اندر جو آواز
1. جيڪو پڙهيو اٿم، سو پنهنجي انداز ۾ لکان.
2. جيڪو ٻين جي لکڻ کان رهجي ويو آهي، سو محفوظ ڪري ڇڏيان.
3. پنھنجي اندر جي بوجھ کي هلڪو ڪرڻ لاءِ ائين ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان.
4. غلاميءَ کان جيڪا نفرت، منھنجي اندر ۾ آهي، سا ٻين تائين پهچي وڃي.
5. سنڌ جي ساٿ سان وفا جو ثبوت به ٿي وڃي.
اڃا منھنجون لکيتون ڇپجڻ ئي شروع مس ٿيون ھيون، جو سنگت ساٿ مان مٿن چؤپچؤ ۽ سُرٻاٽ شروع ٿي ويا، جيڪي تو مان جي واتان ٻاٻور جي صورت ۾ ڪنين ٻُرندا رھيا.
”نئون ديرو، موهن جو دڙو ناهي، جو ان تي لکجي!“
منهنجي طبيعت ۽ قابليت تي الائي ڇا ڇا چيو ويو، پوءِ به ”نئون ديرو: دل وارن جو ديرو“ ڇپجي ويو. هيءُ ٻيو ڪتاب وري اوهان جي هٿن ۾ آهي. سڄي عمر سليبس جا ڪتاب پڙهيا ۽ پڙهايا آهن. مُروج طريقن کان هٽي ڪري، نئون اسلوب ان ڪري اختيار ڪيم ته جيئن پڙهندڙن جي چاهت برقرار رهي. لکندي مون کان لکڻ جا ضابطا وسريو وڃن. هڪ ڌُن ۾، جيئن من ۾ آيو، تيئن لکندو ويس.
اِهو اعتراف ٿو ڪريان ته مون کان سخت محنت نه ٿي ٿئي. ڏاڍو روڳي ۽ سست آهيان. دوست، نوڪريءَ وارا ۽ مصروف آهن. گهر ۾ ڀاءُ ۽ پُٽَ ٻانهن ٻيلي آهن. سڀني جي صلاح سان اِئين ئي لکڻ منهنجي وس آهي.
اندر جو عذاب ڪڏهن وڌي وڃي ٿو. ننڊ ۽ آرام ڦٽي وڃي ٿو. پر آخر ۾ اهو احساس جنم وٺي ٿو ته؛ ڪجھ نه ڪجھ ڪري رهيو آهيان.
تنهن جا نيڻ ٻه ٻوٽيا، اُڀ ڪروڙين نيڻ،
متان واتان ويڻ، مرندي ڏئين هوت کي. (تاجل)
مون کي پنهنجي وڏڙن ”بهتر سنڌ“ ڏني هئي. مان پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ، بکن ۽ بيروزگاريءَ، ڏکن ۽ ڏولاون، خوف ۽ بدحاليءَ واري سنڌ ڇڏي ويندس. اندر جي انھيءَ احساس کي گهٽائڻ ۽ پاڻ کي اٺ-پکي سڏرائڻ کان بچڻ لاءِ، ڪوشش ڪيان ٿو.
ڪاٺيءَ جهڙي ڪولهڻي، چيهاڙيون چولي،
ٻُـڌم جـو ٻـولــي، وسـري چنـگ ربــاب ويــا. (تاجل)
سنڌ جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي سياست تباھ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوانن جو ڪو مستقبل نه رهيو آهي. رشوت ۽ سفارش ڪٿان اچي؟ نوڪرين جي آسري، جوانن جا وار اڇا ٿي ويا آهن. ڌنڌي لاءِ همت ۽ هنر، پئسا ۽ جفاڪشي گهرجي.
تنهن جو ٿڌي ڇانو ۾، جُهري پيو جوڀن،
منهنجو هي جيون، ٿرن ۾ ٿڪجي نه ٿو. (تاجل)
سنڌ جي معصوميت ۽ مُرڪ، داءَ تي لڳي چُڪي آهي. رڳو مڪاري ۽ مونجهارا، اسان جو مقدر بڻجي ويا آهن.
پير ۽ مير، وزير ۽ مشير ته هميشه ائين رهيا آهن، جيئن هاڻي آهن. بدليو آهي ته پڙهيل لکيل ۽ غريب جو ٻار بدليو آھي، جيڪو نوڪري ڪري، پنهنجو پيٽ ۽ سڄو ڪڙم پالي ٿو. انٽليڪچوئل ڪلاس، پنهنجا قدر ۽ رهڻي ڪهڻي بدلائي آهي. تڏهن سنڌ جا ههڙا حال ٿيا آهن. اسان چڱاين کي ڇڏي، براين کي ڀاڪرين پئي، پنهنجن پيرن تي ڪهاڙو هنيو آهي.
جيڪو ڪجھ مون لکيو آهي، اُهو منهنجي احساس، جذبي ۽ سوچ جو نمونو آهي. اختلاف ۽ ھم آھنگي، نفرت ۽ محبت، اوهان جي وس آهي. مان لاچار ۽ بيوس ٿي، لکان ٿو.
سائين ڪرايا سنڌ کي، سورنهن ئي سينگار،
”بـيـوس“ بــي اخـتــيــار، عالـمُ سڀ آبــاد ٿيـو. (تاجل)
هي ڪهڙو ڪلور آ! پاڻيءَ هوندي سوندي، اسان لاءِ ناهي. ڊيم ڀريا پيا آهن. اتر سنڌ ۾ آبادي لاءِ پاڻي ناهي. لاڙ ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ ماڻو تڙپن ٿا. جيڪڏهن ٻوڏ ٿي اچي ته سندن گهر، سامان سميت لڙهيو وڃن. سندن عزتون ۽ غيرتون، ننڊ ۽ آرام، راحت ۽ سُڪون داءَ تي لڳيو وڃن. شاعر ڪيڏو نه، خوبصورت خيال چٽيو آهي؛
تـوڻــي پــاڻـي تـار آ، پــوءِ بـه اڌورا،
آهيون اڻ پورا، جاني هن جهان ۾. (تاجل)
محترم عبدالقادر منگي صاحب جا وڙ وسارڻ جهڙا نه آهن. هن جي ڪڍي مَٺِي گهميم ۽ ٿر سيمينار ڏٺم. هُن جو قرب منهنجي اندر جي زخمن لاءِ ملم ۽ پَها بڻجي پوندو آهي.
هِن جي ڪچهريءَ مان مزو وٺندو آهيان. الله جي هُن کي سٺي صحت ڏني. ڪتابن خريد ڪرڻ، گڏ ڪرڻ ۽ پڙھڻ جو شوق نوجوانيءَ کان رکندو اچي. کوکا ڪتابن جا ڏيکاريندو آهي ۽ چوندو آهي؛ ”هي کڻ، هُو کڻ...“
منگي صاحب ۽ منھنجي عمر، سوشل اسٽيٽس ۽ طرز زندگيءَ ۾ زمين آسمان جيترو فرق آھي، پوءِ به حسن ۽ ان جي ادائن وغيرھ تي آزاديءَ سان گفتگو ڪندا آھيون. ڪتابن، ٻڌ سُڌ، ذاتي تجربا ۽ مشاھدا ھڪ-ٻئي سان ونڊيندا ورھائيندا آھيون. ھو کاڻ مثل آھي ۽ مان مختصر ميڙا-چونڊيءَ وارو. ان ڪچھريءَ مان جيڪا خوشبوءِ ۽ ھُڳاءُ جڙندو آھي، ان لاءِ ئي ته چيو ويو آھي؛
تنھنجي زلف بند ڪمند وڌا،
حـيـران ھــزاريـن مان نه رڳو. (مفتون ھمايوني)
ھن ڪتاب لکن لاءِ سڀني گهر وارن، يارن دوستن سان گڏ، ”هريش ھردم سراءِ“ ۾ گڏ ٿيندڙن جا ٿورا. هريش ھردم سراءِ، ڊاڪٽر خليل اللھ شيخ جو تخليق ڪيل محاورو آھي. لاڙڪاڻي شھر اندر موجود ھڪ محلي ”قافلا سراءِ“ جي نالي جي تتبع تي، پنھنجي اوطاق لاءِ اھو تخليق ڪيل محاورو استعمال ڪندو آھي.
مون کي احساس آھي ته منھنجو ھيءُ پورھيو، سڀني کي ڪو نه وڻندو ھوندو، ڇو جو پاڻ ڪنھن کي ڪو نه وڻون، ته پوءِ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ اجايا آھن. ھيءُ ڪچاين سان گڏ سچايون، منھنجي ڪشڪول ۾ اوھان آڏو آھن.
ھـجـي ڪا کـاڻ خـوبين جـي، خـامـيءَ کان بنھ آجي،
نه پنھنجي زندگي اھڙي، نه پنھنجي شاعري اھڙي. (نارائڻ شيام)
خوشين ۽ راحتن مان ته سڀ سرور ماڻين ٿا، پر ڪجھ وقت درد کي ولوڙي، دلين جي دوا ٺاھي، ڪنھن نقطي تي گڏ ٿي، دل ٻڌي، ھمت ڪري لوڪ کي ٻڌائجي؛
مون کي ڪھڙي خبر ائين ٿيندو آ،
سـڄــو ســـاھ سـڄــــڻ ۾ ھــونــــدو آ،
غـم ايــنـــدو آ، لــــھــــي ويـــنــــــدو آ،
پــــر ھـــــت تــه رڳــو بــاھ ٿــي ٻـري. (نامعلوم)
هن دونھين دکائڻ ۾، منھنجي مددگارن ۾، ٻن ڄڻن؛ منظور ڪوھيار ۽ سليم ڪورائي صاحبان جو واڌارو ٿيو آھي. قاضي مقصود گل ۽ ياسر قاضيءَ جا به احسان. رشيد احمد ڪٽپر صاحب صلاحون ۽ مشورا ڏنا. عنايت ميمڻ مصروفيتن جي باوجود وقت اندر پنھنجا تاثرات لکي ڏنا. محمد رفيق شيخ ھيءُ مواد ڪمپوز ڪيو. اللھﷻ سڀني کي پنھنجي امانَ ۾ رکي. (آمين). منھنجي اتساھ جو سھارو، وري به ھيءَ سٽ رھي آهي؛
”جي قيام مڙن، ته به اوڏو ڀانئج سپرين.“ (شاھ)
عاشق منگي
نئون ديرو
پھرين آگسٽ ۲۰۱۲ع