پنهنجو ڏيهه، پنهنجا ڏيهي
دل، جيڪڏهن سڄو بدن ۽ مَن آهي، ته پوءِ اها ڳالهه سچِي، ڇو ته ساروڻين کي سڄي وجود ۾ سمائجي وڃڻ جي اتم سگهه هوندي آهي، جا جڏهن پاڻ پَسائيندي آهي ته لونءَ لونءَ ۾ محسوس ٿيڻ ۽ دل جي دهڪي وانگر ڌڙڪڻ لڳندي آهي.
ساروڻيون به خوشبودار ساهن جيان هونديون آهن، وجود منجهه اچن ۽ وڃن، ۽ جيءَ کي هٻڪاري ڇڏن.
ايئن جيڪي ساروڻيون وجود منجهه اچي، جهٽجي ويون، يعني لکجي ويون، تن جي ڇا ڳالهه ڪجي! انهن جي ڪهڙِي ۽ ڪنهن سان ڀيٽ ڪجي!
اسان جي مانائتي استاد، سائين عاشق منگيءَ به پنهنجي زندگيءَ جي ساروڻين کي ماضيءَ جي ڪهڪشائن مان جَهٽي ورتو آهي ۽ قلمبند ڪري، هڪ نئين حياتي ڏئي ڇڏي آهي.
عاشق منگيءَ جي ساروڻين جو پهريون مجموعو ”نئون ديرو: دل وارن جو ديرو“ مئي 2012ع ۾ ڇپيو، ۽ هي ٻيو مجموعو ”ڏوري ڏٺم ڏيهه“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. پهرئين ڪتاب جون ساروڻيون سندس جنم-ڳوٺ مسوديري ۽ نئين ديري کي ويڙهيون ويٺيون هيون، جڏهن ته هِنَ، نئين ڪتاب ۾ سنڌ جي ٻين سهڻن هنڌن کي به ڀاڪر منجهه ڀريو اٿائين، ته سياسي ۽ سماجي سوچن کي اظهارڻ سميت، ڪجهه شخصيتن کي به ساريو اٿائين ۽ پنهنجي شهر نئين ديري ڏانهن يادگيرين جي موٽ به ڪئي اٿائين.
منگي صاحب جي لکڻي سادگيءَ ڀري ۽ سهنجي ته آهي، پر هن ڪيترين ئي جڳهين تي وڻندڙ شعرن جو ٺهڪندڙ استعمال به ڪيو آهي، جنهن سان سندس لکڻين ۾ ادبي رنگ به ڀرجي پيو آهي.
عاشق منگي صاحب جي جذبن مان سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سندس محبت جو اظهار ٿئي ٿو.
هي ڪتاب ”ڏوري ڏٺم ڏيهه“ ان محبت جو ئي هڪ سندر روپ آهي.
رياضت ٻرڙو
25 آڪٽوبر 2012ع، لاڙڪاڻو
موبائيل نمبر: 03337533011