي سڻائي ڪندو. تون ھر وقت قل، سورت فاتح ۽ درود شريف پڙھندو رھ ۽ الله کان ھر وقت اھا دعا گھرڻ کپي ته حج آسان ٿئي ۽ حج قبول پوي“.
گوھر جھاز جي اليڪٽرڪ سائيڊ جو انجنيئر آھي. منهنجي سامونڊي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ ھو اڳھين موجود ھو. مون کان ٻه سال کن وڏو آھي. ائبٽ آباد پاسي جو پٺاڻ ۽ جانٺو جوان آھي. پنهنجي اليڪٽرڪ جي ڪم کان علاوه ڏکين مھلن تي ھن منهنجي مڪينيڪل مسئلن ۾ پڻ مدد ڪئي ۽ مون سان ڪيترن ئي نون ۽ پراڻن جھاز تي زندگيءَ جا ڏکيا سامونڊي سفر سرانجام ڏنا. نيڪ ۽ پرھيزگار ھجڻ ڪري ھو اسان جي ھر جھاز جي مسجد جو پيش امام پڻ ھوندو ھو. پنهنجن ٻارن (پٽ ۽ ڌيءَ) کي پھرين قرآن جو ياد حافظ بنايائين، ان بعد اسڪولن ۾ داخل ڪرايائين. قرآن کي صحيح طرح پڙھڻ ۽ سمجھڻ کي ھو سڀ کان اھم سمجھي ٿو. اسان جھڙن جن ننڍي ھوندي ڳوٺ جي خٿاب ۾ چڱي طرح قرآن نه پڙھيو، انهن گوھر جھڙن کان سکيو. مون به وڏي عمر ۾ پھچي پوءِ گوھر کان تلفظ صحيح ڪرايو. زير، زبر، تنوين، مد، جزم، تشديد ڇا آھي، ڪٿي ڪٿي ترسجي ۽ اُچار کي ڪيئن صحيح رکجي، ان ۾ گوھر جھڙن دوستن وڏي مدد ڪئي، جنهن لاءِ انهن جو نه فقط ٿورائتو آھيان پر کين دعا ٿو ڪريان ۽ ھينئر به جوانيءَ جا ڏينهن سمنڊ تي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي جھاز ھلائڻ بعد اڄ جڏھن ھڪ مسافر جي حيثيت ۾ ھڪ آرامدھ ۽ ماڊرن ھوائي جھاز ۾ حج تي وڃي رھيو آھيان ته منهنجي ڪنهن اڄاتي خوف جي ڪيفيت محسوس ڪندي گوھر ھڪ دفعو وري منهنجي ھمٿ افزائي ڪئي:
”ھن سفر تي ڪنهن مسافر کي فڪر ئي نه ڪرڻ کپي. توھان الله جا مھمان ٿي وڃي رھيا آھيو. اھو ئي توھان جي مشڪل آسان ڪندو ۽ سفر سولو ڪندو“.
اھو چئي گوھر سمنڊ تي خطري ۾ آيل اسان جي ڪمپنيءَ جي ھڪ جھاز جي چيف انجنيئر کي فون ذريعي ھدايتون ڏيڻ لڳو، جيئن ھو انهن Directions جي روشنيءَ ۾ آيل مصيبتن مان نجات حاصل ڪري، پنهنجي جھاز کي ڪنهن ويجھي بندرگاهه تائين سلامتيءَ سان آڻي سگھجي.