سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري محقق ۽ تاريخدان رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”تاريخ سکر“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ڪتاب ”تاريخ سکر“ ۾ شھر جي تاريخي قدامت بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ جاگرافيائي ۽ سماجي تبديلين جو پڻ تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي . مصنف هن ڪتاب کي سورهن بابن ۾ ورهايو آهي . باب پھرين ۾ مھراڻ ، سکر ۽ بکر بابت ، باب ٻئي ۾ سکر جي تاريخ بابت ، باب ٽئين ۾ اسلامي فتوحات بابت، باب چوٿين ۾ سکر غلام سلاطين دور ۾ ، باب پنجين ۾ سکر خلجي دور ۾ ، باب ڇھين ۾ سکر تغلق دور ۾ ، باب ستين ۾ سکر ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ ، باب اٺين ۾ سکر مغلن جي دور ۾ ، باب نائين ۾ ڪلھوڙا دور ، باب ڏهين ۾ ميرن جو دور ، باب يارهين ۾ انگريزن جو دور ۽ سکر نئون ، باب ٻارهين ۾ سکر ويھين صديءَ ۾ ، باب تيرهين ۾ سکر جي مسلمانن جي سياسي حالت ، باب چوڏهين ۾ سکر جا قديم رهاڪو ۽ معزز ماڻھو ، باب پندرهين ۾ بکر ۽ سکر جا فارسي شاعر ۽ باب سورهين ۾ سکر جا سنڌي ، سرائيڪي ۽ اردو شاعر شامل آھن.
ھي ڪتاب 1992ع سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com